تازيون خبرون

Daily Archives: July 2, 2015

الک نرنجن راولپنڊي جي ڊائري؛لياقت علي ٿهيم

پنڊي جي هن بورڊنگ هائوس ۾ منهنجا پارٽنر، هڪڙو دادو جو فِدا ٻگھيو ٻيو نوشهري جو ياسين چنو ۽ ٻه ڪشميري ماڻهو آهن. فدا ٻگھيو، ميهڙ ڀرسان هڪ ڳوٺ جو آهي ۽ واٽر اينڊ پاور کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2004 کان وٺي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري ٿو. تنهن ورهيه هن جڏهن ڊگري ڪاليج دادو مان بي اي ڪئي، تڏهن اڃان سندس رزلٽ به ڪانه آئي هئي جو کيس هن کاتي ۾ ملازمت ملي هئي. انهي وقت لياقت جتوئي واٽر اينڊ پاور جو وفاقي وزير ۽ مشرف جو معتقد ماڻهو هو. هي جتوئي جا ووٽر هئا سو ’بابا، جتوئي صاحب کي منهنجا ڪاغذ آڻي ڏنا، فارم ڀريم، نومبر ۾ رزلٽ آئي ۽ ٽن مهينن کانپوءِ مونکي نوڪري جو آرڊر ملي ويو.‘

ياسين چنو وري هتان جي هڪ وڏي سرڪاري اسپتال پِمس ۾ليب ٽيڪنيشن آهي. هي به مشرف دور ۾ هتي آيو آهي. ٿلهو، ڊگھو وڻ، ڪارو جهڙو ڊانبر ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ ٺِڪَر. ٻاهران ڪنهن جو مهمان اچي ته اندران در نه کوليندو ۽ جيڪڏهن مهمان بنان در کڙڪائڻ جي اندر هليو اچي ته ساڻس بدڪلامي ڪندو ته جيئن بدظن ٿي واپس موٽي وڃي. انهي سڀاوَ کي هو پنهنجي معاشي مجبور چوي، ڇو ته ’پرديس ڪاٽڻو آهي ۽ خرچ وڏا آهن.‘ ياسين جي هڪڙي عادت هتي گھڻي مشهور آهي. اُها هيءَ ته  شهر ۾ ماکي ڳوليندو وتندو آهي ۽ انهي تلاش لاءِ سندس حڪمت عملي هي آهي ته پهرين شهر جي انهن علائقن جو گشت ڪري ايندو آهي جتي کيس آسرو هوندو آهي ته اتي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ماکي ويٺل هوندي. اهي ماڳ مڪان ڏسي اچڻ بعد ٻئي ڀيري پاڻ سان گڏ ماچس، سگريٽ ۽ پوليٿين جي ٿيلهي کنيو ويندو آهي ۽ ماکي لاهي ايندو آهي. هڪ ڀيري سيڪريٽريٽ ڪنهن ڪم سان ويو. اتي دروازي پٺيان کيس ماکي جو مانارو نظر اچي ويو. ياسين ڇا ڪيو جو اوڏي مهل ئي سگريٽ دکائي ماکي کي دونهون هنيائين، ماکي جڏهن اتان اٿي ته شاپر ۾ وجھي گھر کڻي آيو.

راولپنڊي جو هي پاڙو، راجا بازار روڊ تي آهي (راجا بازار، ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ جيڏي آهي). هتي پاڙن جي ترتيب هزاره يا مانسره جهڙي آهي: ڪي گھر روڊ کان گھڻو هيٺ ڄڻ ته ڪنهن گھاٽِي ۾ ٺهيل آهن ته ڪٿي وري روڊ صفا هيٺانهين تي ۽ گھرن جا پاڙا گھڻو مٿانهين تي اڏيل ڏسڻ ۾ ايندا. گھرن جي تعمير ۾ ڳاڙهي سِر ڪثرت سان استعمال ٿئي ٿي. گذريل رات هتي برسات پوندي رهي ۽ گھرن جون ٻاهريون ڀتيون ڌوپجي ويون آهن.

