تازيون خبرون

Daily Archives: June 4, 2015

ڪراچي ۾ ٿاڻي اندر جوابدار فوت، وارثن جي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٿاڻي اندر قيد جوابدار پراسرار نمو ني فوت ٿي ويو، سندس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس وارثن پهچي سخت احتجاج ڪندي جناح اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جن کي حراست ۾ وٺي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته پووليس بلديا جي علائقي مان 2 جون تي ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪيو هو، جن مان هڪ نوجوان اڄ صبح ٿاڻي اندر فوت ٿي ويو، سندس سڃاڻپ وسيم ابا جي نالي سان ڪئي وئي، اهڙي خبر پوندي ئي وسيم جا مڇريل مائٽ جناح اسپتال پهچي ويا ۽ مرده خاني ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي،جتي لاش پهچايو ويو هو، ان موقعي تي پوليس جا وڏا اٽالا به پهچي ويا، مڇريل ماڻهن احتجاج دوران سادا ڪپڙا پهريل هڪ پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو، جنهن کي سندس ساٿي اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن ڇڏائي ورتو، هوڏانهن ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي منير شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪندي سندس عهدي ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. آءِ جي سنڌ جي حڪم تي معطل ڪيل ايس ايڇ او سميت ٽن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جاچ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.

 

ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن جــِي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. گلشن معمار جي جنجال ڳوٺ مان هڪ عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي. عورت ۽ مرد جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا پر سندن سڃاڻپنه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن صفوران ڳوٺ ويجهو پڻ 7 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ آيو،جنهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

 

اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 12 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 9 ۽ ايف آر بنون ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٽانڪ ۾ پوليٽيڪل تحصيلدار ريموٽ ڪنٽرول بم حملي ۾ بچي ويو آهي. اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا. پوليٽيڪل اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل جي شيراني خيل ۾ عمل ۾ آندي وئي، جنهن ۾ دهشتگردن جا پنج ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا آهن. ايف آر بنون دريوبه جي خادم شهيد چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايف آر بنون جي خادم شهيد چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فرار ٿيندڙ هڪ دهشتگرد کي علائقي واسين پڪڙي سڪيورٽي فورسز حوالي ڪري ڇڏيو. ٽانڪ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم وسيلي پوليٽيڪل تحصيلدار محمد زمان جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو آهي.

 

قطرينا ڪيف ٻين تي تنقيد جي حوالي سان ڏاڍي تيز آهي، رنبير ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي مطابق اداڪار رنبير ڪپور جو قطرينا ڪيف جي باري ۾ چوڻ هو ته هو ان جي اداڪاري کي تمام گهڻي تنقيد  جو نشانو بڻائي ٿو، جنهن جي ڪري هو پنهنجي پرفارمنس ۾ بهتري به آڻي ٿي، ان چيو ته قطرينا ڪيف ٻين تي تنقيد جي حوالي سان هڪ  بدمعاش آهي، پر قطرينا ڪيف جي تنقيد ان جي اداڪاري ۾ بهتري آڻي ٿي، جيڪا ان کي پسند آهي، واضح رهي ته رنبير ڪپور ۽ قطرينا ڪيف جي هلندڙ سال شادي جون خبرون ڪيتري عرصي کان هلي رهيو هيون، جيتوڻيڪ ٻنهين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

پاڪستاني تڪراري اداڪارا وينا ملڪ خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماءُ بڻجڻ واري آهي

دبئي(شوبز نيوز): پاڪستاني تڪراري اداڪارا وينا ملڪ خان ڳورهاري آهي. گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٿيندڙ بالي ووڊ ايوارڊ تقريب ۾ هو پنهنجي ور سان گڏ موجود هئي. وينا ملڪ خان پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي هن ايوارڊ جون تصويرون ونڊيون آهن.سندس شادي 25ڊسمبر2013ع ۾ اسد خٽڪ سان ٿي هئي، گذريل سال 22 کيس 22 ڊسمبر تي هڪ پٽ ابرام خان پيدا ٿيو. ۽ هاڻي هو ٻيهر ڳورهاري آهي.

