تازيون خبرون

Daily Archives: June 8, 2015

حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪو به بجيٽ جي آڙ ۾ قيمتون نه وڌائي

 

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي بجيٽ اميردوست ناهي، غريب دوست بجيٽ آهي، گيهه ۽ کاڄرو تيل تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويو آهي، واپاري برادري جي پنهنجن تجويزن جي روشني ۾ هول سيلرز تي 0.2 سيڪڙو ۽ ڊسٽريبيوٽرز تي 0.5 سيڪڙو ٽيڪس کي گڏايو ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ فرنيس آئل تي ڪو ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ فنڊ وڌائي 102 ارب رپين تائين ڪيو ويو،سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7.5 سيڪڙو، ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو ۽ ٻن ايڊهاڪ اضافن کي بنيادي اسڪيل ۾ ضم ڪرڻ جو پگهار ۽ پينشن تي نمايان اثر پوندو. ڇنڇر ڏينهن هتي بجيٽ کان پوءِ واري پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته اسان 2011ع ۽ 2012ع جي ٻن ايڊهاڪ الائونسز کي ضم ڪيو آهي ۽ 7.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، ان جو مجموعي اثر 11 کان 14 سيڪڙو ٿيندو ڇاڪاڻ ته ضم ڪرڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي ۽ پينشن تي به اثر پوي ٿو تنهن ڪري ان سان پينشرن کي به گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته پينشن جي گهٽ ۾ گهٽ حد ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته پگهار، پينشن ۽ الائونس ۾ اضافي تي اٽڪل 46 ارب رپين جو اضافي خرچ ايندو. هن  چيو ته ايڊهاڪ رليف کي ضم ڪرڻ ايپڪا ۽ سول ملازمن جو به مطالبو هو ڇاڪاڻ ته ان جو پگهار سان گڏوگڏ پينشن تي به اثر پوي ٿو. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ملازمن ۽ پينشرن جي مالي ڏکيائين  کان با خبر آهي. حڪومت جي سڀني ملازمن کي پهرين جولاءِ 2015ع کان موجوده بنيادي پگهار ۾ ڪميٽي جي سفارش جيڪا 5 سيڪڙو ايڊهاڪ اضافي جي هئي، بدران 7.5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس  ڏنو ويندو جڏهن ته 2011ع ۽ 2012ع جي ايڊهاڪ اضافن کي پي اسڪيلز ۾ ضم ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه بيواه/ طلاق يافته ڌيءُ لاءِ تا حيات يا ٻيهر شادي ڪرڻ تائين پهرين جولاءِ 2015ع کان پينشن جي دائري ۾ اضافو ڪيو پي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته سيمينٽ جي ملڪي صنعت جي تحفظ لاءِ ان جي آمدني واپار تي ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، پيڪ کير جي قيمت ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويو، پيڪ ڏهي ۽ پنير تي معمولي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، موبائل فون تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي کي ضم ڪري ان ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي، بيواهن جا 10 لک رپين تائين قرض حڪومت ادا ڪندي، گهٽ ۾ گهٽ پينشن وڌائي 13 هزار رپيا نه ڪئي وئي آهي، 12.5 ايڪڙ ايراضي وارن آبادگارن کي شمسي توانائي سان هلندڙ 30 هزار ٽيوب ويل لڳائڻ لاءِ بنا وياج قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته تعميرات جي صنعت کي ڪيترن ئي قسمن جو ٽيڪس رعايتون ڏنيون ويون آهن، ايندڙ مالي سال دوران 20 کان 25 لک روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس ريٽرنز فائلرز ۽ نان فائلرز  ۾ فرق ڪرڻو پوندو، سمورين ٽرانزيڪشنز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ فائلرز کي رعايت هوندي، وڌ ۾ وڌ ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ اچي ان رعايت مان فائدو وٺن. ميڊيا کي ذميوار رپورٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ميڊيا جي ڪجهه رپورٽن جي وضاحت ڪندي هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ ان علائقي بابت غلط افواهه پکيڙي ڪجهه