هن پاڙي ۾ روڊن جي صفائي جو ٺيڪو هڪ تُرڪ ڪمپني کي ڏنل آهي ۽ انهي ڪمپني جا هتي گند جا وڏا دٻا رکيل آهن، جن ۾ ڦيٿا لڳل آهن. روزانو، ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا، گند ڪچرو گڏ ڪندڙ ٽرڪون اينديون آهن ۽ دٻا خالي ڪري ڪچرو کڻي وينديون آهن. اليڪشنن ۾ هتان چوڌري نثار علي خان چونڊبو آهي.

پنڊي ۽ اسلام آباد جي ٽيڪسين ۾ سفر ڪندي، ماڻهن سان ڳالهائيندي، اهڙا بيشمار سنڌي ملندا جن ذريعي، وفاقي گادي واري شهر ۾ نوڪري وٺڻ جي طريقي ڪار جو اندازو ٿئي ٿو. هي طريقي ڪار سنڌ کان مختلف آهي: سنڌ ۾ توهان وٽ پئسا هجن، ڪنهن چونڊيل نمائندي سان ٻانهون ٻڌڻ واري واٽ هجي ته نوڪري وڪڻڻ وارا دڪاندار هر وزارت ۾ دستياب آهن. پر هتي صورتحال ٿوري بدليل آهي: هتي اهڙا ڪيئي ماڻهو ملن ٿا، جيڪي پنهنجن اهڙن مائٽن جي اينڪيسين ۾ اچي رهيا، جيڪي انهي تڪ جا ايم اين اي يا سينيٽر هئا يا وري اسلام آباد ۾ ڪنهن چڱي گريڊ ۾ ملازم هئا ۽ پنهنجي ذات جي ماڻهن جا سردار پڻ. اينڪسين يا سرونٽس ڪوارٽرس ۾ انهن ڳوٺاڻن ڇوڪرن کي ماني ٽڪي ۽ ٿورو گھڻو سفري خرچ ملندو هو. سندن مشن: سمورو ڏينهن وزارتن جا چڪر هڻڻ ۽ جيڪو وزير نوڪري ڏيڻ ۾ نامور هجي، تنهن کان ٽائيم وٺي اندر زوري گھڙي وڃي ’انڊين اداڪار قادر خان وارو ڪم ڪرڻ.‘ فدا چنو به ڪجھ اهڙي ئي ملازمت مهم مان گذري هتي پهتو آهي. هاڻي وٽس هر وزير ۽ هر سنڌي آفيسر جي فهرست ۽ انهي فهرست پٽاندر يادگيريون موجود آهن ته ڪهڙو سنڌي ايم اين اي يا آفيسر غيرتمند آهي ۽ ڪهڙو ڪنهن نه ڪم جو آهي. غيرتمند لفظ جي وٽس انٽرنيشنل وصف هي آهي ته اهو ايم اين اي يا وزير جيڪو سنڌين کي نوڪري ڏيڻ ۾ خاص مهرباني ڪري، پوءِ سندس قوم ۽ ٻولي ڪهڙي به هجي.

هڪ ٻيو تعداد وري اهڙو آهي، جنهن کي زرداري صاحب هتي ڀرتي ڪيو خاص طور پِمس ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت (منسٽري آف فارين افيئرز) ۾ تمام گھڻا سنڌي ڀرتي ٿيا.

