تازيون خبرون

Monthly Archives: June 2015

ايم ڪيو ايم کي زنده رهڻو آهي ته عسڪري ونگ ختم ڪري: شيخ رشيد

لاهور(م.ڊ) ايم ڪيو ايم کي زنده رهڻو آهي ته عسڪري ونگ ختم ڪري، اهڙيون ڳالهيون عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون، هن چيو ته آصف زرداري جي چوڌاري گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، سويون ماڻهن جي فوت ٿيڻ باوجود وزير اعظم ڪراچي جو دورو ناهي ڪيو، هن چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي جو مخالف آهيان، موجوده حالتن جي ذميوار حڪومت آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ڪو به سياسي مستقبل ناهي، هاڻوڪي سياست پيسا ڦينڪ تماشا دي جي آهي.

 

فيصل آباد ۾ زال مڙس سان جهيڙي بعد 2 ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (اين اين آءِ) فيصل آباد ۾ ماءُ پنهنجن هٿن سان پنهنجي جنت ختم ڪري ڇڏي، مڙس سان جهيڙي کانپوءِ 2 ٻارڙن کي ڇري سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي واسين ڏوهاري عورت کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، فيصل آباد جي ٿاڻي دجڪوٽ جي حد ۾ هڪ ماءُ سنگدلي جي انتها ڪندي پنهنجي 2 ٻارڙن کي گهرو اڻبڻت کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو، سلمان جو پنهنجي مڙس سان جهيڙو ٿيو ته هو ڪاوڙجي اچي مائٽن ۾ ويٺي هئي، گذريل رات ٽيليفون تي ٻيهر جهيڙو ڪرڻ تي سلمان پنهنجي ٻن ٻارڙن ڇهن ورهين جي مافيا ۽ 5 سالن جي شبير کي ڪهاڙين جا وار ڪري هميشه لاءِ ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو، سنگ دل ماءُ کي علائقي واسين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻنهي زال مڙسن جو پاڻ ۾ جهيڙو روز جو معمول بڻيل هوندو هو، پوليس مطابق ڏوهاري عورت سلمان جي مڙس سان رابطو ٿي ويو آهي جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 23 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان (اين اين آءِ) اتر وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هوائي ڪاررواين ۾ پرڏيهين سميت 23 دهشتگرد مارجي ويا، وڏي تعداد ۾ اصلحو به تباهه ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر مطابق آچر تي ڪيل ڪارروائي ۾ خيبر ايجنسي ۾ وڏي تعداد ۾ اصلحو تباهه ڪيو ويو، ٻڌايو ويو آهي ته آپريشنضرب عضب جي سلسلي ۾ اتر وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي جي پاڪ افغان سرحد ويجهو فضائي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي به مارجي ويا.

 

چارلي چيپلين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهيان: وڌيا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هو چارلي چيپلين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهي. بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته سندس پسنديده ڪردار چارلي چيپلين آهي ۽ سندس پراڻي خواهش آهي ته کيس ڪنهن فلم ۾ اهو ڪردار نڀائڻ جو موقعو ملي. هن چيو ته چارلي چيپلين هڪ مثالي ڪردار آهي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه اعزاز کان گھٽ نه هوندي ته جيڪڏهن مون کي سندس ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي. اداڪارا جي نئين رليز ٿيندڙ فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ آهي، جنهن ۾سندس مقابلي ڀارتي چاڪليٽي هيرو عمران هاشمي آهي. ”هماري اڌوري ڪهاني“وچولي درجي جي بزنس ڪيو آهي

 

فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ٻين فلمن جي مقابلي تمام گھڻي موٽ ميڙي ورتي

دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ورن ڌون ۽ اداڪارا شرڌا ڪپور جي نيئن رليز ٿيندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ٻين فلمن جي مقابلي تمام گھڻي موٽ ميڙي رهي آهي، ٻنهي فنڪارن جي جوڙي هر هنڌ ڪاميابيءَ جا جڻڊا کوڙي رهي آهي. فلم ۾ ڊانس ۽ موسيقي سميت بهترين نموني 3 ڊي ٽيڪنالوجيءَ جو استعمال به ڪيو ويو آهي. ”اي بي سي ڊي-2“ جي ٽڪيٽن جي وڪري ۾ به نوان رڪارڊ جوڙي رهي آهي، ”ايني باڊي ڪين ڊانس-2“ تازو ئي بالي ووڊ جي ”ڪوئين“ اداڪارا ڪنگنا رناوت ۽ مڌون جي فلم ”تَنو ويڊز مَنو ريٽرنز“ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ان کان باڪس آفيس تي گوءِ کڻي وئي آهي. ”اي بي سي ڊي-2“ ڪنگنا جي ”تَنو ويڊز مَنو ريٽرنز“ جا اڳيان پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙيندي 100 ڪروڙ  مارڪ ڪراس ڪري ورتو آهي