ٽي وي چئنل پنهنجا اميدوار ڪامياب ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ تي ڏنل سبسڊي ختم نه ڪئي وئي آهي پر ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ان ڏس ۾ 6.05 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته ٻين ڪجهه شين بابت به ميڊيا ۾ غلط رپورٽون شايع ڪيون ويون آهن ته انهن تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته گيهه ۽ کاڌي پيتي جي تيل جون قيمتون به ٽيڪس ۾ اضافي سبب وڌي ويون آهن جيڪو سراسر غلط آهي ڇاڪاڻ ته اهي قيمتون بالڪل ناهن وڌيون.  هن هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ فرنيس آئل تي لاڳو ٽيڪس بابت جاري خبرن جي حوالي سان چيو ته ان سان غلط فهمي پيدا  ڪئي وئي آهي  ڇاڪاڻ ته انهن تي ڪو ٽيڪس  لاڳو نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳ کان ئي لاڳو ٽيڪس کي ئي ريگيولر ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان سموري غلط معلومات شايع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته  سيمينٽ جي آمدني واپار تي ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ بابت وضاحت ڪندي چيو ته اهو قدم ملڪي صنعت جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته سيمنٽ جي مقامي صنعت ۾ تمام گهڻي سگهه آهي جيڪا پنهنجي پيداوار به پرڏيهه وڪرو ڪري رهي آهي، اسان کي پنهنجي ملڪي صنعت کي تحفظ ڏيڻو آهي. موبائل فون سيٽن تي ٽيڪس ۾ اضافي جي وضاحت ڪندي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ان حوالي سان وڏيون خبرون (ليڊز) شايع ڪيون ويون آهن ته عام ماڻهو جي استعمال هيٺ موبائل فون تي ٽيڪس وڌائي وئي آهي جڏهن ته حقيقيت ان جي ابتڙ آهي. هن چيو ته حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ موبائل فون تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي کي  ضم ڪري ان ۾ گهٽتائي آندي آهي. هن چيو ته عام قسم جي موبائل تي اڳ ۾ 150 رپين جي ڪسٽم ڊيوٽي  ۽ 200 رپين جي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو هئي جيڪا مجموعي طور تي 350 رپيا ٿئي ٿي، حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ انهن ڊيوٽيز کي ضم ڪري 300 رپيا ڪري ڇڏيو آهي جيڪا اڳ کان 50 رپيا گهٽ آهي ۽ ان حوالي سان ته موبائل فون سستو ٿيو آهي، اهڙي ريت وچولي قيمت جي موبائل فون تي 250 رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ 200 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي اڳ ئي لاڳو هئي جنهن کي 500 رپيا ڪيو ويو آهي جڏهن ته مهانگن ترين فون سيٽن تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي 200 رپيا  ۽ ڪسٽمزڊيوٽي 500 رپين کي ضم ڪيو ويو آهي. پرائيويٽ سيڪريٽريز جي پگهارن ۾ اڳ کان موجود اسپيشل الائونس کي 100 رپين مان وڌائي 1000 رپيا ڪيو ويو آهي جيڪا انهن جي اسپيشل پي هئي.  هن چيو ته ميڊيا ان حوالي سان به رپورٽ شايع ڪئي هئي ته گهٽ ۾ گهٽ پينشن کي وڌائي 13 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جيڪو ناممڪن آهي، پگهارن ۽ پينشن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو اضافي کي مهانگائي واري شرح کان گهٽ چوڻ جي باري ۾ ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت رڳو پگهارن ۽ پينشن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو اضافو ناهي ڪيو، پر 2011 ۽ 2012ع جي ٻن ايڊهاڪ رليف الائونسز کي پڻ پگهارن ۾ ضم ڪيو ويو آهي، جنهن جي اثر سان 11 کان 14 سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو، ايڊهاڪ الائونس کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ سان ملازمن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي ۽ ان جو پينشن تي به سٺو اثر پوي ٿو، هن وقت سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۾ 4 ايڊهاڪ رليف شامل هئا، جن مان ٻن کي ضم ڪيو ويو آهي،

