تازيون خبرون

Daily Archives: June 20, 2015

خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 20 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران جيٽ جهازن جي بمباري ۾ اهم ڪمانڊرن سميت 20 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب خيبر ايجنسي ۾ آپريشن خيبر ٽــُو ڪاميابي سان جاري آهي. ايئرفورس جي جهازن خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. بمباري جي نتيجي ۾ 20 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ اهم ڪمانڊر به شامل آهن.

 

مظفر آباد جَي شهر راولا ڪوٽ ويجهو مسافر وين ڪلٽي،9 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي

مظفرآباد (بيورو) مظفر آباد جَي شهر راولا ڪوٽ ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ نــَـو ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. راولپنڊي کان مظفر آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب راولا ڪوٽ ويجهو کاهي ۾ڪري پئي. حادثي جَي نتيجي ۾ نــَـو  ڄڻا تڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال راولا ڪوٽ منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وئي. ڊاڪٽر موجب، زخمين مان  ڪجهه جي حالت نازڪ آهي، جن کي شروعاتي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

دپيڪا پڊوڪون لاءِ بهترين ۽ پرڪشش اداڪاره جو خطاب

ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي بهترين ۽ پرڪشش جو خطاب مليو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق فلم فيئر ميگزين راءِ شماري بعد جاري ڪيل فهرست ۾ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي بهترين ۽ پرڪششاداڪاره قرار ڏنو، ڄاڻايل اداڪاره نوجوانن ۽ اڌڙوٽن ۽ پوڙهن ۾ هڪ جيتري مقبول آهي، سندس تازو رليز ٿيل فلم پيڪو سندس شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، مداحن کيس پيڪو جي ڪردار ۾ تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي، ان فهرست ۾ پريانڪا چوپڙا ۽ ڪنگنا رناوت ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي آهن. جڏهن ته جيڪولين چوٿين نمبر تي آهي.

 

اميتاڀ بچن جي فيس بُڪ تي پرستارن جو انگ 21 ملين کان وڌي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاڀ بچن جي فيس بڪ پرستارن جو انگ 21 ملين کان وڌي ويو آهي. اميتاڀ بچن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي فالو ڪندڙن جو انگ 15 ملين آهي، اميتاڀ بچن پنهنجي فيس بُڪ جي پرستارن جو تمام گهڻو شڪريو ادا ڪيو آهي.

 

فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جو پوسٽر هندي ٻوليءَ سميت اردو ۾ به جاري

ممبئي(شوبز نيوز) سلمان خان جي نئين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جو پوسٽر هندي ٻوليءَ سميت اردوءَ ۾ به جاري ڪيو ويو آهي. هڪ عرصي کانپوءِ ڪنهن فلم جي پوسٽر تي فلم جو نالو هنديءَ سان گڏوگڏ اردوءَ ۾ به ڇاپيل آهي. فلم جي پوسٽر ۾ سلمان ڪنهن کي گهوريندي نظر اچي رهيو آهي.

 

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني تي ميچ فيس جو 75 سيڪڙو ڏنڊ

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني تي ميچ فيس جو 75 سيڪڙو ڏنڊ وڌو ويوآهي. ڀارتي ڪپتانبنگلاديش خلاف سيريز جي پهرئين ون ڊي ميچ ۾ رنس ٺاهيندي بنگلاديشي بالر کي ڌڪو ڏنو هو، ميچ ريفري واقعي جي وڊيو ڏسندي ڌوني کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ مٿس ميچ فيس جو 75 سيڪڙو ڏنڊ وڌو ويو آهي.

