تازيون خبرون

Daily Archives: June 26, 2015

آءِ سي سي ظهيرعباس جي صدر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان پاران مقرر ڪيل اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ظهير عباس جي آءِ سي سي جي صدر طور منظوري ڏئي ڇڏي.آءِ سي سي جي آفيشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان مطابق ظهير عباس هڪ سال لاءِ آءِ سي سي جي صدر طور ذميواريون سنڀاليندو. هو آءِ سي سي جو صدر ٿيندڙ ٻيو پاڪستاني آهي، ان کان اڳ 2003ع کان 2006ع تائين احسان ماني ان عهدي تي رهي چڪو آهي. ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور اڳوڻي ڪرڪيٽر ظهير عباس 78 ٽيسٽ ۽ 62 ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ترتيبوار 5 هزار 62 ۽ 2 هزار 572 رنسون اسڪور ڪيون.

 

کپري جي رهواسڻ لالي ڪولهڻ سان انصاف ڪيو وڃي…!

 

کپري جي رهواسڻ لالي ڪولهڻ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس پيءُ مٺو ڪولهي کپري جي هڪ بااثر زميندار وٽ 50 سالن کان هارپو ڪندو هو، جيڪو 22 سال اڳ وفات ڪري ويو آهي. هن الزام مڙهيو ته پيءُ جي وفات کان پوءِ ٻن سالن تائين هوءَ ڄاڻايل زميندار وٽ ڀاءُ سومار ۽ ڀيڻ زرينه سميت هارپو ڪندي هئي ۽ ڀاءُ جي ٻئي زميندار وٽ هارپو ڪرڻ ۽ ڀيڻ جي شادي ٿيڻ کان پوءِ زميندار کيس يرغمال بڻائي مسلسل 20 سالن کان اوطاق ۾ قيد ڪري جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائيندو رهيو. هن ٻيهر الزام مڙهيو ته زميندار مان کيس 12 سالن جي پٽ گلاب، ٻن ڌيئرن 7 سالن جي سنوتا ۽ 5 سالن جي سميتا جو اولاد آهي. هن ٻڌايو ته ڄاڻايل زميندار پنهنجن پٽن (م ر ۽ ر ر) جي چوڻ تي کيس ٻن ٻارن گلاب ۽ سنوتا سميت اوطاق مان بي دخل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد کپري ۾ هوءَ ٻن ٻارن سميت هڪ مسواڙ جي گهر تي رهندي هئي. هن چيو ته ڄاڻايل مسواڙ واري گهر تي پوليس چڙهائي ڪري کيس ۽ سندس ٻارن کي  هڪ نامعلوم جڳهه تي منتقل ڪري اها ڌمڪي ڏني ته “جيڪڏهن توهان کپري تعلقي جي آس پاس به نظر آيا ته توهان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا” هن چيو ته اهڙي ڌمڪيءَ بعد هوءَ پنهنجن مائٽن جي در در تي ٺوڪرون کائيندي رهي 5 ڏينهن هڪ گهر ته 5 ڏينهن ٻئي گهر. هن انساني حقن جي تنظيمن توڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻس ٿيل ناانصافيءَ جو نوٽيس وٺي زميندار وٽ قيد سندس 5 سالن جي ڌيءَ سميتا کي آزاد ڪرائي کيس ٻارڙن سميت تحفظ ۽ انصاف مهيا ڪيو وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت توڻي اعليٰ اختياريون هن معاملي طرف ٿورو ڌيان ڏين ۽ شفاف جانچ ڪرائي ملوث ذميدار خلاف ڪارروائي ڪن ته جيئن ٻيهر اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچي سگهن.

 

