تازيون خبرون

Daily Archives: June 16, 2015

اي سي ايل ۾ ڪوبه نالو وڌ ۾ وڌ ٻه سال شامل ڪري سگهبو:گهرو وزارت  نئين پاليسي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزارت نئين ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ پاليسي تيار ڪري ورتي جيڪا منظوري لاءِ گهرو وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي، نئين پاليسي موجب ڪنهن به ڏوهاري جو نالو وڌ ۾ وڌ ٻن سالن تائين اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهبو، لسٽ ۾ شامل نالن جو هر سال جائزو ورتو ويندو ۽ لاڳاپيل کاتي ۽ اداري مان ڏوهاري جي ڪيس جي نوعيت پڇي ويندي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ڏوهارين جا نالا اڻ ڄاڻايل عرصي تائين اي سي ايل ۾ رهندا. ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي هدايت تي گهرو وزارت نئين ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ پاليسي تيار ڪئي آهي، ڄاڻايل پاليسي مطابق جيڪو به کاتو يا ادارو ڪنهن ڏوهاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرائيندو ته ان کي گهرو وزارت کي شاهد فراهم ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري خلاف فوري طور تي شاهد دستياب نه ٿيندا ته ان جو نالو عبوري طور تي هڪمهيني لاءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو، پرپوءِ ان هڪ مهيني اندر لاڳاپيل کاتي يا اداري کي شاهد ڏيڻا پوندا، شاهدن جي عدم دستيابي تي نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويندو، نئين پاليسي ۾ ڪنهن به ڏوهاري جو نالو وڌ ۾ وڌ ٻن سالن لاءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهبو، پرپوءِ هڪ سال کانپوءِ  هر ڏوهاري جي ڪيس تي نظرثاني ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل کاتي يا اداري کي ڏوهاري جي ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن گهرو وزارت مطمئن نه ٿيندي ته نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويندو. ذريعن مطابق دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن ۽ عنصرن جا نالا اڻ ڄاڻايل عرصي لاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا، نئين اي سي ايل پاليسي گهرو وزير جي منظوري سان ئي لاڳو ٿيندي..

 

پوليس ۾ به هاڻي فوج جيان شهادت کانپوءِ  گهر، نوڪري ۽ ٻيون رعايتون ڏ يڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  چيو آهي ته سنڌ پوليس  جي مضبوطي  سنڌ ۾ امن جي ضمانت آهي، صوبي ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي جو ڪريڊٽ وڏي وزير قائم علي شاهه سميت سنڌ پوليس ۽ آءِ جي سنڌ ڏانهن وڃي ٿو،  ضرب عضب جي ڪاميابي ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جيڪڏهن ڪو پوليس آفيسر ڊيوٽي دوران شهيد  ٿي وڃي ته ان جي خاندان کي  سڄي عمر پگهار ۽ سندس اولاد کي نوڪري ڏني ويندي، اڳوڻي صد ر آ صف علي زرداري ڪرا چي ۾ رزاق آباد  پوليس  ٽريننگ سينٽر ۾ 25هين ايلٽ فورس پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته جهڙي ريت هٿيار بند فوج  ۾ سپاهين جو خيال ڪيو ويندو آهي اهڙي ريت پوليس ۾ به سپاهي جو خيالن   رکڻ گهرجي، هن اعلان ڪيو ته پوليس ۾ به هاڻي فوج جيان شهادت کانپوءِ  گهر ۽ رعايتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود آفيسرن لاءِ رهائش جو بندو بست ڪيو ويندو، هن پوليس جي شهيد ن جي حوالي سان ٻڌ ايو ته شهيدن کان اسان طاقت ورتي آهي ۽ اڄ اسان انهن شهيدن کي سلام ڪرڻ لاءِ گڏ  ٿيا آهيون، هن چيو ته آپريشن ضرب عضب  کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني فوج بي پناهه ڪاميابيون حاصل  ڪيون آهن ۽ دهشتگردن جي  چيلهه ٽوڙي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته فوج وانگر  پوليس فورس تيار  ڪئي ويندي ۽ ان  جا سمورا مسئلا  حل ڪيا ويندا، ڇو جو پوليس جا مسئلا صرف انهن جا نه پر اسان سڀني جا آهن، آصف زرداري سنڌ پوليس کي مخاطب  ڪندي چيو ته جهڙي ريت فوجي جوان، نيوي، ايئرفورس ۽ رينجرز جا اهلڪار پنهنجي آفيسرن  جو خيال رکندا آهن اهڙي ريت سنڌ پوليس کي به پنهنجي آفيسرن کان پهرين قربانيون ڏيڻ گهرجن، اڳوڻي صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته مان اڄ به شهيدن جي صف ۾ بيهڻ چاهيان ٿو ، حڪومت کي گهرجي ته شهيدن جي خاندانن کي مڪمل پگهارون ڏنيون وڃن ۽ شهيدن جي ٻارن کي نوڪريون فراهم ڪري ٻيون سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪري،

