تازيون خبرون

Daily Archives: June 15, 2015

عمران خان جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي هار قبولي ورتي : پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف پاران جڊيشل ڪميشن کي لکيل خط جو مطلب ته هنن مات مڃي ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  پرويز رشيد جو چوڻ هو ته امڪاني ڌانڌلي جي ٻڌڻي ڪرڻ واري جڊيشل ڪميشن جي اڳيان تحريڪ انصاف ڌانڌلي جي حوالي سان دستاويز ، ثبوت ۽ گواهه پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ هاڻي جڊيشنل ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪو عمران خان جو يو ٽرن ۽ تڪرار آهي. وفاقي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهڻ ٿو چاهي ۽ جڊيشل ڪميشن ۾ ان جو مطالبو ان ڪري آهي ته جيئن ترقي لاءِ طئي ڪيل مقصد حاصل نه  ٿي سگهن ان ڪري حڪومت اهڙن مطالبن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندي.

 

ڪي-4 منصوبي لاءِ اڍائي ارب رکيا ويا آهن، 2 ارب 30 جون تائين ملي ويندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ ۾ چيو آهي ته نئين بجيٽ ۾ سنڌ جو ٽيڪس ريٽ ٻين صوبن کان گهٽ آهي ، سنڌ جو ٽيڪس ريٽ تمام گهٽ رکيو ويو آهي ان باوجود ايم ڪيو ايم پاران سنڌ بجيٽ رد ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي به مطئمن ڪري سگهون، سنڌ جي عوام دوست بجيٽ آهي جنهن سان غريب عوام تي گهڻو بار نه پوندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه چيف منسٽر هائوس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي جي ڪي فور منصوبي جي لاءِ اڍائي ارب روپيا رکيا ويا آهن. سڀ کان وڌيڪ رقم تعليم جي شعبي لاءِ رکي وئي آهي ۽ ٻئي نمبر تي امن امان جي حوالي سان خرچ ڪرڻ جي لاءِ رکي وئي آهي جڏهن ته ٽئين نمبر تي صحت جي شعبي لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي ته جيئن غريب عوام کي صحت جون بهتر سهولتون مهيا ٿي سگهن. هن چيوته اسان ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، لوڪل گورنمينت سميت ڪنهن به کاتي مان ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ناهيون رهيا پر انهن جي مانيٽرنگ جي لاء بهتر نظام جوڙي رهيا آهيون ته جيئن انهن کان ڊيوٽي ڪرائي سگهجي پر جيڪڏهن ڪير مسلسل غير حاضر رهندو يا ڊيوٽي نه ڪندو ته پوءِ ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ نان ڊولپمينٽ بجيٽ تي اعتراض اجايا پيا ڪيا وڃن نان ڊولپمينٽ بجيٽ به تمام ضروري هوندي آهي جنهن کي ختم نٿا ڪري سگهون ۽ اها پوري دنيا ۾ رکي ويندي آهي. هن چيو ته اسان جيڪي به منصوبا جوڙيون ٿا انهن کي مسلسل هلائڻ جي لاءِ نان ڊولپمينٽ بجيٽ هجڻ ضروري َآهي ته جيئن انهن منصوبن جي سار سنڀال ۽ مرمت به ٿي سگهي صرف منصوبا جوڙڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا پر انهن جي سار سنڀال به ضروري هوندي آهي. ٻي صورت ۾ اهي عوام کي فائدو نه ڏئي سگهندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين سال جي بجيٽ ۾ 7. 12 ارب روپيا خسارو ڏيکاريو ويو آهي ان خساري کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته صوبائي بجيٽ ۾ 70 سيڪڙو وفاق ڏيندو آهي باقي 30 سيڪڙو صوبا پاڻ ڪليڪشن ڪندا آهن. هن سال به 11 مهينن ۾ وفاق پاران 287 ارب روپيا مليا آهن باقي رهيل رقم 65 ارب روپيا به جلد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين مليا ناهن ان جي لاءِ وفاق کي خط پڻ اماڻيو آهي اميد آهي ته اهي به جلد ملي ويندا جنهن کان پوءِ ڪافي بهتري اچي ويندي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري تعليم، چيئرمين ايس بي آر ۽ ٻيا اعليَ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.

