تازيون خبرون

Daily Archives: July 1, 2015

سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ موت جو راڪاس ڇانيل

 

سنڌ ۾ گرمي جي لهر جاري آهي. ڪالهه به وڌيڪ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا. نيپرا ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ کي آپريشن فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير به گرمي وگهي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي ذميواري ڪي اليڪٽرڪ تي مڙهي آهي، ان حوالي سان مليل معلومات موجب ڪراچي ۾ گرمي سبب ڪالهه 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.  ٻئي طرف جناح اسپتال ۾ 7، عباسي شهيد ۽ سنڌ گورنمينٽ اسپتال نيو ڪراچي ۾ 2- 2 جڏهن ته سول اسپتال ۾ هڪ مريض دم ڏنو. ٻي طرف سينيئر صحافي ڪمال لاشاري جو والد گرمي سبب فوت ٿي ويو. ڪمال لاشاري جو والد گلشن حديد ۾ گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي فوري طور تي هنڊريڊ بيڊ اسپتال آندو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڪمال لاشاري جي والد جو لاش پنهنجي اباڻي ڳوٺ خيرپور لڳ ڪرونڊي نيو ويو جتي اڄ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي. . دادوجي غريب آباد پاڙي ۾ 60 ورهين جو غلام حيدر چارڻ ۽ دوڙ روڊ تي محمد مٺل شيخ جي زال ۽ ٿرڙي جادو شهيد ۾ 17 سالن جو روزيدار محمد جمن ٻٻر گرمي سبب فوت ٿي ويا.لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر جي اسڪواڊ جو ڊرائيور  55 ورهين جو هارون ميمڻ ۽ نظر محلي ۾ نياز شيخ گرمي وگهي فوت ٿي ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ ٻڍو جي ڍاڻي ۾ گرمي سبب 12 ورهين جو هريسنگهه ولد کيتو بيهوش ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو. ميهڙ جي ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي گڏي ڌيءَ راشد مهيسر فوت ۽ سجاد علي خاصخيلي، سعيد مهيسر ۽ روشن علي گرمي سبب بيهوش ٿي ويا، جن کي خانگي اسپتال پهچايو ويو. ڀريا سٽي ۾ صحافي شبير عمراڻي جو مامو غلام سرور عمراڻي 67 ورهين جي عمر ۾ گرمي وگهي فوت ٿي ويو. جوهي جي ڳوٺ مسو جمالي ۾ 70 ورهين جو ڀيو جمالي فوت ٿي ٿيو. موري جي علائقي گچيرو روڊ تي 50 ورهين جو پير بخش سولنگي، ۽ 38 سالن جو غلام مصطفيٰ مغل فوت ٿي ويا. بجلي لوڊشيڊنگ خلاف فوتي جي وارثن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هڪ قيدي فوت ٿي ويو. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي، سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهندي. وڏي وزير قطر اسپتال جو دورو ڪري گرمي کان متاثر مريضن جي عيادت ڪئي، ان دوران وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪراچي اسان جو شهر آهي ۽  شهر جي خدمت ڪندا رهنداسين. هن چيو سنڌ ۾ گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ٻين هنڌن سان گڏ اسپتالن ۾ به لوڊ شيڊنگ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته صحت کاتي جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ جو پڇاڻو ڪيو ويندو.  هن چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪيا آهن ۽ صورتحال بهتر ٿيڻ تائين ڪم جاري رکيو ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاق ۽ سنڌ جا حڪم هوا ۾ اڏايا ويا، وفاق کي ڪي اليڪٽرڪ بابت ذميواريون پوريون  ڪرڻ گهرجن. هـُن چيو ته شهر جـَي مختلف علائقن ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي ڊاڪٽر، دوائون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسان جڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريو ته اسان تي تنقيد ڪئي وئي، پر هاڻي ته نيپرا به ڪي اليڪٽرڪ جي ڪوتاهين جو اعتراف ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ رڳو پيسو ڪمايو آهي. بجلي جي پيداوار تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي ورڇ واري نظام کي ٺيڪ نه ڪيو. ٻئي طرف نيپرا ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي فوتگين تي ڪي اليڪٽرڪ کي آپريشن فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيپرا بقايائون وصولي جي نالي ٽرانسفارمر بند ڪري پوري علائقي جي بجلي  بند ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏنو آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته چند ماڻهن جي بل ادا نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ پوري علائقي جي بجلي بند ڪرڻ غير قانوني آهي. نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ خلاف جاچ جاري آهي ۽ شروعاتي رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪئي ويندي. نيپرا چيئرمن طارق سدوزئي ۽ پاڻي وارو سيڪريٽري يونس ڍاڳا لاڳيتو ٻه ڏينهن ڪراچي ۾ ترسيا ۽ هنن ڪي اليڪٽرڪ کان بريفنگ پڻ ورتي. نيپرا ڪراچي ۾ بجلي جي گهرج ۽ کپت بابت رڪارڊ به حاصل ڪري ورتو آهي. نيپرا جي ٽيم پنهنجي دوري دوران 19 جون کان 26 جون تائين شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي گهرج، کپت ۽ مرمتي ڪمن جو جائزو پڻ ورتو.. ذريعن موجب، نيپرا اختيارين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ جاري نام نهاد آپريشن کي فوري بند ڪيو وڃي ڇو ته ان سان بل ادا ڪندڙ صارفين کي به تڪليف پهچي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صرف انهن صارفين جي ئي بجلي بند رکي وڃي جيڪي لاڳيتو بل ادا نه پيا ڪن.