 

 

بجيٽ 16-2015 اُٺ اڳي ئي ٿي رڙيا ؛سجاد مهر

ڪاڻيءَ جو وِهانءُ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڇيڏڪ به ٿيا ته نغارا به وڳا. اهو وهانءُ عوامي بجيٽ جي بينر هيٺ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاران اعلانيو ويو. حڪومت نيٺ بجيٽ اعلاني ”سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي“ جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. بجيٽ بابت مون امڪاني طور انهن حالتن کي اڳئين ڪالم ۾ ڀوڳيو هو، اڄوڪو اعلان ان جي تصديق کڻي آيو آهي. مخالف ڌر، چون ٿا ته ان ”عوامي بجيٽ“ کي رد ڪيو آهي، توڙي جو مخالف ڌر جي اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تعذير جهڙو بيان ٻُڌايو ويو آهي ته اهڙي مبارڪ بجيٽ تي تنقيد ۽ انڪار ڪرڻ، جمهوري ڪفر جي دائري ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري هو سڀاڻي يعني سومر تي ڳالهائي. اڄوڪو ڏينهن هن بجيٽ خلاف هو هڪڙو به گُٿو لفظ ٻڌڻ جي موڊ ۾ ناهن. پوءِ به خورشيد شاهه خاموش رهي نه سگهيو ۽ هُن عوامي پاسو جهليندي بجيٽ کي اميرن جي بجيٽ قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هن سموري بجيٽ ۾ سڀ ڪجهه آهي پر عوام ناهي. اهي انگ اکر عوامي ناهن، اهو اعلان ۽ انداز عوامي ناهي. مهانگائيءَ کان ويندي سستائپ تائين جا لفظ ايوان جي نڙيءَ مان نڪتا ۽ مائيڪن معرفت گونجيا پر اهي اعلان ڪنهن سهائتا جو سبب بڻجي نه سگهيا. عوام لاءِ ته ’جهڙيون سٺ تهڙيون ٽي ويهان‘ جهڙي حالت لڳي رهي آهي، جن شين کي سستو ٿيڻو هو سي آسمان سان لڳايون ويون. جيڪي شيون اڳ ئي عوام جي پهچ کان پري هُيون تن کي ويتر پري ڪري انتظامي ڌر ثواب دارين حاصل ڪيو. هار سينگار مهانگو، کير ۽ کاڌي جا ڪيترائي اسم آسمان تي، موبائل فون مهانگي پر جهازن جا پُرزا سستا، اڏاوتي سامان سستو، زرعي اوزار سستا؛ چوندا آهن ته ”اَنُ نه مهانگو، پرين نه ڪوڙا“ مطلب ته زرعي حوالي سان مشينري سستي پر هاريءَ جو پگهر، محنت، مزدوري ۽ انهن جي ڪڙهندڙ رت ساڳي قيمت تي! سيلز ٽئڪس جي مد ۾ ٻيڻا ٽيڻا فارمولا، مڇي گوشت ۽ چانورن تي ٽئڪس، ليپ ٽاپ اسڪيم جاري رکڻ جو اعلان ٻئي پاسي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ ساڍا ست سيڪڙو واڌ!

عوام ڏانهن سرڪاري سنجيدگي نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي. توڙي جو اهي انگ اکر آءِ ايم ايف جو اشارو آهن پر تڏهن به اهو ”دل کوٽي عُذر گهڻا“ واري بهاني جيان آهي. جيئن چوڻي آهي ته ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو. سو هن سڄي کٽراڳ ۾ سرڪار کي سرڪاري ملازم سولا لڳا پر مون ته سرڪاري ملازمت کان ٻه قدم اڳتي وڌي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ بابت لکيو هو ته انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي حياتيءَ جو گاڏي گهلي رهيا آهن.

اهڙي پرفارمنس مان ته اهو ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سرڪار کي عوام جو اونو ڪونهي ڪو، غريب جي دال روٽي ۽ ٻن ويلن جي وقت جو ڪو به اسڪيچ ڪونهي ڪو، اربن جي انهيءَ انگ ۾ بس ناهي ته اهو ويچارو عوام.