 

ڀارت اقتصادي لنگهه رٿا پوري ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت پاڪ – چين اقتصادي لنگهه کي پورو ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي، اسان کي سياڻپ سان ان رٿا خلاف ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻا پوندا. اسلام آباد ۾ نيشنل ڊفيسن يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڪيترائي ٻيا ملڪ به اقتصادي  لنگهه رٿا کان چڙيل آهن، جڏهن ته ان رٿا بابت ڀارت تمام گهڻي نامناسب طريقي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ڇو ته اهو ان رٿا کي پورو ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمورن چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، دهشتگردي جي حوالي سان صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪي بچاءَ لاءِ قدر جوڳيون قربانيون ڏنيون آهن.ڪانووڪيشن کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ صدر ممنون حسين ڪامياب ٿيل شاگردن ۾ سندون پڻ ورهايون.

 

فارم 15 مان استعمال نه ٿيل بيلٽ پيپرن بابت مدد ناهي ملي، هي جڊيشل نه پر جاچ ڪميشن آهي : چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) 2013ع وارين چونڊن ۾ شڪي ڌانڌلين بابت جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن جي سربراهه چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو آهي ته فارم 15 مان استعمال نه ٿيل بيلٽ پيپرن بابت مدد ناهي ملي. هي جڊيشل ڪميشن ناهي پر جاچ ڪميشن آهي، تحريڪ انصاف جي درخواست مان مطمئن ناهيون. ڪالهه چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ ڪميشن جو اجلاس ٿيو. بلوچستان جو اڳوڻو وڏو  وزير غوث بخش بارو زئي انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿيو ،هن ڪميشن کي ٻڌايو ته هو 2013ع جي عام چونڊن ۾ نگران وڏو وزير هو. هن چيو ته شڪست جا ذميوار چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ مقامي انتظاميا هئي. هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊن کي غير شفاف قرار نه ڏنو هو پر اهو چيو هو ته بلوچستان ۾ ”استادي“ ٿي آهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو ته استادي جو لفظ لکڻ لاءِ انگريزي جو لفظ ناهي. اسان استادي جي لفظ کي استادي لکي ڇڏيون ٿا، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته هي انڪوائري ناهي،  جڊيشل ڪميشن آهي. ان تي چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏنا ته هو تحريڪ انصاف جي درخواست مان مطمئن نه آهن،  هي جاچ ڪميشن آهي، جڊيشل ڪميشن ناهي. دانڌلي جي جاچ ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي ڪارروائي سياسي پارٽين جي مدد سان اڳيان وڌائي آهي. تحريڪ انصاف جي درخواست تي سڄي ملڪ مان فارم 15 گهرايا ويا آهن. عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن جا فارم 15 ناهن آيا ،ڪجهه تڪن ۾ تمام گهڻا واڌو بيلٽ پيپر موڪليا ويا. هڪ ڪروڙ 10 لک واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪڏهن به عام چونڊن ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ناهي رهيو پر 2013ع جي چونڊن ۾ بلوچستان جو ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو. چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته فارم 15 مان جاچ ڪميشن کي ڪا مدد ناهي ملي.

