تازيون خبرون

Daily Archives: June 27, 2015

گرميءَ سبب فوت ٿيندڙن جو وڌندڙ انگ ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري..؟

 

ڪراچي ۾ گرمي سبب وڌيڪ 42ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي. اسپتالن سميت مختلف هنڌن تي ڪئمپون لڳايون ويون. مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ گرمي جو زور گذريل ڏينهن گهٽ رهيو، پر ان باوجود ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو جاري رهيو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب گرمي ۽ ٻوسٽ سبب 42شهري موت جي منهن ۾ هليا ويا، گذريل ڏينهن ڪراچي جي  سول اسپتال ۾ 5، بلديه عظميٰ  جي اسپتالن ۾ 13، آغا خان اسپتال ۾ 4 ۽ انڊس اسپتال ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو. جناح اسپتال جي ترجمان موجب گذريل رات کان وٺي 15ڄڻا دم ڏئي چڪا آهن. ٻي طرف گرمي جي ماريلن کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ فوج رينجرس، پوليس ۽ سياسي جماعتن ڪئمپون لڳايون آهن. ٻي طرف وقت سر پيارن کي طبي امداد نه ملڻ سبب شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش آيون. هوڏانهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان گذريل ڏينهن وڏي پروٽوڪول ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد سان جناح اسپتال جي دوري تي پهتو. ان موقعي تي عمران جي پروٽوڪول سبب اسپتالن ٻاهريان  گرمي سٽيل مريضن سان ڀريل ايمبولنسن جون قطارون لڳي ويون ۽ مريضن کي طبي امداد ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. ايڌي سرد خاني جي ترجمان موجب گرمين سبب 800 لاش پهتا. ڪراچي ۾ جناح اسپتال ۾ 329 ماڻهو گرمي سبب فوت ٿيا. ڪي ايم سي جي اسپتالن ۾ 213 ماڻهو مرڻ جي تصديق ٿي. عباسي شهيد اسپتال ۾ 164، سول اسپتال ڪراچي ۾ 123، لياقت نيشنل اسپتال ۾ 73، دل جي اداري ۾ 51، ٻارن جي صحت واري اداري ۾ 12 ۽ ٻين خانگي اسپتالن ۾ 175 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جنهن سان صرف ڪراچي ۾ انگ 1140 پهچي ويو. ٻئي طرف ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن پڻ ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ 48 ٿي ويو آهي. فوتين ۾ 9 مهينن جي حاجران، 80 ورهين جي عائشه، شعيب، سيد محمود علي، بچل، 26 سالن جو اسحاق ۽ نصرت حيات شامل آهن. نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ داخل نواب ولي محمد جو رهواسي عبدالمجيد ڪلهوڙو فوت ٿي ويو جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو آهي. کڏڙي ۾ سخت گرمي سبب ڪالهه وڌيڪ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 6 بيهوش ٿي ويا. فوتين ۾ وارڊ هڪ جا رهواسي عبدالرئوف آرائين، 80 ورهين جي لال خاتون ۽ 15 ورهين جي نينگري شامل آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جسم مان پاڻياٺ جي  گهٽتائي سبب ماڻهو آسانيءَ سان لـُڪ جو شڪار ٿي وڃن ٿا، تنهنڪري عوام گرم موسم ۾ بنا ڪنهن سبب جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ پاڻي سان هر هر منهن کي ڌوئين. ڊاڪٽرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت وڌ کان وڌ پاڻي استعمال ڪيو وڃي ۽ سخت گرمي ۾ کائڻ ۾ چانهه، ڪافي ۽ سوڊا جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.ڀٽ شاهه لڳ غلام محمد لغاري جو بخش علي لغاري فوت ٿي ويو. ٿرڙي محبت لڳ مسو جلباڻي ۾ معشوق چنجڻي جي معصوم ڌيءُ مومل گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. مانجهند ۾ 50 ورهين جو اڪبر کوسو فوت ٿي ويو. فريد آباد لڳ ڳوٺ سانول ڪرٽيو ۾ شاهده ڌيءُ بچل ڪرٽيو فوت ٿي وئي. ننگرپارڪر ۾ 3 ٻارڙيون ۽ هڪ ٻار فوت ٿي ويا. جهول ۾ منور ٽالپر فوت ٿي ويو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته عوام جي جان بچائڻ لاءِ ڪي سخت اقدام ڪري ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ته عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي.

