تازيون خبرون

Daily Archives: June 22, 2015

قانون جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته احتساب جو عمل وڏن کان شروع ڪيو وڃي: سراج الحق

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته پ پ ٻين حڪومتي پارٽين وانگر ڊگهي عرصي تائين اسٽبلشمينٽ جي وڏي خدمت ڪئي آهي اڄ اها ان جي خلاف ڪيئن وڃي سگهي ٿي، عام پاڪستانين وانگر به ليڊر فرسٽيشن جو شڪار آهن، قانون جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته احتساب جو عمل وڏن کان شروع ڪيو وڃي، خاص ماڻهن جي ٽولي مان جڏهن به ڪو قانون جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو ته پورو امير طبقو رڙيون ڪري ٿو، سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ پدرانغربت، مهانگائي ۽ بيروزگار خلاف وڙهن ها ته اڄ عوام غربت هٿان خودڪشيون نه ڪري ها، حڪمران بار بار دعوائن باوجود لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ناهن ڪري سگهيا، پاڪستان کي اسلامي رياست بڻائڻ لاءِ عوام کي هڪ وڏي تحريڪ لاءِ اٿڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن چوبرجي پارڪ لاهور ۾ منير احمد قريشي پاران پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

سن ويجهو 4 گاڏين وچ ۾ ٽڪر، هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي فوت، 22 زخمي ، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڄامشورو(ڊ.ر) سن ڀرسان شالماڻي اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ وين ۾ آمهون سامهون ٽڪر لڳڻ کان پوءِ وين گڏهه گاڏي ۽ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي ۽  ڪلٽيون کائي اونڌي ٿي پئي، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽيهن سالن جو غلام مرتضى شاهاڻي سندس زال عالمي ۽ سندس ٻه پٽ ٻن سالن جو عامر شاهاڻي ۽ ڏيڍ سال جو عمران ٿڏي تي فوت ٿي ويا، .جڏهن ته زخمين ۾ گڏهه گاڏي تي سوار گل بهار چانڊيو سندس ڀاءُ علي بهار  ڪار ۾ سوار سيد اشرف شاهه راشدي وين ۾ سوار امداد علي نارائي 50 ورهين جو بخشڻ جوڳياڻي کوسو سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا باقي زخمين کي طبي امداد ڏئي روانو ڪيو ويو..سمورن زخمين ۽ فوتين کي سن اسپتال پهچايو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، هڪ زخمي گل بهار چانڊيو جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. گڏهه گاڏو مڪمل تباهه ٿي ويو ۽ ٻه گڏهه پڻ مري ويا، ڳوٺاڻن همت ڪري زخمين ۽ فوتين کي گاڏين مان ٻاهر ڪڍيو، فوتين جا وارث سن اسپتال مان فوتين جي لاشن جي پوسٽ مارٽم بعد لاش اباڻي ڳوٺ جيئندو شاهاڻي کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، گاڏيون وچ روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رهيو، جنهن جي ڪري روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر پنهنجي منزل طرف وقت تي پهچي نه سگهيا، ڇڇر ايٽ سن پوليس پهچي گاڏين کي روڊ کان هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرائي. بعد ۾ سن ٿاڻي تي کڻائي آيا .وين ۽ ڪار جو ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، سن ٿاڻي تي آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه ٿي سگهيو هو.

 

ماهره خان“ رئيس” جي شوٽنگ دوران شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکي ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ماهره خان چيو آهي ته هن فلم رئيس جي شوٽنگ دوران بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. هڪ ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ماهره خان چيو ته کيس خبر ناهي ته بالي ووڊ ۾ کيس ڪهڙي ريت پرکيو ويندو پر خود هن لاءِ هي هڪ بلڪل مختلف تجربو آهي. سندس چوڻ هو ته رئيس ۾ هن شاهه رخ خان آڏو پنهنجو ڪردار بهترين انداز سان نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هوءَ ڪنگ خان جهڙي نه ٿي ٿي سگهي. ماهره خان چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران هن شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو ،جيڪو هو به محسوس نه ڪري سگهيو، هن چيو ته مون ان جو اندازو ان مان لڳايو، جڏهن مان ڏيهه واپس اچي فلم هومن جهان ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ منهجي ڪارڪردگي فلم جي ڊائريڪٽر کي به حيران ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي فلمي سفر جي شروعات فلم بول ذريعي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هن ٽي وي تي ڪم ڪيو، ماهره خان چيو ته حقيقت ۾ مونکي ٽي وي ۽ فلم ۾ گهڻو فرق نظر نه ٿو اچي، ٻنهي جون گهڻيون شيون هڪ جهڙيون ئي آهن، فرق رڳو اهو آهي ته ٽي وي ۾ اداڪار هفتي ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي ۽ فلم ۾ اداڪار وٽ پاڻ مڃائڻ لاءِ رڳو 2 ڪلاڪ هوندا آهن