 

بدعنوان سماج جا بدعنوان ماڻهو؛عاجز جمالي

بس ۾ هلندي هڪ همراهه کي گرمي لڳي وئي. همراهه بيهوش ٿي ويو، ساهه نه پيو آسائي سگهيو. جهٽ ڪري پاڻي جي بوتل هٿ ڪري همراهه مٿان پاڻي وڌو، اکيون کوليائين کيس چيم پاڻي ٻه ڍڪ پي، همراهه چيو روزو آهي، جلدي ڪري ايڌي ايمبولينس وارن کي فون ڪيوسين. ڳچ پنڌ تي ايمبولينس بيٺي هئي. همراهه کي ايمبولينس تي چاڙهڻ وقت رش ٿي وئي، سڀ مسافر هيٺ لٿا. ايمبولينس تي همراهه کي ليٽائڻ مهل غريب جو موبائل فون سيٽ ڪو ماڻهو کسڪائي ويو. بس ۾ واپس آياسين، هر ڪوئي چوڻ لڳو هي ڪهڙي مسلمانيت آهي. بس ۾ هڪ همراهه ٻڌائڻ لڳو ڪجهه ڏينهن اڳ سندس زال کي گرمي لڳي، هوءَ نجي آفيس ۾ ڪم ڪندي آهي، جلدي جلدي ڪري آفيس جي ٻين عورتن کيس ايمبولينس ۾ ويهاريو، مائي اسپتال پهتي ته سندس منڊي ۽ هڪ هٿ مان سون جي چوڙي غائب هئي. هي رمضان جي مهيني ۾ مسلمانن يا جمهوريه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي.

هڪ ٻيو مثال ٻڌو پوءِ مان پنهنجي اصل موضوع تي اچان. مون کي گذريل مضمون جي تسلسل ۾ ڪرپشن تي لکڻو آهي پر سياستدانن، حڪمرانن، ڪامورن، جرنيلن ۽ صحافين تي لکندي هي پاڪستان جي عام ماڻهن جا به مثال ڏنم، ٽيون مثال پاڪستان جي واپارين جو ٻڌو. پهرين رمضان کان ئي ملڪ ۾ گرمي جي شديد لهر تيز ٿي. ڪراچي ۾ هڪ ته گرمي ٻيو وري بجلي غائب، بجلي ڏيندڙ ادارو ڪي اليڪٽرڪ جنهن کي هاڻي ڪراچي جا ماڻهو قاتل اليڪٽرڪ چون ٿا، اها خود ڪرپشن جو وڏو داستان آهي. ڪي اي ايس سي جي نجڪاري جنرل مشرف دور ۾ ٿي، هي سنڌ سرڪار جو ادارو هو. خير اسان جو موضوع ڪرپشن آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن ناهي. سو گرمي وڌڻ سبب ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ۽ فرج، ريفريجريٽر جي گهرج ۾ واڌارو ٿي ويو، هر ماڻهو اي سي خريد ڪرڻ لڳو پر مسلمانن جي ملڪ جي مسلمان واپارين هي موقعو غنيمت سمجهيو، هر فرج ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جي اگهه ۾ ڏهه کان پندرهن هزار روپين جو واڌارو ڪري ڇڏيو.