 

منشيات خلاف عالمي ڏهاڙو؛مهرين بلوچ

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته منشيات عالمي سطح تي عوام الناس کي پنهنجي وڪڙ ۾ ورتو آهي، پر ايشيا ۽ خاص ڪري پاڪستان انهيءَ برائي جي وڏي گهيري ۾ ورتل آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ منشيات جهڙي لعنت وڌيڪ زور وٺندي پئي وڃي. منشيات بابت هڪ ايشين اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان منشيات جي استعمال ۾ هن وقت پوري ايشيا ۾ پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان منشيات جي نه رڳو واهپي پر اسمگلنگ ۾ به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اڳڀرو آهي. رپورٽ موجب 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان هيروئن جي موجودگي جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ طور سڃاتو ويندو هو. 90ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪ-افغان بارڊر ذريعي ملڪ ۾ افغانين جي آمدرفت سبب پڻ انهيءَ ڪاروبار کي هٿي ملي. پاڪستان ۾ منشيات بابت سروي ڪندڙ هڪ اداري موجب پاڪستان هيروئن سان گڏ آفيم جي ڪاروبار ۽ واهپي ۾ پڻ ٻين ملڪن کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. رپورٽ جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ساليانو 50 ٽن آفيم واپرائجي ٿو جنهن جو 80 سيڪڙو افغانستان سميت پاڙيسري ملڪن مان گهرايو وڃي ٿو. پاڪستان جي مارڪيٽ لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ کرب رپين جي منشيات ساليانو پيدا ٿيندي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 1980ع ڌاري ڪُل آبادي جو 7 سيڪڙو نوجوان نشو واپرائيندا هئا، جيڪو 20 سالن اندر حيرت انگيز واڌ سان 60 سيڪڙو تائين وڃي پهتو آهي. پاڪستان ۾ منشيات جي واهپي ۾ واڌ جو سبب غربت، بيروزگاري، جهالت ۽ ڪرپشن جهڙا عنصر بيقابو هجڻ ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ منشيات استعمال ڪندڙ نوجوانن جي اڪثريت به غريب ۽ هيٺين طبقي سان تعلق رکي ٿي. اڪثر ٿيندو ئي آهي جو ماحول ۽ حالتن کي منهن نه ڏئي سگهندڙ ئي نشو واپرائڻ تي مجبور ٿيندا آهن ۽ پوءِ اُهي پنهنجي پهچ کان به وڌيڪ نشي واريون شيون خريد ڪري استعمال ڪندا رهندا آهن. پاڪستان يا ان ۾ سنڌ ۾ منشيات جي واهپي جو ذڪر ڪجي ته ٽيِن ايجر يعني 13 سالن کان 45 سالن جي ڄمار جا ماڻهو وڌ کان وڌ نشو واپرائيندا آهن، جڏهن ته 45 کان 60 سالن تائين جي ڄمار جا ماڻهو ان جي اڌ حصي جيترو نشو ڪندا آهن. نشو واپرائيندڙن ۾ نه رڳو مرد پر عورتن جو به وڏو انگ ملوث ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ نئين ٽهي جون عورتون حُقو، مين پڙيون ۽ گورين سميت ٻين نشي وارين شين جون عادي ٿينديون پيون وڃن. اهڙي ريت سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، هر وستي، توڙي واهڻ واهڻ ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ منشيات پکڙجي چڪي آهي. جنهن سبب نوجوان طبقو منشيات جهڙي لعنت ۾ ڦاسندو پيو وڃي، سگريٽ، مين پڙي، گٽڪو، پان سميت هيروئن، آفيم، چرس ۽ شراب کُلي عام وڪرو ٿئي ٿو ۽ نوجوانن جو وڏو انگ استعمال ڪري رهيو آهي پر حڪومت طرفان نشي کي روڪڻ لاءِ ڪي به اُپاءَ نه ورتا ويا آهن، حڪومت تمباڪو نوشي کي روڪڻ لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تي پڻ هن مهل تائين عمل نه ڪرائي سگهي. اسان جو نوجوان طبقو جيڪو مين پڙي، گٽڪو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جي کائڻ سان نوجوانن ۾ وات ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جهڙيون خطرناڪ بيماريون پيدا ٿين پيون، پر ٻئي پاسي ان جي روڪٿام لاءِ ڪي به اُپاءَ ناهن. اسان جي سنڌ ڌرتي تي منشيات جو استعمال هاڻي عام ڳالهه بڻجي ويو آهي، جنهن جو استعمال اڪثر اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ عروج تي اچي ويو آهي ۽ نوجوان نسل بغير ڊڄ ڊپ جي انهن خطرناڪ شين واهپي ۾ ملوث ٿيندو پيو وڃي. اهي نوجوان جيڪي منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن جن جو مستقبل هن وقت داءُ تي لڳل آهي. اهي منشيات جا عادي نوجوان پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ گهرن، دڪانن مان چوري، ڦرون ۽ ڌاڙن جهڙا ڏوهه ڪرڻ لاءِ پڻ ميدان ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. انهن سمورين براين جو اصل ڪارڻ ڏسجي ته اُهو آهي سنڌ ۾ تعليم جي کوٽ. جيستائين سنڌ ۾ تعليم عام نه هوندي ۽ مستقبل لاءِ بهتر رهنمائي جا منصوبا نه هوندا تيستائين انهن ڏوهن واري دنيا مان نوجوان نسل کي نٿو ڪڍي سگهجي. ان کان علاوه بيروزگاري ختم ڪري منشيات جي واهپي کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ۽ مستقبل کان گمراهه نوجوان ئي نشي ڏانهن وڌن ٿا. منشيات نه رڳو نوجوان نسل پر ائين کڻي چئجي ته انسانيت جي دشمن آهي، اهو ڪو علائقائي ملڪي نه پر عالمي مسئلو آهي، ساليانو لکين جانيون ۽ لکين گهر تباهه ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به ٿيندا پيا وڃن. اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ جي خاطر پاڻ ايترا مصرف ٿي ويندا آهن، جو ٻارن کي وقت نه ڏئي سگهندا آهن ۽ اولاد کي پنهنجي نگراني کان پري رکڻ سبب ئي نئون نسل نشي ڏانهن وڌندو آهي. منشيات جهڙا انسان دشمن منصوبن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪي منصوبا جوڙڻ گهرجن ته جئين اهڙين براين جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.

