تازيون خبرون

Daily Archives: June 24, 2015

ملڪ فوج هلائي رهي آهي ۽ حڪمران رڳو قطارن ۾ بيٺل آهن: عاصمه جهانگير

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز حدون اورانگيءَ رهي آهي، ملڪ فوج هلائي رهي آهي ۽ حڪمران رڳو قطارن ۾ بيٺل آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم جهانگير چيو ته پاڪستان ۾ قانون نالي ڪا شيءَ ناهي، سڀ پنهنجي مرضموجب فيصلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي رينجرز حدون اورانگهي رهي آهي، ڊي جي رينجرز پاران پريس رليز ۾ لسٽ پڌري ڪرڻ قانون کان مٿانهون قدم آهي.  عاصمه جهانگير چيو ته فوجي عدالتون آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف آهن، دنيا جو ڪوبه قانون بيمار  قيدي کي ڦاهي جي اجازت نٿو ڏي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر چيو ته  ذهني مريض قيدين کي سوليءَ چاڙهي انسانين جي تذليل آهي. عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته ڦاهين تي عمل نه روڪيون ويو ته عدالتي ڪارروايون جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 

سنڌ ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا ذميوار وزير اعظم ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، صوبي اندر بجلي بحران واري معاملي تي وفاق خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ بجلي واري وزير کي بحران جو ذميوار قرار ڏيندَي چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي ڄاڻي واڻي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندَي توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪــَي اليڪٽرڪ جو ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ آهي، سنڌ سرڪار وٽ ته معاهدي جي ڪاپي به موجود ناهي. هـُن چيو ته بجلي بحران جي ذميواري وفاقي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، تنهنڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جا ذميوار وزيراعظم نواز شريف، پاڻي ۽ بجلي وارو وزير خواجا آصف آهن. صوبائي وزير چيو ته عام فهم جهڙي ڳالهه آهي ته گهرن ۾ بجلي نه هوندي ته ظاهر آهي عوام ڪاوڙ ۾ ايندو. مراد علي شاهه چيو ته بجلي بحران واري معاملي تي وڏو وزير وزيراعظم کي ڪيترائي خط لکي چـُڪو آهي، جڏهن ته آصف زرداري پاران به نواز شريف کي ان سلسلي ۾ خط لکيو ويو آهي. هـُن چيو ته سنڌ جي عوام کي ڄاڻي واڻي تڪليف ڏني پئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته نوري آباد ۾ 100 ميگاواٽ جو پلانٽ سيپٽمبر ۾ لڳايو ويندو، عوام جي پئسي کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته بجلي بحران واري معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق خلاف عدالت ويندي ۽ احتجاج به جاري رکندي. ٻئي طرف توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس دوران خانگي ٽي وي چيئنل جو ڪئميرامين زاهد بيهوش ٿي ويو. ڪئمرامين جي طبي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر کي گهرايو ويو پر زاهد جي حالت خراب ٿيڻ ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو

 

ڪترينا ڪيف فلم ” فتور“ لاءِ وارن جو رنگ ڳاڙهو ڪرائي پاڻ لاءِ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ  اداڪاره ڪترينا ڪيف وارن جي ڳاڙهي رنگ جي ڪري پريشان آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته مان فلم فتور لاءِ وارن ڳاڙهو ڪرايو آهي،جڏهن ته هاڻي فلم  جگا جاسوس جي شوٽنگ ڪرائڻي آهي، جنهن ۾ وارن جو قدرتي رنگ ڏيکارڻو آهي، مان ان جي ڪري ڪافي پريشان آهيان، هن  چيو ته ڪانز  فلم فيسٽيول ۾ منهنجي وارن جي رنگ کي ٽوڪيو ويو پر مونکي اها ڳالهه خراب نه لڳي، اداڪارا چيو ته مان هميشه اهو ئي ڪيو جيڪو منهنجي دل مڃيو آهي، هن چيو ته فلم فتور ۾ شخصيت جي حوالي سان تجربا  ڪيا آهن، مان گذريل 6 مهينن ۾ 18  پائونڊ وزن گهٽ ڪيو آهي، ڪترينا ڪيف چيو ته مان ڪردار ۾ حقيقت  جو رنگ ڀرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهيان.

