تازيون خبرون

Daily Archives: June 23, 2015

آف دي ريڪارڊ؛عزيز الله ٻگهيو

سنڌ جي مشهور شخصيت شعراءِ سنڌ جي صدر محمد علي جوهر مرحوم مونسان ڳالهه ڪئي ته هڪ ڏينهن معمول مطابق خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي ملڻ ويو ته بنگلي جي ورانڍي ۾ شاهنواز ڀٽي جو پٽ ذوالفقار علي ڀٽو ويٺو هيو ان کي هٿ ڏئي آئون اندر کهڙي صاحب ڏي هليو ويس ۽ چيو مانس ته ورانڍي ۾ شاهنواز ڀٽي جو پٽ توسان ملڻ لاءِ ويٺو آهي جواب ۾ چيائين ته مونکي خبر آهي ۽ اهو ٻن ڪلاڪن کان اتي ويٺو آهي تنهن تي مون چيو مانس ته پوءِ ته ملينس ڇو ڪونه ٿو ؟

چيائين ته هي آيو آهي ته آئون هن کي سفارش ڪري وزير ڪرايان. سو وزير بنجڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي قمبر جي ڳوٺ ٻير جو رهواسي ڪامرڊ نبن تنيو سنڌ هاري ڪاميٽي جو ورڪر هئو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو سنڌي ٻولي سيکارڻ جو استاد هئو، ان مونکي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏيرن جي دعوت ڪندو هئو ته مونکي ان ۾ ضرور دعوت ڏيندو هئو سو جڏهن ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ان لاڙڪاڻي جي زميندارن جي دعوت ڪئي هئي. سندس بنگلي المرتضيٰ جي ٻاهرين ميدان ۾ مهمانن جو انتظام هجي، کاڌي جي ميزن مان منهنجي سامهون واري ميز تي خانبهادر محمد ايوب کهڙو ويٺل هجي، مهمانن لاءِ ماني لڳي چڪي هئي ۽ کائڻ پيئڻ شروع ٿي چڪو هئو. مون ڏٺو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اندران نڪتو ۽ مهمانن تي نظر ڦيرائيندي جڏهن کهڙي صاحب کي ماني کائيندي ڏٺائين ته منهن ٻئي پاسي ڦيرائي پنهنجي ڪنهن ڪارندي کي سڏ ڪري چيائين ته فلاڻا! کهڙي صاحب کي دعوت ڏني اٿو يا ڪانه،

ايتري ۾ مون کهڙي صاحب ڏي نظر ڪئي ته هو ماني جو گرهه ان وقت کڻي وات ڏي ويجهو آڻي چڪو ته ان مهل ڀٽي جو پنهنجي نوڪر کي اهو سڏ ٻڌي کهڙي صاحب مانيءَ جو گرهه وات کان واپس هيٺ پليٽ ۾ رکي اٿي بيهي وڏي واڪي سان چيائين ته سائين آئون آيو آهيان آيو آهيان. مون اهو ڏسي دل ۾ چيو ته منهنجا رب، وقت وقت جي ڳالهه آ.

 

چوٿين ورسيءَ جي مناسبت سان،سيوهڻ جي درگاهه قلندر جو سجاده نشين مرحوم سيد فتح علي شاهه عرف حاجن شاهه سبزواري؛نظير حيات سيوهاڻي