هو پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي عام ماڻهو وانگر زندگي گذاري سگهن، منشيات جي عادي ماڻهن کي بهترين ماحول ڏيڻ لاءِ پارڪن ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي ته جيئن انهن جو ذهن تبديل ٿي سگهي، والدين ۽ آس پاس جي ماڻهن کي گهرجي ته انهن سان پيار سان ڳالهين ۽ انهن جي ننڍي ننڍي غلطين کي درگذر ڪن ته جيئن انهن کي سٺو محسوس ٿئي. نوجوان مان نشو ختم ڪرڻ لاءِ انهن کي خاندان جي سٺن ۽ ڪامياب ماڻهن جو مثال ڏئي سمجهايو ته جيئن هُو به پاڻ کي بهتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪن. جڏهن ته والدين کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن جي جلد شادي نه ڪرائين ته جيئن هُو ٻئي جي زندگي به برباد نه ڪري سگهي. اسان سڀني جو فرض آهي ته آس پاس ۾ جيڪي به منشيات جا اڏا يا نشي آور شيون هجن انهن خلاف قانون کي آگاهه ڪيو ته جئين انهن کي پاڙ مان پٽي ٻاهر ڪڍي اڇلائجي سگهجي، ائين ڪرڻ سان هڪ علائقو نه پر پوري ملڪ مان انهي بُرائي کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

حڪومت سان گڏوگڏ عام ماڻهو کي به ان بُرائين کي ختم ڪرڻ لاءِ فرض سمجهي پنهنجي پنهنجي علائقي مان ننڍن ننڍن بُرائين کي ختم ڪرڻ شروع ڪن ته جيئن اُهي بُرايون اڳيان نه وڌي سگهن، انهن ماڻهن کي پر سُڪون ماحول جي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن انهن کي پر سُڪون ماحول ڏنو وڃي ته هُو جلد کان جلد عام ماڻهو جيان زندگي گذارڻ شروع ڪندا. حڪومت کي گهرجي ته بُرائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمپلين سينٽر قائم ڪيا وڃن. منشيات جي واهپي جون، جتي شڪايتون ملن ته جئين انهن علائقن ۾ ڪارروائي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته منشيات جو خاتمو بنيادي طور تي رياست جي ذميواري هجي ٿو ۽ جڏهن رياست ذميواري پوري نه ڪندي ته پوءِ ائين منشيات جي واپرائڻ ۾ واڌارو ٿيندو رهندو ۽ نسلن جا نسل تباهه ۽ برباد ٿي ويندا جنهن لاءِ اسان سڀني جو فرض آهي ته منشيات جي خاتمي لاءِ گڏيل طور ڪوششون وٺون.

