تازيون خبرون

Daily Archives: June 19, 2015

پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب کي سال مڪمل ٿيڻ تي هــــُـو پاڪ فوجکي مبارڪباد ڏي ٿو، جڏهن ته سموري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، سموري دنيا آپريشن ضرب عضب کي ساراهيو آهي.پرڏيهي ترجمان پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جو حامي آهي، پاڪ-چين اقتصادي راهدراي منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.قاضي خليل چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي 2 ڏينهن اڳ وزير اعظم نواز شريف کي فون ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پرڏيهي ترجمان واضح ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تڪرار آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت لڳي ويندو، جڏهن ته معاملن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

حساس ادارن پ پ جي اهم اڳواڻن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، سکر جو اهم اڳواڻ ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڳجهن ادارن پاران ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي سنڌ جي اعليٰ شخصيت محمد علي شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. محمد علي شيخ ڪراچيءَ کان آمريڪا وڃي رهيو هو. محمد علي شيخ پيپلزپارٽي سکر جو اهم اڳواڻ آهي، هو پيپلزپارٽيءَ جي اعليٰ قيادت جي تمام گهڻو ويجهو هو. ٻئي پاسي ممتاز زرداريءَ کي پڻ گرفتارڪيو ويو آهي. جڏهن ته سيوهڻ جي ٽي ايم او کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي

 

سلمان خان فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ٽوئيٽر تي نئين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. بالي ووڊ اداڪار سلمان جنهن جي نئين فلم جو تازو ئي پهريون پوسٽر ۽ هڪ گانو ”سليفيلي لي رهي“ جاري ٿيو آهي. اداڪار ٽوئيٽر تي ان فلم جي بليڪ ان وائيٽ ورزن ۾ پينٽنگ پڻ جاري ڪئي آهي جنهن کي مداحن گهڻو پسند ڪيو آهي. فلم ۾ سندس هيروئن ڪرينا ڪپور هوندي، فلم جولاءِ ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

بالي ووڊ جي نئين فلم اي بي سي ڊي ٽو سڀاڻي رليز ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا شــَراڌا ڪپور ۽ نئين اڀرندڙ اداڪار وَرُن ڌَوَن جِي فلم ”اَي بي سي ڊِي-ٽـُو“ سڀاڻي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي. بالي ووڊ جِي پهرين ٿـِري ڊِي ڊانس فلم جِي ڪهاڻي ماءُ جَي پيار تيٻڌل آهي، جيڪا ميـُور پوري لـِکي آهي. ريمو ڊي سوزا جِي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ۾ مک ڪردار من موهڻي اداڪارا شــَراڌا ڪپور ۽ نئين اڀرندڙ اداڪار وَرُن ڌَوَن نڀايو آهي، جن جي اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. ناليواري ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ ڊانسر پرڀو ديوا به هن فلم ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري سان گڏ ڊانس جا جوهر ڏيکاريا آهن. ”اي بي سي ڊي-ٽــُو“ ڀارت ۽ پاڪستان سميت دنيا جَي مختلف ملڪن ۾ سڀاڻي هڪ ئي وقت رليز ڪئي ويندي

 

فلم ”پيڪو“ ڏسي والدين ٻارن جو نالو پيڪو رکڻ شروع ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار دپيڪا پڊوڪون جي فلم ”پيڪو“ ڏسي هتي والدين ۾ اهو نالو رکڻ جي نئين روايت جنم ورتو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪاره جيفلم ”پيڪو“ جنهن ۾ هن پيڪو جو مرڪزي ڪردار نڀائي نه رڳو باڪس آفس تي ڌيان حاصل ڪيو آهي پر مداحن ۾ ايتري مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي. اڪثر والدين پڻ اهو نالو ايترو پسند ڪيو آهي جو انهن پنهنجن ٻارن جو نالو پيڪو رکي ڇڏيو آهي.

