تازيون خبرون

Daily Archives: June 9, 2015

پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ خوشحالي ايندي: نواز شريف

بيورو(بيورو) وزيراعظم نواز شريف لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي نئين سڪيورٽي سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم نواز شريف لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتي دفاع وارو وزير خواجه آصف، سول ايوي ايشن جي صلاحڪار شجاعت عظيم، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ايئرپورٽ تي نئين سڪيورٽي سسٽم جو افتتاح ڪيو.  وزيراعظم نواز شريف هدايت ڪئي ته هوائي اڏن تي مسافرن کي عالمي معيارجون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اهڙي منصوبن کي 10 کان 15 سالن کي نظر ۾ رکيو وڃي.  وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ خوشحالي ايندي.

 

سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

سيوهڻ(نمائندو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي، جن جي پيغام تي عمل ڪندي ملڪ مان دهشتگردي ۽ بنياد پرستيءَ جون پاڙون پٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سنڌ حڪومت صوبي اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، چونڊون ڪرائڻ جي ذميداري اليڪشن ڪميشن جي آهي، صوبائي حڪومت سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ امن امان جي صورتحال تي ضابطوآڻڻ لاءِ پنهنجو ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندي. سپريم ڪورٽ جي هدايتن تحت 30 سيپٽمبر تائين مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، صاف ۽ شفاف چونڊنلاءِ مڪاني چونڊون 3 مرحلن ۾ ڪرائڻ گهرجن. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر﷥ جي 763هين عرس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مزار تي حاضري ڀري گُلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني پڻ ڪئي. درگاهه جي اڱڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هن سال حضرت لعل شهباز قلندر﷥ جي عرس جي موقعي تي بهترين انتظام ڪيا هئا پر تنهن جي باوجود مختلف سببن جي ڪري ٿيل فوتگين تي ڏُک ٿيو آهي. هن فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته فوتگين جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف حيدر شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو سميت شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت پارٽيءَ جا سمورا اڳواڻ قلندر جي درگاهه جا پانڌيئڙا آهن جيڪي درگاهه تي حاضري ڀريندي هميشه پنهنجو فرض نڀائيندا رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو اهو فرض آهي ته اسان قلندري فڪر تي عمل ڪريون. عرس جي موقعي تي ٿيندڙ فوتگين جي واقعن کي روڪڻ جي حوالي سان مستقل حڪمت عمليءَ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه چيو ته هن سال تمام بهتر انتظام ڪيا ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري فوتگين جو تعداد گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته لکين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه کوٽ ۽ ڪمي پيشي رهندي ويندي آهي پر ان جي باوجود به حڪومت بهتر انتظام ڪيا هئا. وڏي وزير چيو ته هن سال ٿيل فوتگين ۾ گهڻي تعداد ۾ ماڻهن دل جي بيمارين ۽ ساهه جا مريض هئا جن جي تصديق فوتين جي وارثن پڻ ڪئي آهي، باقي گرميءَ جي ڪري فوت ٿيلن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومت تيار آهي، هن چيو ته اسان جي اها تجويز آهي ته مڪاني چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ انهن کي 3 مرحلن ۾ ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ سان چونڊن جي شفافيت ممڪن نه ٿي سگهندي جنهن جو چِٽو مثال تازو خيبر پختونخواه ۾ ٿيل مڪاني چونڊون آهن. هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران سنڌ حڪومت فقط سهولتن جي فراهمي ڪندي ۽ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي باقي چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. بعد ۾ وڏي وزير درگاهه جي اڱڻ ۾ سپاف ڄامشورو طرفان لڳايل طبي ڪيمپ جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اَي سڪندر شورو، ايم پي اَي سيد مظفر شاهه هاشمي، ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري اوقاف ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پڻ موجود هئا.

 

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪريون، 19 دهشتگرد مارجي ويا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين دوران پنجن اهم ڪمانڊرز سميت 19 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،جنهن دوران 7 سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا.  آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اتر وزيرستان جي علائقي پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن  فورسز ۾ چڪريون ٿي پيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 19 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ 5 اهم ڪمانڊر به شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن کي ڪڙو چاڙهڻ بعد هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي زد ۾ اچي 7 سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا.