سوين جانيون ضايع ٿيڻ وارو الميو ؛واحد پارس هيسباڻي

ڪراچي ۾ هي جيڪي 850 کان مٿي قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار بڻيون آهن، بظاهر ته ان پٺيان ڪارڻ گرمي آهي، پر جيڪڏهن پاڻ هن معاملي کي وسيع پس منظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي ان جو وڏو ڪارڻ حڪمرانن جي بي حسي نظر ايندي، جيڪي انهن ئي مسڪين ماڻهن کان ووٽ وٺي ٿڌن ڪمرن ۾ آرامي آهن ۽ کين سڀ ڪجهه ٺيڪ نظر اچي رهيو آهي. لوڊشيڊنگ جو عذاب هونئن ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان عوام جي ڳاٽي ۾ لڳل آهي، پر هينئر ان جي شدت جنهن انتها تي پهتي آهي، ان جو اثر اسين سڀ ڏسي رهيا آهيون. رڳو ڪراچي ۾ ئي 850 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿيا آهن، پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به موت جو هي راڪاس گهمي رهيو آهي. باڊهه ۾ ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ماڻهو، سانگهڙ ۾ 3 ماڻهو، ماتلي ۾ 3 ماڻهو، گولاڙچي ۾ 3 ماڻهو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 30 کان مٿي ماڻهو ان ئي گرمي جي سٽ نه سهندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڪيترائي اسپتال ۾ داخل آهن، جن جي علاج وارو معاملو هڪ الڳ اشو آهي، جنهن تي پوءِ اچون ٿا.

