تازيون خبرون

Daily Archives: June 3, 2015

اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب دوران جيٽ جهازن جي بمباري دوران وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا،جڏهن ته سندن هٿيارن جو ڊيپو تباهه ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي. سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن سان بمباري ڪئي. هوائي ڪارروائي دوران پرڏيهين سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائي۾ دهشتگردن جو هٿيارن جو ڊيپو ۽ بارود جو ذخيرو به تباهه ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

ذوالفقار مرزا جي 107 ساٿين سميت پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي

بدين (ڊ ر) اڳواڻو صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 ساٿين جي سيشن ڪورٽ بدين پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته بلاول ڀٽو سندن ليڊر آهي، عوام جون اميدون بلاول ڀٽو ۾ آهن…. سيشن جج بدين غلام رسول سمون ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ سندس ساٿين خلاف داخل ڪيل مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 ساٿين جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي. ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس ماءَ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جيان عوام جي روٽي ڪپڙا، مڪان ۽ روزگار لاءِ ڪوشش ڪندو، عوام جو اميدون بلاول ڀٽو ۾ آهن.

 

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي زڪام ، دل ڌڙڪا دي جي مشهوري تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهي

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پريانڪا چوپرا کي زڪام ٿي پيو آهي ۽ هن دوائون کائڻ شروع ڪيون آهن، 32 ورهين جي پريانڪا ٽوئٽر تي ڇڏيل نياپي ۾ چيو ته سندس آواز اوچتو تبديل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، جنهن ٻڌايو ته مونلي زڪام ٿي پيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر دوائون ڏنيون، جيڪي مان کائي رهي آهيان ۽ طبيعت هاڻ بهتر آهي. پريانڪا هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم دل ڌڙڪا دي جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، هن چيو ته زڪام جي خبر پوڻ تي فلم جي سچي ٽيم سندس مدد ڪئي، جنه تي هوءَ سندن ٿورائتي آهي. پريانڪا چوپڙا پنهنجي چاهيندڙن کي مطمئن رکڻ ۽ پنهنجي صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ لاڳيتو ٽوئٽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته زڪام سبب هوءَ دهلي کان پري آهي ۽ دل ڌڙڪا جي مشهوري تقريب ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهي، پر کيس يقين آهي ته اينٽي بايوٽڪس ذريعي هوءَ ترت ٺيڪ ٿي ويندي. دل ڌڙڪا دي 5 جون تي سينيما گهرن جي سونهن بڻجندي.

 

شوقينن لاءِ ٽهڪن جو نئون طوفان اچڻ لاءِ تيار

نيويارڪ(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي پردي تي ٽهڪن جو نئون سامان ظاهر ٿيڻ وارو آهي، ”واٽ وي ڊ ڊ آن اور بالي ڊي“ جو مزاح ۽ ٽهڪن سان ڀريل ٽريلر شوقينن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائڻ لاءِ اچي چڪو آهي. 10 جولائي تي فلم وڏي پردي تي نظر ايندي.هن جي ڪهاڻي ۾ هڪ خاندان موڪلون ملهائڻ لاءِ گهمڻ نڪتو آهي ۽ پوءِ ٽهڪن جو نه کٽندڙ سلسلو ڏسندڙن کي ضرور موهيندو. خوبصورت خاندان جي معصوم مزاح سان ڀريل هن فلم جو ٽيلر اچي چڪو آهي.

 

عورت پوليس آفيسرن کي سنجيدگيءَ سان ناهي ورتو ويندو:پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هدايتڪار پرڪاش جها جي فلم گنگاجل 2 ۾ پوليس آفيسرياڻي جو ڪردار ادا ڪندي، اجي ديوگن جي فلم گنگاجل 2003ع ۾ هٽ فلم هئي،جنهن جو هاڻي سيڪيوئل ٺاهڻ لاءِ هدايتڪار پاران 32 سالن جي پريانڪا تي اعتماد ڪيو ويو. پريانڪا موجب اجي ديوگن جي 2003ع واري فلم هڪ بهترين فلم هئي پر ڀارت ۾ هاڻي مسئلا وڌيا آهن، جنهن ۾ ڪرپشن، لينڊ مافيا ۽ هارين جو استحصال شامل آهي، پريانڪا چيو ته عورت پوليس آفيسرن کي سنجيدگيءَ سان ناهي ورتو ويندو، تنهن ڪري فلم ۾ ان مسئلي کي به زبردست نموني کنيل آهي