 

”خدمتن تي ٽيڪسن بابت ترميمون صوبائي قانون ۾ سڌي مداخلت ۽ آئين جي لتاڙ آهن“ سنڌ سرڪار جو وفاق کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق پاران پارليامينٽ۾ پيش ٿيندڙ فنانس بل 2015 ع ۾ خدمتن تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٿيندڙ ڪجهه ترميمن کي صوبائي قانون ۾ سڌي مداخلت ۽ ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وفاق کان بينڪاري سميت 6 خدمتن تي لڳايل فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽِي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران وفاق کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته بيڪنگ انشورنس سروس، فرنچائيز، ٽيليڪام، نان بينڪنگ، فنانشل ڪارپوريشن ۽ ريسٽورنٽ تي لڳايل فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي فوري طور تي واپس ورتي وڃي، ليٽر ۾ واضح لفظن ۾ چيو ويو آهي ته فنانس بل 2015 ۾ کنيل ڪجهه قدم خدمتن تي سيليز ٽيڪس جي صوبائي قانون ۾ مداخلت ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاق فنانس بل ۾ اهي قدم متعارف ڪرائي قانون کان مٿانهون ڪم ڪيو آهي، ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته خدمتن تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ بابت اشوز فوري طور تي حل ڪيا وڃن، خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاق پاران فنانس بل 2015 جي سيڪشن 2 جي شق (ڊي) (1) 33 ۾ سروسز جي تعريف تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪا تجويز ڏني وئي آهي ان سان صوبن کي نقصان ٿيندو، ليٽر ۾ چيو ويو ته فنانس بل ۾ ڄاڻايل ترميم سان صوبائي حڪومت پاران خدمتن تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ واري ڪوششن کي نقصان پهچندو، سنڌ حڪومت پاران وفاق کي چيو ويو آهي ته فنانس بل مان اهڙين ترميمن کي واپس ورتو وڃي جنهن سان صوبن جي آمدني متاثر ٿيڻ جو شڪ آهي.

 