 

مون کي خوشي آهي ته مان ريتڪ روشن سان جلوه گر ٿي رهي آهيان:نرگس فخري

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره نرگس فخري ريتڪ روشن جي مدمقابل ڪم ڪندي اداڪاره ريتڪ جي مدمقابل ايڪشن فلم ۾ جلوه گر ٿيندي هدايتڪار ڪبير خان نرگس فخري ۽ ريتڪ کي پنهنجي فلم “لوڊنيجرس” ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي ان فلم جي شوٽنگ جو آغاز ڊسمبر ۾ ٿيندو جنهن ۾ جيڪي شيروف اهم ڪردار ادا ڪندو، نرگس هن وقت ممبئي ۾ آهي اها پنهنجن فلمن جي اسڪرپٽس لکڻ ۾ مصروف آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته مان ريتڪ روشن سان جلوه گر ٿي رهي آهيان.

 

سلمان خان فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ٽوئيٽر تي نئين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. بالي ووڊ اداڪار سلمان جنهن جي نئين فلم جو تازو ئي پهريون پوسٽر ۽ هڪ گانو ”سليفي لي لي رهي“ جاري ٿيو آهي. اداڪار ٽوئيٽر تي ان فلم جي بليڪ ان وائيٽ ورزن ۾ پينٽنگ پڻ جاري ڪئي آهي جنهن کي مداحن گهڻو پسند ڪيو آهي. فلم ۾ سندس هيروئن ڪرينا ڪپور هوندي، فلم جولاءِ ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

مان پنهنجو فلمون ٺاهي انڊسٽري ۾ بيوقوفاڻه فلمن جو خاتمو ڪندس: پريانڪا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته ننڍيون فلمون ٺاهڻ وڃان پئي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پروڊيوسر جي حيثيت سان منهنجو مقصد عوام کي اهڙي متن تي ٻڌل فلمون مهيا ڪرڻ آهن جنهن لاءِ هو پيسا خرچ ڪن ٿا هن چيو ته مان پنهنجي عوام کي ذهين بڻائي انڊسٽري ۾ بيوقوفاڻح فلمن جو خاتمو ڪندس هن چيو ته مان ننڍي بجيٽ جي هيروئن جي چوڌاري گهمندڙ فلمون بڻائيندس ائين به بزنس هلائڻ لاءِ اهڙا قدم موثر ثابت ٿيندا آهن.

 

ياسر شاهه سرينلڪا کان ميچ کسي ويو، پاڪستان جي گال ٽيسٽ ۾ ميزبانن کي 10 وڪيٽن تان مات