 

ڪميشن وٽ بيلٽ پيپر ڇپائي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جو طريقيڪار ناهي: ڊي جي اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) 3 1 0 2 ع جي عام چونڊن ۾ مبينا چونڊ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جوڊيشل انڪوائري ڪميشن جي 3 2 هين اجلاس ۾ ڪيترن ئي صوبائي تڪن جي فارم 5 1  جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو، ڊائريڪٽر جنرل اليڪشن ڪميشن شير افگن ڪميشن جي روبرو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اهو صحيح آهي ته سيپٽمبر 2 1 0 2 ع ۾ چونڊن متعلق اي سي پي جون ڪافي گڏجاڻيون ٿيون، سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد وڌيڪ گڏجاڻيون به ٿيون، بيلٽ پيپرز متعلق فهرستون صوبائي اليڪشن ڪمشنر پرنٽنگ پريس موڪلن ٿو. جوڊيشل انڪوائري ڪميشن ۾ اليڪشن ڪميشن ڊي جي شير افگن تي اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف جي وڪيلن جرح ڪئي.وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته شير افگن شاهدن جي جمع ڪرايل فهرست جو آخري شاهد آهي، ڪجهه نون شاهدن کي دستاويزن جي حوالي سان گهرائڻ چاهيان ٿو، شير افگن جوڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ بطور ڊي جي مقرر آهيان، 3 1 0 2 ع ۾ عام چونڊن جي موقعي تي به انهيءَ عهدي تي هيس، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جرح ڪندي سوال ڪيو ته ڇا 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽنگ جي فافن رپورٽ تي جاچ ڪرائي، جنهن تي شيرافگن جواب ڏنو ته رپورٽ ۾ هو ته 9 4  پولنگ اسٽيشنز تي 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ وڌا ويا، رٽرننگ آفيسرن کان فارم 4 1  جو رڪارڊ گهريو ويو، رڪارڊ مان پتو پيو ته انهن اسٽيشنز تي 2 4  کان 7 4  سيڪڙو ٽرن آئوٽ هو، ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ نه هو، چونڊن لاءِ آفيسرن جي 6  ۽ 7  سيپٽمبر 2 1 0 2 ع واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيس، اپريل 3 1 0 2 ع جي رپورٽ به مان ئي جوڙي هئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزادي شاهد تي جرح ڪندي سوال ڪيو ته ڇا اهو صحيح آهي ته 7 1  ڪروڙ 0 2  لک بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا، ان تي شير افگن جواب ڏنو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنرز مون کان حڪم نه وٺندا هئا، صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان هدايتون وينديون هيون، بيلٽ پيپرز متعلق فهرستون صوبائي اليڪشن ڪمشنرز پرنٽنگ پريس موڪلن ٿا، بيلٽ پيپرز جي انگ جو تعين به صوبائي اليڪشن ڪمشنرز ڪن ٿا، جيڪي دستاويز اچن ٿا، مونکي بطور اي سي پي ڊي جي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن هر رٽرننگ آفيسر کان حتمي نتيجا وٺي ٿو. حفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد بيلٽ پيپرز متعلق به گڏجاڻيون ٿيون، جنهن جي جواب ۾ شير افگن چيو ته ان بابت مونکي معلوم نه آهي، اهو صحيح آهي ته سيپٽمبر 2 1 0 2 ع ۾ چونڊن متعلق اي سي پي جي گڏجاڻي ٿي، سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد وڌيڪ گڏجاڻيون به ٿيون، آر اوز طرفان فارم 7 1 ، 6 1  ورتا وڃن ٿا. حفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن چونڊن جو ايڪشن پلان تبديل ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ شير افگن چيو ته جي نه، چونڊ پلان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن نتيجا وٺڻ لاءِ سينٽر بنايو وڃي ٿو، ڪميشن وٽ بيلٽ پيپر ڇپائي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جو طريقيڪار ناهي، بيلٽ پيپرز جي انگ جي تصديق ۾ ڪميشن سيڪريٽريٽ جو ڪردار نه آهي، خبر ناهي ته چونڊ فهرستن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن ويچاريو يا نه؟ جوڊيشل ڪميشن ۾ ڊپٽي مينيجر پاڪستان سيڪيورٽي پريس محمد شبير کي بطور شاهد گهرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن درخواست ڏئي ڇڏي، وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اين اي 4 5 1  ۾ 0 3  هزار واڌو بيلٽ پيپرز متعلق جرح ڪرڻي آهي، ان تڪ مان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين هارايو هو، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس (اڄ) اڱاري تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