هڪ اندازي موجب گذريل ڏهن ڏهاڙن اندر صرف ڪراچي جي اليڪٽرانڪ مارڪيٽن جي واپارين ڪراچي جي عام شهرين کان ڏهه ارب روپيا وڌيڪ وصول ڪيا. سڄي دنيا ۾ هن قسم جي لٽ مار کي بليڪ مارڪيٽنگ چيو ويندو آهي. يورپ جي ملڪن ۾ بليڪ مارڪيٽنگ جي سزا ايتري ئي آهي جيتري اسان وٽ قتل تي آهي. خير اسان وٽ جڏهن قتل تي ئي ڪا سزا ناهي ته بليڪ مارڪيٽنگ تي ڪير سزا ڏيندو؟ ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اسان پاڪستان بدران ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ هجون ها ائين اهو سڀ ڪجهه ٿيندو هجي ها ته هن وقت تائين سرڪاري ڪامورن سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جا ڪامورا ۽ ڪراچي اليڪٽرانڪ مارڪيٽن جا واپاري به جيلن ۾ هجن ها.

اسان هڪ ڪرپٽ سماج ۾ رهون ٿا، جتي سڄو سماج ئي بدعنوان بڻجي وڃي ۽ سماج جا اڪثر ماڻهو بدعنوان بڻجي وڃن ته اتي احتساب ڪير ڪندو؟ سچ ته اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ احتساب ڪندڙ ادارا ئي بدعنوان ادارا آهن، نيب هجي، اينٽي ڪرپشن هجي، حساس ادارا هجن يا پوليس ۽ ٻيون ايجنسيون، ڪرپشن جي خلاف احتساب جي نالي تي اڄڪلهه جيڪا وٺ پڪڙ آهي, جهڙوڪر عارضي هجي، ڪنهن کي ڪجهه ناهي ٿيڻو. اڄ جي اخبار ۾ آهي ته ڪرپٽ چيف انجنيئر خلاف انڪوائري ڪندڙ اينٽي ڪرپشن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد رند خود ڪرپٽ نڪتو, رشوت وٺڻ جي عيوض کيس برطرف ڪري گرفتار ڪيو ويو. اهو سچ آهي ته اينٽي ڪرپشن يعني رشوت ٽوڙ کاتو حقيقت ۾ رشوت جو کاتو بڻجي چڪو آهي.

ڪراچي تعليم کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر وهاب عباسي کي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ملزم کي جيل موڪلي ڇڏيو، پر اينٽي ڪرپشن کاتي ساز باز ڪري ’ڏنو پٽ ڇٽو‘ ڪري همراهه کي ڇڏي ڏنو. هو ٻيهر پوسٽنگ لاءِ تعليم جي وزير نثار کهڙي ۽ سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جي آفيس جا چڪر هڻي رهيو آهي. ايس ڊي او سطح جو هي آفيسر ڪروڙ پتي ڪيئن ٿيو جو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کي پئسا ڏيئي جان ڇڏائي ويو؟ هاڻي جڏهن ايف آءِ اي، ڪي ايم سي ۽ تعليم کاتي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ چار پنج همراهن کي سوگهو ڪيو، جيڪي شهري پارٽي جا ذميوار آهن ته ايف آءِ اي وهاب عباسي کي به هٿيڪو ڪري، خود سنڌ هاءِ ڪورٽ به ملزم کي ضمانت کان جواب ڏنو هو ته آخر اينٽي ڪرپشن وارن ڪيئن ڇڏي ڏنو؟ ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن جي لاڳاپيل آفيسرن کان جاچ ڪري ته پتو پئجي ويندو؟

سڄي سنڌ جون ڪرپشن ڪهاڻيون کلي رهيون آهن، هر سطح تي ڪرپشن موجود آهي. هر کاتي ۾ ڪرپشن آهي پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽري تائين وزير کان وٺي وزيراعليٰ هائوس تائين، گورنر هائوس کان وزيراعظم هائوس تائين، ايوان صدر کان وٺي جنرل هيڊڪوارٽر تائين ڪير به هن بيماري کان بچيل ناهي، ڪير به مقدس ناهي.