استاد پنھنجي ڌرتي پنھنجي وطن پنھنجي گھر ۽ پنھنجي ٻچن جا وفادار رھن: نثار کهڙو

نوشهرو فيروز(اي پي پي) تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته استاد پنھنجي ڌرتي پنھنجي وطن پنھنجي گھر ۽ پنھنجي ٻچن جا وفادار رھن، پ پ سان عوام جي طاقت گڏ آھي سنڌ جي ترقياتي ڪمن روڊن رستن اسڪول ۽ اسپتالن جو ڄار وڇايو ويو آھي ڏوراهن ۽ پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياري آھي ۽ خدمت جو ھڪ تاريخي مثال قائم ڪيو ويو آھي. مورو جي گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي 102 ۽ ضلعي نوابشاھ شھيد بينظير آباد جي 102 اين ٽي ايس پاس اميدوارن ۾ استادن ۽ استادياڻين ۾ آرڊر ورھائڻ واري تقريب جي صدارت ڪندي صوبائي وزير نثار احمد کھڙو چيو ته تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتي کي شفاف بڻايو ويو آھي ۽ ميرٽ جي بنياد تي ماستري جا آرڊر ڏنا پيا وڃن، استادن جي ڀرتي ۾ ڪا به شفارش قبول نه ڪئي ويندي .ھن چيو ته سنڌ جي تعليم جي بھتري ڀلائي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ترجيحي بنيادن تي شفارش ڪلچر کي ختم ڪري ميرٽ ڪلچر کي هٿي وٺرائي وئي آھي ته جيئن سنڌ جي تعليم پوري ملڪ ۽ دنيا ليول تي بھتر ٿئي .ھن چيو ته آفر آرڊر وٺندڙ خوشنصيب اميدوارن کي جس ٿو ڏيان ته ھو پنھنجي محنت ڪري ميرٽ تي اچي ڪامياب ٿيا آھن ۽ اھي ڳوٺن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ وڃي اسڪول آباد ڪندا ماروئڙن ۽ جانگهيئڙن ھارين ۽ پورھيتن جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪري انھن کي معاشري ۾ اعليٰ مقام ۽ اعليٰ عھدن تي پھچائيندا استاد پنھنجي ڌرتي پنھنجي وطن پنھنجي گھر ۽ پنھنجي ٻچن جا وفادار رھن. ھن چيو پ پ سان عوام جي طاقت گڏ آھي سنڌ جي ترقياتي ڪمن روڊن رستن اسڪول ۽ اسپتالن جو ڄار وڇايو ويو آھي ڏوراهن ۽ پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياري آھي ۽ خدمت جو ھڪ تاريخي مثال قائم ڪيو ويو آھي، سنڌ جي اسڪولن ۾ سولر سسٽم هڪ بهتر قدم آهي جنهن سنڌ ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ ۾ تعليم حاصل ڪندڙن ڪا به پريشاني نه ٿيندي اهو قدم ساراھ جوڳو آهي جنهن جي تعريف ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز آغا ناصر علي، اي ڊي او تعليم نثار احمد ميمڻ، ،منور سلطانه ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ابرار احمد جعفر، صوبائي صلاحڪار حسين ابرار علي شاھ ، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سکر ڊويزن زيب منگي، ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا ان کان اڳ ڊي او ايجوڪيشن نوشھروفيروز نثار احمد ميمڻ آجياڻي تقرير ڪئي ۽ جڏھن صوبائي وزير نثار احمد کھڙو گرلس ھاءِ اسڪول پھتو ته ان جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي.

 

سپريم ڪورٽ اڊيالا جيل مان 11 قيدي کنڀڻ بابت نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ  اڊيالا جيل مان کنيل 11 قيدين جي معاملي ۾ نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سومر ڏينهن جسٽس ميان ثاقت نثار  جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ طارق  اسد طرفان لاپته ماڻهن جي بازيابي  لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست ڏيندڙ طارق اسد موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل  ماڻهن کي عدالتي ٽرائل  کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، پر اڊيالا جيل کان ٻاهر ايندي سيڪيورٽي ايجنسيون  کين کڻي ويون، عدالت ڪيترائي ڀيرا حڪم جاري ڪيا پر اڃا تائين سندن آزادي ممڪن  ناهي ٿي سگهي،  ان لاءِ عدالت جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي، عدالت چيو ته هر شخص کي جيئڻ جو ۽ آزاد رهڻ جو حق آهي، عدالت پهرين  ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان درخواست مان ڪنهن نئين فيصلي جي اميد رکو ٿا ته اهو ٻڌايو، پوءِ ئي  اسان نظر ثاني جي درخواست  قبول ڪنداسين، پر توهان جي درخواست ۾ ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنهن تي طارق اسد چيو ته منهنجي درخواست ۾ توهان چيف سيڪريٽري جي رپورٽ ڏٺي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته انهن کي کنڀيو ويو آهي ،عدالت چيو ته توهان تعميري  تنقيد ڪيو، ادارن جي تذليل نه ڪيو، انهن ادارن جي ڪري ئي توهان جي به عزت آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

ڪي پي ڪي جي بجيٽ پيش، گاڏيون مهانگيون، پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي ٽيڪس لاڳو، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