آءِ جي سنڌ کي توهين عدالت ڪيس ۾ معافي نه ملي، عدالت جو مهلت ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ توهين عدالت ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس ۾ آءِ جِي سنڌ جي وڪيل کي 12 جون تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن 12 جون تائين دليل مڪمل نه ڪيا ويا ته فيصلو محفوظ ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ، توهين عدالت ۽ صحافي تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جِي سنڌ غلام حيدر جمالي جي وڪيل ڊاڪٽر فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته 19 مئي تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آءِ جِي کي فون ڪئي هئي پر ان وقت آءِ جي صفوران سانحي بابت هڪ گڏجاڻي ۾ موجود هو، جنهن ڪري هن فون اٽينڊ نه ڪئي. عدالت، آءِ جِي سنڌ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي 12 جون تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن 12 جون تائين آءِ جِي جي وڪيل دليل مڪمل نه ڪيا ته فيصلو محفوظ ڪيو ويندو.

 

اڳوڻي صدر کي مودي جي بيان تي ڳڻتي،تڪراري بيان پاڪ – هند ناتن جي بحالي لاءِ هاڃيڪار آهن: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان هڪ ڀيرو وري پاڪستان تي دهشتگردي جي پٺڀرائي واري الزام تي مايوسي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙو الزام پاڪ – هند ناتن جي بحالي لاءِ هاڇيڪار آهي، پاڪستان جون حڪومتون ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ عوام خطي ۾ امن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر ناتا چاهي ٿو، هڪ موقف کي مڃڻ ۽ ٻئي کي رد ڪرڻ صحيح نه آهي.نريندر مودي طرفان بنگلاديش ۾ 1971ع وارن واقعن بابت تبصري تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي وزيراعظم طرفان اهو غير ضروري تبصرو پاڪستان ۽ ڀارت جا ناتا بهتر ڪرڻ ۾ مددگار نه هوندو، جڏهن ته دهشتگردي علائقي جي عوام جي گڏيل دشمن آهي ۽ ان سان وڙهڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي تي الزام مڙهڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو. اڳوڻي صدر چيو ته 1971ع جا واقعا اسان جي تاريخ جو هڪ ڪڙو باب آهي ۽ ان بابت هر شخص ۽ هر علائقي جو پنهنجو نظريو آهي،پراڻن زخمن کي ڪورڻ جو ڪو جواز ئي نه آهي .

 

هزاره برادري تي حملن جي مذمت، عوام کي ويڙهائڻ جي سازش ناڪام بڻائي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري/آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن هٿان هزاره برادري جي 5 ماڻهن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته  اهي بزدلاڻا حملا حقيقت ۾ قوم جي سلامتي ۽ سماج لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن. هن چيو ته دهشتگرد هن ملڪ جي عوام کي ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ بهادري جي جذبي سان سنواريل هن ملڪ جو عوام اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ امن کي مٿڀرو رکندو. بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. هوڏانهن اڳوڻي صدر ۽  پاڪستان پپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي  زرداري پڻ هزاره برادري جي 5 ماڻهن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بيان ۾ چيو آهي ته قوم لاڳيتو دهشتگرد ڪاررواين کي ڀوڳي رهي آهي پر اهي دهشتگرد هن ملڪ جي بهادر قوم کي دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ کان پري رکڻ لاءِ ڊيڄاري نٿا سگهن.آصف علي زرداري ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