سنڌ سونهاري جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جيڪي با اثر ۽ علمي خاندانن سان واسطو رکندڙ اهم شخصيتون گذريون آهن انهن ۾ سيوهڻ جي سبزواري سجاده نشين خاندان مان مرحوم سيد فتح علي شاهه عرف سيد حاجن شاهه سبزواري هڪ اعليٰ مرتبي ۽ محبتون ڪندڙ شخصيت هو، هن سيوهڻ جي سادات خاندان جو تعلق سرزمين عراق سان آهي، سندن بزرگن مان سندن جدا اعليٰ تمام گهڻين صلاحيتن جو مالڪ حضرت سيد مير ڪلات شاهه قنڌار کان سيوهڻ پهتو، سيوهڻ ۾ ان اچڻ واري دور کان ئي هي خاندان هن وقت تائين اهل علم، اهل ذوق ۽ اعليٰ تعليم يافته خاندان رهندو آهي، درگاهه حضرت قلندر لعل شهباز جي سجاده نشين جي حوالي سان هن خاندان جا نامور بزرگ ۽ سالڪ نيڪ سيرت افراد حضرت مير خسرو شاهه، سيد مير جعفر علي شاهه سبزواري، حضرت مير انور علي شاهه اول سبزواري، مير سيد حاجي فتح علي شاهه سبزواري، سيد مظفر علي شاهه ازل، سيد مير محمد وريل شاهه سبزواري، مير سيد صادق علي شاهه سبزواري، ايڊووڪيٽ سيد انور علي شاهه سبزواري پنهنجي پنهنجي دور ۾ درگاهه قلندر لعل شهباز جي سنڀال، زائرين جي انتظام ۽ قلندري رنگ سان وابسطه سڀني قديم فقرائي توڙي مذهبي ۽ روحاني جا پاسدار رهندا آيا، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز قلندر جي سالانه عرس مبارڪ کان علاوه محرم شريف جي عزادارين جي سلسلن کي قديم روايتن موجب برقرار رکڻ جهڙا شاندار ڪم سندن ذمي هئا، مرحوم سيد فتح علي شاهه ٻه دور حاضر جو هڪ با اثر سياسي شخصيت اڪابر ۽ محبتي انسان ۽ درگاهه جو سجاده نشين هو، سندس وٽ هر وقت سماجي توڙي علمي بحث مباحثه روزانه ٿيندا هئا، گڏوگڏ هي سائين جديد دور جو زرعي ماهر ۽ پنهنجن علائقن جو مشهور زميندار هو، سندن والد مرحوم سيد محمد وريل شاهه سبزواري پڻ پنهنجي دور جو سٺو سياستدان ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ جو سڳورو پهريون سيد گريجوئيٽ هو، هن 1921ع ۾ بمبئي ڀارت يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي، سيد وريل شاهه جو فرزند مرحوم سيد صادق علي شاهه سبزواري هڪ با اخلاق ۽ بلند ڪردار وارو انسان هو، سٺو وڪيل ۽ قابل سياستدان هو، سيوهڻ جي هن علمي، مذهبي ۽ روحاني گهراڻي جو ذڪر تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام، تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ آيل آهي، تحفته الڪرام وارو لکي ٿو ته:

هي سيد ڪربلا معليٰ جي عظيم القدر سيدن مان هئا انهي مبارڪ زمين مان نڪرڻ کانپوءِ پهريان قنڌار ۽ پوءِ سنڌ جي فتح ٿيڻ کانپوءِ اچي سيوستان جي پسگردائي ۾ رهيا.