مثال گذريل ڏينهن انصار عباسي جنرل مشرف دور ۾ شهيدن جي نالي تي ڏنل زمينن بابت اسٽوري شايع ڪئي. زمينن جو سودو رڳو سنڌ ۾ ڪو نه ٿيندو آ، پنڊي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به عام جام آهي. مشرف دور ۾ شهيدن جي نالي تي ورتل زمين نيلام ڪئي وئي ۽ پرويز مشرف جي ويجهن مائٽن ۾ ڪيئن ورهائي وئي؟ ان جي جاچ به ٿيڻ گهرجي.

هن ملڪ جو اهو هميشه الميو رهيو ته هتي احتساب هميشه سياست زده هوندو آهي. اڄڪلهه به سياست زده احتساب ٿي رهيو آهي، ڪجهه ڪامورا، وزير قربان ٿيندا، رڳو سنڌ ۾ احتساب جي ون وي ٽريفڪ هلندي، بس پوءِ وري اڄ جا حڪمران سڀاڻي جا مظلوم بڻجي ويندا. ڪرپشن سڄي ملڪ ۾ آهي، ان ڪري بدعنواني خلاف ملڪ گير احتساب جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ هزارين ايڪڙ زمين ورهائي وئي آهي، ان جو ڪو حساب ڪتاب ڪونهي، پنجاب ۾ ميٽرو بس پراجيڪٽ هجي، ڊائيوو جو ٺيڪو هجي، ييلو ڪيب اسڪيم هجي يا هاڻ وفاقي سرڪار جي بيروزگارن کي قرض ڏيڻ جي اسڪيم، انهن سڀني اسڪيمن ۾ به بدعنوانين جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، ان جي به تحقيقات ٿيڻ گهرجي.

مطلب هڪ صوبي کي سنگل آئوٽ ڪيو ويو ته احتساب سياسي بڻجي ويندو، عارضي طور تي ته ڪا پارٽي دٻاءُ ۾ اچي ويندي پر ان جا مستقل نتيجا ٺيڪ نه هوندا.

سنڌ ۾ ڪرپشن جا پيرا کڻبا ته وڏن وڏن نالن تائين ويندا. سچ اهو آهي ته سنڌ کي ڪٿان ڪا واهه نظر نه پئي اچي. سڄو سماج بدعنوان ماڻهن جي وڪڙ ۾ آهي. ڪو هڪ ادارو يا ڪي چند ماڻهو ڪرپٽ ناهن، بلڪه هر ادارو، هر قسم جو ادارو ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهو ڪرپٽ آهي. اسين ان بدعنوان سماج جا رهواسي آهيون، جنهن ۾ ڪنهن تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي، هر ڪوئي سنڌ جي نالي تي دڪان کولي اسان کي لٽي رهيو آهي. اسين سڀ لٽ مار جو شڪار آهيون، لٽ مار جو شڪار سماج، جنهن ۾ هر ماڻهو لٽ مار لاءِ تيار آهي. هن قسم جي سماجن ۾ احتساب جا ڊراما عارضي هوندا آهن، هن قسم جي معاشرن ۾ وڏي سماجي تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. وڏي خونريزي جي ضرورت هوندي آهي، هي بيمار سماج آهي، جنهن ۾ وڏي سرجري جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته هن جو ڦٽ ناسور بڻجي ويو آهي.

 