 

انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ(اڄ) کيڏي ويندي

چيسٽرلي اسٽريٽ(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ(اڄ) ڇنڇر تي چيسٽرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڏينهن جي هوندي. سيريز جي صورتحال تمامبهتر ٿي وئي آهي ۽ هيل تائين کيڏيل ميچن ۾ ٻنهي ٽيمن 2، 2 ميچون کٽي ورتيون آهن. انگلينڊ ٽيم ايون مورگن جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڪيويز ٽيم جي ڪپتاني برينڊن ميڪ ڪلم ڪندو

 

حدون اورانگهڻ وارومعاملو ۽ سنڌ جا مفاد:پنهل ساريو

ڪجھه ڏينهن ڊي جي رينجرز جي بيان تي ٺاپر کانپوءِ پياري پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اسلام آباد ۾ ڪيل تقرير تي سياسي طوفان برپا ٿي ويو ۽ هر طرف ملڪ جي ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ جي ڳالھه ڪندڙ آصف زرداري سان رٿيل ملاقاتون ملتوي ڪيون ويون سياستدانن حدون اورانگهيندڙ ادارن جي حمايت ۾ ۽ زرداري صاحب جي بيان جي مزمت ڪندي اٺ جي آنڍي جيڏا بيان جاري ڪيا ڪنهن نوابشاھ بند نه هجڻ ته ڪنهن لاڙڪاڻي ۾ هڙتال نه ٿيڻ جون دعوائون ڪيون اهڙي ريت ملڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيندي نظر آيو ۽ سياسي گرمي پد نوابشاھ ۽ جيڪب آباد کان به وڌيڪ گرم ٿي ويو، بنيادي طور سوال اهو ناهي ته آصف علي زرداري اهڙو بيان رينجرز جي الزام تراشين کانپوءِ اشتعال ۾ اچي ڏنو يا وري سندس بيان جي پسمنظر ۾ ڪراچي ۾ ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف طرفان سنڌ حڪومت تي الزام تراشيون ڪرڻ کانپوءِ ملڪ جي اڳوڻي صدر کي ڳالهائڻ جي حق کان به محروم ڪرڻ هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان اهميت ۽ عزت ڏنڊي بردار قوتن جي رهي آهي .

جڏهن به عوام جي نمائيندگيءَ جي دعوا ڪندڙن جمهوريت جي ڳالھه ڪئي آهي تڏهن عسڪري قوتن وري نظريه ضرورت جي ڳالھه ڪئي آهي هي سلسلو 11 آگسٽ 1947 کان شروع ٿيو آهي جڏهن محمد علي جناح ملڪ جا بنياد رکڻ لاءِ ورهاڱي کان اڳ جيڪا تقرير ڪئي ملڪ جي اصل حڪمران طبقن ملڪ کي هلائڻ لاءِ ان تقرير توڙي 1940 جي قرارداد کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي دراصل قرارداد مقاصد ۽ نظريه ضرورت کي اهميت ڏني نتيجي ۾ هي ملڪ جوڙجڪ کان پهريان ئي رياستي معاملن ۾ مذهب لاءِ ميدان بڻجي ويو ۽ پوءِ هر ڏهاڪي کانپوءِ لانگ بوٽن جي هت اهڙي ته لتاڙ ڪئي وئي جو عوام هر آمر ۽ جابر توڙي ڊڪٽيٽر ، جنرل جي حڪمن تي چٿبو ۽ ڇيڀاٽجندو رهيو. دهشت وحشت ۽ خوف لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ماڻهن جي خوشي ۽ خريد تي راتاها هنيا ويا قومن جا نه فقط حق غضب ڪيا ويا پر قومي جبر وسيلي مظلوم قومن جي سياسي ساڃاھ کي انتهائي بيدرديءَ سان ڇٽيو ويو ۽ وسيلن جي ڦر لٽ ڪئي وئي نه رڳو اهو پر هن ملڪ جو مقصد پنجاب جي ٽن ضلعن مان خاص اداري ۾ ڀرتي ٿيندڙن جي مفادن کي پورو ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت مظلوم قومن ڄاڻي ورتو ته هي جيڪو جبر ۽ ظلم ٿئي ٿو