 

وزيراعظم نواز شريف گلگت ۾ مسلم ليگ (ن ) جي قيادت کي حڪوت ٺاهڻ لاءِ هوم ورڪ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ (ن)کي مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ملڻ کانپوءِ هاڻي گلگت بلتستان ۾ به حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت ملي وئي آهي، آزاد اميدوارن به نواز ليگ ڏانهن اڳڀرائي ڪئي آهي، وڏي وزير ۽ ٻين اهم مقررين جو اختيار وزير اعظم نواز شريف کي ڏنو ويو آهي، ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ حڪومت جي جوڙجڪ ڪئي ويندي، گلگت بلتستان جي خاص 9 سيٽن تي ايندڙ هفتي اليڪشن ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اتان جي قيادت کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ هوم ورڪ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، امڪان آهي ته 33 اسيمبلي ميمبرنن واري ايوان ۾ مسلم ليگ (ن )جي ميمبرن انگ 24 ٿي ويندو.

 

مودي، وزيرن کي پاڪستان خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

نئين دهلي (م.ڊ) پاڪستان توڙڻ جي حوالي سان ڀارتي ڪردار جو اقرار ڪندڙ  ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پٽڙي تي اچي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي جي قيادت کي  پاڪستان جي مخالفت ۾ بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم بنگلاديش جي دوري دوران اهو بيان ڏنو هو ته 1971ع  ۾ پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ ڀارت مڪتي باهني جي گهڻي مدد ڪئي هئي. ان بيان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ  ڀارتي سڌ سماءُ واري وزير راج ورڌن سنگهه پنهنجي بيان ۾ کلي عام ڌمڪي  ڏيندي چيو هو ته ڀارتي فوج ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگهي ٿي . تجزيا نگارن ان ڳالهه کي  ڀارت پاران هلندڙ پراڪسي وارو تسلسل قرار ڏنو هو.عالمي لاڳاپن تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه واري رٿا جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ  به انهن بيانن جو اهم سبب ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ پاڪستان سفارتي محاظ کي  بحال ڪري ڀارتي پروپيگينڊا  جو جواب ڏنو هو جنهن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جي تازين رپورٽس ۾ چيو ويو ته مودي وزيرن کي چپ رهڻ جو چئي ڇڏيو آهي. ڀارتي وزيراعظم ڀارتي جنتا پارٽي جي وزيرن کي چيو آهي ته هو پاڪستان جي مخالفت ۾ بيان ڏيڻ کان پرهيز ڪن.

 

جڊيشل ڪميشن کي جاچ ڪميشن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف جو خط ملي ويو، اڄ جائزو وٺڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) 2013ع وارين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن اڄ سومر ڏينهن تحريڪ انصاف طرفان لکيل خط جو آئيني ۽ قانوني جائزو وٺندي ته جڊيشل ڪميشن کي جاچ ڪميشن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ ۽ ان حوالي سان ڪهڙي قانون گهرج پوري ڪرڻي پوندي،ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان لکيل خط جڊيشل ڪميشن کي ملي ويو آهي، جنهن جو اڄ ڪميشن جي ڪارروائي ۾ جائزو ورتو ويندو، ان ڏس ۾تحريڪ انصاف جو وڪيل حفيظ پيرزادو۽ جڊيشل ڪميشن جو سربراهه آئيني ۽ قانوني نڪتن جو جائزو وٺندا. .

 

ضرب عضب جوهڪ سال مڪمل ٿيڻ فتح جو سال آهي، آپريشن آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن ضرب عضب کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي فتح جو سال قرار ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج جي جوانن قوم جي مستبقل لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو ۽ شهيدن جي ڪٽنبن عظيم قربانيون ڏنيون آهن، سندس چوڻ هو ته ضرب عضب آپريشن آخري مرجلن ۾ آهي، الله پاڪ پاڪستان جي حفاظت ڪري.