گال(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ليگ اسپنر ياسر شاهه جي جادوئي بالنگ ذريعي ميزبان سريلنڪا کي گال ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي،ياسر شاهه جي طوفاني بالنگ سبب سريلنڪا کي ٻي اننگ ۾ 206 رنسن ڍير ٿي وئي ۽ قومي ٽيم کي فتح لاءِ 90 رنسن جو حدف مليو، جيڪو ان بنا ڪا وڪيٽ وڃائڻ جي حاصل ڪري پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، گال  ٽيسٽ جي اڄ پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪا جي ٻي اننگز ۾ پاڪستان جي ليگ اسپنر ياسر شاهه ميزبان ٽيم کي سوڙهو ڪري ڇڏيو ۽ رڳو 76 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون وٺي ويو، وهاب رياض به 2 شڪار ڪيا، پهرين اننگز ۾ 300 رنسون اسڪور ڪندڙ سريلنڪا جو ڪوبه بيٽسمين ٻي اننگز ۾ ڄمي نه کيڏي سگهيو ۽ سواءِ ڪرونارتني جي ڪو رانديگر ففٽي به نه هڻي سگهيو، ڪرونا رتني 79 رنسون ٺاهيون،جڏهن ته ٿريماني 44 ۽ چندي مال 38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي ريت سريلنڪا جي سڄي ٽيم ٻي اننگز ۾ 206 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي فتح لاءِ 90 رنسن جو حدف مليو، جنهن پهرين اننگز ۾ 417 رنسون ٺاهيون هيون.90 رنسن جي حدف لاءِ محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد ميدان ۾ لٿا ۽ تيز رفتاري سان کيڏندي گهربل اسڪور پورو ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري،ٻنهي ترتيبوار 64 ۽ 43 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيا، ياسر شاهه پهرين اننگز ۾ به 2 وڪيٽون ورتيون هيون، اهڙي ريت ميچ ۾ 9 وڪيٽون وٺڻ ۽ خاص طور تي ٻي اننگز ۾ طوفاني ڪارڪردگي تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

ياسر شاهه سريلنڪا جي ڌرتي تي ٽيسٽ اننگ ۾ 7 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٻيو ليگ اسپنر بڻجي ويو

گال (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جو شاهڪار اسپنر ياسر شاهه سريلنڪا جي سرزمين تي ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 7 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٻيو ليگ اسپنر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ سال 2004ع ۾ آسٽريليا جي شين وارن سريلنڪا ۾ 7 وڪيٽون ورتيون هيون، سريلنڪا خلاف کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئين اننگ ۾ ياسر شاهه تباهه ڪن بالنگ جو مظاهروڪندي حريف ٽيم جي 7 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

 

پاڪستاني ٽيم سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کٽندڙ ايشيائي ٽيم بڻجي وئي

گال (اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ٽيم سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کٽندڙ ايشيائي ٽيم بڻجي وئي آهي، گرين شرٽس سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڀارت کان وڌيڪ ڪاميابين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٽيسٽ ميچن ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو عالمي اعزاز آسٽريليا وٽ آهي، آسٽريليا 364، انگلينڊ 341، ويسٽ انڊيز 164 ۽ ڏکڻ آفريقا 144 ڪاميابين سان پهرين، ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن، پاڪستاني ٽيم سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ جڏهن ميدان تي لٿي ته اها 122 ڪاميابين سان ڀارت سان گڏ هئي، پاڪستاني ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڀارت جو وڌيڪ ڪاميابين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، گرين شرٽس 390 ٽيسٽ ميچون کيڏي 123 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت 488 ميچن مان 122 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

 

ظهير عباس جي آءِ سي سي جي نئين صدر جي حيثيت سان نامزدگي جو معاملو اڄ سالياني ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ظهير عباس جي آءِ سي سي جي نئين صدر جي حيثيت سان نامزدگي جو معاملو اڄ سوم ڏينهن بارباڊوس ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي جي سالياني ڪانفرنس ويڪ ۾ پيش ڪيو ويندو، هڪ هفتي تي ٻڌل سالياني ڪانفرنس پهريون ڀيرو ويسٽ انڊيز ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ آءِ سي سي جا ايسوسيئيٽ ۽ فل ميمبر شرڪت ڪندا، ايجنڊا ۾ آءِ سي سي جي نئين صدر جو معاملو آءِ سي سي جي ايسوسيئيٽ ميمبر شپ جي درخواست، آءِ سي سي جي ميمورينڊم آف آرٽيڪلز آف ايسوسيئيشن ۾ ترميم، سريلنڪا ڪرڪيٽ ۽ يو ايس اي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن بابت اپڊيٽس، اينٽي ڪرپشن يونٽ جي چيئرمين جي رپورٽ، آءِ سي سي اسٽيٽجي پوسٽ 2015 ۽ ڪميٽي طرفان ڪرڪيٽ ۽ ڊولپمينٽ جون سفارشون شامل آهن،