تازيون خبرون

Daily Archives: June 12, 2015

ڪراچي ۾ غيرقانوني طريقن سان حاصل ٿيندڙ رقم لياري گينگ وار۽ بااثر شخصيتن ۾ ورهائي وڃي ٿي: ڊي جي رينجرز سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي ريجنرز ايپيڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته غير قانوني طريقن سان ملندڙ پئسا سنڌ جي بااثر شخصتين ۾ برابر طريقي سان ورهايا ويندا آهن،ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ ۾ سنڌ جا بااثرماڻهو شامل آهن۽ زمينن جي قبضي ۾ ڪراچي جون وڏيون سياسي پارٽيون ملوث آهن،ڊي جي رينجرز وڌيڪ ٻڌايو ته گينگ وار ڌرين ۾ ماهوار پئسا برابر موڪليا ويندا آهن. ڊي جي ريجنرز بريفنگ ۾ چيو ته زمينن تي قبضي جي سرپرستي سياسي شخصيتون ڪنديون آهن.اهي پئسا هٿيار وٺڻ ۽ انهن کي استعمال ڪندڙن کي پالڻ ۾ ڪم ايندا آهن.زڪوات ۽ فطري جي نالي تي زبردستي پئسا ورتا ويندا آهن.قربانين مان ملندڙ پئسا به دهشتگرد سرگرمين جو اهم حصو هوندا آهن، گهوسٽ ملازمن جي ڀرتين لاءِ به ماهوار ڪروڙين رپيا ورهيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڻي جي  غير قانوني ورهاست ۾ به ڪروڙين روپيا ورتا ويندا آهن

 

شريف ڀائرن جو رويو مغل حڪمرانن وارو آهي، جيڪي جمهوري ادارا تباهه ڪري رهيا آهن : سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته شريف ڀائرن “ مغل حڪومت” وارو رويو اختيار ڪري ورتو آهي، جيڪي غير آئيني طريقن سان هلي ملڪ جا جمهوري ادارا تباهه ڪري رهيا آهن، لاهور ۾ هڪ تعليمي اداري جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيستائين معاشري ۾ اميري ۽ غريبي جي ورڇ، ظالم ۽ مظلوم جو خاتمو نه آندو ويندو ۽ انصاف جي بنياد تي حڪمراني جو نظام نه ٺهندو تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته موجوده نظام غريبن کي پيڙهڻ جي بنياد تي بيٺل آهي، جنهن ڪري امير اڃا امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته مائرن طرفان پنهنجي ٻچن سوڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي پاڻ مارڻ ۽ پيءُ طرفان بک سبب ٻارن کي قتل ڪرڻ جهڙا واقعا سماج ۽ حڪومت لاءِ شرم جو ڪارڻ آهن.سراج الحق چيو ته اها بدقسمتي آهي ته وفاقي بجيٽ اميرن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ ان ۾ غريبن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

 

نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري ۾ روڊ حادثا، ٻن ڊرائيورن سميت 6 ڄڻا فوت 26 مسافر زخمي

نوشهروفيروز (نمائندو) نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ  حادثن جي نتيجي ۾ ٻن ڊرائيورن سميت 6  ڄڻا فوت ۽ 26 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  نو شهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي بهاول پور کان سيوهڻ ويندڙ ڪوچ  تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ عورتن، ٻارڙن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موٽر وي  پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش  ۽ زخمين کي نوشهر فيروز اسپتال ۾ منتقل ڪيو . فوتين ۾ ڪوچ ڊرائيور محمد يونس، سراج، غلام عباس ۽ غلام مصطفيٰ  شامل آهن، جن جا لاش سرڪاري ايمبولينس ۾ اباڻن ڳوٺن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. معمولي زخمين کي هنگامي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 14 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب اُهي مختلف اسپتالن ۾ اعلاج هيٺ آهن. حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۾ مظهر حسين، نديم، آصف، مسمات جئيندان، وجاهت، محمد ابرار، ڪلثوم بي بي سسئي  ۽ ٻيا شامل  آهن.  ڪنڊياري ۾ ٻن ٽرالرن  وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ ٽنڊي آدم واسي ٽرالر ڊرائيور مولابخش عرف راجا فوت ۽ لوڌران واسي عمران زخمي ٿي پيو. فوتي جو لاش تعلقه اسپتال ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي جو علاج جاري آهي.