 

فلم ديوانه کان پوءِ شاهه رخ خان سئنيمائن جي پردي تي ڇائنجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) اها ڳالهه 23 سال پراڻي آهي، ”ديوانه“ نالي فلم رليز ٿي هئي، ڪٿان ان جي وڊيو ڪيسيٽ ملي وئي هئي، جيڪا وي سي آر ۾ ماڻهو ان وقت هلائي ڏسندا هئا. ٻارن سان ڀريل اسان جي اسڪول جي بس پنجاب کان دهليءَ جي ٽوئر تي هئي. ڊگھي سفر جو ٿڪ ۽ بوريت جي ڪري بس ۾ فلم ”ديوانه“ لڳائي وئي. فلم هلڻ جي ڪجھه وقت تائين ڪجھه خاص هلچل نه هئي، ڪجھه ماڻو ان وقت تائين اڌ ننڊ ۾ هئا ۽ پوءِ اوچتو اسڪرين تي هڪ نئين هيرو جي انٽري ٿي. اسڪرين تي گيت وڄڻ شروع ٿيندو آهي ”ڪوئي نه ڪوئي چاهيي، پيار ڪرني والا“ اوچتو سموري بس ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ ڊوڙي ويو ۽ ايئن لڳو ڄڻ فلم هاڻي شروع ٿي هجي. وڏا ڪپڙا پاتل اسڪرين تي نظر ايندڙ اهو سنهڙو سيپڪڙو هيرو هو. ڏسندڙ ان کي فوجي جھِڙي ڊرامي جي ڪري ڄاڻڻدا هئا، پر گھڻا ماڻهو ان کان اڻ واقف هئا. ڏسندي ئي ڏسندي اهو فلم جي جان بڻجي ويو، نالو هئس شاهه رخ خان، هيءَ سنه 1992ع جي ڳالهه آهي. ٽيون خان: هيءَ رڳو شروعات هئي، ان کان پوءِ ته بس ان کان پوءِ ته هڪ ٻئي پويان شاهه رخ خان سئنيمائن جي پردي تي ڇائنجي ويو، عامر خان ۽ سلمان خان کان پوءِ فلم انڊسٽريءَ کي ٽيون خان ملي ويو ۽ شاهه رخ باقي ٻنهي خانن سان گڏجي اڄ تائين فلم انڊسٽريءَ تي ”راڄ“ ڪري رهيو آهي. اڄ فلم ”ديوانه“ جي 23 سال پورا ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي به شاهه رخ خان ڇانيل آهي. 23GoldenYersOfSRK# جي نالي سان ٽرينڊ به هلي رهيو آهي. ديوانه ۾ شاهه رخ خان سان ڪم ڪندڙ رشي ڪپور ٽوئيٽ ڪيو ته ”اڄوڪي ڏينهن 1992ع تي ديوانه رليز ٿي هئي، تڏهن کان 23 سال ٿي چڪا آهن، ديويا ڀارتي، ديوين ورما، امريش پوري ۽ راج ڪنور کي ياد ڪري رهيو آهيان.”ديوانه کي هدايتڪار راج ڪنور ڊائريڪٽ ڪيو هو، هيروئن دويا ڀارتي هئي، ولن امريش پوري ۽ ٻيا سڀئي فوت ٿي ويا آهن. 23 سالن جي ان سفر ۾ شاهه رخ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ ڪروڙين مداح ٺاهيا، هيرو طور شاهه رخ پهريون ڀيرو ديوانه ۾ نظر آيو هو. جيتوڻيڪ ان کان پهريان 1989ع ۾ سندس هڪ ننڍي جھلڪ فلم ”ان وچ ايني گيوز اٽ ٿوز ونس“ ۾ نظر آئي هئي جنهن ۾ ارون ڌتي راءِ ڪم ڪيو هو، پر شاهه رخ خان هڪ اڌ سين ۾ نظر آيو هو. پهرين فلم کان پوءِ سندس مشهوري وڌندي وئي. جيڪا اڄ تائين جاري و ساري آهي.