سو اصل حڪمران طبقن طرفان ئي ٿي رهيو آهي انهيءَ ڪري جڏهن اهڙي طرز جي ادارن جي اورانگهڻ تي ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دانهون ڪرڻ لڳي ٿو تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته هي تڪرار ڪرپشن ڪندڙ ۽ ڪرپشن تي ضابطو آڻيندڙن جي وچ ۾ ناهي پر هي تڪرار ته سنڌ جون زمينون ڦٻائيندڙ سنڌ کي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪندڙ سنڌي ماڻهن کي ڪوڙا هڻندڙ ۽ سنڌ جي ڳوٺن تي بمباري ڪندڙ توڙي جمهوريت تي راتاها هڻندڙن جو ۽ سنڌ ۾ ووٽ جو مينڊيٽ رکندڙن جي وچ ۾ جيهڙو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هن ملڪ جا مقتدر ماڻهو گورنر هائوس ۾ ويهي سنڌ جي وڏي وزير يا حڪمران پارٽي آڏو مطالبا رکندا ۽ پوءِ پريشر وڌائڻ لاءِ الزام تراشيون ڪندا بعد ۾ وري 230 ارب ڦٻائڻ جا طعنا ڏيندا تڏهن لازمي طور تي ڌرتي ڄاوا اهڙا ماڻهو جيڪي ڀل گناهن جي گوھ مان ٽٻي هڻي آيا هجن پر انهن کي خبر هوندي آهي ته جيڪي ماڻهو طعنا ڏئي، سنڌ جي زمين معدنيات ۽ اختيار حاصل ڪرڻ گهرن ٿا اهي اسانکان وڌ گناھ گار آهن.

حالانڪ هتي سوال گهٽ يا وڌ ڏوهي جو ناهي هتي بنيادي سوال آهي منهنجي سنڌ جي لٽ ڦر جو ڇاڪاڻ ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي زمين جي والار انهن مقتدر قوتن ڪئي آهي جيڪا رقم هزارها ارب روپين کان مٿي آهي. سنڌ جو پئٽرول، گيس، ڪوئلو، سون ۽ چاندي ، گرينائيٽ ۽ سنڌي سمنڊ جا بي پناھ وسيلا ۽ معدنيات اربين ڊالرن کان مٿي آهي جنهن تي حدون اورانگهيندڙ ادارن جو ڪنٽرول آهي نه رڳو اهو پر سنڌو درياءَ کي بند ٻڌي اهڙو ئي سوڙهو ڪيو ويو جهڙو اڄ حدون اورانگهيندڙ ادارن سنڌ حڪومت کي آڻي بند گهٽي ۾ بيهاريو آهي انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته نواز شريف جڏهن رٿيل ملاقات زرداري صاحب جي بيان کانپوءِ ملتوي ڪئي ۽ سڀني سياستدانن توڙي اڪثر سنڌ جي قومپرستن آصف جي بيان جي مذمت ڪري حدون اورانگهيندڙ مقتدر قوتن جي اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي آهي اسانکي سائين جي ايم سيد جي فڪر توڙي