پر سنڌ ۾، گذريل اٺن سالن ۾ هڪ نئين قسم جو سوشل ڪلاس وجود ۾ آيو آهي جنهن جو ذريعه آمدني، جمهوريت آهي. ڪرپٽ ٺيڪا، نوڪرين جي فرينچائز هلائڻ، پرڏيهي ايڊ ۽ غير سرڪاري شعبي ۾ فِٽ ٿيل سرڪاري ۽ غير سرڪاري بيوراڪريسي، ڪجھ خوشحال، صوفي ازم جا عادي صحافي، سنڌي ماڻهن جي ذهنن تي ڇانيل، اخبارن ۽ خانگي سنڌي چينلز تي واڄٽ وڄائيندڙ ۽ پاڻ پڙهڻ کان آڱوٺو ڪڍي ويٺل دانشور، حڪمران جماعت جا ضلعي اڳواڻ،… اهو سوشل ڪلاس جيڪو ٻهراڙين کان لڏي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اچي ويٺو آهي، سي گرمين جي موڪلن ۾ ٻارن سميت هيڏانهن اچن. راولپنڊي شهر، ڪشمير ۽ مري ڏانهن وڃڻ جي ٽرانزٽ پوائنٽ آهي ۽ هتي رهائش سستي آهي تنهنڪري هتي اهي پڻ اچي رهن.

صبح جو مان پنڊي مان کان پل تان ٽيڪسي پڪڙيندو آهيان. مون ڏٺو آهي ته اتان گذرندڙ هر سرڪاري آفيسر پنهنجي ذاتي ڪار ۾ مسافر کڻندو آهي. اڳيان واري سيٽ تي سندس گھرواري ۽ انهي جي جھولي ۾ سندن اسڪول لاءِ سنبريل ٻارڙو ويٺل هوندو. جيڪر امن امان نه هجي ته اهو ممڪن ئي ناهي ته هي ماڻهو ذاتي ڪار جي پوئين سيٽ تي ڪو ڌاريو ماڻهو ويهارن. هتي معاشرا حڪومتن جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن.

منهنجا هي ٻئي سنڌي پارٽنر اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازم آهن ۽ کين ملازمت ڪندي ڪو ڏهاڪو ورهيه ٿي ويا آهن. سندن ڊيوٽي ٽين وڳي منجهند جو ختم ٿيندي آهي. انهي بعد گھر موٽي اچي ماني ٽڪي کائي ٽي وي ڏسڻ شروع ڪندا، تان جو رات ٿي ويندي. وري هوٽل تان ماني کائي ايندا ۽ ٻيهر ٽي وي تي ٽاڪ شوز ڏسڻ شروع ڪندا. ائين ٽي وي ڏسندي ڏسندي سمهي پوندا آهن. ٽي وي سندن ڄاڻ جو واحد وسيلو آهي. هن بورڊنگ هائوس ۾ مونکي پندرهن ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ گذريل ٻن هفتن کان مون سندن اهوئي نِيَم ڏٺو آهي.

فاعلاتن فاعلاتن فاعلُن

اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال جي مين ڪاريڊور تان پنڌ ڪندا، اسان نئين تعمير ٿيندڙ وڏي مسيت جي ڀر مان گذري ساڄي پاسي مڙياسين، جتي گھپ اوندھ هئي ۽ ٻنهي طرفن کان گھاٽا وڻ هئا. هتان، سِرُن جي فٽ پاٿ جهڙو روڊ اورانگهي اسان هڪ ڪچي رستي تي آياسين ۽ ڪو ڏھ منٽ ائين اوندھ ۾ هلندا اهڙي هنڌ پهتاسين جتي سامهون، ساون ٻوٽن مٿان، اسانجي ميزبان غفار بوزدار جي شيراڊ جي نموني جهڙي پراڻي ڪار بيٺي هئي. غفار گاڏي کي چالو ڪري، تيزي سان ورائي، ٽي فٽ ڊگھن ٻوٽن جي قطار کي لتاڙيندو، ڪار کي اسپتال جي مين روڊ تي وٺي آيو ۽ اتان مرڪزي شاهراھ تي اچي چڙهيو، ’سائين، هن گاڏي جي خوبي هي آهي ته هي ڪٿي به بيهندي ناهي.‘