الا ائين مَ هوءِ…..؛سرمد منصور

آئون انهيءَ کي اٻوجهائپ چوان يا لاعلمي يا اڃا ئي برين واش جو تهذيب تهذيب ڪندي ساهي ئي نه کڻبي هئي، ماروئڙا، جهانگيئڙا ۽ ڇا ڇا نه چئبو هو هتي جي ماڻهن جي تعظيم ۾! پر حقيقت ڇا آهي، ويهي جڏهن ويچارجي ٿو ته ارمان ۽ افسوس ئي ورائي ٿو وڃي! ڇا تهذيب يافته قومون اِئين هونديون آهن، جيئن اسين آهيون!؟ ماضي ڀلي ڪيڏو به شاندار ڇونه هُجي، (جيتوڻيڪ اُهو پڻ بدترين غلامين هيٺ رهيو آهي) پر حال جي هيڻائي مستقبل جي تباهيءَ جون چُغليون هڻي رهي آهي. صدين کان جنهن سنڌوءَ جي نانءَ تي هيءُ خطو آباد آهي، سو هاڻ هوريان هوريان پنهنجو وجود ميساري رهيو آهي، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ درياهه  جيڪا واهُڙ جي صورت اختيار ڪئي آهي، تنهن جو جيڪر ساڳيو ئي حال رهيو ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر واريءَ جا دڙا درياهه جو نانءُ نشان ئي مٽائي ڇڏيندا. مٿان وري سمونڊ جي پائڻ جون رپورٽون به وقت بوقت ڇپجنديون رهن ٿيون، جنهن ۾ جيڪي اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن، تنهن جو سڌو سنئون مطلب اِهو ٿو نڪري ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ نه بدين، نه وري ٺٽي جي آس پاس وارا علائقا رهندا، سمونڊ جو پاڻي جيڪڏهن اُنهن علائقن تائين پائي نه به آيو، تڏهن به اُهي علائقا رهائش توڙي زرعي آباديءَ جي لائق نه رهندا. پر حرام جو سنڌ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪَن تي جونءَ به سُرندي هُجي! ڪا هڪ اڌ اين جي او سا به پنهنجي پيٽ گُذر لاءِ اُن اشوءَ کي اُٿاريندي رهي ٿي جو سندن جياپي جو سڄو دارومدار اهڙن اشوز تي ئي آهي، باقي رهيو خير! اِئين ئي جيڪڏهن زندگيءَ جي ٻين پهلوئن کي ڏسبو ته اسين ڏينهون ڏينهن ابتريءَ طرف وڌندي نظر اينداسين. تعليم جو فقدان، صحت جي اڻاٺ ۽ زراعت جي تباهي هتي جي ماڻهن کان ماڻهپو ڦُري ورتو آهي. چور، ڌاڙيل ڦورو، لُٽيرا، قاتل ۽ ڪرپٽ اسان جي اڪثريت جي سڃاڻ ٿيندي پئي وڃي. آخر اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جنهن تي سينو تاڻي فخر ڪري سگهجي؟ جيڪڏهن اسين پنهنجي ادب تي نظر وجهون ٿا ته لطيف، سچل ۽ اياز کان پوءِ اوندهه انڌوڪار نظر اچي ٿي. لطيف جي شاعريءَ کان به جيڪڏهن انگريز روشناس نه ڪرائين ها ته هوند اسان لاءِ اڄ به اُهو هڪ پير کان وڌ ڪجهه نه هُجي ها. جڏهن ته اياز به بس پنهنجي ئي اندر تائين محدود رکيو ويو، اُن کي نه ته ترجمي نگار مليا نه ئي دُنيا تائين اُن کي رسائڻ جي ڪا عملي ڪوشش ڪئي وئي. انهن کان علاوه ڪا ڪهاڻي، ڪو ڊرامو، ڪو ناول يا ڪا اهڙي ٻي تخليق آهي جنهن کي دُنيا اندر ڀيٽ ملي هُجي، جنهن کي ڀلي ته نوبل انعام نه ڏنو ويو هُجي، پر ٻين خطن ۾ اِئين ئي ترجما ٿي پڙهيا ويا هُجن، جيئن خليل جبران، نزار قباني يا رسول حمزه توف اسان وٽ پڙهيا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي به پنهنجو ئي سمجهان ٿو جو هُن وٽ جيڪا ڪسوٽي آهي سا لسانيت کان مٿاهين آهي، تنهن باوجود ماڻهوءَ جي اها خواهش ضرور هوندي آهي ته ڪو اهڙو ڊاڪٽر اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ به هُجي، ڪو عبدالستار ايڌي هُجي! پر سڄي سنڌ جاچڻ باوجود اسان کي ڪو اهڙو ڪردار نظر نٿو اچي. اسان جا ڊاڪٽر رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ جا خواهشمند ته آهن پر اُنهن ۾ اديب جهڙي دل ناهي، اسان جا سماج سُڌارڪ واهه واهه ته چاهين ٿا پر اُنهن کان ايڌيءَ جيان رستن ۽ گهٽين ۾ چندا وٺڻ وارو ڪم  نٿو پُڄي. اسين مجموعي طور سڀئي ماڻهو رات پيٽ ۾ امير کان امير ٿيڻ جا خواهشمند آهيون، بلڪه هر ماڻهو پنهنجي قبيلي، برادريءَ جو سردار ٿيڻ جو خواهشمند آهي، پر عملي طور کانئس ڪجهه نٿو پُڄي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي اُنهن برادرين جي تڪرارن تي، جيڪي هڪ ٻئي جي ويهه پنجويهه نوجوانن کي مارڻ کان پوءِ سردارن آڏو پٽ تي ويهي جرڳي دوران ستر اسي لک رُپيا ڏنڊ طور ڀرڻ جي لاءِ ته تيار هوندا آهن پر اُنهن کان اِهو ناهي پُڄندو ته اُهي پنهنجي ئي گهر جي اڳيان گُهگهه انڌاري وارين گهٽين ۾ ڪو بلب لڳائي سگهن، ڪنهن ٻار کي سليٽ يا ڦرهي وٺي ڏياري سگهن يا ايترا ئي پئسا ڪٺي ڪري ڪو ننڍو ڪارخانو، ڪا فيڪٽري ٻيو نه ته به برادريءَ جي نالي تي ڪا اٽي چڪي ئي لڳائي سگهن. اسان وٽ جيڪو بند اسڪولن جو تعداد ٻُڌايو وڃي ٿو يا جن گوسڙو ماسترن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ڇا اهڙي صورتحال کان پوءِ به اسان کي اِها ڳالهه جُڳائي ٿي ته اسين پاڻ کي تهذيب  جي ڌارا ۾ ڳڻايون!؟ ’الا اِئين مَ هوءِ‘ وارو اُلڪو نارائڻ شيام کي ڪو اِئين ته ڪونه هو! ضرور ڪجهه ته هُن به محسوس ڪيو هوندو! جيڪڏهن پاڻ اِنهيءَ ڳالهه کان به انڪار ڪريون ته ڪو شاعر وقت کان اڳ جي حالتن کي پرکي وٺندا آهن، پر تڏهن به سندس اِن اُلڪي ۾ ڪا ته صدا آهي!  ڀلا ڪو سماج يا ڪا قوم ڪيترو جٽاءُ ڪري سگهندي، جڏهن هُن جا سمورا پاسا ڪسا نڪرندا هُجن، اُها عملي طور بنهه سُست ۽ ڪاهل ٿي وئي هُجي، جنهن کي منفي رين سان ته دلچسپي هُجي، پر مثبت راهه تي ويندي سندن پير ڏُکندا هُجن، اهڙا سماج آخر ڪيستائين پنهنجي بقا قائم رکي سگهندا!