 

ريتڪ روشن جي فلم ”موهن جو دڙو“ ۾ چيتن سان ويڙهه ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ريتڪ روشن فلم ”موهن جو دڙو“ لاءِ چيتن سان وڙهڻ جي تربيت وٺڻ لڳو آهي. فلم جي ڪجهه منظرن ۾ ريتڪ کي چيتن سان وڙهڻ جو منظر ڀرائڻو آهي جنهن لاءِ هُن خاص طور تي تربيت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. فلم موهن جو دڙو ۾ سنڌ واديءَ جي تهذيب ڏيکاري ويندي ۽ ان ۾ هڪ لو اسٽوري جو بيان هوندو.

 

ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو سڀاڻي شروع ٿيندو

اوٽاوا(اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ ڪئنيڊا ۾ جاري ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو (سڀاڻي) ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ ڇنڇر واري ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ جرمني سوئيڊن جي ٽيمن جي وچ ۾ اوٽاوا ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ٻي ميچ چين ۽ ڪيمرون جي ٽيمن جي وچ ۾ ايڊمونٽن ۾ کيڏي ويندي، ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ ڪئنيڊا ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽبال جون ٽاپ ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن. ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائنل مرحلو 26 جون کان شروع ٿيندو ۽ سيمي فائنل مرحلو 30 جون تي شروع ٿيندو.

 

انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنجين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ سڀاڻي ٿيندي، سيريز 2-2 تان برابر

چيسٽرلي اسٽريٽ (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر ڏينهن چيسٽر لي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ اها ميچ ڏينهن جو کيڏي ويندو، پنجن ميچن جي سيريز جي صورتحال زبردست ٿي وئي آهي، هيستائين کيڏيل ميچن ۾ ٻنهي ٽيمن ٻه ٻه ميچون کٽيون آهن، انگلش ٽيم جي ايون مورگن جي ڳواڻي ۾ ميدان ۾ ايندي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم جي ڪپتاني برينڊن ميڪ ڪولم انجام ڏنيندو.

 

نفس تي ضابطو رکڻ جو مهينو: ساگرسنديلو

رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي ۽ سموري دنيا ۾ اربين مسلمان ان مهيني جو وڌ کان وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ تيارآهن. سموري دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ اهو رواج آهي ته رمضان المبارڪ دوران شين جا اگهه گهٽ ٿيو وڃن، ماڻهو تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو دڳ وٺن، نيڪي جو ڪو موقعو هٿان نه وڃائين، پر پاڻ وٽ دستور الٽوآهي.

پاڻ وٽ رمضان جي مهيني کي ڪمائي جو مهينو ڪري تصور ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري واپاري طبقو هن مهيني ۾ خوب پنهنجون تجوريون ڀريندو رهيو آهي ۽ اهو سلسلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي. جيڪي کائڻ پيئڻ جون شيون هينئر 10 روپيا ڪلو هجن سي رمضان دوران وڃي 50 روپيا ڪلو تي پهچن، ويتر عام واپارين دڪاندارن جي حالت اڃا خراب. ماڻهو جهڙو بلڊ پريشر جا مريض ٿيو وڃن ڳاله ڳالهه تي هڪ ٻئي مٿان لٺيون اڀيون ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. خدا ترسي غائب ٿيو وڃي، جيڪا رشوت ٻين مهينن ۾ هٿو هٿ وصول ڪئي ويندي آهي سا هن مهيني ۾ وري راشي ڪرپٽ ڪامورن جي کيسن ۾ وجهڻي پوندي آهي جو هو هن مهيني ۾ هٿ ۾ ڪا رشوت جي شيءَ کڻڻ پسند نه ڪندا آهن. هڪ پاسي کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيو وڃن ته ٻئي پاسي وري لٽو ڪپڙو به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي، اڃا اتي ئي بس ٿئي ها ته ٿئي ها پوليس جا ٻئي سرشتا ڪاري وردي وارا ۽ اڇي وردي وارا هن مهيني ۾ ڪنهن وٽ پنج روپيا به وٺڻ کان عار محسوس نه ڪندا آهن جو کين عيدي کپندي آهي. حڪومت مختلف شين تي ايتري سبسڊي ڏيندي آهي جو سبسڊي کي به شرم محسوس ٿيندو آهي. ايتري ۾ غريب غربي جي حالت اهڙي ٿيو وڃي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر.