 

پريانڪا ٽوئٽر اڪائونٽ تي مداحن جو انگ وڌڻ تي خوش ٿيڻ لڳي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي مداحن جو انگ هڪ ڪروڙ ٿي ويو آهي. پريانڪا چوپڙا اداڪاريءَ سان گڏ ڳائڻ جو ڪامياب شغل پڻ ڪندي آهي، پريانڪا ٽوئٽر اڪائونٽ تي مداحن جو انگ وڌڻ تي تمام خوش نظر اچي رهي هئي. هن پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا به مڃيا. اداڪارا ۽ ڳائڻي پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ جي پهرين اداڪارا آهي جنهن جا ٽوئٽر تي هڪ ڪروڙ چاهيندڙ هجن. اداڪارا پريانڪا چوپڙا اڄ ڪلهه پرڪاش جھا جي فلم ”گنگا جل-2“ فوجي عورت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اداڪارا جي فلم جي شوٽنگ پڻ جاري آهي.

 

اداڪارا عاليه ڀٽ آخرڪار پنهنجي چاهيندڙ جا ٿورا مڃي ورتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا عاليه ڀٽ ڪلهي جي زخمي ٿيڻ جي ڪري ڪالهه انٽرنيشنل يوگا ڊي ملهائي نه سگھي، 22 سالا اداڪارا  انجريءَ بابت انسٽا گراما اڪائونٽ تي اهڙي تصوير جاري ڪئي، انسٽا گرام تي هن پنهنجي ساڃي ٻانهن جي تصوير جاري ڪئي جنهن ۾ سندس ساڃي ٻانهن تي پلاسٽر ٻڌل نظر اچي رهيو آهي، اداڪارا عاليه ڀٽ پنهنجي چاهيندڙ جا ٿورا مڃنيدي چيو ته توهان سڀني جي مهرباني جن مون کي وِش ڪيو، هن چاهيندڙن جي سوالن جواب ڏيندي چيو ته ڪا خاص ڳڻتيءَ جي ڳالهه ناهي، مان هِڪ ٻِن هفتن دوران فِٽ ٿي وينديس. ”هاءِ وي“ اداڪارا عاليه جي ايندڙ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ آهي، جنهن جي لاءِ هوءَ اڄڪلهه شوٽنگ ۾ مصروف آهي

 

جيڪولين فرنانڊس امڙ جو خواب ساڀيان ڪرڻ واري،ملائيشيا ۾ گهر وٺي تحفي ۾ ڏينديس

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ملائيشيا ۾ پنهنجي امڙ کي گهر خريد ڪري ڏيڻ وارو خواب پورو ڪرڻ واري آهي. ملائيشيا، سريلنڪا ۽ ڪينيڊا جي گڏيل نسل واري اداڪارا جي ويجهن ساٿين ٻڌايو ته تازو ئي ڀارتي شهر باندرا ۾ گهر خريد ڪنندڙ جيڪولين فرنانڊس هاڻ ملائيشيا ۾ به ملڪيت خريد ڪرڻ واري آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور ڀرسان هڪ گهر به ڏسي ورتو آهي، جيڪو هوءَ پنهنجي امڙ ڪم کي تحفي ۾ ڏيڻ چاهي ٿي. ذريعن تصديق ڪئي ته جيڪولين جي امڙ جي اها خواهش رهي آهي ته ملائيشيا ۾ سندس گهر هجي جتي سندس ڪٽنب جا ڪافي ماڻهو پڻ رهن ٿا. امڙ جي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ جيڪولين ملائيشيا ۾ گهر ڳولڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ سئوٽ پڻ سندس مدد ڪري رهيا هئا، هاڻ هن ڪوالالمپور ڀرسان هڪ گهر پسند ڪري ورتو آهي، جيڪو هوءَ جلد خريد ڪري پنهنجي امڙ کي تحفي ۾ ڏيندي،چيو پيو وڃي ته جيڪولين تازو آئيفا ايوارڊن جي تقريب ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ ملائيشيا ۾ هئي، جتي هن کيس به اهو گهر ڏيکاريو، جيڪو ڪم کي پسند آيو.

 

“ را” طرفان زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستاني دوري کان روڪڻ لاءِ ڌمڪي ڏيڻ جو انڪشاف

لاهور:(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڳجهي اداري“ را“ طرفان زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ڪرنل (ر) شجاع خانزادا اهڙو انڪشاف ڪيو،هن ٻڌايو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ جڏهن دبئي پهتي ته اتي مهمان ٽيم جي مينيجر کي ڀارتي ڳجهي اداري جي آفيسر ڌمڪي وارو ايس ايم ايس اماڻيو، جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سندن ( زمبابوي) جي ٽيم پاڪستان پهتي ته رانديگر زنده سلامت واپس نه موٽندا، ڌمڪي ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن زمبابوي جي ٽيم پاڪستان پهتي ته سندن نڙگهٽ ڪٽيا ويندا، شجاع خانزادا ٻڌايو ته پاڪستان جي حساس ادارن جڏهن جاچ ڪئي ته خبر پئي ته جنهنن  نمبر تان زمبابوين مينيجر کي ايس ايم ايس اماڻيو ويو هو، اهو دهلي ۾ را جي هڪ آفيسر جو آهي. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته را طرفان مهمان ٽيم کي ڌمڪي وارو ايس ايم ايس اماڻڻ بابت پرڏيهي کاتي کي به ٻڌايو ويوهو، جنهن کانپوءِ زمبابوين ٽيم کي ملڪي صدر جي برابر واري سيڪيورٽي ڏني وئي، شجاع خانزادا جو چوڻ ته پاڪستان ۽ زمبابوي ۾ ٻي ون ڊي ميچ دوران اسٽيڊيم ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ به را ملوث هئي.