پشاور(م.ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي 488 ارب رپين جي  بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي،جڏهن ته ترقياتي ڪمن لاءِ 175  ارب روپيا رکيا ويا ، ناڻي واري صوبائي وزير مظفر سيد ايندڙ مالي سال لاءِ 488 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪئي،بجيٽ ۾ هڪ هزار سي سي ڪارن تي هڪ ئي وقت 10 هزار ٽيڪس لڳائي وئي آهي،ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪمرشل ۽ وڏي پاور انجڻ گاڏين تي به ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي،اسپرٽ جي پرمٽ ۽ لائيسنس جي فيس جي شرح ۾ به واڌ جي تجويز آهي،ڪمرشل ايراضي،سي اين جي اسٽيشنن،پئٽرول پمپن ۽ سروس اسٽيشنن جي ٽيڪس ۾ به واڌاري جي تجويز ڏني وئي، مظفر سيد  بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته تعليم لاءِ 97 ارب،54 ڪروڙ ۽ صحت لاءِ 29 ارب 95 ڪروڙ رکيا ويا آهن، ،پوليس لاءِ 32 ارب 74 ڪروڙ روپيا ۽ ڪڻڪ جي سبسڊي جي مد ۾ 2 ارب 90  ڪروڙ رپيا رکيا ويا،مواصلات ۽ اڏاوتن لاءِ 2 ارب 76 ڪروڙ رکيا ويا، صوبي کي وفاق وٽان 371 ارب رپيا حاصل ٿيندا، جڏهن ته صوبو پنهنجي وسيلن مان 55 ارب رپيا حاصل ڪندو، مظفر سيد  جو چوڻ هو ته وفاق کان دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 30 ارب رپيا حاصل ٿيندا،بهتر مالي حالت ۽ نظم ضبط تي وفاق کان 2 ا رب رپيا بونس ملندو،وفاق وٽان پن بجلي جي ڦاٿل رهتن جي پهرين قسط 52 ارب رپيا ملندي،بجيٽ    تقرير شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر سيٽن تان اٿي وڏو گوڙ ڪيو ۽ اي اين پي جي نگهت اورڪزئي بجيٽ دستاويز ڊيسڪ ٿي اڇلائي ڇڏيا.اي اين پي ۽ جي يو آءِ جا  ميمبر اسپيڪر جي ڊائس وٽ گڏ ٿي ويا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا.

 

جج موڪل تي، وڪيلن جي هڙتال، ايان علي جي رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ

راولپنڊي(م.ڊ) ڪرنسي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ ڪئي وئي،ايان علي کي ڪرنسي اسڪينڊل ڪيس ۾ راولپنڊِي ۾ ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب سامهون پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو پر جج موڪل تي هجڻ ۽ ڊسڪا سانحي خلاف وڪيلن جي هڙتال سبب کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن ڪارروائي جي سندس رمانڊ ۾ 29 جون تائين واڌ ڪئي وئي. واضح رهي ته  ايان علي کي ٽي مهينا پهرين ڪروڙين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي نار جي ملڪن ڏانهن اسمگل ڪندي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.

 

سپريم ڪورٽ پورهيتن جي پگهارن بابت صوبن جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پورهيتن جي پگهارن بابت صوبن جون رپورٽون رد ڪندي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سومر ڏينهن جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي هيٺ 3 رڪني بينچ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران پورهيتن لاءِ اعلانيل پگهار نه ڏيڻ بابت پاڻمرادي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي ايڊووڪيٽ ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنزل پنهنجون رپورٽون جمع ڪرايون ، جيڪي عدالت رد ڪري ڇڏيون ،جسٽس جواد ايس خواجا رمارڪس ڏيندي چيو ته هي رپورٽون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، صوبائي حڪومتن وچ ۾ بجيٽ جي حوالي سان مقابلو ٿي رهيو آهي پر سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ ڪم ڪندڙ غريب کي پورو اجورو نه ٿو ڏنو وڃي. هن اهي به رمارڪس ڏنا ته قانون ٺاهڻ سولو ڪم آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ ڏکيو آهي ، حڪومتون ان کان بي پرواهه آهن، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومتن پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪرايو ته پوءِ چيف سيڪريٽرين، پورهئي وارين وزارتن جي سيڪريٽرين يا ڪنهن ٻي اعلى شخصيت کي گهرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري سگهون ٿا.عدالت چئني صوبن کان اعلانيل پوري پگهار ڏيڻ جي حوالي سان ٻيهر رپورٽون گهرائيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.