 

دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي فلم ۾ پاتل ”جھالا“ پاڻ وٽ نشانيءَ طور رکڻ جي خاص فرمائش ڪري ڇڏي

دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي تازو رليز ٿيل نئين فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي خاص فرمائش ڪري ڇڏي آهي. بالي ووڊ ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي فلم ۾ پاتل ”جھالا“ پاڻ وٽ نشانيءَ طور رکڻ جي خاص فرمائش ڪئي آهي. ادڪارا جو چوڻ هو ته ”پيڪو“ سندس ڪيريئر جي اهم ترين فلمن مان هڪ آهي، جنهن ۾ هن يادگار ترين ڪردار نڀايو آهي ۽ هوءَ ان فلم ۾ پاتل واليون پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي، جيئن فلم جون يادگيريون سالن تائين سندس لاءِ تازيون رهن. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪار اميتاڀ بچن ۽ عرفان خان پڻ شامل آهن.

 

ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جو ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم يا انگلينڊ سان مقابلي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جو ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم يا انگلينڊ سان مقابلي جي امڪان آهي. 3 ميچون کيڏڻ کان پوءِ سايون شرٽون گروپ اي ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهن، کين آچر تي آخري گروپ ميچ ۾ فرانس سان منهن ڏيڻو پوندو. ان مقابلي ۾ فتح کان پوءِ به ٽيم جي پول پوزيشن تي ڪو فرق نه پوندو. پر هارائڻ کان پوءِ هو گروپ ۾ چوٿين نمبر تي وڃي سگھن ٿا. ٻئي طرف گروپ ۾ هِن وقت ملائيشين شائيڊ ٻئي ميڇون کٽي سڀ کان اڳتي آهي جڏهن ته انگلينڊ جو ٻيون ۽ بيلجيم جو ٽيون نمبر آهي. ياد رهي ته ڪوارٽر فائنلز ۾ گروپ اي جي ٽاپ ٽيم جو مقابلو بي جي آخري پوزيشن تي رهندڙ سائيڊ سان ٿيندو. اي جي ٻئي ٽيم بي جي ٽين ۽ بي جي ٻين سائينڊ اي جي ٽين ٽيم سان ٽڪرائجندي. گروپ بي جي ٽاپ ٽيم گروپ اي جي چوٿين نمبر تي رهندڙ سائيڊ سان مقابلو ڪندي.

 

ارجنٽينا ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

تياگو (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. دلچسپ ميچ جو فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ٿيو. راند جي ٻئي هاف ۾ ڊي ماريه کي ڪارنر مليو پر ان يقيني گول کي ڪولمبيا جي گول ڪيپر بچائي ورتو. مقرر وقت تائين مقابلو ڪنهن گول کان سواءِ برابر رهيو، ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پينالٽي ڪڪس ڏنيون ويون. ڪولمبيا جي جيسن موريلو پينالٽي زيان ڪري ڇڏي. جڏهن ته ارجنٽينا جي ڪارلوس تيويز گول ڪري ٽيم کي سيمي فائنل ۾ ڌڪي ڇڏيو. سيمي فائنل ۾ ارجنٽينا جو مقابلو برازيل ۽ پيرا گوئي وچ ۾ ميچ جي فاتح ٽيم سان ٿيندو.

 

ميچون دير سان شيڊول ڪيون وڃن:اعصام الحق پاران ومبلڊن انتظاميا کي درخواست

(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق گوڏي جي انجري جو  شڪار ٿي ويو آهي. جنهن سبب سندس ومبلڊن چيمپيئن شپ ۾ شرڪت غير يقيني ٿي وئي آهي. اعصام الحق ناٽنگهم اوپن دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو. جنهن سبب کيس ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل تان هٿ کڻڻو پئجي ويو هو. اعصام الحق جي شروعاتي ٽيسٽ ۾ ڪنهن وڏي انجريءَ جو خطرو ته ٽري ويو آهي، پر اڃا به ڪجهه ٽيسٽون باقي اٿس، جنهن کان پوءِ ئي سندس ومبلڊن چيمپئين شپ ۾ شرڪت جو آخري فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب اعصام الحق ومبلڊن انتظاميا کي درخواست ڪئي آهي ته سندس ميچون دير سان شيڊول ڪيون وڃن، جيئن ميچن کان پهريان سندس فٽنس بحال ٿي سگهي.