ڪار جو ڪوبه عضوو سلامت ڪونه هو ۽ اندر، پيشاب جي ڇَٽُ ڦهليل هئي. فرنٽ سيٽ واري خاني ۾ هڪ ٿيلهي پيل هئي جنهن ۾ ميڊيڪل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپھ ۽ ٽنڪچر ۾ ٻوڙيل ڪجھ پٽيون ڀريل هيون. سائين غفار ٽيپ ۾ يو ايس بي وجھي مني بيگم جو غزل لڳايو. ٿوري دير هلڻ بعد ٽيپ بند ٿي ويو. غفار چوڻ لڳو ’سائين پاڻهي هلندو‘ ۽ ٻن منٽن بعد ٽيپ واقعي پاڻهي ئي وڄڻ شروع ٿيو. ڪو پندرهن منٽ گاڏي هلڻ بعد، اسان ٽيئي ڄڻا پٺاڻ جي هڪ هوٽل تي اچي لٿاسين. هي ٻئي دوست شاعر به آهن، تنهنڪري چانهن پيئڻ دوران سندن موضوع گفتگو، سنڌي شاعري رهيو.

ڪانچ قميص پهريل، پيرن ۾ سينڊل، سگريٽ مٿان سگريٽ ۽ تڪڙَي تڪڙَي ڳالهائيندڙ غفار بوزدار جو منهن مهانڊو ۽ اسٽائيل، پراڻي سنڌي ڊرامي چهچٽي جي هڪ ڪردار لطيف مُنيَ جهڙو آهي. ٻروچ ماڻهو آهي تنهنڪري ڳالھ ٻولھ ۾ مذڪر مؤنث جي مٽا سٽا به ڪري ويندو آهي.

غفار اصل گھوٽڪي جو آهي ۽ هتي سال ٻه هزار ست کان وٺي پِمس اسپتال ۾ ڪم ڪندو آهي. انهي اسپتال ۾ ڪو هزار کن سنڌي ماڻهو مختلف حيثيتن ۽ شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا. غفار شاعري به ڪندو آهي ۽ پنهنجي حلقي اندر علم عروض تي سَنَد سمجھيو ويندو آهي. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران اتان جي ادبي سنگت جو ميمبر پڻ رهيو، جتي برک اديبن جا وڻ وڄائي ڇڏيائين.

’سائين، حيدرآباد جي هڪ تمام وڏي شاعر حُسين امدادي کي واھ جو سوگھو ڪيم.‘ غفار سگريٽ وات ۾ جهلي، ماچس جي دٻي کي کولي، هڪڙي تيلي کي چپٽي ۾ پڪڙي چوڻ لڳو، ’چوٽي جو شاعر آهي، پر گڏجاڻي ۾ مونکي ڏسندو هو ته شاعري وارو پنو ويڙهي کيسي ۾ وجهندو هو، شعر نه پڙهندو هو. کيس چيلينج ڪيم ته تنهنجي شاعري ۾ قافيو ناقص آهي. جواب نه ڏئي سگھيو. درد خانڻ خان جو ته سمورو ڪلام علم عروض کان ٻاهر نڪتل آهي، انهي ڪري جو هو هر غزل جي آخر ۾ پنهنجو مڪمل نالو استعمال ڪندو آهي ۽ تنهنڪري هر غزل ۾ ماترائون آئوٽ ٿي وڃن ٿيون. علم عروض تي شاعري لکڻ تمام ضروري آهي. سڀاڻي جڏهن اسان جا ٻار وڏا ٿيندا ۽ انهن کي خبر پوندي ته فلاڻي وڏي شاعر هيتريون ماترائون گھٽ استعمال ڪيون ۽ سندس شاعري ۾ بحر وزن جي شديد کوٽ آهي ته ڇا سوچيندا ته اسانجا وڏا علم ادب کان صفا ڪي اڻ ڄاڻ ماڻهو هئا. علم عروض ڪنهن کي جيڪر سمجھ ۾ نه آيو ته اڇو مٿو ٿي ويندس پر سمجھ ۾ نه ايندس. اسان وٽ هڪڙو شاعر هو، ٻرڙو صاحب. مرندو مري ويو پر علم عروض سمجھ ۾ نه آيس. مان به ڪڏهن معاف نه ڪيومانس. جڏهن به شاعري پڙهندو هو ته کيس چوندو هوس ته قافيو غلط اٿئي. صفا چڙي ويندو هو.‘

حيدرآباد ۾ رهڻ دوران، تخليقي مادي کي وڌائڻ لاءِ يا شايد نوان نوان خيال دماغ ۾ آڻڻ لاءِ، غفار بوزدار، گدو بندر واري اسپتال وڃي، خطرناڪ چرين سان ڪچهريون ويهي ڪندو هو.