جهموريت جي سوين ڪتابن مان اهو درس ملي ٿو ته ڌرتيءَ جي بقا خاطر آمر جابر ۽ مارشلائي قوتن سان ويڙھ جاري رکڻ کپي. هتي سوال پ پ جي  منظم يا غير منظم هجڻ جو ناهي پر بنيادي سوال ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ جي اختيارن تي لڳندڙ راتاهن جو آهي. اسان مڃون ٿا ته گذريل عرصي ۾ حڪومتي سطح تي زبردست ڪرپشن ٿي آهي پر ان کان وڌيڪ هر سطح تي سنڌ کي پنجاب ڦريندو ۽ لٽيندو رهيو آهي. هن ملڪ جي اڌ عمر کان مٿي مارشلائي قوتن جو راڄ رهيو آهي. انهيءَ ڪري اڄ جيڪڏهن اسانجا قومپرست يا پارليامينٽ جو شوق رکندڙ سنڌ دوست ۽ وفاق پرست سياستدان جيڪڏهن فوج سان گڏ بيهن ٿا ته هو عوام سان گڏ بيهڻ کان انڪار ڪن ٿا،  اڄ جيڪڏهن بليڪ ميلنگ ۾ اچي سنڌ حڪومت سنڌ جي 9 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين حدون اورانگهيندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اها سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام سان ويساھ گهاتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اڳ ئي لکين ايڪڙ زمين بلڪه پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 10 لک ايڪڙ زمين اهڙن ادارن حوالي آهي جڏهن ته فقط 70 لک ايڪڙ زمين ملڪ جي جاگيردارن، چوڌرين، وڏيرن، خانن ۽ سردارن وٽ آهي. انهيءِ ڪري سنڌ جي زمين سنڌ جي ماڻهن جو حق هجڻ کپي. ڪشمير ۽ دبئي وانگر زمين تي حق فقط انڊيجنئس سنڌ جو هجڻ کپي. پاڪستان پپلز پارٽيءَ کي گهرجي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پارليامينٽ وانگر سنڌ اسيمبلي مان اهڙو بل پاس ڪرائي بحرحال صورتحال انهتائي ڳنڀير نظر اچي رهي آهي. آصف علي زرداري سياسي شطرنج جو ماهر رانديگر آهيءَ انهيءَ ڪري ايئن نه ٿئي ته مقتدر قوتن کي انهيءَ زمين ڏيڻ بعد راضي ڪري وڃي. بحرحال مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي مفادن ڪاڻ ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ سياسي قوتن کي آمرن پويان ڊوڙون پائڻ نه گهرجن عوام جي ترقي خوشحالي ۽ بقا لاءِ جدوجهد جي واحد واٽ سياسي جدوجهد ۾ آهي