چوندا آهن ته حادثا ۽ آفتون قومن کي سجاڳ ڪنديون آهن، اُنهن ۾ نئين سر جذبو پيدا ڪنديون آهن ۽ اُهي اُتساهه سان اڳتي وڌنديون آهن، پر ٻه هزار ڏهه يارهن وارين ٻوڏن ۽ برساتن وارن حادثن کان پوءِ جيڪا سُجاڳي آئي، تنهن هڪ طرف پنڻ وارن ماڻهن ۾ ته اضافو ڪيو، بديءَ جي راهه ته وٺائي پر قومي سُجاڳيءَ جا هڙئي جذبا ٿڌا ٿي ويا. دانشورن کي اين جي اوز جي اهڙي ته چوس پئي جو کانئن سڀ ڪجهه وسري ويو. پرڏيهه جا دورا، مشهور هنڌن تي پوز هڻي فوٽو ڪڍائڻ کان سواءِ هاڻ اُنهن جو ٻيو ڪو به عملي ڪردار ناهي رهيو! جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي پنهنجن سياستدانن جون ڪارستانيون ڏسيو ويٺا آهن، جن کي سنڌ جي ماڻهن سان نه پر اُنهن جي ووٽن سان سروڪار آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪا اُميد قومپرست ڌُرين مان ورتي ويندي هُئي، سي به هاڻ چٽا ٿي سامهون اچي ويا آهن ته هتي هر ڪنهن جو هٽ کُليل آهي، ڪو ڪيتري اگهه وڪامجي ٿو ته ڪو ڪيتري! مطلب ته نااُميديءَ ۽ لوڀ جي لوءَ ماڻهن کي لوساٽي ڇڏيو آهي.

سماج جي اهڙي صورتحال نارائڻ جي ان اُلڪي کي تهائين چٽو ڪري ڇڏي ٿي ته:

الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.