چون ٿا ته گدو جي ڊاڪٽرن، غفار جي مائٽن سان انهي خدشي جو اظهار ڪيو ته باهمي دلچسپي جي امور تي اهڙين رهاڻين جو مٿس اثر نه ٿي پوي. سائين غفار جو چوڻ آهي ته چرين سان ملاقاتن دوران کيس تمام گھڻو تخليقي مواد مليو، جيڪو بعد ۾ کيس شاعري ۾ ڀرڻ ۾ ڪم ايندو هو.

اسلام آباد جي اسپتال ۾ غفار جي ڊيوٽي منجھند جو ٻه وڳي کان رات جو اٺ وڳي تائين هوندي آهي. گذريل نون سالن کان وٺي سندس هي دستور آهي ته اتان موٽي، ماني کائي پوءِ آڌي رات تائين فيس بوڪ استعمال ڪندو آهي يا ٽي وي ٽاڪ شوز ويهي ٻڌندو آهي. اڳئين ڏينهن منجھند جو ٻارهين وڳي اٿي تيار ٿي ڊيوٽي تي ويندو آهي. سندس ٻه شاديون ٿيل آهن. هڪڙي ڳوٺ مان ۽ ٻي پنڊي مان. ڳوٺ واري مائي ٻارن سميت ڳوٺ ۾ ئي آهي. علم عروض تي لکيل سندس ڪتاب تيار ٿي ويو آهي، جيڪو هو ايندڙ سال ڇپرائيندو.

ڪجھ وقت اڳ، قرت العين طاهره جو هڪ فارسي شعر پڙهيو هوم. قرطبا (يا غرناطه) جي هڪ فقير تي لکيل هو جنهن ۾ اُندلُسي الحمرا محلاتن جي بي مثل خوبصورتي بيان ڪيل هئي. شعر ۾ هو ته: ’انڌي فقير کي خيرات ڏي….ڇا اها سزا گھٽ اٿم ته الحمرا ۾ رهان ٿو… پر ڏسڻ کان معذور آهيان.‘

 

پهرين جولاءِ: ون يونٽ جي ٽُٽڻ جو ڏينهن؛مولائي ملاح

پهرين جولاءِ، سنڌ جي سرير ۾ آمريت جي پيل طوق، ون يونٽ جي ٽُٽڻ ۽ سنڌ جي سڄڻن پاران ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ انهن عظيم ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن پنهنجي جوت جلائي آمريت کي مات ڏني. اڄ کان پنج سال اڳ جڏهن آئون عبداللطيف ملاح جو پروفائل ڪري رهيو هيس ته ان دوران مون کانئس سياسي زندگيءَ جي پهرين جيل ياترا بابت سوال ڪيو، هن چيو ته: ”ون يونٽ تحريڪ دوران 30 ڏهاڙا سکر سينٽرل جيل ۾ رهيس، اهڙو اتساهه مون کي سسئي پليجو جي امڙ، ادي نسيم اختر بلوچ جي ان اخباري بيان ڏنو جنهن ون يونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهي چيوته: ”اسانجون ٻانهون رڳو چوڙيون ئي نه پر، هاڻ هٿ ڪڙيون به پائي سگھن ٿيون.“ هيءَ سنڌ جي اها بهادر نياڻي آهي جنهن ون يونٽ خلاف جيل ڪاٽيو آهي. (جيل جي يادگيرين تي ”قيدياڻي جي ڊائري“ ڪتاب به لکيو اٿس) ائين پوءِ خيال آيم ته ڇو نه انهن بهادر نياڻين جا پروفائل ڪري سندن اتساهيندڙ مزاحمتي جدوجھد کان سنڌ جي نئين نسل کي روشناس ڪرائجي. هي ڪردار سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو اثاثو آهن. اسانکي پنهنجي قومي سرمائي کي سانڍڻ گھرجي. انهن سڀني سوالن پويان ڦٽي نڪتل سوالن کانپوءِ سوچيم ته پهرين ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندڙن سنڌ جي سورمن کي ٻن اکرن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو فرض پورو ڪجي.

