تازيون خبرون

Daily Archives: June 18, 2015

پاڪ فوج ضرب عضب آپريشن ۾ اثرائتو ڪردار ادا پئي ڪري، تنقيد مناسب ناهي: نواز شريف ،

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشڙيف چيو اهي ته دهشتگردي جي خلاف آپريشن جي نازڪ مسئلي تي قومي سطح جو اتفاق راءِ ضروري آهي سياسي استحڪام ۽ قومي اتفاق راءِ سان گڏ ئي ملڪ تعمير ۽ ترقي جي رستي تي اچي سگهي ٿو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج کي سڄي قوم جي حمايت حاصل آهي اهڙِن حالتن ۾ فوج جهڙي اهم اداري تي تنقيد نامناسب قدم آهي اربع تي هتي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ سياسي مشاورتي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان آپريشن ضرب عضب ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ کين پوري قوم جي حمايت حاصل آهي اهڙين حالتن ۾ فوج تي تنقيد نامناسب قدم آهي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ سياسي قيادت وچ ۾ هم آهنگي جمهوريت کي مضبوط ڪيو هن هم آهنگي جو مظآهرو آل پارٽِزڪانفرنسن جي فيصلن سان ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت گڏيل طور تي قومي حدف طئي ڪيا هي عمل انهيءَ جذبي سان جاري رهڻ گهرجي.

 

رينجرز اختيار پئي اورانگهي: وڏي وزير جو ڊي جي رينجرز ۽ وفاق کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاه جو رينجرز جي اختيارن بابت ڊي جي رينجرز کي خط لکيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز پنهنجا اختيار اورانگهي رهي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي جي رينجرز کي لکيل خط جي ڪاپي وفاقي سرڪار ڏانهن به موڪلي ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته رينجرز پنهنجا اختيار اورانگهي رهي آهي.. خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۽ لائنز ايريا ترقياتي پروجيڪٽ جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ رينجرز جي اختيار ۾ ناهي، رينجرز کي دهشتگردي ايڪٽ تحت دهشتگردي روڪڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، پر رينجرز پنهنجن اختيارنکي اورانگهي رهي آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رينجرز پنهنجون حدون نه اورانگهي، جيڪي کيس اختيار ڏنا ويا آهن، انهن تحت ڪم ڪري..

 

وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، پاڪ فوج خلاف بيان ڏيڻ کانپوءِ رٿيل ملاقات ملتوي ڪئي وئي، وفاقي وزيرن نواز شريف کي مشورو ڏنو ته فوج خلاف بيان کانپوءِ آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري وچ ۾ اڄ ملاقات رٿيل هئي، ملاقات اچانڪ ملتوي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن جي مشوري تي وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصفزرداري سان ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون، پر اچانڪ ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي، ملاقات ملتوي ڪرڻ بابت بلاول هائوس کي به آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن وزيراعظم نواز شريف کي مشورو ڏنو آهي ته فوج تي خلاف بيان بعد آصف زرداري سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي، ان سان خراب پيغام ويندو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات رٿيل ئي نه هئي ته ملتوي ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻئي پاسي، پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته آصف زرداري اڄ وزيراعظم سان ملاقات نه ڪندو، وزيراعظم ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات جو ٻيهر شيڊول جاري ڪيو ويندو……

 

لاهور ۾ گهر کي باهه، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 گهر ڀاتي سڙي فوت

راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي شهر راولپنڊي جي اسڪيم ٿري رضا پلازه ويجهو گهر ۾ باهه لڳڻ سان هڪ ئي ڪٽنب جا ست ڄڻا سڙِ فوت ٿي ويا اطلاعن مطابق باهه لڳڻ سان زال مڙس ۽ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا فوتين ۾ 3 عورتون 4 مرد شامل آهن فوتين ۾ شوڪت علي، ان جي زال، عائشه شوڪت، ٻنهي جا ٻارڙا، عمر شوڪت، عثمان، حسن فاطمه ۽ محسن شوڪت شامل آهن جڏهن ته هيٺين پورشن ۾ ان جو ڀيڻيو انجم شهزاد رهندو هو فوتين جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتالپهچايا ويا آهن ذريعن مطابق گهر وارا آرام ۾ هئا ته شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي ۽ سمورن ماڻهن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سان ٿيو.

 

آصف زرداري کي فوج تي تنقيد سونهين نٿي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آصف زرداري کي فوج تي تنقيد سونهين نٿي، هو تنقيد ڪرڻ بدران سنڌ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آصف زرداري فوج لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها هن کي زيب نٿي ڏئي. خواجا آصف چيو ته آصف زرداري تنقيد بجاءِ پارٽي جي ڪارگردگي تي ڌيان ڏئي، آصف زاردري اهڙي وقت بيان ڏنو جنهن وقت فوج ملڪ جي بقا خاطر جنگ وڙهي رهي آهي.هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن سان جنگ وڙهي رهي آهي، اهڙي موقعي تي تنقيد جا ناڪاره اثر پوندا. خواجا آصف چيو ته آصف زرداري جي بيان تي افسوس ٿيو آهي، اڳوڻي صدر کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ٿا، آصف زرداري ملڪ جي وڏي اداري خلاف ڳالهايو، جيڪو مناسب ناهي..