 

بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي ٽو“ جو گانو ”سن سائيا“ڏسندڙن جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي ٽو“ جي گاني ”سن سائيا“ کي ڏسندڙن جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويو، بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي ٽو“جو گانو سن سائيا تازو ئي رليز ٿيو آهي، هن وقت تائين هڪ ارب چاهيندڙ ان گاني کي يوٽيوب تي ڏسي چڪا آهن، مداحن کي فلم جي هيروئن شردا ڪپور جي ڊانس پسند آئي آهي، شرڌا پنهنجي چاهيندڙن جي پسنديدگي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس به فلم جي رليز ٿيڻ جو بيچيني سان انتظار آهي.

 

قائد اعظم جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار ڪرسٽو فر لي93سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن(شوبز نيوز)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح تي ٺهندڙ فلم“جناح” ۾ قائد اعظم جو ڪردار نڀائيندڙ برطانوي اداڪار ڪرسٽو فرلي 93 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس موت جو سبب ساهه جو مسئلو ۽دل جو دورو ٻڌايو پيو وڃي،سندس وفات آچر جي ڏينهن چيلسي اينڊ ويسٽ منسٽر اسپتال ۾ ٿي پر سندس گهرواري جي خواهش تي اها خبر ميڊيا تي دير تي پهچائي وئي

 

پاڪستان جي پهرين سپر اسٽار سنتوش ڪمار کي وڇڙي 33 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري ۽ پهرين سپر اسٽار سنتوش ڪمار کي وڇڙي اڄ 33 سال گذري ويا.ڀارتي رياست اتر پرديش جي پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندڙ سيد موسيٰ رضا 25 ڊسمبر1925ع ۾ لاهور ۾ اک کولي. حيدرآباد ڏکڻ جي ناليواري يونيورسٽي عثمانيا مان آئي ايس سي جي امتحان ۾ سٺن نمبرن سان ڪاميابي حاصل  ڪرڻ کانپوءِ به هن سرڪاري نوڪري بدران اداڪاري جي شعبي جي چونڊ ڪئي.1947ع ۾ سندس پهرين فلم “اهنسا” وڏي پردي جي زينت بڻي.سنتوش ڪمار جي شخصيت جي حوالي سان سندس هم عصرن جو چوڻ آهي ته شايد ئي دنيا ۾ ڪو ماڻهو سنتوش ڪمار جهڙو بڻجي سگهي. سنتوش ڪمار 11 جون 1982ع ۾ 56 سالن جي ڄمار ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

بابا گووندا ۽ سلمان خان جي دوستي جي ڪري فلمي دنيا ۾ سڃاڻپ ناهي ٿي: ٽينا آهوجا

ممبئي(شوبز نيوز): ڀارتي اداڪار گووندا جي اداڪار ڌيءُ ٽينا آهوجا اهي افواهه رد ڪيا آهن جن ۾ چيو پيو وڃي ته گووندا جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي فلمي دنيا ۾ سلمان خان آندو،هڪ انٽرويو ۾ ٽينا آهوجا چيو ته منهنجي پيءُ گووندا ڪڏهن به سلمان کي اهو ناهي چيو ته هو مون کي فلمي دنيا ۾ آڻي، گووندا ۽ سلمان خان پراڻا دوست آهن ۽ چيو پيو وڃي ته ٽينا جي بالي ووڊ ۾ سڃاڻپ انهي دوستي جو نتيجو آهي، ٽينا جو چوڻ هو ته مون ڪڏهن به سلمان خان ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ نه پئي چاهيو، اهڙا سمورا افواهه ميڊيا پکيڙي رهي آهي. بالي ووڊ جي نئين اداڪارا جو چوڻ هو ته هن فلمي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي.