سنڌ، سنڌي قوم جي حقن کي لتاڙڻ هن ديس جي حڪمرانن جي پراڻي ريت رهي آهي. سنڌ تي حملن جي تاريخ پراڻي آ، قابل ۽ قنڌار کانپوءِ هن ديس جي حاڪمن به انهيءَ روايت کي برقرار رکيو آهي. هنن ڌارين ۽ ڌاڙيلن جي واٽ تي هلندي پهرين 1954ع ۾ سنڌي قوم جي وجود تي ’ون يونٽ‘ جو قهري، پهريون وار ڪيو جنهن ۾ سنڌي قوم جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جو نالو دنيا جي گولي تان مٽائڻ لاءِ ون يونٽ واري ڳاڙهي لڪير ڦيري ڇڏي. سنڌ جي نالي اڳيان ”سابقه“ لفظ لڳايو ويو. آمر حڪمرانن جو اهو رڳو سابقه لفظ نه هيو پر، سنڌ جي ڪُکِ ۾ ڇرو هنيل هو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي سڄڻن جي سيني ۾ سنگين جيان محسوس ٿي رهيو هو. جنهن سنڌي قوم کي مڙي مٺ ڪيو. جن جي گڏيل جدوجھد جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي ڪنڌ ۾ وڌل ون يونٽ جو طوق اڄوڪي ڏهاڙي پهرين جولاءِ 1969ع تي ٽُٽو. اهو طوق آمريت جو غرور هيو جنهن کي سنڌي قوم جي بهادر سپاهين پنهنجي جدوجھد سان ٽوڙي ڦٽو ڪيو.

ون يونٽ مڙهجڻ کانپوءِ سنڌ جي نالي اڳيان ”سابقه“ لفظ لکجڻ ۽ پڙهجڻ وارو درد سنڌ جي حلالي پٽن کان سهيو نه ٿيو، جنهن خلاف سنڌ جا پورهيت، هاري ناري ۽ شاگرد، وڪيل ۽ اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن اٿي کڙا ٿيا. جن قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهايو، انهن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي آواز شيخ اياز رڙ ڪندي چيو ته:

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سڳنڌ، مرنداسين پوءِ به مرڪندي. (اياز)

ون يونٽ جي ڪاري دور ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڄڻ ته ڪاريهر تي پير اچڻ برابر هو. پر، پوءِ به سنڌي قوم جي سپوتن پنهنجي سگھ سان آمريت جي ان ڪاريهر تي پير ڏئي پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو. تڏهن ته اياز چيو هو:

سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم،

ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم.

هي سنڌ جي تاريخ جو اهو ڪارو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ به ڏوهه جيان هو. انهن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن حيدرآباد، لاڙڪاڻو اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ختم ڪيو ويو. لفافن، پمفليٽن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ لکڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو، سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي کي ختم ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا ويا. سنڌ جي موجوده حالت جيان سنڌ جا نوجوان بيروزگاريءَ سبب پريشان ٿيڻ لڳا ته وري ٻئي طرف ڦورن کي سنڌ جون سر سبز زمينون ۽ ٻيا مالي وسيلا ون يونٽ جي آڙ ۾ ڦٻائڻ جو موقعو ملي ويو، جن پنهنجي وسان ڪين گھٽايو. جن قوتن پنهنجا ڇسا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ مڙهيو، انهن پنهنجا گھربل مقصد ماڻڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن جي ڀينگ ڪئي. سنڌ جي اهڙي بي حسيءَ سان ٿيندڙ ڦر لٽ تي قوم کي سجاڳ ڪندي اياز چيو،

سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه،

ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه،

متان سوچي ساهه، متان موٽو ماڳ تان. (اياز)

ون يونٽ خلاف هڪ طرف شاعر اديب، دانشور ۽ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ سنڌ جو پورهيت عوام قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا هيا ته وري هوڏانهن سياستدان پنهنجي جاڳرتا مهم گھر گھر، گھٽي گھٽي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ شروع ڪري ڏني. جنهن سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، لالاقادر، حفيظ قريشي، يوسف لغاري، مير ٿيٻو، جيجي زرينا بلوچ، ڀيڻ اختر بلوچ، ڀيڻ رياض ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي قوم جي گھڻ گھرن سڄڻن ڏينهن رات جدوجهد ڪري قوم کي بيدار ڪري، ون يونٽ واري طوق کي ٽوڙي پوءِ ساهه پٽيو. هن تحريڪ ۾ جن به سنڌ جي سڄڻن پاڻ ملهايو، انهن جي تاريخي جدوجهد کي وساري نه ٿو سگھجي. انهن کي اڄوڪي ڏهاڙي تي سلام پيش ڪجي ٿو. اي ڌرتيءَ جا بهادرو اوهان کي سنڌي قوم جو سلام.

هن تحريڪ ۾ هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن پاڻ ملهايو، جن جا نالا ۽ ڪردار ”ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا“ جيان آهي پر، پوءِ به ڪجھ اهي نالا آهن جن هن مزاحمتي تحريڪ ۾ روح ڦوڪي مُهَڙ وارو ڪردار ادا ڪيو.شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي، پرواني ڀٽيءَ جن گيت لکي قوم کي جاڳايو، جن جي پيغام کي پنهنجي سُريلي آواز ۾ جيجي زرينا بلوچ ۽ عبدالغفور ۽ ٻين عوام تائين پهچايو. انهن ڏهاڙن ۾ اياز جون تخليق ڪيل امر سٽون جيڪي عوام جي ذهنن تي اڄ به نقش ٿيل آهن.

”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار.“ حيدر بخش جتوئيءَ جو گيت ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ“ جيڪو ان وقت ۾ سنڌي قوم جو نعرو بڻجي ويو. ياد پيم ته: عبداللطيف ملاح پنهنجي پروفائل ۾ اهو به ٻڌايو هو ته: ’جڏهن ون يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿيو ته اها خوشخبري جيل ۾ اسانکي پنهور جيلر ٻڌائي هئي. جيلر اسان جي مٿان بيهي وڏي آواز سان جيئي سنڌ چئي ٻڌايو ته رات ون يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿي ويو آهي.‘ ائين ئي سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن ۽ دانشور، پورهيت ۽ هاري، وڪيلن ۽ شاگردن بهادر نياڻين ۽ سنڌ جي ڪلاڪارن جي ڪيل جدوجهد رنگ لاتو، آمريت کي شڪست ملي. نئين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر يحيى خان مجبور ٿي پهرين جولاءِ 1969ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت اياز جي هنن سٽن به ساڀيائن جو روپ ورتو ته ”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار“

توڙي جو ون يونٽ ٽُٽي ويو پر، سنڌ ۽ سنڌي قوم جا مسئلا جمهوري حڪومتون اچڻ جي باوجود اڄ به انهيءَ ئي حالت ۾ پيل آهن، جنهن مان ڀليءَ ڀت اهو محسوس ٿئي ٿو ته سگھارين ڌرين اقتدار جي واڳ اڃا به پنهنجي هٿ هيٺ رکي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي عوام ۽ جمهوريت پسند قوتن کي ون يونٽ جهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي. اهو ئي اڄوڪي ڏينهن جو پيغام آهي.