 

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ماسڪو ۾ روسي پارليامينٽ ڊوما جي چيئرمين سان ملاقات

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف روس جي سرڪاري دوري دوران روسي فيڊريشن جي پارليامينٽ ڊوما جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي آهي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق روسي پارليامينٽ ڊوما جي اسٽيٽ چيئرمين آرمي چيف سان ملاقات دوران دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، خطي جي استحڪام ۾ ڪردار ۽ ملڪ اندر دهشگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب جي واکاڻ ڪئي آهي. ڊوما جي چيئرمين چيو ته سندس ملڪ  دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي ۽ خطي اندر استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا آزاداڻي، تسلسل تي ٻڌل آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي ڌرين دفاعي لاڳاپا، فوجي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ هڪٻئي جي فوجي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. آرمي چيف 16 جون تي ماسڪو ۾ فوجي نمائش جو معائنو ڪيو. نمائش ۾ جديد هٿيارن جي بهترين انداز ۾ نمائش ڪئي وئي.

 

گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار کي ڪهڙي ڏوهه عيوض گهران گرفتار ڪيو ويو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار جاويد قريشي کي گذريل رات ڪهڙي ڏوهه عيوض گهران گرفتار ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس دوران هن چيو ته حاليه ڏينهن ۾ گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿيون ۽ اسان سمورن تحفظات باوجود انهن کي قبوليو پر اُتي پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد قريشي کي گذريل رات کنڀي ٿاڻي ۾ وڌو ويو، هو 0 0 3  ووٽن تان هاريو آهي، حڪومت ٻڌائي ته اسان جو قصور ڇا آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق دفاعي پيداوار جي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي.

 

آصف زرداري جو فوج خلاف بيان مذمت جوڳو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري جو فوج خلاف بيان قابل مذمت آهي، ڌانڌلي جي الزامن تي نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ته اسان به خيبر پختونخوا حڪومت تان مستعفي ٿي وينداسين، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ ميثاق جمهوريت نه ميثاق مُڪ مڪا هو، حڪمران پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ ادارن کي تباهه نه ڪن، ڪرپشن کي خطري جو مطلب جمهوريت کي خطرو آهي، جوڊيشل ڪميشن ۾ وڏيون وڏيون شيون سامهون اينديون. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف)، پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبر پختونخوا ۾ فيصلو ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت مستعفي ٿئي. جيڪڏهن ڌانڌلي تي استعيفيٰ وٺڻي آهي ته پوءِ جڏهن اسان چئي رهيا هئاسين تڏهن ته سامهون نه آيا اسان ته صرف اهو چئي رهيا هئاسين ته جاچ تائين صرف نواز شريف استعيفيٰ ڏئي، هاڻ اسان چئون ٿا ته اسان سان هلو، پهرين وفاقي حڪومت استعيفيٰ ڏئي پوءِ اسان به استعيفيٰ ڏينداسين. هن چيو ته اهي سڀ ڊنل آهن ته اسان ڪي پي ڪي ۾ آزاد نيب بنايو آهي، جنهن ۾ انهن سڀني جا ڪيس اچڻ وارا آهن. عمران خان چيو ته آصف علي زرداري فوج خلاف سخت بيان ڏنو آهي ۽ جمهوريت کي به چيو آهي ته خطري ۾ آهي ۽ گڏ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ڪپتان سان گڏ ملي وڃون ها ته نواز شريف جي حڪومت هلي وڃي ها ته ان مان معلوم ٿئي ٿو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي اصل ۾ چارٽر آف مڪ مُڪا هو نواز شريف ۽ زرداري وچ ۾. هن چيو ته آصف علي زرداري کي جيل ۾ فوج نه نواز شريف وڌو هو ۽ مشرف ڪڍيو هو ۽ حديبيه پيپر مل ن ليگ خلاف پيپلزپارٽي شروع ڪيو هو. اهو جنرل پرويز مشرف نه ڪيو هو پر مشرف سان اين آر او وٺي سعودي عرب موڪلي ڇڏيو جنهن بعد ٻنهي مڪ مڪا ڪيو ته اهڙي طرح ته اسان ٻنهي وچ ۾ فوج ايندي رهندي، لهذا هڪ ڀيرو اوهان ڪريو هڪ ڀيرو اسان. هاڻ رينجرز ڊي جي چئي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي رهيو آهي.

