تازيون خبرون

Daily Archives: June 10, 2015

ڪي پي ڪي ۾مڪاني چونڊن دوران مبينا ڌانڌلين جي شڪايتن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق

پشاور (بيورو) خيبرپختوخواهه حڪومت پاران ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس،  صوبي ۾ جي مڪاني چونڊن دوران مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي قيام تي اتفاق ڪري ورتو آهي، وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عدالتي ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندي، ان کي قبول ڪيو ويندو، جڏهن ته اپوزيشن جي اتحاد   ڪميشن جي قيام واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو  آهي. سـِي ايم هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين جي شڪايتن ب ابت آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جماعت اسلامي، عوامي جمهوري اتحاد، قومي وطن پارٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ نون ۽ جي يو آءِ ف ليگ اڳواڻن بائيڪاٽ ڪندي شرڪت نه ڪئي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن دوران حڪومت سموري مشينري اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته چونڊن دوران مبينا ڌانڌلين جي شڪايتن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪميشن جيڪو به فيصلو ٻڌائيندي اها قبول ڪيو ويندو. هوڏانهن اپوزيشن جي اتحاد جڊيشل ڪميشن جي قيام واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميان افتخار حسين جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن اتي قائم ڪيو ويندو آهي، جتي شڪ جي گنجائش هجي پر مڪاني چونڊن دوران سرعام ڌانڌلي ڪئي وئي. ميان افتخار چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت استعيفيٰ ڏئي ۽ نگران سيٽ اپ تحت ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

 

عربي سمنڊ ۾ ٺهيل اشوڀا طوفان سبب سامونڊي ويرن ۾ چاڙهه، طوفان ڪراچي کان 550 ڪلوميٽر پري آهي:موسميات کاتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عربي سمنڊ ۾ ٺهيل اشوڀا طوفان سبب سامونڊي ويرن ۾ چاڙهه اچي وئي، موسميات کاتي چيو آهي ته طوفان ڪراچي کان 550 ڪلو ميٽر پري آهي، في الحال سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو ڪو به امڪان ناهي. سائيڪلون وارننگ سينٽر جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀـُـٽـَـي موجب اشوڀا طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 550 ڪلوميٽر ۽ اومان کان 700 ڪلوميٽر پري آهي. هن ٻڌايو ته سامونڊي طوفان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب 80 سيڪڙو امڪان آهي ته اشوڀا اومان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو،جڏهن ته طوفان 20 سيڪڙو بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 36 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن وسي سگهي ٿو،جڏهن ته بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جا مهاڻا خميس تائين،جڏهن ته بلوچستان جا مهاڻا اڄ کان جمعي تائين کــُليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. ٻئي طرف صحت کاتي سامونڊي طوفان ۽ برسات جي امڪان سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

 

حيدرآباد ۾ ڪرنٽ سبب گڏهه مرڻ، حيسڪو ملازمن تي ڪيس، عابد شير جي ٿاڻي آمد ۽ گنيز بڪ جو ذڪر

حيدرآباد(رپورٽر) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ بجلي جي ڪرنٽ سبب مري ويل گڏهه جوڪيس حيسڪو جي 8 ملازمن تي داخل ٿيڻ کان پوءِ پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير ملازمن سميت ڀٽائي نگر ٿاڻي تي پهچي ويو. عابد شير علي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي هڪ صوبائي وزير جي چوڻ تي پوليس گڏهه جي قتل جي ايف آءِ آر حيسڪو ملازمن تي داخل ڪئي آهي، ان صوبائي وزير ۽ ڀٽائي نگر پوليس جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ داخل ڪرائڻ گھرجي. حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي ٻاهران مملڪتي وزير عابد شير علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي 6 هزار بجلي چورن جي لسٽ ڏني وئي ته سندن مٿان بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر ان رڳو 28 ماڻهن تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حيدرآباد پوليس رڪارڊ قائم ڪندي گڏهه جي قتل جي ايف آءِ آر حيسڪو جي ايس ڊي او سميت 8 ماڻهن مٿان داخل ڪئي آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جو الله ئي واهي آهي. عابد شير علي صوبائي وزير ڄام خان شورو تي الزام هڻندي چيو ته هن حيسڪو چيف کي فون تي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته سندس علائقي ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪئي وئي ته سندس حشر برو ڪيو ويندو، ان مان لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيده ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس سندس کاتي جي عملدارن خلاف انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي. هن چيو ته کيس ان ڳالهه تي حيرت ٿي آهي ته آخر سنڌ پوليس ۾ اهڙي ڪهڙي صلاحيت اوچتو جنم ورتو آهي جو اها هاڻ جانورن جي فوت ٿيڻ تي به حيسڪو عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪري رهي آهي،

 

بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور زندگي جون 30 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي زندگي جون 30 بهارون ڏسي ورتيون آهن ۽ اڄ هوءَ پنهنجي سالگره ملهائي رهي آهي، 09 جون 1985ع تي بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور جي گهر ۾ اک کوليندڙ سونم ڪپور پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2007ع ۾ سنجي ليلا ڀينسالي جي رومانٽڪ فلم سانوريا ذريعي ڪئي، جنهن ۾ سندس هيرو رنبير ڪپور هو،ان کانپوءِ سونم دهلي 6، آءِ هيٽ لو اسٽوريز، عائشا، ٿينڪ يو، موسم، پليئرز، بمبئي ٽاڪيز، رانجهنا، ڀاگ ملکا ڀاگ، بيوقوفيان، خوبصورت ۽ ڊالي ڪي ڊولي جهڙيون فلمون ڏئي چڪي آهي، سونم ڪپور هن وقت لنڊن ۾ آهي، سندس ڀيڻ ننڍي به ساڻس گڏ آهي، جتي هوءَ فلمي دنيا کان 10 ڏينهن جي موڪل وٺي سالگره کي يادگار بڻائڻ چاهي ٿي، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سونم ڪپور چيو ته هتي لنڊن ۾ منهنجا ڪيترائي اسڪولي دوست آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا دوست به يورپ ۾ موڪلون ملهائڻ پهتل آهن،مان هتان فلورينس، اٽلي، ايمسٽرڊم ۽ نيڌرلينڊس به وينديس. هن ٻڌايو ته سندس ڪٽنب مان رڳو ننڍي ڀيڻ ريها ڪپور ساڻس گڏ آهي، بابا ( انيل ڪپور) پنهنجي فلم دل ڌڙڪني دو جي رليز سبب ممبئي ۾ آهي ۽ امڙ سنيتا ڪپور به ان سان گڏ آهي.پنهنجي ايندڙ پلان بابت سونم جو چوڻ هو ته مان هاڻ پنهنجي صحت بابت ڪجهه وڌيڪ سوچڻ چاهيان ٿي، ان سان گڏ سٺو ڪم ڪرڻ به چاهيان ٿي، مان ڪافي سماجي ڪم به ڪيو آهي پر اڃا به ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي خواهش آهي.

 

دبنگ خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جعلي نالن وارن اڪائونٽن تي چڙي پيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جعلي نالن وارن اڪائونٽن تي چڙي پيو ۽ مداحن کي اصولي ۽ سخت صلاح ڏئي ويٺو، ڀارتي ويب سائيٽ انڊين ايڪپريس جي خبر موجب سلمان خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مداحن کان سوال ڪيو ته اوهان مان ڪيترا جعلي نالن سان اڪائونٽ ٿا هلائين ۽ ڇو؟ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪو مداح جعلي اڪائونٽ سان ڪنهن ٻئي اداڪار يا وري منهنجي دوست کي ڪيرائڻ يا وري بي عزتي جي ڪوشش ڪري اهو نه ڪو منهنجو سڄڻ آهي ۽ نه وري مداح، ان ڪري سڌي ڳالهه آ ته جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ بند ڪيو ۽ ڪنهن کي ايذائڻ به بند نه ڪيو، هن چيو ته شاهه رخ خان سان هن جو ڪڏهن نه اختلاف هو ۽ نه وري آهي ان ڪري ڪو به مداح يا وري دوست جعلي اڪائونٽ سان اسان وچ ۾ اختلافن کي هوا نه ڏئي.

 

شاهد ڪپور جي شادي مڱيندي ميرا راجپوت سان 10 جون تي نه پر جولاءِ تي ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ شل نه ڪا شاديءَ جي خبر سامهون اچي، ان تي جيترا تبصرا ۽ ڳالهيون ٿين ٿيون، شايد ئي ڪنهن ٻئي موضوع ٿين. تازو مڳڻي ڪندڙ اداڪار شاهد ڪپور بابت خبرون هيون ته سندس شادي 10 جون تي ٿيندي، پر هاڻي تصديق واري خبر آئي آهي ته سندس شادي مڱيندي ميرا راجپوت سان 10 جون تي نه پر جولاءِ تي ٿيندي. ذريعن موجب اها تاريخ به تجويز ڪيل تاريخ چئي پئي وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ تبديلي اچي.

