تازيون خبرون

Daily Archives: July 1, 2015

جڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪري نواز ليگ جو فراڊ پڪڙي ورتو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيوآهي ته جـُڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪري نواز ليگ جو فراڊ پڪڙي ورتو آهي، پنجاب ۾ آرز اوز جي راند کيڏي وئي، جلد خبر پئجي ويندي ته ريٽرننگ آفيسرز کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نادرا وزيراعظم هائوس جي دٻاءَ تي بيان جاري ڪري رهيو آهي،نادرا چيئرمين ڇا ولي الله آهي جو کيس سڀ ڪجهه خبر پوي ٿي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، پنجاب ۾ آر اوز جيڪاراند کيڏي اها هاڻ پڌري ٿي چڪي آهي، اڄ ثابت ٿي ويو ته آر اوز ڌانڌلي ۾ ملوث هئا. عمران خان چيو ته اين اي 122 تي تڪ ۾ 93 هزار ووٽن جي تصديق ناهي ٿي سگهي ۽ خواجه سعد رفيق جي تڪ ۾ هڪ لک 26 هزار واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته عام چونڊن ۾ واڌو بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا، جن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي ٻڌايو ويو، جڏهن ته نواز ليگ جي رويي مان واضح ٿي چڪو ته ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته پنجاب جي اليڪشن ڪميشن آرو اوز کي کلي ڇوٽ ڏني هئي، ثابت ٿي ويو ته ڌانڌلين ۾ اليڪشن ڪميشن به ملوث هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته جلد خبر پئجي ويندي ته آر اوز ڪنهن جي ڪنٽرول هيٺ هئا، انڪوائري ڪميشن جو جيڪو به فيصلو آيو اهو قبول ڪيو ويندو.

 

سخت گرمي وگهي ٿيندڙ فوتگين جي ذميوار وفاقي صوبائي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهي: خواجه اظهارالحسن

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهارالحسن ڪراچي ۾ سخت گرمي وگهي ٿيل فوتگين جي ذميوار وفاقي، صوبائي حڪومتن ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڪوٺيندي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته فوتين لاءِ فوري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ ٿيندڙ فوتگين کي قومي سانحو قرار ڏنو وڃي نيشنل ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي هن سموري صورتحال ۾ ڪوئي ڪردار ادا ناهي ڪيو هنچيو ته سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل 60 هيت اسٽروڪ سينٽر صرف ميڊيا تي ٻڌايا وڃن ٿا جن جو عملي طور وجود ئي نظر نه پيو اچي خواجه اظهارالحسن چيو ته سول ڊفينس ۽ رليف کاتي جو ڪردار به ڪٿي نظر نه پيو اچي تنهنڪري ٻنهي کاتن کي ختم ڪيو وڇي يا وري صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۾ ضم ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم کي خود ڪراچي اچي معاملي جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ غريب متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه اظهارالهسن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ حقيقت آهي جيڪا لکين ماڻهن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ان جي ڪردار ڪشي افسوس جوڳي آهي بلوچستان جي گهرو وزير کي پنهنجي صوبي تي توجهه ڏيڻ گهرجي نڪي ڪنهن تي الزام مڙهڻ گهرجن.

 

پنهنجن مداحن کان ملندڙ محبت ۽ تعريف سان جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھان: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته کيس پنهنجن مداحن کان ملندڙ محبت ۽ تعريف سان کيس جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھي. ڀارتي ميڊيا موجب نئين فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ۾ شرڌا ڪپور جي اداڪاري ۽ نچڻ جي هر طرف کان تعريف ٿي رهي آهي، پنهنجي تعريفن ۽ فلم جي باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ تي شرڌا ڪپور خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. ان ڳالهه جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي ڪيو، پنهنجي پيغام ۾ شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته مداحن کان ملندڙ محبت ۽ سندن تعريف سان جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھجي، ڇو ته جڏهن منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي ويندي آهي ته وڌيڪ محنت ڪندي آهيان. واضح رهي ته شرڌا ڪپور بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار شڪتي ڪپور جي ڌيءُ آهي ۽ سندس 19 جون تي رليز ٿيندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ هيل تائين 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي نوان رڪارڊ جوڙيا آهن.