عوام دوست بجيٽ جو اثر ايندڙ ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندو، جڏهن نئين فارمولي تحت زندگي نئون رخ وٺندي. هينئر رڳو هنبوڇيون آهن. اخبار جي پاسي ۾ خبر اها به پيسٽ ٿي پئي آهي ته سنڌ جي بجيٽ عوام دوست هوندي. توڙي جو مبينا اخباري خبر ۾ اهي به اطلاع آهن ته وفاق واري فارمولي تحت عمل ڪيو ويندو. هڪ پاسي مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي جيڪو موجوده فارمولي کي غير عوامي ٿو ڪوٺي ۽ اميرن جي بجيٽ ٿو چوي ٻئي پاسي سندس پارٽيءَ جو فيصلو وفاق سان هر حال ۾ راضي رهڻ ۽ انهن کي فالو ڪرڻ واري فارميٽ تحت ئي هلڻ جا اعلان آهن ۽ ٽئين پاسي کان آهي هي عوام، جنهن جي ٻڌڻ وارا شايد ته ٻوڙا ٿي پيا آهن، ڪٿي آهي انهن لاءِ بجلي ۾ ڪو رليف، گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي واري خبر، ڪٿي آهي انهن لاءِ ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ جو آسان رستو، بيروزگاريءَ جي خاتمي جي ڪا خبر، بک جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو پيڪيج، مُفت ۾ علاج ٿيڻ جي ڪا سهائتا، امن جي حوالي سان ڪا آٿت جهڙي اُميد! هي ته سئو سيڪڙو ئي اُن خبر جهڙي بجيٽ آهي، جيئن سينئر پرائيويٽ سيڪريٽرين جي پگهارن ۾ سئو سيڪڙو اعلان ٿيو آهي. قرضن ۽ وياجن جي معاملي ۾ ته 15 کربن جي خبر پرنٽ ٿي پئي آهي پر يوٽيلٽي اسٽورز واري رعايتي ڪميءَ تي به ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ته وري کنڊ جي برآمد تي ملندڙ سبسڊي به ختم ڪئي وئي آهي.

ٻڌڻ ۾ ته اهو به آيو آهي ته، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو آهي جو بجيٽ دستاويز قيدين واري وين ۾ وجهي پوليس جي سخت پهري هيٺ پارلياميٽ تائين پهچايا ويا… مطلب ته 67 صفحن واري اُن دستاويز کي به دهشتگرديءَ جو ڊپ هو ته متان اها رستي تان ئي هاءِ جيڪ نه ٿي وڃي. جيڪا وڏي هڻ وٺ کانپوءِ سرڪار سڳوريءَ رليف جي صورت ۾ پنهنجي عوام جي اُميدن پٽاندڙ تيار ڪئي آهي.

اندازو ڪريو، جنهن ملڪ ۾ ڪاغذ به محفوظ نه هُجن، پيپرن کي به پروٽوڪول گهرجي، سرڪاري گاڏيون ۽ گارڊ گهربل هُجن، اُن ملڪ جي ويچاري عوام جي تحفظ لاءِ انهن پيپرن ۾ ڪهڙو پيغام لکيل هوندو… سرڪار پنهنجي سيڪيورٽيءَ لاءِ ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي پر اُن عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهڻ جي ست نه ٿي ساري، جنهن عوام هن کي عظيم بڻائي اُن عهدي تائين رسايو آهي.

توڙي جو اسين اهو سمجهون ٿا ته اسان جي هيءَ واويلا، اهو روئڻ  ۽ احتجاج ”رڍن اڳيان رباب“ جيان آهي، انتظاميه جيڪا اڳ ئي سکڻي ڪُنيءَ جيان گهڻو اُڀامي رهي هئي، بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ حالتن جي منهن تان اهو ماسڪ لهي پيو آهي. هُو شعوري طور اهو سڀ ڪجهه ڪري چُڪا، جهڙي انهن مان هتان جي عوام کي اُميد هئي. سرڪار عُذرن جي حوالي سان ڀلي عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي لاٿ يا ڌرڻن جي هجڻ سان معاشي عدم استحڪام جي ڳالهه ڪري پر سچ اهو آهي جيڪو اسڪرين تان ڏٺوسين ۽ اخبارن ۾ پڙهيوسين. 253 اربن جا نوان لڳايل ٽئڪس سرڪار لاءِ جيترو سهائتا جو سبب بڻيا، اهو ته الڳ پر هي عوام انهيءَ ٽئڪس جي دٻاءَ هيٺ ويتر دٻجي ويندو…. يقينن اگهن جي صحت بهتر ٿي ويندي، مهانگائي جو مزاج بدلبو، دڪاندارن جو دماغ ڦرندو، قيمتون آسمان تي چڙهي وينديون. اهڙي صورت ۾ پورهيت، هاري، ڪمي ڪاسبي، کيسي خالي عوام انهيءَ مصيبت جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندو؟!