 

”گهن چڪر ۽ شادي ڪي سائيڊ افيڪٽس“ جهڙين ڪاميڊي فلمن ۾ ناڪامي ملڻ کان پوءِ به ڪاميڊي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي: وديا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هن ڪاميڊي ڪردارن کي نظرانداز ناهي ڪيو ۽ نه وري انهن بس ناهي ڪئي، ”گهن چڪر ۽ شادي ڪي سائيڊ افيڪٽس“ جهڙين ڪاميڊي فلمن ۾ ناڪامي ملڻ کان پوءِ به ڪاميڊي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاميڊي فلمن جو اسڪرپٽ صحيح نه هجڻ ڪري فلمون ناڪام ويون ۽ مان جذباتي ڪردار ڪرڻ ۾ پاڻ کي فٽ محسوس ڪندي آهيان، ان ڪري اهي فلمون ڪامياب وڃن ٿيون، پر تنهن هوندي به مزاحيه فلمن کي نظر انداز ناهي ڪيو، هن چيو ته مهيش ڀٽ جي فلمن مان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ 1983ع واري ”ارٿ“ فلم جو هن جي ذاتي زندگيءَ تي به تمام گهڻو اثر پيو آهي، هن چيو ته موهت سوري جي فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ (جنهن ۾ عمران ۽ وديا مرڪزي ڪردار پيا ڪن) انساني جذبات، پيچيدگين، عدم تحفظ، ڊپ ۽ پيار جهڙن عنصرن تي ٻڌل آهي، جيڪا ڏسندڙن کي تمام گهڻو پسند ايندي.

 

فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي اميدن مطابق ناهي رهي: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته سعيد اجمل جو جهٽڪو تمام وڏو آهي، خال کي ڀرڻ لاءِ ڪوشس ڪيون پيا، سينئيرز جو خال سولائي سان ناهي ڀرجي سگهندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقار يونس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو عمل آهي، خدا ڪري ايندڙ وقت ۾ به ٽيمون پاڪستان اينديون رهن، ٻين ٽيمن جي اچڻ کانپوءِ صورتحال اڃان وڌيڪ بهتر ٿيندي.وقار يونس جو چوڻ هو ته انجريز سبب فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي اميدن جي مطابق نه هئي، قومي ٽيم سري لنڪا جي خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي پئي، سندس چوڻ هو ته سري لنڪا جي خلاف ون ڊي سيريز کٽي چئمپئينز ٽرافي لاءِ چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين

 

انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ کي دنيا جو سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊ قرار ڏنو ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ کي دنيا جو سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊ قرار ڏنو ويو آهي. ڪنسلٽنسي ”برانڊ فئنانس“ جي هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سيزن ۾ ڪا به ٽرافي حاصل نه ڪرڻ باوجود يونائيٽيڊ 63 سيڪڙو واڌ سان پهريون بلين ڊالر فٽبال برانڊ بڻجي ويو آهي. جرمن ڪلب بائرن ميونخ فٽبال برانڊ ٽيبل تي ٻئي، اسپيني جائنٽ ريال ميڊرڊ ٽئي، جڏهن ته پيرس سينيٽ جرمين نائين نمبر تي موجود آهي. انگلشن ڪلب مانچسٽر سٽي چوٿين جڏهن ته چيلسي جو پنجون نمبر آهي. آچر تي چيمپئنز ليگ جي فائنل ۾ اٽالين ڪلب ويونٽس کي 1-3 سان هارائيندڙ ڪلب بارسلونا ٻه درجا هيٺ ايندي 773 ملين ڊالرن جي حيثيت سان ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. رپورٽ موجب 10 سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊن مان ڇهن جو تعلق انگلينڊ سان آهي، جڏهن ته ڪو به اطالوي ڪلب ٽاپ ٽين ۾ شامل ناهي. برانڊ فئنانس جي سي اي او ڊيوڊ بيگ چيو ته مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ڪاميابي جو ماسٽر مائينڊ ايڊ ووڊ ورڊ آهي جنهن کي فٽبال اشتهارن جي دنيا جو رونالڊو قرار ڏئي سگھجي ٿو.

 

2018ع ۾ روس ۽ 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ رد ٿيڻ جو خطرو

واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل فيڊريشن آف فٽبال ايسوسئيشن (فيفا) ۾ وڏي پئماني تي رشوت ۽ آفيسرن طرفان مالي فائدا ماڻڻ جا الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ 2018ع ۾ روس ۽ 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ رد ٿي سگھن ٿا. سوئٽزرلينڊ ۾ ڇپيل هفتيوار ميگزين کي هڪ آفيسر ڊومينيڪو اسڪالا انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته جيڪڏهن روس ۽ قطر طرفان ورلڊڪپ لاءِ ووٽ خريد ڪرڻ جو مامرو ثابت ٿي ويندو ته کين مقابلا ڪرائڻ جو اختيار ڏيڻ جا حڪم تڪراري بڻجي سگھن ٿا. گذريل سال ڊسمبر ۾ فيفا طرفان روس ۽ قطر کي فٽبال ورلڊڪپ ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ ئي ان مامري ۾ رشوت ۽ مالي فائدا حاصل ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون آيو هو، جنهن ۾ آمريڪا جي 14 ماڻهن جي ملوث هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ فيفا جا 9 عهديدار شامل هئا. روس فيفا اسڪينڊل سامهون اچڻ تي مامري کي شفاف قرار ڏيندي چيو ته هو 2018ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ فٽبال ورلدڪپ جي تياريون جاري رکندو.