جئين مون مٿي بيان ڪيو ته دنيا جي خاص مسلمان ملڪن جهڙوڪ انڊونيشيا ملائيشيا، سعودي عرب، ايران، خليجي ملڪ وغيره هن مهيني ۾ خاص رعايتون ڏيندا آهن ايتري تائين جو ون گيٽ ون فري جهڙيون اسڪيمون متعارف ڪرائيندا آهن ، پر اسان وٽ اهڙي صورتحال نه ٿيندي آهي.

ان کان پُوءِ جيڪو سڀ کان وڏو غلط رجحان پاڻ وٽ پرائيويٽ چينلن جي ڪري پيدا ٿيو آهي سو آهي رمضان جي فل ڊي نشريات جنهن ۾ صبح جو 12 کان ويندي شام جو افطاري تائين توهان کي مختلف قسمن جا پڪوان چينلن تي شيف تيار ڪندي ملندا ۽ اهڙي ريت سڄو ڏينهن روزائت جي نفس کي کاڌي ڏانهن راغب ڪرڻ جهڙو گناهه ڪندا رهندا آهن. ان سان گڏ مختلف مشروبات جي اشتهارن ۾ توهان ٻڌندئو ته فلاڻو يا   ٽيرو مٽيرو مشروب استعمال ڪرڻ سان توهان کي روزي جي اڃ محسوس ئي نه ٿيندي. ۽ اهڙا اشتهار جوڙڻ وقت ان ڳالهه کي پوري ريت نظر انداز ڪيو ويندوآ هي ته آخر روزي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ جڏهن روزي جو مقصد ئي بک ۽ اڃ جي شدت کي محسوس ڪرڻ آهي ته پوءِ ان شدت کي گهٽائڻ وارا بهانا ڇا لاءِ جوڙيا ويندا آهن؟

سو ضرورت ان ڳالهه جي رهي ٿي ته حڪومت رمضان دوران مختلف شين جا اگهه گهٽائي عوام کي ترت رليف فراهم ڪري، ان سان گڏ   ملٽي نيشنل ڪمپنيون روزي جي افاديت کي گهٽائڻ وارن هٿ ڪنڊن کان پرهيز اختيار ڪن، ٽيون ماڻهو پنهنجي نفس کي قابو ۾ ڪندي پاڻ به نيڪي جي حقيقي طلب کي پهچن ۽ نيڪي کي نيڪي ئي سمجهن نه ڪي ٿورو ڪندي نظر اچن. خاص ڪري هيٺين ڪلاس جي ماڻهن کي ان مهيني دوران وڌ کان وڌ ا مداد ڪئي وڃي ته جئين خدا جي مخلوق به ڪجهه حاصل ڪري سگجهي. پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ تي هر ممڪن ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . پيسن جي لالچ ۾ اهڙن پروگرامن کي سڄو ڏينهن نه هلايو وڃي جيڪي نفس کي ورغلائڻ جا مرتڪب ٿيندا هجن ۽ جن سان روزي جي افاديت کي نقصان رسڻ جو امڪان ٿيندو هجي.

 

کيرٿر جون چوٽيون لڙڪ پيون لاڙين..!!: عبدالغفار چانڊيو/خيرپور ناٿن شاهه

ڪاڇي جا ڏکايل ماروئڙا لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪجهه ماروئڙا اڃا پنهنجي ڀٽن تي ويٺل آهن، ۽ پنهنجو داستان ڪجهه هن طرح ٻڌائن ٿا ته جڏهن تل ترائين ۽ کيرٿر جبل جي لڪن تي حرڻ ڦُاڙها قطارون ڪري پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، جتي ڪوئل ۽ ٻين پکين جون مٺڙيون ٻوليون ٻڌي دل کي فرحت ملندي هئي، اتي اڄ جانورن جي لاشن جا ڍانچا، مري ويل جانورن جون سُڪل ڄنگهيون ۽ وکريل کنڀ نظر اچي رهيا آهن، ساوڪ ڀرين پٽين تي خوفنڪاڪ هوائن جون لهرون رات جي اونداهي ۾ بيمار ۽ بکايل ماروئڙا ڏٻريل جانورن ۽ پکين جيان سڪي ۽ سڙي رهيا آهن، پر ڪو  به هن دردوندن جو دارون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اڄ کيرٿر جون چوٽيون پنهنجي عظمت تي فخر ڪرڻ بدران پنهنجي بدحالي تي لڙڪ لاڙي رهيون آهن،