گذريل چئن ڏينهن اندر ڪراچي جي جناح اسپتال، عباسي شهيد اسپتال، سول اسپتال، ڪي ايم سي، قطر اسپتال، لياقت نيشنل اسپتال، لياري ۽ انڊس اسپتالن مان ماڻهن جا لاش نڪري چڪا آهن. جناح اسپتال جي ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته هينئر به ان اسپتال ۾ 200 کان مٿي ماڻهو انتهائي نازڪ حالت ۾ داخل ٿيل آهن. هن وقت ڪراچي جي صورتحال اها آهي ته اتان جي سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي جڳهه ناهي بچي. ايڌي سردخاني وڌيڪ لاش رکڻ کان معذرت ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ ٿيل هي سانحو معمولي ناهي، جنهن کي روايتي افسوس جي اظهار ذريعي آيو ويو ڪري ڇڏجي. هي پاڻ واري تاريخ جو انتهائي بدترين سانحو آهي، جيڪو هڪ طرف حڪمرانن جي بي حسي ۽ نااهلي کي ظاهر ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ماڻهن جي بي وسي ۽ ننڌڻڪائي کي به ظاهر ڪري رهيو آهي ته اهي ڪهڙي صورتحال ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته هي واقعو جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن سٺي حڪمراني واري ملڪ ۾ ٿئي ها ته وڏو ٿرٿلو مچي وڃي ها ۽ اتان جا حڪمران يا ته پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي اقتدار کان الڳ ٿي وڃن ها يا ملڪ ۾ اهڙي ايمرجنسي لاڳو ڪن ها جو هن مسئلي تي فوري ڪنٽرول ٿي وڃي ها. بجلي وارو مسئلو جيڪو اسان کان به گهٽ وسيلا رکندڙ ملڪن لاءِ به ڪو اشو ناهي رهيو، خبر ناهي ڇو اسان مسلسل گهلجي رهيا آهيون؟ نواز ليگ جون 3 مهينن اندر مڪمل طور تي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو دعوائون ته وڃي کڏ ۾ پيون پر عوام کي جيڪا ٿوري گهڻي بجلي ميسر هئي اها به کانئس کسجي وئي آهي. جڏهن ڇوٽي بائو جي پنهنجي پوري ڪابينا سان گڏ مينار پاڪستان وٽ انگوشا وڇائي ڌرڻو هنيو هو تڏهن 24 ڪلاڪن مان ڇهه يا ست ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ان لوڊشيڊنگ کي بنياد بڻائي پنهنجي سياست کي خوب چمڪايو ويو هو. نواز ليگ بجلي جي سياست تي پنجاب کان ووٽ ورتا، اڄ جڏهن اها لوڊشيڊنگ 24 ڪلاڪن مان 16 کان 18 ڪلاڪ ٿي چڪي آهي ۽ سراسري طور تي ماڻهن کي 8 ڪلاڪ به بجلي دستياب ڪونهي ته اڄ هنن جي اها جذباتي رڳ ڪٿي آهي؟ لوڊشيڊنگ جيڪا ڪراچي جي 850 کان مٿي معصوم شهرين کي ڳڙڪائي وئي آهي، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ بجلي تي سياست ڪندڙن ۽ مينار پاڪستان اڳيان ڌرڻو هڻندڙن کي ايتري به توفيق نه ٿي آهي ته ڪراچي ۾ اچي هنن متاثرن جي غم ۾ حصدار ٿين! وسيع ۽ عاليشان محلن ۾ رهندڙ هڪ ڏينهن ڪراچي جي کُڏين جيترن گهرن ۾ اچي ٻه ڪلاڪ ته تجرباتي طور تي رهي ڏيکارين، جتي محدود آمدني سبب 10 کان 15 ڀاتي رهن ٿا، جتي هوا جو ذرو به گذر ڪونهي! جڏهن بنا ڪنهن شيڊول جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿئي ٿي ته هنن ماڻهن جي ڇا حالت ٿئي ٿي ۽ اهي ڪيئن مڇي وانگر تڙپن ٿا، ٿورو اچي اهو مشاهدو ته ڪيو وڃي! دعوائون ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي، صلاحون ڏيڻ به ڏاڍو سولو آهي، پر زميني حقيقتون ڏاڍيون مختلف آهن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تان گرمي کان بچڻ جي اپائن ۾ اها صلاح ڏيڻ ۾ اڌ منٽ به نه ٿو لڳي ته ماڻهو گهرن ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏين، غير ضروري طور تي گهرن مان ٻاهر نه نڪرن، پر ان صلاح تي عمل ڪيترو آسان آهي، ٿورڙو ان پاسي به سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. هڪ مزدور ماڻهو جيڪو صبح کان شام تائين مزدوري ڪري ٿو تڏهن وڃي ٻه ڪلو اٽو، پاءُ گيهه، اڌ ڪلو کير، ڪلو سبزي، اڌ ڪلو کنڊ وغيره وٺڻ هن لاءِ ممڪن بڻجي ٿو، جن مان هو پنهنجي ٻچن جي ٻن ويلن جو بندوبست ڪري ٿو، هو جيڪڏهن گرمي کان بچڻ واري ان صلاح تي عمل ڪندي گهر ويهي رهي ٿو ته ان جي ٻچن کي ڪير کارائيندو؟ يا ته اهڙيون صلاحون ڏيندڙن ۾ ايتري اخلاقي جرئت هجڻ گهرجي جو اهو ان صلاح سان گڏ اهو اعلان به ڪن ته مزدور ۽ مسڪين ماڻهن کي اسان گهرن ۾ کاڌو فراهم ڪنداسين، اهي گهرن ۾ ئي رهن، پوءِ ته ٺيڪ آهي، باقي هي رويو ڏکندن کي ڏکائڻ ۽ ڪنهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ٻي اهم ڳالهه جيڪڏهن پيٽ کان وڌيڪ زندگي کي اهم سمجهي جيڪڏهن هي ’روز آڻيون ۽ روز چاڙهيون‘ وارو طبقو گهرن ۾ ئي ويهي رهي ته گهرن ۾ وري ڪهڙي بجلي موجود آهي، جنهن مان سڪون وٺي سگهجي! ڪراچي ۾ هي جيڪي 850 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن، انهن مان گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي جيڪي کُڏين نما گهرن ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. پاڻ ائين نه ٿا چئون ته ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل محل نما گهرن ۾ رهندڙ حڪمران هنن کُڏين نما گهرن ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن کي به محلن ۾ رهائين، اها ڳالهه شايد حڪمران طبقي جي ”ڊسيپلين“ جي به خلاف هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ هنن ماڻهن کي بجلي ته فراهم ڪئي وڃي. هڪڙو پکو هلائڻ ته هنن جو حق آهي، کين ان حق کان ته محروم نه ڪيو وڃي! هنن ماڻهن جي زندگي ايتري غير اهم ناهي جيتري سمجهي پئي وڃي. هنن کي به جيئڻ جو حق آهي. کانئن اهو حق ان انداز ۾ نه کسيو وڃي.

ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب ايڏو وڏو انساني الميو ٿي چڪو آهي، ٻئي پاسي بجلي وارو وفاقي وزير مشڪري مذاق واري انداز ۾ غير سنجيده ڳالهيون ڪري ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف ڏئي رهيو آهي. هن صورتحال ۾ بجاءِ عوام کي ڪا آٿت ڏيڻ جي، انهن جي تڪليف جو احساس ڪرڻ جي، اهو چوڻ ته ماڻهو بجلي جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، بجلي چوري ڪري رهيا آهن، انهن جي احساسن سان کيڏڻ برابر آهي، جيڪي ماڻهو رهي ئي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ پکي ۽ هڪ بلب جي گنجائش مس آهي اتي بجلي جو غلط استعمال ڪٿان ممڪن آهي؟ ۽ رهيو بجلي چوري جو مسئلو ته مان نه ٿو سمجهان ته بجلي وارو وفاقي وزير ان عالم آشڪار حقيقت کان اڻواقف هوندو ته بجلي چوري ڪير ڪري رهيو آهي؟ هي هڪ ڪمري ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو بجلي جي ڪهڙي چوري ڪندا؟ حيرت ان ڳالهه تي آهي ته جتي بجلي چوري ٿئي ٿي اتي خاموشي آهي، باقي مسڪين ماڻهن تان ڪاوڙ لهي نه ٿي، مهرباني ڪري هي پاليسي ۽ هي انداز تبديل ٿيڻ گهرجي. اگر حڪومت بجلي چوري روڪڻ ۾ واقعي به سنجيده آهي ته شروعات وڏين مڇين کان ٿيڻ گهرجي، جيڪي فيڪٽريون هلائين ٿا ۽ محل نما گهرن ۾ بي انداز بجلي استعمال ڪن ٿا.

بجلي جو هي بحران جيڪو انتهائي سطح تي پهچي چڪو آهي، ان کي جيڪڏهن ان ئي انداز ۾ غير سنجيده انداز ۾ نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ته اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن پاڻ وٽ بجلي ماضي جو ڪو داستان بڻجي رهجي ويندي، جيڪڏهن هن بحران جو مڪمل طور تي خاتمو في الحال هن حڪومت جي وس ۾ ناهي ته ان تي هڪ حد تائين ڪنٽرول ته ٿي سگهي ٿو، هي جيڪا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ آهي، ان جو هڪڙو ٽائيم ٽيبل ته طئي ڪري سگهجي ٿو، جيئن ماضي ۾ هو، ماڻهن کي هن انداز ۾ سزا ته نه ڏني وڃي!

ڪراچي ۾ هي جيڪي ايتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، اهو معمولي واقعو ناهي. حڪومت کي ان واقعي کي روايتي واقعن جيان نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اهڙي قسم جي ٻين واقعن جي گنجائش پيدا ٿيندي. حڪومت کي هن سخت گرمي جي موسم ۾ بجلي جي دستيابي کي وڌ کان وڌ يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جيڪي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، انهن جي وارثن جي مالي ڪفالت ڪرڻ گهرجي، اسپتالن ۾ جيڪي مريض داخل آهن، انهن جي صحيح علاج کي يقيني بڻائڻ کپي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊ قائم ڪرڻ کپن، جتي گرمي جي اثر سبب داخل ٿيندڙن کي تڪڙي ۽ معياري ٽريٽمينٽ ڏني وڃي ته جيئن انهن جي زندگي بچي سگهي.

**********

 

سنڌ ۾ سوا نيزي سج ۽ نرگسيت ۾ ورتل حڪمران!؛شوڪت لوهار

هِن وقت جنهن سج سوا نيزي تي لهي آيو آهي ۽ سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ قيامت خيز گرمي اهي. گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين سڀني علائقن ۾ تقريباً ڇهه سؤ کان مٿي ماڻهو گرمي جي باهه ۾ مري ويا آهن.

هِن وقت سورج ديوتا ڌرتي ماتا کي ٽامڻي بڻائي ڇڏيو آهي، هرطرف آهه و پڪار جاري آهي، پر اِهو سڀ ڪجهه هوندي به حڪمرانن جون ڳالهيون ائين آهن ڄڻ هي ڪو سوئيٽزرلينڊ هجي يا ڪو اهڙو خطو هجي جتي ماڻهن جون سڀ ضرورتون پوريون ٿي چڪيون هجن، رڳو ان لاءِ جهيڙو هجي ته عوام کي حڪومت طرفان ڏنل تحفي طور ڪو پيزا يا برگر دير سان ڇو مليو؟ عوام جي اهنجن، ڏکن ۽ ڏولاون کان اڻ واقف هي حڪمران سياست جي شطرنج کيڏي غريب ماڻهن کي ڏٽن جا خالي لالي پاپ ڏئي نعرن جي پاپڙن تي جهڪائي پٺي ۾ اهڙو ته ڇرو هڻن ٿا جو خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن هڪ حڪومت اڳئين حڪومت کان وڌيڪ عذاب ڏيندڙ ملي ٿي ۽ وڌيڪ تڪليفن ۾ مبتلا ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي. گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ چار سؤ کان مٿي ماڻهو گرمي وگهي مئا آهن. جناح اسپتال، عباسي شهيد اسپتال ۽ شهر جي ٻيون ننڍيون وڏيون اسپتالون گرمي جي ڪري مئل ماڻهن جي لاشن سان سٿجي ويون آهن، ان کان علاوه ايڌي ۽ ٻين رضاڪار تنظيمن جا سرد خانا به لاشن سان سٿيا پيا آهن.