 

ايندڙ ڪجھه مهينن تائين ڪو نئون هيئر اسٽائل نه ٺهرائيندس: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارن ۽ اداڪارائن ۾ سنهو، ٿلهو ۽ نوان نوان ڪپڙا پائڻ جو شوق ته سڀني ڏٺو هوندو پر اڄ ڪلهه بالي ووڊ حسينه ڪرينا ڪپور خان کي ڊگھا ۽ سهڻا وار رکڻ جو شوق جاڳي پيو آهي، پاڻ کي فٽ، سلم ۽ سمارٽ رکڻ ته ڪو بالي ووڊ حسينائن کان ڪير سکي. بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور به ٻين حسينائن کان ڪنهن طريقي گھٽ ناهي، ڪڏهن سنهو ٿيڻ لاءِ جتن ڪندي نظر ايندي ته ڪڏهن نون نون ڪپڙن سان تقريبن ۾ شرڪت ڪندي نظر ايندي آهي، پر اڄ ڪلهه ڪرينا ڪپور پنهنجا وار ڊگھا ۽ سهڻا ڪرڻ جي لاءِ انهن تي اڳ کان گھڻو ڌيان ڏئي رهي آهي. ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ ايندڙ ڪجھه مهينن تائين ڪو نئون هيئر اسٽائل نه ٺهرائيندي پر پنهنجن وارن کي ڊگھو ڪرڻ جي لاءِ مختلف ٽوٽڪا آزمائي رهي آهي. خبر پئي آهي ته هيءُ سڀ ڪم هوءَ پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي لاءِ ڪري رهي آهي، جنهن جي شوٽنگ ايندڙ آگسٽ ۾ شروع ٿيڻي آهي

 

گووندا جي ڌيءُ ٽينا آهوجا پنهنجي پهرين فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ گپي گريوال سان گڏ نظر ايندي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار گووندا جي ڌيءُ ٽينا آهوجا پنهنجي پهرين فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ پنجابي ڳائڻي ۽ اداڪار گپي گريوال سان گڏ نظر ايندي، گريوال فلمن ۾ پنهنجي گيت ”انگريزي هيٽ“ سان مشهور ٿيو هو، ٽينا جي ان فلم جو ٽريلر به ڪجھه ڏينهن ۾ رليز ڪيو ويندو. گووندا جي ڌيءُ هجڻ جي ڪري ٽينا جي ان فلم کي بالي ووڊ ۾ پروموٽ ڪرڻ وارا ڪيترائي ماڻهو آهن ۽ هاڻي ان ۾ نئون نالو ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ سڏرائيندڙ عامر خان جو به شامل ٿي ويو آهي. عامر خان نون اداڪارن لاءِ ٽوئٽر تي خاص ٽوئيٽ به ڪيا. هن لکيو ته گپي ۽ ٽينا کي هندي سئنيما ۾ پنهنجي پهرين فلم جي لاءِ گھڻيون نيڪ خواهشون. ٽينا چاهي ٿي ته 3 جولاءِ تي رليز ٿيندڙ سندس فلم عامر خان کي پسند اچي، هن چيو ته عامر خان جو هڪ ميسيج به تمام وڏي ڳالهه آهي، هاڻي اميد آهي ته اسان سندس اميدن تي پورا لهنداسين. ٻئي طرف گپيءَ به عامر خان جي ٽوئيٽ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته عامر منهنجي لاءِ احترام لائق آهي. هُن پاران ٽوئيٽ ڪرڻ سندس وڏي دل جو ثبوت آهي. فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ بالي ووڊ جو مشهور اداڪار ڌرمينڌر، پنهنجي زماني جي مسهور اداڪارا رت اگني هوتريءَ کان سواءِ گيتا بسرا جھڙا فنڪار به موجود آهن.

 

مون فلم ”دريشام“ ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي: تبو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا تبوءَ چيو آهي ته پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار سولو ناهي هوندو. پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته مون فلم ”دريشام“ ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪردار ايترو سولو نه هو، هن چيو ته بالي ووڊ ۾ هيروئنن کي پهريان اهڙي قسم جا ڪردار نه ملندا هئا، پر هاڻي بالي ووڊ ۾ هيروئون به مضبوط ڪردارن ۾ نظر اچي رهيون آهن، هن چيو ته مان نه ٿي ڄاڻان ته ماڻهون مون کان ڪيستائين شاديءَ بابت پڇندا رهندا ، ماڻهن کي منهنجي شاديءَ جو وڏو فڪر لڳل  آهي، تبوءَ چيو ته مان عام زندگيءَ ۾ تمام گھڻي شرميلي آهيان، پر فلمن جو پروموشن سٺي طريقي سان ڪري ويندي آهيان. تبوءَ چيو ته هڪ ٻئي پويان فلمون سائڻ ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي، فلمي مصروفيتن جي ڪري ئي مان پنهنجي تعليم مڪمل ناهيان ڪري سگھي، مون فلمن يا عام زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ کان هَٽي فيشن ناهي ڪيو، شخصيت موجب فيشن ڪندي آهيان.