 

پاڪستان جي ايف 17 ٿنڊر جي بلاڪ ٿري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان جي ايف 17 ٿنڊر جي بلاو ون ۽ ٽو جي ڪاميابي کان پوءِ بلاڪ ٿري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جي ايف 17 ٿنڊر جو بلاڪ ٿري جهاز ايندڙ سال پاڪ فضائيه ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن مطابق هوائي فوج جي ايف ٿنڊر کي جديد ترين بنائڻ جو فيصلو ڪندي بلاڪ ٿري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلاڪ ٿري جي حوالي سانشروعاتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ذريعن مطابق بلاڪ ٿري جهاز ۾ ڪاڪ پٽ جي توسيعي ڪندي ٻن پائليٽس جي جاٰءِ بڻائي ويندي جڏهن ته بائليٽ جي هيلمينٽس تي ڪئميرا نسب ڪيو ويندو جيڪو اسڪرين سان ڪنڍيو ويندو جي ايف ٿندڙ جي بلاڪ ٿري ۾ جديد ترين هٿيار نسب ڪيا ويندا ذريعن ٻڌايو ته ريڊار کي تباهه ڪندڙ ميزائيل نسب ٿيندا.

 

آصف علي زرداري پ پ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪرپشن جي انتها ڪئي وئي آهي: ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اي پي پي) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا چيو آهي ته جنرل ضياءُ الحق اهو ڪم نه ڪري سگهيو جيڪو آصف علي زرداري ڪيو آهي، هن پاڪستان پيپلز پارٽي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي انتها ڪئي وئي آهي. هن وقت سنڌ جي موجوده ڪابينا پاڪستان جي تاريخ جي ڪرپٽ ترين ڪابينا آهي، گذريل 7 سالن جي حڪومت ۾ مفاهمت جي نالي تي عوام کي بي وقوف بنائي اربين رپيا لٽيا ويا پر عوام ۽ سنڌ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ڪالهه پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان جوڊيشري جو انتهائي شڪرگذار آهيان جنهن جي ڪري مان زنده سلامت آهيان، جنهن مون کي ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ کان بچايو. هن چيو ته افواهه هلايا پيا وڃن ته مان حڪومت سان ڊيل ڪري خاموشي سان ملڪي ڇڏي وڃي رهيو آهيا، ان ۾ ڪا به صداقت ناهي، مان جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي يا جيڪو حق جو آواز اٿاريو آهي اهو نه وڪڻي سگهان ٿو نه اهو ڌٻجي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي عوام جو آواز آهي ۽ مان سنڌ جو غيرتمند پٽ آهيان ۽ مان واعدو ٿو ڪيان ته مان ٽن چئن هفتن جي جي لاءِ زال جي علاج لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهيان جنهن بعد مان واپس اچي پنهنجي تحريڪ وڏي جوش ۽ جذبي سان اتان ئي شروع ڪندس جتي ڇڏي آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري ڪالهه جيڪو فوج جي حوالي سان لهجو اختيار ڪيو آهي اهو توهين آميز آهي جنهن جي سزا ڦاسي آهي، هو هن وقت اها ئي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي جيڪا ٻولي الطاف حسين ڳالهائي رهيو هو، هاڻ هي به ان جي ئي لائين تي اچي ويو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته پي پي جي گذريل 7 سالن جي حڪومت ۾ ملڪ خاص ڪري سنڌ تباهه ٿي آهي، هر کاتي ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي چڪي آهي، نوڪرين کان ويندي تيل ۽ گيس جي رائلٽي جي حوالي سان به سنڌ سان وڏي زيادتي ٿيندي رهي آهي ۽ سنڌ جي زمينن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو پيو وڃي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ موجوده سنڌ ڪابينا جهڙي ڪرپٽ ڪابينا ڪڏهن ناهي رهي، ڪٿي به ڪا گورننس نظر نٿي اچي ۽ سنڌ ۾ ميرٽ کي گار سمجهيو وڃي ٿو، ميرٽ جو تصور سنڌ حڪومت مان ختم ٿي چڪو آهي، ڪرپشن جي اها حالت آهي جو شرجيل ميمڻ جي گهران 2 ارب روپيا نڪرن ٿا. هن چيو ته رينجرز سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڇاپو هڻي اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو شهزادو (آصف) بوکلاهٽ جو شڪار ٿي فوج جي خلاف محاذ آرائي ٿي لهي آيو آهي. منظور قادر ڪاڪا هڪ ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي، جيڪو سال ۾ صرف شڪار تي 5 ڪروڙ روپيا خرچ ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار مرزا چيو ته پوري سنڌ بند ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڀليل آهي هو ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ ئي بند ڪرائي ڏيکاري ته مان سياست ڇڏي ڏيندس.گهرو وزير سهيل انور سيال جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته اهو وزير داخلا نه پر داخلي وزير آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري سان نه منهنجو رابطو ٿيو آهي نه ئي مان رابطو ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي بلاول مون سان ڪو رابطو ڪيو آهي، ماڻهو غلط ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بلاول منهنجو چيئرمين آهي ۽ قابل احترام آهي، مان ان جي وڏي عزت ڪندو آهيان ۽ ڪندو رهندس. هن چيو ته مان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي سلام ٿو پيش ڪيان جنهن پنهنجي ڌرتي سان سچي هجڻ جو ثبوت ڏئي پنجاب کي ٺاهيو آهي ۽ عوام جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. خدا ڪري ته ڪو سنڌ کي به اهڙو سي ايم ملي جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان سچائي جو ثبوت ڏئي.