 

پ پ کي سنڌ ۾ رينجرس جي وڌندڙ مداخلت تي ڳڻتي ورائي وئي، وزيراعظم سان رابطي جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رينجرز جي وڌندڙ ڪردار کي نظر ۾ رکندي مرڪزي ڪاميٽي جو اهم اجلاس 17 جون تي اسلام آباد ۾ گهرائي ورتو آهي، پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اجلاس جي صدارت ڪندو، اجلاس ۾ رحمان ملڪ، شيرين رحمان ، بئريسٽر اعتزاز احسن سوڌو مرڪزي ڪاميٽي جا سڀئي ميمبر شرڪت ڪندا، ذريعن بڌايو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رينجرز جي وڌندڙ مداخلت سبب پريشان آهي، ان حوالي سان وزير اعظم نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ پارٽي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ چاهي ٿي ته جيئن ويجهي مستقبل ۾ ان مطابق ئي عمل ڪيو وڃي، مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبرن سان ان ڏس ۾ تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويندا.

 

ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي جو پتو پئجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ٽولي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جنهن کي افعانستان مان هلايو وڃي ٿو. سيڪيورٽي ۽ حساس ادارن جي جاچ رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ پوليس تي حملمن ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي جا ڪمانڊر ارشاد الله ۽ دائود محسود آهن، جن کي افغانستان مان هدايتون ملن ٿيون، ذريعن مطابق اهو ٽولو 15 کان 20 دهشتگردن تي ٻڌل آهي، جنهن کي افعانستان مان آپريٽ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جا ڪجهه ميمبر وزيرستان ۾ به موجود آهن. پوليس تي حملن جي جاچ ڪندڙ اختيارين جو چوڻ آهي ته ايس پي اعجاز حيدر، ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري، ڊي ايس پي مجيد عباسي ۽ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي قتل جي واردات وارو طريقيڪار ۽ ان ۾ استعمال ٿيل هٿيار هڪ جهڙا آهن، جڏهن ته انهن آفيسرن جي قتل ۾ به ارشاد ۽ دائود گروپ ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن، ذريعن مطابق دهشتگرد دائود محسود اڳوڻو پوليس اهلڪار آهي، جيڪو ڪراچي جي اوڀر زون ۾ سيڪيورٽي جا فرض نڀائي چڪو آهي.

 

ڊي جي رينجرس جي ڪرپشن الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن: شيري رحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان  چيو آهي ته ڊي جي رينجرس سنڌ طرفان 230 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن، سياسي جماعتن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، حڪومت ان جو نوٽيس وٺي، هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته اڻڄاتل سياسي جماعت تي 230 ارب رپين جي ڪرپشن جي حوالي سان سمورن الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن،  قوم اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته آخر ڪرپشن ۾ ڪهڙي سياسي جماعت ملوث آهي، سمورن معاملن ۾ شفافيت هجڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ايراني تيل جي اسمگلنگ کي سياسي جماعتن سان ڇو پيو جوڙيو وڃي، آهستي آهستي سياسي جماعتن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ، جنهن جو حڪومت نوٽيس وٺي.

 

فراري ڪمانڊرز صوبائي وزير جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

خضدار (م.د) صوبائي وزير ثناالله زهري جي اڳيان ٻن فراري ڪمانڊرز هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن ۾ عبيدالله ببرڪ ۽ دين جان ميرن شامل آهن جن جو تعلق ڪالعدم تنظيم بلوچ لبريشن فرنٽ سان آهي جن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته هو ملڪ جي خلاف هلندڙ سرگرمين جي ختم ڪندا.ان موقعي تي سندن 57 ٻين ساٿين به هٿيار ڦٽا ڪيا،فراري ڪمانڊر عبدالله ببرڪ جو چوڻ هو ته اسان کي ملڪ دشمن سردار آزادي جي نالي تي ڌوکو ڏيندا آهن،جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت بلوچن جو خاص خيال رکندي آهي ۽ بلوچن کي ڀٽڪائڻ وارن سردارن  مان هڪ ڀاءُ حڪومت ۾ موجود آهي ۽ ٻيو پرڏيهه ۾ ويهي دشمني ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير ثناالله زهري جو چوڻ هو ته ڪاوڙيل بلوچ جبلن کان هيٺ اچي وڃن ۽ قومي مفاد لاءِ ساٿ ڏيڻ وارن کي عزت ڏني ويندي. پرڏيهه ۾ ويهي بلوچ ماڻهن کي ڀٽڪايو وڃي ٿو.