 

گرميءَ وگھي مرندڙ انسان ۽ طرز حڪمراني!؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

زندگي ڌڻيءَ طرفان مليل انيڪ نعمتن مان هڪ نعمت آهي ۽ هر انسان هن زندگي کي بهتر کان بهتر ۽ مڪمل آسائشن سميت گذارڻ چاهي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪ جا ماڻهو اهڙي ئي پُرسڪون زندگي  گذاري رهيا آهن. ڇو ته انهن ملڪن جا حڪمران عوامي خدمت لاءِ پاڻ ارپڻ جو جذبو رکن ٿا ۽ ملڪ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڀلائيءَ کي ئي پنھنجو فرض سمجهن ٿا. ۽ ان سان گڏ عوام به پنهنجا فرض خوب نڀائي ٿو. شايد ان ڪري ئي اُهي ملڪ ڏينهون ڏينهن آسمان ڇُهي رهيا آهن. ٻي طرف اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن جي نااھلي ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري ھتان جو عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم آھي؛ جنھن جا ٻيا ته ڪيترائي ڪارڻ آھن پر ھن ملڪ جو وڏو الميو اھو به آھي ته ھتي سياسي ڇڪتاڻ سبب اقتداري ڌريون عوامي خدمت بجاءِ ھر وقت پنھنجي اقتدار کي بچائڻ ۾ پوريون ھجن ٿيون ۽ عوام سان ڪوڙ ڳالھائڻ، دوکا ڪرڻ ۽ حقيقي معلومات جي بنيادي حق کان محروم رکڻ، ھن ملڪ جي مخصوص اقتداري طبقي جو نه رڳو ڪلچر بڻجي ويو آھي پر اھڙي قسم جي غير اخلاقي روشِ رياست جا بنياد ئي کوکلا ڪري ڇڏيا آھن. هونئن ته ھيءُ ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۽ سنگين بحرانن جو شڪار آهي پر اڄڪلهه ھيءُ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ بجليءَ جي شديد لوڊ شيڊنگ ۽ ماحول ۾ آيل بدترين تبديلين جي ڪري جنهن اذيتناڪ گرميءَ کي منھن ڏيئي رھي آھي، ان جو مثال ويجھي تاريخ ۾ نه ٿو ملي.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گرمي جو اچڻ ڪا نئين ڳالھ نه آھي ۽ سدائين سنڌ ۾ شديد گرمي ٿيندي رهي آھي پر تازين گرمين ۾ سوين ماڻھن جي مرڻ جا سبب صرف گرمي نه پر عوامي سھولتن جي حوالي سان حڪمرانن جي مجرماڻي غفلت يا ڪجھ حلقن طرفان سنڌ خلاف ھڪ سوچيل سمجهيل سازش جو نتيجو به سمجھي پئي وڃي، جو ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آھي ته زرداريءَ جي دور حڪومت دوران پنجاب ۾ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ھئي جڏھن ته نواز شريف جي دور حڪومت ۾ اھڙو پلاند سنڌ کان ڪيو پيو وڃي. ھن قسم جي تبصرن کان پوءِ اھا ڳالھ چٽي طرح سمجھي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ جا حڪمران سموري ملڪ جا حڪمران نه پر جنھن صوبي سان تعلق رکن ٿا، اھي دراصل ان صوبي جي ئي حڪمرانيءَ تائين محدود رھن ٿا ۽ ان قسم جي روش ھن ملڪ کي سنگين رياستي بحرانن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ صورتحال ان ھنڌ اچي دنگ ڪيو آھي جو رياست جا ادارا پنھنجون سموريون صلاحيتون وڃائي چڪا آھن ۽ ھر بحران جو حل عسڪري ادارن وٽ ئي ڳوليو ٿو وڃي. جنھن مان اھا ڳالھ چٽي طرح سمجھي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ تي اصل اقتدار صرف ئي صرف عسڪري قوتن جو ئي آھي، جو ھاڻ بجليءَ جي بحران لاءِ به عسڪري ادارا ئي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.