 

 

ذوالفقار علي ڀتي ۽ بينظير ڀٽو کانپوءِ پ پ ۽ اسٽيبليشمنٽ جو موجوده جهيڙو: دلشاد ڀٽو

ڪنهن ڏاهي کان سوال پڇيو ويو ته رهبر ۽ ليڊر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وراڻيائين ته رهبر قوم لاءِ قربانيون ڏيندو آهي ۽ ليڊر قوم کان قربانيون گهرندو آهي، ڊگهي عرصو اڳ جڏهن ميان نواز شريف صاحب جلاوطني کان واپس آيو ته ڪارڪنن نعرا پئي هنيا ته قدم وڌايو ميان صاحب اسين توهان سان گڏ آهيون ۽ اوهانکي ياد هوندو ته ميان صاحب جواب ڏنو هو ته اڳم جڏهن مون قدم وڌايو ۽ پوئتي لوڻو هڻي ڏٺم ته پويان ڪير به نه هو ساڳئي نموني پ پ ۽ ڀٽو جي فلاسافي ۽ سياست الڳ آهي. ڀٽو شهيد پنهنجي مخالفن کي تڙي ڏني ته جيڪڏهن کيس قتل ڪيو ويو ته هو قبرمان به عوام تي حڪمراني ڪندو، قيادت کي اعتماد،  سچائي ۽ ثابت قدمي مان ملندو آهي، ڀٽي جي شهادت کانپوءِ حڪمرانن سمجهيو ته معاملو لئي مٽي ٿي ويو پر ڇاڪاڻ ته ڀٽو نه رڳو عالمي اڳواڻ هو پر هو فلاسافر به هو ان وقت جي آمرن آڏو آڻ  نه مڃي  ۽ هو بي گناهه قتل ڪيو ويو. هن سان عدالتن نا انصافي ڪئي. ڀٽي جي شهادت هڪ اڻ کٽ آتش فشان کي جنم ڏنو، سندس نياڻي جيڪا خود خداداد صلاحتين جي مالڪ هئي، ميدان ۾ نڪري پئي هن سياست جو واڳون سنڀالي ورتيون، هن ضياءُ کي للڪاريو، آمريت خلاف ويڙهه ڪئي ، ۽ هو جيل وئي ، جلاوطن ٿي ۽  نيٺ آمر کي شڪست ڏني، پ پ جي لولي لنگڙي ۽ هٿ ٻڌل حڪومت قائم ٿي پ پ کي مهانگين شرطن تي اقتدار مليو، اسٽيبلشمنٽ نٿي چاهيو ته ملڪ ۾ جمهوري قوتون مضبوط ٿين، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه  جون پهرين واريون  ٻئي مختصر عرصي واريون حڪومتون برطرف ڪيون ويون، انهن جي برطرفي جي ٻين ڪيترن سببن ۽ الزامن سان گڏ وڏو الزام ڪرپشن جو هو ۽ ان ڪرپشن ۾ سرفهرست نالو آصف علي زرداري جو هو، مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا،مشرف نواز شريف جي حڪومت تي راتا هو هڻي جڏهن اقتدار تي براجمان ٿيو ته نواز شريف جيل ۽ پوءِ  جلاوطن ٿيو. محترمه به ملڪ کان ٻاهر هئي، جڏهن مشرف نيب جا  ڪيس کوليا ته ڪرپشن زده ڪيترائي نواز ليگي ۽ پيپلا  وڃي مشرف جي پيرن ۾ ڪريا ۽ قبلو مٽائي ڇڏيائون، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه  وري به مشرف کي اقتدار تان هٽائڻ جي جدوجهد جاري رکي، هن جيڪو اين آر او صحيح ڪيو ان جو وڏو فائدو زرداري، نواز شريف ۽ ايم ڪيو ايم کي پيو، واپس آئي سندس واپسي تي اسٽيبلشمنٽ سخت ناراض هئي.  هو حڪمرانن جي نظر ۾ بي اعتماد هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ عوامي اڳواڻ هئي ۽ حڪمرانن کي خبر هئي ته هوءَ عوام ڏانهن موٽي ويندي ۽ ائين ئي ٿيو، هو آئي لکين ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويا،