ڪاش سياست جي سيني ۾ به ڪا دل هُجي ها، جيڪا مُفلسيءَ جي مارڪيٽ ۾ گهڙي انهن سُورن جو اندازو هڻي سگهي ها، جيڪي سُور هن اميراڻي بجيٽ غريبن جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن… هر دفعي جيان هيءَ بجيٽ به پنهنجي پر ۾ عوام لاءِ مايوسي ئي کڻي آئي آهي. ’ووءِ ووءِ ڪرڻ‘ وارن جي ڪا هڪ به نه ٻُڌي وئي آهي. پيٽ سان پٿر ٻڌي هلندڙ هن قوم جو هاڻي الله ئي واهي آهي. غريب جي چُلهه کي ويتر ٿڌو ڪري ويندڙ هيءَ بجيٽ عوام جي دل مان ڪهڙي آهه ڪڍائيندي؟ اهو ته سڀ ڪو ٿو سمجهي… هي جيڪي بيوس بار عوام جي ڪلهن تي سرڪار سڳوريءَ رکيا آهن، ان لاءِ ته اول ئي اندازو هو ته جڏهن سرڪار ٻورا ٿي سبيا، هي اُٺ تڏهن رڙيا ها…

 

يار سرفراز وسطڙو! ؛ارشد شاهه

زندگيءَ جي اڙانگي سفر ۾ ساٿي ملندا ۽ وڇڙندا رهندا آهن، پر ڪي اهڙا ساٿي به هوندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت اوچتو ڪيترن ئي ساٿين جي ذهنن تي گهڻي وقت تائين نه مٽجندڙ اثر ڇڏي ويندا آهن. نوشهروفيروز ضلعي جي ديهه مچر ۾ چاچي عبدالحڪيم وسطڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سينيئر صحافي، ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن سرفراز وسطڙو به اهڙو ئي ساٿي هو، جيڪو ڪالهه بظاهر گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سرفراز وسطڙي شروعاتي تعليم اباڻي ضلعي مان حاصل ڪئي، انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کانپوءِ هن اچي حيدرآباد وسائي. سنڌ يونيورسٽي مان سوشولاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هو نوجواني کان قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو. هن ڪجهه سال جيئي سنڌ تحريڪ ۾ جي ايم سيد جي سرپرستي ۾ به ذميواريون ادا ڪيون. بقول سرفراز جي ته، ”مون کي ڪاليج جي وقت کان ئي صحافت ڪرڻ جو شوق هو“، ان شوق جي ڪري ئي هو قومي تحريڪ مان صحافت سان واڳجي ويو. هن 1992ع ۾ روزاني ”سنڌو“ اخبار کان صحافت جي باقاعده شروعات ڪئي. عبرت اخبار ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ پوءِ چيف رپورٽر جي حيثيت ۾ ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين وابسته رهيو. صحافت جي حوالي سان سرفراز منفرد شخصيت جو مالڪ هو، هميشه منهن تي مرڪ سجائي رکندڙ هن دوست جي ڊڪشنريءَ ۾ انڪار جو لفظ ئي نه هو. ساڻس ڪير ملندو ۽ ڪو ڪم چوندو ته هڪدم ها ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهن کي آفيس ۾ وٺي وڃي يا فون ڪري حال سارو سڀني کي ڪم ايندو هو. هن سنڌ جي صحافين جي فلاح بهبود لاءِ سنڌ صحافي سنگت کي جوائن ڪيو ۽ ان جو مرڪزي صدر به رهيو، پر سنگت ۾ ڪجهه ڳالهين تي اختلافن کانپوءِ سرفراز سنڌ صحافي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. سرفراز وسطڙي کي رپورٽر ڊائريون لکڻ ۾ وڏو ڏانءُ حاصل هو. سينئر صحافي دوست به سرفراز وسطڙي کي بهترين صحافي سڏيندا آهن. صحافت سان گڏوگڏ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا. ٻين صحافين جي ڀيٽ ۾ سرفراز وسطڙي جا وزيرن، سياستدانن، ڪامورن سان تمام گهڻا تعلقات هئا، هو هر ان ماڻهوءَ سان، دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائيندو هو، پوءِ اهو دوست هجي، وزير يا ڪو اعليٰ عملدار ڇو نه هجي. چوندا آهن ته مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ويندو آهي پر سرفراز وسطڙو اهو شخص هو جنهن جو سڀني جيئري قدر ڪيو، پر افسوس جو ارڏي هُجڻ سبب هن پنهنجو قدر پاڻ نه ڪيو….