اِها گرمي جي لهر اڃا وڌيڪ جاري رهڻ جون اڳ ڪٿيون ٿيون آهن. ڪراچي جو هي اجگر شهر جيڪو وڏن وڏن خيابن ۽ محلاتن کان وٺي تنگ ۽ سوڙهين گهرن تائين ڦهليل آهي ۽ اُتي پُرآسائش گهرن کان ويندي پُرعذاب ماچس جي دٻين جيترن گهرن تي مشتمل آهي، جتي نازڪ ”ڪامورن“ کي ٿورو اُس لڳندي آهي ته کين طبيعت خراب ٿي پوندي آهي، اُتي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن تائين زندگي جي ساز ۾ هِڪ عجيب سُر ڀريل آهن.

هِن وقت جيڪي ماڻهو ڪراچي ۽ ان جي آسپاس گرمي وگهي مئا آهن، ان جو ڪارڻ اِهو ٻڌايو وڃي ٿو ته سمنڊ ڪناري اڏيل هن اجگر شهر ۾ هر وقت گهم رهندي آهي، پر جيئن پارو چڙهڻ شروع ٿيندو آهي ته ان گهميل هوا ۾ يڪدم آڪسيجن گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ماڻهو جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. نتيجي ۾ سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ بي پهچ ۽ بيوس عوام موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

ڪراچي ۾ مرندڙ ماڻهو ساهه ٻوساٽجڻ ۽ جسم ۾ پاڻياٺ جي گهٽتائي سبب مئا آهن. ماڻهو کي جيئن جيئن پگهر وڌيڪ ايندو آهي، تيئن جسم مان لوڻياٺ گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي. تمام گهڻي خشڪي محسوس ٿيندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهو بيهوش ٿئي ٿو ۽ ان جو فوري طور علاج لوڻ ۽ کنڊ مليل جهارو پاڻي آهي، جي ملي وڃي ته گهڻي ڀاڱي انساني جانيون بچي سگهن ٿيون، پر ڇا ڪجي جتي موسم اسان جي حق ۾ ناهي اُتي اسان جي تعليمي نصاب ۾ هي معمولي ترڪيب واريون شيون ٺاهڻ متعلق به ڪو سبق شامل نه آهي، رُڳو غزنوي جي حملن جو ذڪر آهي، رڳو مغلن جي ٽوپين تي زور آهي. مغلن وٽ ته ان وقت خبر ناهي گرمي هئي يا جيڪڏهن اهڙي گرمي هجين ها ته هو پاڻ او آر ايس کنڊ ۽ لوڻ مليل پاڻي تيار ڪرائڻ جا نسخا هر چوڪ تي ڪنهن دهلاري کان پيا رعايا کي ٻڌائين ها.

اسان وٽ مصيبتون ڀلي قدرتي هجن يا هٿرادو پر اسان جي تياري انهن جي مقابلي ۾ اهڙي رهي آهي، جيئن ٿُڪ لائي ماڪوڙي چنبڙائڻ.