عوام سندس پروانو هوءِ ۽ هو عوام سان محبت ڪندي ڪندي آخر شهيد ڪئي وئي. نه رڳو سنڌ پاڪستان پر سڄي دنيا سندس غم ۾ وٺجي وئي. سندس شهادت المناڪ طريقي سان ٿي. ماڻهو سوڳ ۽ غم ۾ ورتا پيا هئا، دنيا پريشان هئي ته پ پ جي قيادت هاڻ ڪير سنڀاليندو. نيٺ چيئرميني جو تاج وڃي محترمه جي مڙس آصف علي زرداري تي پيو. هي نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن محترمه جي شادي  آصف علي زرداري  سان  پئي ٿي  تب پراڻا جيالا سخت ناراض ٿي ويا هئا. بهرحال آصف علي زرداري کي پ پ، اسٽيبلشمنٽ ۽ ٻين پارٽين قبول ڪيو ڇاڪاڻ ته ڪاٻي چوائس يا نعم البدل هو ڪونه. زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، اليڪشن ٿي، اليڪشن ۾ پ پ سنڌ کان سواءِ باقي صوبن مان  پ پ کي سادي اڪثريت ملي پر هن مفاهمت جي بنياد تي نه رڳو پنهنجو متفقه وزير اعظم آندو پر پاڻ به صدرٿي ويو، ٿوري عرصي ۾ نواز شريف ۽ ٻين سندس اتحادين مٿس بي اعتمادي جو اظهارڪرڻ شروع ڪيو، نواز شريف گڏيل حڪومت کان ڌار ٿي ويو، مشرف هٽي ويو ان به هن تي الزام هنيو ته هو بي اعتبار آهي ۽ واعده خلافي ڪري ٿو. ان وقت سڄو ملڪ دهشتگردي جي ليپٽ ۾ هو. مسئلا ضرور هئا پر سندس مفاهمتي پاليسي  تحت جڏهن هن سڀني کان خاطري ورتي ته جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪيو ويندو ته سڀ ڌريون ڦاسي پيون، سڀني چيو ته پ پ کي پنهنجو مدو پور ڪرڻ ڏنو وڃي. ياد رهي ته هڪ  دفعو محترمه بينظير جي شهادت جي موقعي تي   شهيدن جي مزارن ڏانهن منهن  ڪندي هن  تقرير ۾ چيو هو ته پ پ لاش کڻڻ جو ٺيڪو نه کنيو آهي نه ئي اسان اسٽيبلشمنٽ سان وڙهڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. انڪري ان جو مطلب هو ته پ پ هاڻ پرو اسٽيبلشمنٽ پارٽي آهي . ان کانپوءِ هن جا جنرلن سان جهيڙا هلندا رهيا مميوگيٽ وغيره جو مسئلو ٿيو پر پ پ جي ٻنهي وزيراعظمن ۽ وزيرن مٿان ڪيترائي ڪرپشن جا الزام لڳا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس هليا. خيرن سان پنج سال پورا ٿيا. مفاهمي پاليسي تحت وري مرڪز  ۽ پنجاب نواز شريف رکيو ۽ وري ٻين پنجن سالن لاءِ پ پ سنڌ ۾ اچي وئي، هن وقت تائين سنڌ ۾ حڪمراني جا ست سال پورا ڪري چڪي آهي ۽ اڃان ٽي سال رهڻو اٿس پر حالت جيڪا سنڌ  جي ٿي آهي اهڙي حالت مارشلا دورن ۾ به نه ٿي آهي، سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه آهي، شهرن جي حالتون  انتهائي خراب،  رشوت ايتري جو پوئين 60 سالن ۾ نه ٿي هوندي.  خزانو خالي،  نوڪريون من پسند ماڻهن کي رشوت تي، سرڪاري خزانو ترقياتي ڪمن ۽ عوامي بهبود جي ڪمن ۾ هڻڻ بجاءِ پيٽ ڀرڻ ۾ پورو ڪيو ويو آهي. گذريل ستن سالن ۾ حڪومت ۽ ان جي وزيرن جي ڪارڪردگي يا چونڊيل نمائيندن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ڪرپشن جي داستانن جون خبرون روز اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا تي اچن پيون، ڪو ٻڌڻ ۽ سڻڻ وارو نه آهي حڪومت ۾ شامل وزير ۽ پارٽي عهديدار رڙيون ڪن پيا ته سندن ڪم نه پيا ٿين،  وزير بي اختيار آهن پنهنجي کاتي ۾ سندن حڪم نٿا هلن، ڪيترن وزيرن احتجاجن استعفائون ڏنيون ۽ چيو ته سندن کاتن ۾ ”ادا“ ۽ ”ادي “ جي مداخلت آهي يا انهن جا ڪارندا ڪم ڪرڻ نٿا ڏين. هيٺان کان مٿي تائين رشوت آهي ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته بدعنوانين سان ڪمائيل وڏو حصو ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڏنو وڃي ٿو. سڀ ماڻهو پريشان آهن ته ايترا پئسا ۽ ملڪيتون آخرڪاڏي ڪندا؟  هاڻ جڏهن رياستي ادارا ستن سالن جي خاموشي کان پوءِ سجاڳ ٿيا آهن ۽ پ پ جي بدعنوانين تي ڏنڊي ۾ هٿ وڌو آهي ته پ پ قيادت مڇر جي پئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته سندن حڪومتي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي کين ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي .

سوال هي آهي ته گذريل ستن سالن کان اوهانجي حڪومت آخر ڪم ڪهڙو پئي ڪري. هي ماڻهن ۽ خلق خدا جا اهنج اوهانکي نظر نٿا اچن. ان جو مطلب ته سنڌ جي ماڻهن اوهانکي ووٽ ڏئي مينڊيٽ ڏنو آهي اوهين انهن  کي جيئن وڻين ڪريو ڪوبه اوهانجي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪري، اوهين جيئن وڻين سنڌي عوام کي اڏي تي رکي  مڏي ڪاتي سان پيا ڪهو ۽ رياست ويٺي تماشو ڏسي!  ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام اوهانکي پنهنجي حڪمراني لاءِ چونڊيو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين کي هاڻ ياد آيو آهي ته رياستي ادارا ۽ اسٽيبلشمنٽ کين روڪي ٿي ۽ سندن بدعنوانين کي وائکو ڪري ٿي. آصف علي زرداري پنهنجي پٽ جيڪو پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ بي اختيار چيئرمين آهي کيس تقرير به ڪرائڻ نٿي ڏني وڃي. هاڻ ان کي سامهون ويهاري ۽ رياستي ادارن ۽ اسٽيبلشمنٽ سان جنگ جو اعلان ڪري ٿو سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جنگ ۾ زرداري ڪامياب ٿيندو،  ٻيو ته هي جنگ زرداري جي بقا جي آهي ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي يا پ پ جي نظرياتي جنگ آهي؟  زرداري اسلام آباد ۾ بيهي اسٽيبلشمنٽ کي للڪاريو ٿو ڇا هو ذوالفقار علي ڀٽو يا بينظير ڀٽو آهي؟  هن ۾ اهي خصلتون ۽ صلاحيتون آهن؟ جيڪي ڀٽن ۾ هيون، هن جو  سنڌ، ملڪ ۽ عالمي ليول تي ايترو قد ڪاٺ ۽ ساک آهي؟ هن وقت هو اسٽيبلشمنٽ سان ڪهڙي آسري تي جنگ جو اعلان ڪري ٿو؟ ڀٽن واري پ پ ته تباهه ٿي وئي هي پاڻ ان کي سنڀالي نه سگهيو، هن جو عوام سان ڳانڍاپي واري رشتو ته آهي ڪونه ۽ نه ئي هي عوامي ليڊر آهي.  هي پنهنجي گهران نڪرڻ کان لاچار آهي، زمين تي وڃي تب سوين گاڏين جي قافلن سان لڪي وڃي. سڄي علائقي ۾ ڪرفيو لڳايو وڃي ٿو.

هي تاريخي سچ آهي ته پ پ ۽ ڀٽن جون هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ  تمام وڏيون قربانيون آهن، اڄ جڏهن پ پ مظلوم ٿي ميدان تي ايندي ته واقعي ڪراچي کان خيبر تائين ملڪ بند ٿي ويندو؟ ڇا پ پ ۾ هاڻ اهو سر ڏيڻ وارو جيالو رهيو آهي.

 