بجلي جو بحران نئون ان ڪري به نه آھي جو گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن کان اھا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي ته توانائي جا ڪيترا منصوبا تعمير ھيٺ آھن ۽ اھا ڳالھ ھر جماعت پنھنجي دور اقتدار دوران ڪندي رھي ٿي پر افسوس آھي جو ڪيئي سال گذرڻ کان پوءِ به نه ته ڪي منصوبا مڪمل ٿيا آھن ۽ نه ئي اھي منصوبا مڪمل ٿيندي نظر اچن ٿا جو توانائي جا منصوبا عوام لاءِ نه پر گھڻو ڪري انھن سرمائيدار حڪمرانن لاءِ ھجن ٿا جيڪي پنھنجن ڪارخانن ۽ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ نوان منصوبا لڳائين ٿا ۽ موجود وسيلن مان به گھڻي تڻي بجلي سندن ڪارخانن جي ھلڻ تي ئي خرچ ڪئي وڃي ٿي ۽ اھڙي صورتحال ۾ ظاھر آھي ته عوام کي بجلي مھيا نه پئي ڪئي وڃي، جو ھن ملڪ ۾ اقتدار عوامي خدمت نه پر پنھنجي سرمائي ۾ اضافو ڪرڻ جو نالو آھي، تنھنڪري موجوده بجلي بحران کي ان تناظر ۾ به ڏسڻ جي ضرورت آھي.

ان سموري صورتحال ۾ ڇرڪائيندڙ پهلو اھو آھي ته عوام ڪنھن وڏي تبديليءَ بجاءِ رڳو ماتم ڪرڻ ۾ پوري آھي، جنھن جو ھڪڙو اھم سبب اھو به آھي ته عوام وٽ حقيقي سياسي قيادتن جو سنگين بحران آھي ۽ سياست صرف ووٽ تائين محدود رھجي وئي آھي ۽ ڪي به عوامي انقلابي قوتون موجود نه آھن، جيڪي ھن قسم جي سنگين مسئلن تي ھڪ زبردست قسم جو ڪردار ادا ڪري سگھن. اصل ۾ ھن رياست عوامي قوتن کي به ذري گھٽ ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنھنجي پسند جي سياسي ڪردارن کي زندھ رکيو اچن ته جيئن کين رياست جي ھر معاملي ۾ شراڪت جو موقعو بنا ڪنھن خوف خطري جي ملندو رھي؛ نه ته ڀلا جيڪڏھن حقيقي عوامي قوتون ھجن ھا ته بجلي جي سنگين لوڊ شيڊنگ ۾ سوين ماڻھن جي موت تي صرف ڏي سوال وٺ جواب واري صورتحال نه ھجي ھا ۽ نه ئي ملڪي اقتدار ۾ ھن قسم جي سنگين بحران ۾ صوبائي حڪومتون وفاق ۽ وفاق وري صوبائي حڪومتن تي الزام تراشيون نه ڪن ھا، بلڪه ھي بحران پيدا ئي نه ٿئي ھا پر بدقسمتيءَ سان غير عوامي قوتن جو شروع کان وٺي ھن ملڪ جي اقتدار تي رھڻ جي ڪري اڄ خود ھي ملڪ پنھنجن تضادن جي آخري حد کي پھچي چڪو آھي.

ان سموري صورتحال ۾ جيڪڏھن سنڌ جي قومپرست سياست جو جائزو وٺجي ته اھا ڳالھ چٽي ٿي بيھي ٿي ته ھتان جي قومپرست سياست وٽ ته اڳئي عوامي ايجنڊا نه ھئي پر ھيءَ ڳالھ ڪنھن عوامي ايجنڊا بجاءِ انساني زندگين جي سنگين مسئلي سان واسطو رکي ٿي، پر سوين ماڻھن جي مري وڃڻ جھڙي سنگين مسئلي کان پوءِ به آجپي جون ڳالھيون ڪندڙ قومپرست ته خاموش آھن پر سنڌ ۾ اليڪشني قومپرستن جا چپ به ڪنھن سبي ڇڏيا آھن ۽ سڀاڻ اھي اسيمبلين ۾ وڃڻ جي خواھش رکندڙ آخر ڪھڙي منھن سان سنڌي عوام وٽ ويندا، جيڪي ھن سنگين مسئلي تي خاموش آھن.

*********