 

سريلنڪا، پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 16 رڪني ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا، پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز لاءِ 16 رانديگرن تي ٻڌل ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، اينجلو ميٿيوز ڪپتان رهندو جڏهن ته جيهان مبارڪ جي 8 سالن کان پوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي ۽ ٽي نوان رانديگر به کنيا ويا آهن،پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ 17 جون کان گال اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي رهي آهي.سري لنڪا جي ٽيم ۾ لهيرو ٿريماني نائب ڪپتان هوندو.اسپنر ٿرينڊو ڪوشيل ۽ فاسٽ بالر دوشمنٿا چميرا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ٻين رانديگرن ۾ ڪوشل سلا، دميٿ ڪورنارتني، ڪمار سنگا ڪارا،دنيش چندي مل، ڪيٿروان وٿانگي،رنگنا هيراٿ، دلروان پريرا، نوان پرديپ ۽ ڌميڪا پرساد شامل آهن

 

آمريڪي باڪسر فلائيڊ ۾ ويدر دنيا جو سڀ کان امير رانديگربڻجي ويو

واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) آمريڪي ميگزين فوربز دنيا جي 100 امير ترين رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي،فوربز جي فهرست ۾ پئسا ڪمائڻ جي ڊوڙ ۾ آمريڪي باڪسر فلائيڊ مي ويدر سڀني کي مات ڏئي ويو، مي ويدر جون 2014ع کان جون 2015ع تائين 30 ڪروڙ ڊالر ڪمايا، باڪسر ميني پيڪو 16 ڪروڙ ڊالر ڪمائي فهرست ۾ ٻئين نمبر تي آهي ، جڏهن ته فوٽ بالر ڪرسٽيانو رونالڊوفهرست ۾ ٽيون ۽ ليونل ميسي چوٿون نمبر حاصل ڪيو.ٽينس اسٽار راجر فيڊرر امير ترين رانديگرن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني فهرست ۾  اڪيلو ڪرڪيٽر آهي جنهن ٽيويهون نمبر حاصل ڪيو، فهرست ۾ ٽينس اسٽار ماريا شيراپوا ڇويهين ۽ سيرينا ويلمز ستيتاليهين نمبر تي آهن.

 

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل 32 سالن تائين پنهنجي موجوده حيثيت ۾ قائم رهڻ کان پوءِ 30 جون تي ختم ڪئي پئي وڃي

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل 32 سالن تائين پنهنجي موجوده حيثيت ۾ قائم رهڻ کان پوءِ 30 جون تي ختم ڪئي پئي وڃي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آخري گڏجاڻي ڪوالالمپور ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ جي عبوري صدر سداٿ ويٽمني جي صدارت ۾ ٿي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هيڊ آفيس 13 سالن کان ڪوالالمپور ۾ آهي، ان جي چيف ايگزيڪيوٽو اشرف الحق موجب مستقبل ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ مقابلن ۾ ميزبان جو فيصلو هاڻي ايشيائي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گڏيل طور ڪندا. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ختم ڪرڻ کان پوءِ ايشيائي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري جا منصوبا آءِ سي سي تحت عمل ۾ ايندا ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جا ٻه آفيسر جن ۾ سريلنڪا جو اڳوڻو ڪپتان بنڊولا ورنا پورا به شامل آهي آءِ سي سيءَ جو حصو بڻجي ويندا. اهڙيءَ طرح اقبال سڪندر، وينڪٽا پارٿي راجو، رميش رتنائيڪي ۽ امين الاسلام به ايندڙ سال ڊسمبر تائين آءِ سي سيءَ جي ڊيولپمينٽ آفيسر بڻجندا. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پنهنجون سرگرميون محدود پئماني تي سنگاپور کان جاري رکندو ۽ پاڪستان جو سلطان رانا ۽ سريلنڪا جو توشيت پريرا سنگاپور ۾ رهندا.