آفتن ۽ مصيبتن جي وقت جڏهن اڏوهي کاڌل بنيادي ڍانچو هِڪ ئي ڌڪ سان تباهه ٿي ويندو ۽ ماڻهو گهڻي ڀاڱي موت جي منهن ۾ هليا ويندا تڏهن وڃي ڪي ڪامورا ٽوپيون پائي اچي فوٽو ڪڍرائين ۽ تمام گهڻو سنجيده موڊ ۾ ميڊيا جي مائيڪ تي برجمان ٿيندا.سنڌ ۾ 210 واري ٻوڏ هجي يا ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ آيل طوفان کانپوءِ لاپتا ٿيل اٻوجهه عوام هر دفعي گڙنگ وڏيرا ۽ ڪرپٽ ڪامورا ئي کٽي ٿا وڃن، اسين ته هر دفعي هارايو ئي آهي. لعل شهباز قلندر جي هيلوڪي ميلي تي 20 کن جانيون ضايع ٿيڻ جي المناڪ موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته گذريل سال هِڪ سؤ کان مٿي ماڻهو ٻوساٽجي مئا هئا، جڏهن ته هن واري رڳو 20 معنيٰ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي نه! بلڪل سائين ڪارڪردگي بهتر آهي.سنڌ جي باقي حصن ۾ ڪراچي کان به بدتر صورتحال آهي جو اتان جو بنيادي ڍانچو ئي بگاڙيو ويو آهي. سنڌ جو هر ضلعو ۽ تعلقو ڄڻ هِڪ ننڍڙي رياست هجي اُتي جي ماڻهن جي، زندگي جو فيصلو اتان جو چونڊيل يا اڻ چونڊيل وڏيرو ڀوتار ئي ڪري ٿو. اوهان نظر ڊوڙائي ڏسو ڪراچي ۾ ”نامعلوم“ ماڻهن جي هٿان ٿيندڙ بي گناهه ماڻهن جو قتلام هجي، حيدرآباد ۾ گڏيل ڪاروبار ان کان علاوه قمبر- شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، خيرپور، ٿرپارڪر هر هڪ علائقو اوهان کي هِڪ ننڍڙي رياست ئي لڳندو، جتي اسڪول، اسپتال، ٿاڻو ظاهر ۾ ته سرڪاري عملداري هيٺ هجي ٿو، پر حقيقت ۾ اُتي راڄ صرف انهي وڏيري ڀوتار جو ئي هوندو آهي، جيڪو ان زمين مان نڪرندڙ سنگ کان وٺي معدني خزانن تائين هر اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ هوندو آهي. اها ئي وجه آهي جو اڄ تائين ملڪ ۾ ڀل ڪهڙيون به کير جون نديون وهي هلن پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻ وستين ۾ رهندڙ اٻوجهه عوام جي زندگين ۾ هميشه بکن، ڏکن ۽ اهنجن جون آريون پيون هلنديون آهن، اِهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو آهي، جيڪو سردار، سردار زاهد، نواب ۽ نواب زادن تائين جاري و ساري آهي. سنڌ ۾ رڪ جيان مضبوط گاڏيون جن جي مستد تي ويٺل پيرن ميرن هميشه ماڻهن جي راءِ جي ابتڙ ئي فيصلا پئي ڏنا آهن.ڪو وقت هو جڏهن جون جولاءِ جي لُڪ ۽ گرمي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي وڻن جي گهاٽي ڇانوَ ۽ ڏڌ جو هڪ وٽو انهي گرميءَ جو ٽوڙ هوندا هئا، پر ڪنهن ڏند ڪٿا جيان سنڌ جون ٻهراڙيون ختم ڪيون ويون،

ماڪڙ جيان هِڪ عجيب مخلوق کي سنڌ جي ٻهراڙين جي سونهن بڻيل نم پپر ٽالهي جي وڻن جي واڍي جي اهڙي ته ڇوٽ ڏني وئي جو هِن وقت ساهه سڪي ٿو ته انهن وڻن جي ڇانوَ لاءِ جيڪي گرمي کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪري ماڻهو کي ٿڌاڻ پهچائيندا هئا.

سنڌ ۾ ٿيندڙ وڻن جي واڍي جو ڪنهن به نوٽيس ڪونه ورتو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي جسم تان وڻ ائين غائب ٿي ويا، جيئن ڪنهن مور پکي جا کنڀ پٽي ڇڏيا هجن. مسلسل برساتن جو نه پوڻ به وڻن جي عدم موجودگي جي ڪري ئي آهي.