 

رفيق خاورعرف (ننها) کي وڇڙي29سال ٿي ويا

لاهور(شوبز نيوز): پاڪستان فلم انڊسٽري تي پنهنجي هڪ جدا انداز سان راڄ ڪندڙ ناليواري اداڪار رفيق خاور عرف(ننها) کي پنهنجي چاهيندڙن کان وڇڙي اڄ29 سال پورا ٿيا، سندس 29هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. اداڪار ننها پنهنيج فلمي دور جي شروعات 1966ع ۾ فلم “وطن کا سپاهي” سان ڪئي، پر کيس حقيقي مشهوري 1975ع ۾ فلم “نوڪر” سان ملي.فلم “سالا صاحب” لاهور ۾ لاڳيتو 300هفتن تائين نماءُ لاءِ رهي هڪ نئون رڪارڊ پڻ قائم ڪيو. ننها جي اداڪار علي اعجاز سان جوڙي کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. مرحوم ننها 1986ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

ڀارتي سينيما لاءِ بهترين ڪم ڪندڙ خوبصورت اداڪارا وديا بالن کي ڊاڪٽريٽ جو اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

احمد آباد(شوبز نيوز) ڀارتي سينيما لاءِ بهترين ڪم ڪندڙ خوبصورت اداڪارا وديا بالن کي احمد آباد جي هڪ يونيورسٽي ڊاڪٽريٽ جو اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو. رائي يونيورسٽي جي وائس چانسلرهربين اروڙاڪا جو چوڻ آهي ته وديا بالن سلور اسڪرين تي اهڙين مضبطو عورتن جا ڪردار ادا ڪيا آهن، جيڪي نوجوان نسل لاءِ ڏئي جيان آهن. وديا جو چوڻ هو ته اهو سرٽيفڪيٽ کيس ان وقت ڏنو پيو وڃي، جڏهن هن ڀارتي سينيما ۾ 10 سال پورا ڪيا آهن، ۽ ان ڳالهه سندس خوشي ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. وديا بالن جي ايندڙ فلم“ هماري اڌوري  ڪهاني” آهي جنهن ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر عمران هاشمي سان گڏ نظر ايندي.

 

سريلنڪا کي پاڪستان جي دوري لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي:چئيرمين پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته سري لنڪا کي پاڪستان جي دوري لاءِ مجبور نٿا ڪري سگهون، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار خان جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو سريلنڪا جي پاڪستان واري دوري لاءِ گهڻو بيچين آهن ته مهمان ٽيم هلندڙ سال  ئي پاڪستان ، انڪري ان حوالي سان سري لنڪن ٽيم تي ڪو به زور نٿو وجهي سگهجي ۽ اميد آهي ته ٽيم جلد دورو ڪندي.هن چيو ته زمبابوي ٽيم جو پاڪستان اچڻ اسان سڀني جي ڪاميابي آهي ۽ دوري سان نه رڳو ڪرڪيٽ پر پاڪستان جو فائدو ٿيو آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم به چيو آهي ته پاڪستان جي آجيان هميشا ياد رهندي.چئرمين پي سي بي جو چوڻ هو ته زمبابوي ٽيم جو حڪومت جي انڪار کانپوءِ به پاڪستان اچڻ وڏو قدم آهي ۽ پاڪستاني عوام به وطن سان محبت جو اظهار ڪيو.

 

فاسٽ بالر وسيم اڪرم پنهنجو 49 هون جنم ڏينهن ملهايو

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ناليوارو بالر وسيم اڪرم 49 سالن جو ٿي ويو، وسيم اڪرم 3 جون1966ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو. وسيم اڪرم سڀ کان گهڻيون وڪيٽون حاصل ڪندڙ رانديگر آهي هن 356 ون ڊي ميچز ۾ 502 وڪيٽون حاصل ڪيون. وسيم اڪرم 2003ع کان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾19 سال بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو. وسيم اڪرم ڪرڪيٽ جي شروعات اسلاميا ڪاليج راولپنڊي کان ڪئي.اڄ وسيم اڪرم جو 49 جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

 

سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان، احمد شهزاد جي واپسي

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا جي دوري لاءِ 15 رڪني ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، جوشيلي بيٽسمين احمد شهزاد جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته راحت علي ۽ سهيل خان فٽنيس ٽيست پاس نه ڪري سگهيا. پي سي بي پاران ٽيسٽ ٽيم جو اعلان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان مصباح الحق، محمد حفيظ، شان مسعود، اظهر علي، يونس خان، اسد شفيق، حارث سهيل، سرفراز احمد، ياسر شاهه، ذوالفقار بابر، وهاب رياض، جنيد خان، عمران خان ۽ احسان عادل آهن، پي سي بي سليڪشن ڪاميٽي مطابق ليفٽ آرم فاسٽ بالر راحت علي ۽ نوجوان پيسر سهيل خان فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري کين ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.