اڄ ڪاڇي امڙين جون دليون بکين ۾ پاهه پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جو زندهه لاش ڏسي پاڻ به لاش ۾ تبديل ٿي ويون آهن، هڪ طرف موت جو فرشتو ڪاڇي جهر جهنگ ۾ ڪاهي پيو آهي، ته ٻئي طرف ڪاڇي جي جبلن مان نڪرندڙ قدرتي ۽ مهنگي گئس ۽ تيل جي مالڪي ڄمائڻ اقتداري ڀوتارن جا محل پيا ٺهن، جتي ڪُتن، گهوڙن ۽ اٺن جي ناشتي لاءِ لکين روپيا خرچ ٿي رهيا آهن، اتي ڊسپرين ٽڪيون نه ملڻ سبب ڪاڇي جي امڙين جي هنجن ۾ انهن جا معصوم ٻچڙا سڏڪي سڏڪي مري رهيا آهن،

اسان جي سنڌ سرڪار ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا چونڊيل نمائنده بک ۾ پاهه مظلوم ماروئڙن تي ڏک ۽ افسوس ڪرڻ بدران اهيو چئي رهيا آهن ته ڪاڇي ۾ ڪنهن به قسم جو ڏڪار ناهي، سوال اهيو ٿو اٿي ته ڇا ڪاڇو پاڪستان ۾ شامل ناهي يا اتي ماڻهو مرگه نه ٿا رهن، ڇا انهن جي جسم ۾ روح ناهن؟؟ نه يقينن ائين نه هجي ها ته سنڌ سرڪار ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا چونڊيل نمائنده، خيرپور ناٿن شاهه جو والي وارث سڏرائيندڙ ڪوڙن بيانن، ڪوڙن دلاسن کان هٽي ڪري عملي طور انهن بيوس ۽ لاچار ماروئڙن جي مالي توڙي اخلاقي ۽ سماجي خدمتن لاءِ اڳتي اچن ها، سنڌ حڪومت خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي جي 24 ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ۽ مالڪي جي دعويٰ ڪئي، اهي دعوائون ڪيڏانهن ويون؟؟ شايد حڪومت ۾ ويٺل ۽ خيرپور ناٿن شاهه وڏيرا ايترا ته غريب آهن جو اهي ماروئڙن لاءِ ايندڙ امدادي ڪڻڪ ۽ مال جو چارو به سياست ۾ ڪم آڻين ٿا انهن تي وڏيرن کي راضي ڪن ٿا، ڀوتارن ۽ ڪمدارن ۽ چونڊيل نمائندن جا پيٽ شايد شگر مل جي بوائلرن کان به وڏا آهن، جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جنهن جو جيترو پيٽ، اوتري بک وڏي… ڪاڇي واسين کي سنڌ حڪومت ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي چونڊيل نمائندن جيڪي پٽڪا ٻڌرايا، اهي ڪنهن کان به لڪيل ناهن، اهو وقت جلد ئي ايندو، جڏهن اقتداري جنون ۾ مست حڪمرانن کي انهن رٿين اڳيان وڃڻو پوندو، ۽ انهن ڪاڇي جي ماروئڙن جي دلين پڄرندڙ ڪاوڙ ۽ نفرت کان بچڻ گهرجي، جڏهن اها ڪاوڙ ڪروڌ بڻجي آتش فِشا جيان ڦاٽندي ته ان غضب کان وڏيرا بچي نه سگهندا،

`ڪاڇي واسين جو سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گذارش آهي ته ڪاڇي جي مسئلن بابت پنهنجين اکين تان ڪاريون پٽيون لاهن ۽ پنهنجي پاور جو صحيح استعمال ڪندي پنهنجي فرض کي نڀائيندي اسان سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جو انصاف ڪن، ته جيئن اڄ جي انسان کي انسانيت کان شرمندو نه ٿيڻو پوي..شل ڪاڇو سلامت رهي..