 

ڇوڪرين کي ميٽر ريڊر طور ڀرتي ڪرڻ جو اعلان، سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف ناهيان: عابد شير علي

سکر (بيورو) بجلي ۽ پاڻي واري مملڪتي وزير عابد شير علي واپڊا ۾ ڇوڪرين کي ميٽر ريڊر طور ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف ناهي، سڄي ملڪ ۾ جتي به بجلي چوري ٿيندي اها روڪڻ سندس ذميواري  آهي، سکر جي آرائين گرڊ اسٽيشن جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته سيپڪو جا ميٽر ريڊر چوري ڪرائڻ جو ٺيڪو ڏئي ڏوهه ۽ ڪرپشن ڪري پاڻ ڪروڙ پتي بڻجي اداري کي تباهه ڪري رهيا آهن، هن ڪرپشن جي الزام هيٺ سکر ۽ ڀرپاسي جي ضلعن جي هڪ ايڪسيئين قمبر ظهور احمد، ايس ڊي او مورو لطيف ميمڻ، ايس ڊي او جيڪب آباد مشتاق سومرو، ايس ڊي او نور احمد چانڊيو سميت 5 ايس ڊي اوز، ٻن سپروائيزرن ۽ 10 ميٽر ريڊرن کي معطل ڪيو آهي، اڃا به 50 ميٽر ريڊرن ۽ ٻين عملدارن جي لسٽ تيار آهي، جن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته بجلي چوري ۽ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ واپڊا ۾ ڇوڪرين کي ڊيلي ويجز تي ميٽر ريڊر ڀرتي ڪيو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ سرڪار کان 72 ارب رهتون وٺڻيون آهن، ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه ساڍا 4 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ چيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ رت جي هولي سان ڌانڌلي ڪئي وئي، عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ فرق هجڻ ڪري ڌانڌلي ڪندڙ صوبائي وزير گنڊاپور کان استعيفيٰ نه ورتي وئي، نه ئي کيس عهدي تان هٽايو ويو، هاڻي جڏهن عمران خان جو وارو آيو آهي ته ٻار وانگر روئي رهيو آهي، مڪاني چونڊن ۾ مارجي ويل بيگناهن جو قتل ڪيس عمران خان، وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ صوبائي وزير گنڊاپور خلاف داخل ڪيو وڃي.

 

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

ڍاڪا (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو الزام مڙهيو آهي، بنگلاديش جي دوري دوران ڍاڪا يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي  ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان طرفان دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ سبب هندستان گذريل 40 سالن کان پريشان آهي، هن چيو ته پاڪستان هر ايندڙ ڏينهن  ڀارت کي پريشان ڪري رهيو آهي، نريندر مودي پنهنجي بيان ۾ پاڪستان کي ڌمڪي ڏيندي بنگلاديش سان گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ وارو عزم ورجايو. هن چيو ته دهشتگردي جون ڪي به سرحدون، ڪا اخلاقيات، ڪوبه اصول ۽ ڪابه ريت رسم ناهي، اهو رڳو انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي. نريندر مودي جو چوڻ هو ته دهشتگردي سبب هزارين انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، انهن دهشتگردن کي ان عمل مان ڪهڙو فائدو ملي ٿو ۽ ٻين کي ڪهڙو فائدو ڏين ٿا؟

 

اڄ کان ڪوئيٽا -زاهدان ريلوي سروس شروع ٿي رهي آهي: خواجا سعد رفيق

لاهور (بيورو) ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اڄ کان ڪوئيٽا -زاهدان ريلوي سروس شروع ٿي رهي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ اڃان تائين پرڏيهي سيڙپ نه ٿي آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ريلوي کي 28 ارب رپيا ڪمائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته ريلوي جي بحالي لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پاڪستاني ريلوي خطي جي بهترين ريلوي سروس هوندي. هن چيو ته ڪوئيٽا-زاهدان ريلوي ٽريڪ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي خاص الائونس ڏنو ويندو.