 

سريلنڪا خلاف ڪولمبو ٽيسٽ دوران اهم بيٽسمينن جي آئوٽ ٿي وڃڻ ڪري اسان ميچ ۾ واپس نه اچي سگھياسين: مصباح الحق

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ڪولمبو ٽيسٽ دوران اهم بيٽسمينن جي آئوٽ ٿي وڃڻ ڪري اسان ميچ ۾ واپس نه اچي سگھياسين. هن چيو ته اسان سٺو کيڏي رهيا هئاسين پر سريلڪن بالرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان ناڪام وياسين. ڪولمبو ٽيسٽ ۾ شڪست کان پوءِ ڪپتان مصباح الحق ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ميچ ۾ وڪيٽ ڏسي وهاب رياض جي جاءِ تي ڪنهن بالر جي چونڊ ڪنداسين، انهن بالرن ۾ راحت علي به هڪ آپشن آهي. مصباح چيو ته ياسر شاهه ۽ اظهر علي ٽيم لاءِ بهترين پرفارم ڪيو آهي، ٻنهي رانديگرن هر ميچ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ سان پنهنجي چونڊ جي صحيح ثابت ڪيو آهي. هن چيو ياسر ۽ اظهر علي هر ميچ ۾ بهتر کان بهتر پرفارم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مون کي اميد آهي ته اڳتي به انهن ٻنهي رانديگرن سميت سموري ٽيم سٺو پرفارم ڪندي، مصباح الحق چيو ته اسان جون نظرون ايندڙ ٽيسٽ ميچ تي آهن، پوئين ڪارڪردگي ۽ شڪست کي وساري اڳتي وڌڻو پوندو.

 

ياسر شاهه ٽاپ 10 بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪولمبو ۾ سريلنڪا خلاف کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ بهترين بالنگ ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالرن ٽيسٽ ريڪنگ ۾ ٽاپ 10 بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. آءِ سي سيءَ طرفان جاري ڪيل تازي رينڪنگ موجب ياسر شاهه بهترين بالنگ جي ڪري پنج درجا ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻي هو ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن کان سواءِ پاڪستاني بيٽسمين اظهر علي جي رينڪنگ ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ اظهر علي به آءِ سي سيءَ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 12 هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته يونس خان ٽي درجا هيٺ ٿيڻ کان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 8 نمبر تي اچي ويو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ گڏيل طور ڇهين نمبر تي موجود آهي.

 

رانديگرن ۾ انجرين جي ڪري سريلنڪا خلاف ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان دير جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) رانديگرن ۾ انجرين جي ڪري سريلنڪا خلاف ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان دير جو شڪار آهي. آخري شڪل ڏيڻ ۾ وڌيڪ ٻِن کان ٽي ڏينهن لڳي ويندا. راحت علي ۽ محمد عرفان جي فٽنس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي ون ڊي اسڪواڊ ۾ ٻنهي رانديگرن جي شموليت جو آخري فيصلو ڪيو ويندو. سريلنڪا خلاف ٻيون ٽيسٽ ميچ ختم ٿي ويو پر ٽِن ڏينهن جي صلاحن باوجود ون ڊي اسڪواڊ کي آخري شڪل نه ڏني وئي، سليڪٽرن ڪالهه به ڪوچ وقار يونس ۽ ون ڊي ڪپتان اظهر علي سان فون تي صلاحون ڪيون. ذريعن موجب اسڪواڊ کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ ٻِن کان ٽي ڏينهن لڳي سگھن ٿا، جنهن جو سبب ڪجھه رانديگرن جي فنٽس کي جاچڻ آهي. راحت علي سريلنڪا ۾ موجود آهي پر سندس فٽنس کي ڏسي ٽيم مئنيجمينٽ سليڪشن ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي جڏهن ته محمد عرفان کي به نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ پرکيو پيو وڃي. فاسٽ بالر وهاب رياض ڪالهه رات واپس ڏيهه پهتو آهي ۽ سڀني جي فٽنس رپورٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي ون ڊي اسڪواڊ کي آخري شڪل ڏني ويندي.

 

آءِ سي سيءَ ۾ ڀارتي هِڪ هٽي سڀني کي نظر اچي رهي آهي: احسان ماني

لاهور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ترميمي قانونن تي اڳوڻي ڪائونسل صدر احسان مانيءَ سخت تنقيد ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته ڀارتي بورڊ جو جادو ڳالهائي رهيو آهي. ”يه ڪرڪيٽ ديوانگي“ ۾ ڳالهائيندي احسان مانيءَ چيو ته آءِ سي سيءَ ۾ ڀارتي هِڪ هٽي سڀني کي نظر اچي رهي آهي. ٻه ملڪي سيريز ۾ ڊي آر ايس کي ٻنهي بوردن جي مرضيءَ سان مشروط ڪرڻ آسٽريليا ۽ انگلينڊ سميت ٻين ملڪن جي ڪمزوري آهي. ڪولمبو ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ لنڪن بيٽسمين سلواڪا آئوٽ نه ڏيڻ تي امپائرن ۽ ميچ ريفريءَ جي زباني معافيءَ تي به احسان مانيءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. آءِ سي سيءَ جي اڳوڻي صدر چيو ته ڪنهن به بورڊ ۾ جرئت ناهي ته آءِ سي سيءَ کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي. آءِ سي سيءَ چوڻ لاءِ ته ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آهي، پر تازين ترميمن سميت ڪيترن ئي فيصلن سان ثابت ٿي ويو آهي هر جڳهه تي ڀارتي هِڪ هَٽي آهي جنهن جي تصديق احسان ماني به ڪري چڪو آهي