هن وقت جڏهن جون جي سخت گرمي آهي ۽ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو هلي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڏٺائي وزيرن جڏهن عوام کي سنجيده ٿي واعدا ڪيا ته رمضان شريف ۾ بجلي ڪو نه بند ڪئي ويندي. ٻيو نه ته روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت بجلي بند نه ڪئي ويندي، پر جيئن ته اِهي بيان رڳو ڏنل بيانن ئي آهن، اهي بيان ڪنهن ڦوڪڻي ۾ ڦوڪيل هوا کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هئا، وزير موصوف ته ٿڌن ڪمرن ۾ وڃي سمهي رهيا پر گذريل ٽن چئن ڏينهن کان وٺي جيئن ئي روزا شروع ٿيا آهن، تڏهن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊول ٻيڻو ٿي ويو آهي. هِن ڇتي گرمي ۾ جيڪڏهن 24 ڪلاڪن مان سورنهن کان ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند هجي ۽ ماڻهو 12-12 جي هڪ فليٽي ڪمري ۾ رهندو هجي ته پوءِ هن گرمي وگهي مرندو يا ڪونه. هي جيڪي ماڻهو گرمي وگهي مئا آهن، اهي سڀ نه ته ڀي اڌ کان مٿي ماڻهو لوڊشيڊنگ جي ڪري مئا آهن ۽ اِهو هڪ سوچيل سمجهيل قتلام آهي. هنن ڄاڻي واڻي سنڌ واسين جي زندگين کي گئس چمبر بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ ننڍڙي ٻار کي موتمار سردي ۾ گهر کان ٻاهر ڇڏي ڏجي، جڏهن اِهو معصوم مري وڃي ته پوءِ چئجي ته سردي سبب مئو آهي ته اهو دليل صحيح نه آهي. ان کي سردي نه بلڪه اوهان جي غفلت ماريو آهي.

ان ڪري هن مرتيي جا قاتل ڪي اليڪٽرڪ ۽ ان کانپوءِ بجلي ۽ پاڻي جا کاتا آهن. حالت آهي ڪراچي ۾ مسلسل پاڻي بند آهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو مرندا نه ته پوءِ جيئندا. هِن وقت سڄي سنڌ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهي آهي، پر جڏهن کان وٺي پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير عابد شير علي حيدرآباد جو هنگامي دورو ڪري ويو ۽ هڪ گڏهه جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيو ته هن ايڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جو حيدرآباد جا بجلي سان لاڳاپيل ڪامورا وزير صاحب جي زور تي اهڙا شينهن ٿي ويا آهن. وزير جي وڃڻ کانپوءِ حيدرآباد مسلسل اونداهي ۾ ٻڏل رهيو آهي. جيتوڻيڪ سڄي سنڌ سميت حيدرآباد ۾ پڻ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش خلاف مظاهرا ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، پر حڪومتي ڪارندن کي ماڻهن جي حالت زار تي ڪوبه رحم ڪونه اچي سگهيو آهي. ڏينهون ڏينهن بجلي جي شارٽ فال کي وڌائي ماڻهن جي زندگين مان جان ڪڍي وڃي ٿي، پر ڪير پڇڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪونه. هي ميٽرو ۽ موٽروي پاڪ- چين راهداري اِهو سڀ سون پر جيڪڏهن ملڪ جو اولين مسئلو بجلي حل نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ پورو ملڪ هڪ خطرناڪ توانائي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندو.

ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر انهي سان گڏ ملڪ هِن وقت توانائي جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان طرف به ٿورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان کان ٻيڻ تي ايٽمي صلاحيت رکندڙ اتر ڪوريا هِڪ ننڍڙو ملڪ آهي، پر اُتي جي ٻين شعبن ۾ صفا اونداهي لڳي پئي آهي ۽ سندس ئي هِڪ حِصو ڏکڻ ڪوريا هن وقت جديد ٽيڪنالاجي ۾ اهم نالو آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان کي فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪري هي ههڙا گرم ۽ موتمار ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. هر مهيني نه سهي هر سال ئي اگر هِڪ ٻوٽو پوکيون ته ماحول وڻندڙ بڻجي پوي. ان کان علاوه ملڪ جي ٿنڪ ٽئنڪن کي سڀ ڪم ڇڏي ملڪ جي اهم مسئلي بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي نه ته سورج ديوتا هر سال اسان کان ائين ئي گرمي جي نالي ۾ سوين ماڻهن جي بلي وٺندو رهندو.