سيد فتح علي شاهه سبزواري سن 1936ع جي آگسٽ مهيني ۾ پيدا ٿيو، سيوهڻ ۾ ئي پرائمري تعليم پوري ڪري مئٽرڪ لاڙڪاڻي ۾ پاس ڪيائين بعد وڌيڪ تعليم لاءِ مسلم لا ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي روايتي علمي سلسلن کي هلائيندي علمي ڪمن سان گڏوگڏ سياست جي ميدان ۾ حصو ورتائين، پاڻ سيوهڻ ميونسپل جو ڪيترائي دفعا ميمبر رهيو ۽ سيوهڻ ٽائون ڪميٽيءَ جو ايڊمنسٽريٽر پڻ ٿيو، هن جي ڪوشش سان سيوهڻ شهر ۾ سوئي گئس لائين آنڌي وئي ۽ سيوهڻ ۾ پهريون ويم گهرٺهيو، کيس سيوهڻ جي ڪلچر ۽ ثقافت سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، سندس وٽ ڪيترائي ثقافتي تحفا محفوظ هئا، پاڻ شڪار جو به شوقين هو، ميلن، ملاکڙن ۾ پڻ ملهن جي حوصله افزائي ڪندو هو، مهمان نوازي ۽ دوستن سان ڪچهرين ۾ پاڻ هميشه هر قسم جي بحث ۾ حاوي رهندو هو. حضرت قلندر لعل شهباز بابت کيس ڪافي معلومات هئي، سيوهڻ جي قديم ماڳن ۽ تاريخي حقيقتن جي کيس ڪافي حد تائين پرک هئي هن سائين پنهنجن بزرگن وانگر قلندر شهباز جي سالانه عرس ۽ محرم شريف جي عزاداري جي سلسلن کي پنهنجن ڀائرن ۽ خاندان جي ٻين افرادن سان گڏجي ڪاميابي سان گڏ هلايو، اڪثر ڪري قلندر لعل شهباز جي پاڪ مزار تي پابنديءَ سان حاضري ڏيندو هو، هن ڪڏهن به درگاهه تي ڪنهن به قسم جي هجت نه ڏيکاري پاڻ هميشه عاجزي ۽ نيازمنديءَ سان درگاهه جي حاضري ڏيندو هو، هن کي عزاداري امام حسين سان دلي لڳاءُ هو، سنڌي مرثيه خوان سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي سندي مرثيز جي سندس وٽ مڃتا هئي کيس مقدس جاين جي سفر جو گهڻو شوق هو، پاڻ ايران، عراق شام ۽ ٻين مقدس مقامات تي حاضري ڏيڻ جو شرف حاصل هو، سيوهڻ جي هن سيد سڳوري تاريخ 6 آگسٽ 2011 (5 رمضان شريف) جي ڏينهن شام جو افطاري محلي وفات ڪئي، سندس جنازي کي هتان جي سبزواري خاندان جي قديم رسم موجب هڪ صندوق ۾ بند ڪري، جنازي نماز کانپوءِ هڪ اُٺ تي ڪڙهي سندس مڙهه کي سندن قديم قبرستان مقبره سيد مير ڪلات وٽ آڻي کيس مدفن ڪيو ويو، سندس جنازي جي جلوس سان گڏ حضرت قلندر لعل جي هٿن مبارڪ جو علم ”گجگاهه” پڻ گڏ هو، اُٺ تي مرد سادات جو جنازو کڻي هلڻ جي اها قديم روايت رڳو سيوهڻ جي سبزواري خاندان ۾ اڃان به جاري آهي، سندن چوڻ موجب سندن وٽ اهو اعزاز عراق ۾ رهڻ واري دور کان حاصل آهي، سندن وٽ اهو سلسلو حضرت علي عليه السلام جي جنازي کي ائين کڻڻ جي ڪري هلندو ٿو اچي، جنازي جي اهڙي طريقي سان کڄڻ واري سلسلي کي حضرت ثابت علي شاهه ڪربلائي پنهنجي هڪ مرشد (شهادت حضرت علي عليه السلام جي مرثيه) ۾ پڻ ذڪر ڪيو، سندس دسترخواستن تمام گهڻو وسيع هو ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور هو.

سيد فتح علي شاهه سبزواري کي ڪافي اولاد ٿيو جن مان سندس وڏو فرزند سيد شاهه فيصل شاهه سبزواري هن وقت زمينداري ڪري ٿو، جڏهن ته سندس هڪ فرزند سيد شاهه حسين شاهه سبزواري هن وقت گورنمينٽ آف سنڌ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، جڏهن ته ٻين فرزندن ۾ سيد ساهه حسن، سيد شاهه فهد، سيد حماد شاهه، سيد علي حسنين شاهه شامل آهن، دستور جيان هن سال به سندس چوٿين ورسي سندن بيٺڪ تي 5 رمضان المبارڪ تي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ قرآن خواني کان علاوه مجلس عزا ۽ افطاريءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

**********