مون شروعات ۾ گڙدن جي بيماري وگهي فوت ٿيڻ واري جملي ۾ ظاهري لفظ استعمال ڪيو، اهو ان لاءِ ته ان بيماري پويان ٻي ڳالهه به آهي، جيڪا ناانصافي ۽ لاقانونيت جي عنصر کي چٽو ڪري پيش ڪري ٿي. سرفراز وسطڙي تي 2 سال اڳ قاتلاڻو حملو ٿيو، ان حملي ۾ انتهائي ويجهي مفاصلي کان ان کي جوابدار رپيٽر سان سڌو فائر ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو هو، جيڪو هن رياست جي قانون ۽ انصاف جي رکوالن جي وڏين دعوائن باوجود اڄ به فرار ئي آهي. ٻئي طرف اهو جوابدار آزاديءَ سان گهمي سُڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي، ان واقعي بعد 2 سال گذرڻ دوران سرفراز مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيو. چار کان پنج ڀيرا هن جا آپريشن ڪيا ويا. رپيٽر مان ڇٽل ڪارتوس مان نڪتل ڇيرن سرفراز جي گڙدن، جگر، آنڊن ۽ جيري سميت سڀني عضون کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو هو، ان هوندي به هو علاج سان گڏوگڏ جوابدار جي گرفتاري لاءِ قانوني جنگ لڙندو رهيو. هن کي بار بار آڇ ڪئي وئي ته ٺاهه ڪريو، پر سندس اها ئي چوڻي هئي ته جوابدار هڪ ڀيرو قانون وٽ پيش پئي. ٻي ڳالهه پوءِ ڪبي، ان سڄي صورتحال ۾ هو واڳ ڌڻين آڏو به دانهيندو رهيو، پر کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ واڳ ڌڻين ڪي به سنجيده قدم نه کنيا.  انتهائي افسوس ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته جتي سرفراز جي آخري رسمن ۾ حيدرآباد جا سمورا صحافي دوست هيا اتي سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ هڪ به ڪاموري جو نه هجڻ اها ئي سوچ ظاهر ڪري ٿو ته انهن ماڻهن جو ڪم خبر هلڻ سان آهي، خبر هلائڻ وارن سان نه. سرفراز جيڪو قومي تحريڪ سان به سلهاڙيل رهيو. جڏهن ان کي علمدار چوڪ جي قبرستان ۾ دفنايو پئي ويو ته اتي ڪجهه فرلانگن تي موجود قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، جسقم ۽ ايس يو پي جي هيڊڪوارٽرن ۾ ويٺلن به آخري رسمن ۾ شرڪت جي زحمت نه ڪئي. عبرت ۾ ڊيوٽيءَ دوران سرفراز وسطڙو اداري جي سرواڻ قاضي اسد عابد سان انتهائي ويجهو رهيو ۽ قاضي صاحب جو به ساڻس رويو هميشه پنهنجائپ وارو رهيو ۽ اها ڳالهه هو هميشه هر ڪنهن آڏو ڪندو رهندو هو. اڄ سرفراز اسان جي وچ ۾ ناهي، پر سندس يادون آهن ۽ رهنديون. هن پنهنجي ڪردار ۽ رويي سان دوستن جو وڏو حلقو ٺاهيو، جيڪي کيس ايترو جلدي وساري نه سگهندا. آخر ۾ يار کي شاهه سائين جي هن شعر جي ڀيٽا:

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.