 

لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوڪر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان وڏي مداح سڌير گوتم تي حملو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوڪر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان وڏي مداح سڌير گوتم دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش هٿان ٻين ون ڊي ۾ عبرتناڪ شڪست کان پوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ شوقينن مٿس حملو ڪيو هو. پنهنجي جسم کي ڀارتي تِرنگي سان پينٽ ڪرائيندڙ 34 سالن جي سڌير هندي نيوز چينل سان ڳالهائيندي چيو ته شوقينن طرفان پٿراءُ ڪيو ويو، جڏهن اُن رڪشا تي به حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو سفر ڪري رهيو هو. سڌير ٻڌايو ته مڇريل ماڻهن اهو چوندا رڪشي جو پيڇو ڪيو ته هو ڀارت کان ورلڊڪپ ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست جو بدلو وٺندا. سڌير موجب ان موقعي تي سڪيورٽي عملدارن مداخلت ڪري کيس مڇريل مجوم کان بچائي ورتو. ياد رهي ته بنگلاديش جي 19 سالا فاسٽ بالر مستفيض الرحمان ٻين ون ڊي ميچ ۾ تباهي آڻيندڙ بالنگ ذريعي پنهنجي ٽيم کي ٽِن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ناقابل شڪست سرسي ڏياري هئي. ان فتح سان گڏ بنگلاديش 2017ع ۾ کيڏجندڙ چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ پنهنجي جڳهه به پڪي ڪري ڇڏي آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي آخري ون ڊي ميچ اربع تي کيڏي ويندي.

 

ڀارتي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگھه ڌونيءَ جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش هٿان تاريخي شڪست کان پوءِ ڀارتي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگھه ڌونيءَ جي ڪپتاني به خطري ۾ پئجي وئي آهي، بنگلاديشي دوري ۾ ڀارتي ٽيم کي هڪ ٻئي پويان ناڪامين ايم ايس ڌونيءَ جي ڪپتانيءَ تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. بنگلاديس ٽِن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي آهي. بنگلاديش کان تاريخي شڪست کان پوءِ هاڻي سڀني توپن جو رخ ڪپتان ڌونيءَ طرف ٿي ويو آهي. غير ته غير پر پنهنجا به ايم ايس ڌونيءَ تي تنقيد ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڀارتي ڪپتان اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن هُن پاران ڪپتاني ڇڏڻ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڀلائي آهي ته هو ان لاءِ به تيار آهي. ڌونيءَ گڏوگڏ اهو به واضح ڪيو ته هو ڪڏهن به ڪپتاني ءَ جي لائين ۾ ناهي رهيو، هيءَ سندس لاءِ هڪ نوڪري ۽ ذميواري آهي.

 

شاهد آفريدي پِچ تي وار سنواريندي سٺو لڳندو آهي: ريحام خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي گھر واري ريحام خان چيو آهي ته شاهد آفريدي پِچ تي وار سنواريندي سٺو لڳندو آهي، جنهن جي وسيم به پوئواري ڪئي ۽ چيو ته بيشڪ هو راند جي ميدان ۾ قوم جو ”هيرو“ هوندو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ريحام خان جي سوالن جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته جيڪڏهن آفريدي فلمسٽار هجي ها ته اميتاڀ بچن هجي ها. شعيب اختر جي لاءِ هڪ نه پر ٻِن لفطن ۾ بيان ڪندس، ٽيلينٽيڊ ۽ ميڊنيس. شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ بابت سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته مان ته کيس صلاح نه ٿو ڏئي سگھان. شاهد آفريدي جي ذهن ۾ ايندڙ سال ڀارت ۾ ٽي 20 ڪپ آهي. ڪپتاني ڪري کٽرائڻ جو خواهشمند آهي. مارچ يا اپريل تائين فيصلو ٿي ويندو، هي شاهد آفريدي وٽ ڪنهن به فيصلي لاءِ بهترين وقت هوندو.