 

بالي ووڊ فلم بنگستان ۾ رتيش ديشمڪ حفيظ بن علي جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم بنگستان جنهن بابت گهڻي وقت کان ڳالهه هلندڙ هئي ته اها تياري هيٺ آهي، پر هاڻي ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار رتيش ديشمڪ جي حفيظ بن علي جي روپ واري تصوير جاري ڪئي وئي آهي، فلم ۾ حفيظ يعنيٰ رتيش ديشمڪ هڪ سرڪاري ملازم جيڪو دهشتگردن جي مدد ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪندو، فلمساز فرحان اختر جي فلم ۾ هدايتڪاريءَ جا فرض صحافت مان هدايتڪار بڻجندڙ ڪرن انوشمان ڪندو، جڏهن ته رتيش ديشمڪ کان سواءِ ٻين اداڪارن ۾ چندن راءِ سنيا، آڪاش پانڊي، آريا ببر ۽ جيڪولين فرنينڊيس پڻ خاص طرح جي ڪردار ۾ ايندي. فلم هلندڙ سال 31 جولاءِ  تي رليز ڪئي ويندي.

 

پاڪستان آئي سي سي جي صدارت لاءِ ظهير عباس جي چونڊ ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ظهير عباس کي عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل(آئي سي سي) جي صدارت لاءِ چونڊي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ صحافي نجم سيٺي کي ان عهدي لاءِ چونڊيو ويو هو پر هن معذرت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ظهير عباس کي ان عهدي لاءِ چونڊيو ويو آهي. ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور ظهير عباس 78 ٽيسٽ ۽ 62ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ترتيبوار 5062 ۽ 2572 رنسون اسڪور ڪيون آئي سي سي جو نئون صدر هلندڙ سال پهرين جولائي تي اهو عهدو  سنڀاليندو.

 

ايف بي آر مصباح الحق جي گاڏي قبضي ۾ وٺي ڇڏي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايف بي آر پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جي لينڊ ڪروزر گاڏي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي نه ڏيڻ تي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي. ڀارتي خابرو اداري مطابق اختيارين ٻڌايو آهي ته ايف بي آر جو چوڻ آهي ته  رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئي ته مصباح الحق گاڏي جي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ناهي پياري تنهن ڪري اها قبضي ۾ ورتي وئي آهي، واضع رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ به 39لک رپيا ٽيڪس نه پيارڻ تي مصباح الحق جا بئنڪ اڪائونڊ  بند ڪيا ويا هئا.ذريعن مطابق لينڊ ڪروزر قبضي ۾ وٺڻ کان اڳ ايف بي آر اختيارين مصباح الحق کي نوٽيس اماڻيو هو جنهن ۾ کيس ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

 

آءِ سي سي زمبابوي جي پاڪستاني دوري کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي تي ساراهه ڪئي آهي، آءِ سي سي زمبابوي جي پاڪستاني دوري کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب پاڪ_زمبابوي جي ٻن ٽورنامينٽن ۾ پنج ميچ انتهائي دلچسپ ۽ اهم رهيا، پنج ميچن ۾ 2206 رنسون ٺهيون، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب ٽرونامينٽ ۾ چار سينچريون ۽ 13 ففٽيون ٺهيون جيڪي وسارڻ جوڳيون ناهن

 

فيفا صدرکي ڪرپشن الزامن ۽ عملدارن جي گرفتارين کانپوءِ به عورتاڻي عالمي ڪپ جو فائنل ڏسڻ جوشوق

لنڊن(اسپورٽس نيوز)فيفا جي صدر سيپ بليٽر فيفا جي عملدارن تي بدعنواني جي الزامن ۽ گرفتارين کانپوءِ به عورتن جي عالمي ڪپ جو فائينل ڏسڻ لاءِ ڪئينڊا وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيوآهي. گذريل هفتي سوئٽزرلينڊ پوليس آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي چوڻ تي فيفا جي 7 عملدارن کي گرفاتر ڪيو هو،سيپ بليٽر اهڙي صورتحال کانپوءِ به ڪئينڊا وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته فيفا جي جنرل سيڪريٽري زيروم والڪ عورتن جي عالمي ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ زيروم والڪ چيو ته زيورخ ۾ فيفا هيڊ ڪوارٽر جي  معاملن تي ڌيان ڏيڻ سبب هو آمريڪا نه پيو وڃي.