ڀلارو مهينو ۽ مهانگائي

جيڪڏهن اسين پنهنجي سماج تي نظر ڪنداسين ته اُن ۾ اِهي ٻئي گُڻ سهپ ۽ رواداري اسان کي دم ٽوڙيندي نظر ايندا ۽ هر هنڌ اڻ سهپ ۽ فريب جو ڄارُ ئي نظر ايندو. اِهوئي سبب آهي جو اسين پوريءَ دنيا ۾ بي اعتبار سمجهيا وڃون ٿا. سياست هجي يا زندگيءَ جو ٻيو وهنوار، هر پاسي نفرتون ۽ ڪدورتون ئي نظر اچن ٿيون، پر پوءِ به پاڻ کي اُتم سمجهڻ واري تڪبر مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهيون. هڪ طرف انتهاپسنديءَ اسان مان ماڻهپي کي ڪوري ڪڍيو آهي ته ٻئي طرف اسين پنهنجن مقدس مهينن جو احترام پڻ وڃائي ويٺا آهيون ۽ جيڪا مهانگائي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ڪئي وڃي ٿي، اُها ٻين عام مهينن جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي هُجي ٿي. بلڪه رمضان شريف جي اچڻ شرط ئي منافعي خورن جا جاوا ٿيو وڃن ۽ هُو کاڌي پيتي جي شين کان وٺي لٽي ڪپڙي جي قيمتن ۾ ايترو ته اضافو ڪري ڇڏيندا آهن جو غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ڪيترين ئي نعمتن کان محروم رهجي ويندا آهن. اُن جي ابتڙ اسين جڏهن ٻين مذهبن جي عقيدت وارن ڏينهن جو جائزو وٺون ٿا ته اُهي پنهنجن مقدس مهينن توڙي خاص ڏڻن تي هر شيءِ جي قيمت کي نه رُڳو مناسب رکن ٿا، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اُهي شيون گهڻيون سهانگيون پڻ ٿي وڃن ٿيون. اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته هڪ اهڙو مُلڪ جيڪو جُڙيو ئي اسلام جي نالي تي هُجي، اُتي جو سمورو وهنوار اُن آفاقي پيغام جي بلڪل اُبتڙ نظر اچي ٿو ۽ اسين بجاءِ جو احساس ۽ سهپ جي مادي کي وڌايون ويتر ڪٺور ۽ تنگ دل ٿيندا پيا وڃون ۽ اُن عمل ۾ اسان جو واپاري طبقو سڀ کان اڳيان نظر اچي ٿو. کين سرڪار پاران جيڪا ڇوٽ مليل آهي سا پڻ حيران ڪندڙ آهي. نه ته ڪو چيڪ اينڊ بيلنس آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪم لاءِ جوڙيل ادارا پنهنجو وجود برقرار رکي سگهيا آهن. چون ٿا ڪو دؤر هو جو قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سرڪاري مشنري تحرڪ ۾ هوندي هئي، دڪاندار توڙي ريڙهي وارا پرائس لسٽ موجب هر شيءِ جو وڪرو ڪندا هئا، پر هاڻ اُهو سڀ خواب بڻجي ويو آهي. بلڪه هن مقدس مهيني ۾ دهشتگرد ۽ منافعي خور ڇوٽ ڇڏيل هُجن ٿا- ظاهر آهي اهڙي عالم ۾ نه ته آزاديءَ سان عبادتون ڪري سگهبيون آهن ۽ نه ئي ماڻهو اُنهن عبادتن جي شڪراني طور ڪي خوشيون ملهائي سگهندا آهن. جيتوڻيڪ هر سال رمضان جي حوالي سان ڪجهه پيڪيجن جو اعلان ضرور ڪيو ويندو آهي، پر اُهي به فقط يوٽيلٽي اسٽورن تائين ئي محدود هوندا آهن ۽ انهن پيڪيجن جي اعلانن مان هڪڙو تاثر اِهو به ملي ٿو ته واپاري طبقو حڪومت جي وس کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته هوند سڄي مُلڪ ۾ هڪڙيون ئي قيمتون مقرر ٿيل هُجن ها ۽ سرڪار واپاري طبقي کي انهن تي قائم رهڻ لاءِ پابند بڻائي ها. جيتوڻيڪ اسلامي مُلڪ جي رهواسيءَ جي حيثيت ۾ سرڪار کان وڌ هر اُن ماڻهوءَ جو فرض ٿو بڻجي، جيڪو واپار سان لاڳاپيل آهي ته اُهو منافعي خوري ۽ ٺڳيءَ کان پاسو ڪري ۽ اُن آفاقي پيغام موجب شين جو وڪرو ڪري جيڪو الله ۽ اُن جي نبيءَ صه اسان کي ڏسيو آهي، ته جيئن اُمت مسلمه پنهنجن عقيدت ڀرين ڏينهن کي احسن طريقي سان ملهائي سگهي. پر هتي وري به اُها ساڳي ڳالهه اچي ٿي ته اسان اجتماعي سوچ بدران انفرادي سوچ کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا ۽ ٻئي کي نقصان ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪريون ٿا، جيڪا ڳالهه اُن آفاقي پيغام جي سراسر اُبتڙ آهي.