تازيون خبرون

Daily Archives: June 2, 2015

مستونگ جوجيءُ جھوريندڙ واقعو۽ بلوچستان  جا خوني رستا ؛ مسرورسيال

بلوچستان ۾ بلوچ روايتن جو خاتمو اکين سان ڏسندي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، بلوچ اڪثر دوستي ۽ دشمني ۾ به قومي روايتن جو پابند رهيو آهي، وٽن ڪيڏو به وڏو دشمن مسافر ايندو هو ته هو کانئن انتقام وٺڻ کي بزدلي سمجھندو هو ، کيس باحفاظت واپس پهچائيندا هئا پر اڄ جڏهن بلوچستان ۾ امن جو پکي ناياب بڻجي چڪو آهي، اتي هٿياربند ونگ جڙي چڪا آهن، جتي ڏوهارين به پنهنجا وٿاڻ ٺاهي ورتا آهن، اتي نسل توڙي فرقي جي بنياد تي قتل ڪيا وڃن ٿا، اتي هاڻ مسافر به محفوظ ناهن، ڪڏهن ايران ، عراق مقدس زيارتن تي ويندڙن جي قافلن تي حملا ڪيا وڃن ٿا، گاڏين مان کين لاهي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري نسلي بنيادن تي پڻ مسافرن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. تازو پشين کان ڪراچي ويندڙ ٽن بسن کي  مستونگ ۾کڊو ڪوچا وٽ 30 کان 40 وردي پهريل دهشتگردن  هٿيارن جي زور تي پنهنجي قبضي هيٺ وٺي  انهن مان 35 مسافرن کي اغوا ڪري کين يرغمال ڪري ورتو ۽ سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي، انهن مان 20 ڄڻن کي ٿڏي تي  بيدردي سان قتل ڪيو ۽ 2 زخمي ٿيا ،جيڪي ڪجهه دير کانپوءِ موت جي هنج هليا ويا، ، اڃا 9 مسافرن جو ڪو اتو پتو ناهي مليو ،

هي واقعو انسانيت کان ڪريل حرڪت آهي ،هي سڀ ڪجهه  ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اهي ڪير آهن ،جيڪي بلوچ روايتن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن ، ان جي خبر بلوچستان جي قومپرست وڏي وزير عبدالمالڪ کي هوندي ۽ اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ سڌ هوندي پر ان سان گڏ عوام پڻ ڪنهن حد تائين اهو سمجھي ٿو ته انهن واقعن ۾ اهي ئي ڌريون ملوث آهن ،جيڪي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ امن کي برباد ڪرڻ ۾ رڌل آهن، اهي دهشتگرد ڪنهن تنظيم سان لاڳاپيل هجن يا ڪنهن ڏوهاري نيٽ ورڪ سان واسطو رکندڙ هجن …… هتي سوال اهو آهي ته عوام جي حفاظت وارو حق اسان جا حڪمران نڀائي رهيا آهن يا نه …..؟ ڇا سندن حڪمت عملين سان ڏوهارين کي ناڪاميون ٿين ٿيون يا نه  ……؟  ڏسجي ته اسان جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت آهن، اسان جا انٽليجنس ادارا اڳواٽ ڄاڻ کان ڪورا آهن، جي ائين نه آهي ته پوءِ واقعا ڇو ٿين ٿا؟ ڏوهاري پنهجن ارادن ۾ ڇو ناڪام نٿا ٿين؟ جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا اهي ذميوار ادارا به پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ سست نظر اچي رهيون آهن ،مستونگ واري رستي سان اڳ به ڪيترائي ڀيرا اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن پر حڪومت انهن جي روڪ ٿام لاءِ ڪي اثرائتا قدم نه کڻي سگھي آهي نه ئي وري اتي موجود ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ڪا وڏي ڪارروائي ڪري سگھي آهي. دهشتگردن جي هن تازي ڪارروائي ۾ پختونن کي نشانو بڻايو ويو آهي،جنهن سان بلوچن ۽ پختونن ۾ جھيڙي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ،هي پلان ڪنهن جوڙيو آهي ۽ ان پلان تي ڪنهن عمل ڪرايو آهي ،ان کان ته اسان جا حڪمران ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا باخبر هوندا…..! کين انهن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ گھرجي ، ۽ ملوث ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي ، بلوچستان جتي هاڻ اڳ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ رستي ويندڙ مسافر به هاڻ ظالمن جي ظلم کان محفوظ ناهن، اتي رهندڙ مختلف نسلن جا ماڻهو ڪئين محفوظ هوندا..!

هي ته حڪومت جي ذميواري ۾ شامل آهي ته هو عوام جي جان ،مال ، عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪري، جيڪڏهن ڪابه حڪومت  عوام جي حفاظت نٿي ڪري سگھي ته پوءِ اها نااهل حڪومت سڏي وڃي ٿي، ڏسجي ته بلوچستان ۾ قومپرست اڳواڻ عبدلمالڪ جي حڪومت آهي ،پاڻ وڏو وزير آهي، سندس دور ۾ ئي ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن ،ان کانپوءِ به حڪومت ڪو وڏو آپريشن نه ڪيو آهي، جنهن ڪري ڏوهارين ۽ دهشتگردن جي دل  وڌائي وڏي ڪئي وئي آهي، هاڻ ته هو بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڏهڪاءُ جي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، بلوچستان هن وقت دهشتگردي جو ڳڙھ بڻجندو پيو وڃي ۽ اهي به رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته هتي ” را “ جون سرگرميون پڻ تيزي وٺي رهيون آهن ،جيڪو پڻ وڏو خطرو آهي جنهن سان اڳتي هلي اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  کي ائين ئي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوندو ،جئين هاڻ ملڪ جي  اترين علائقن ۾  منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بلوچستان ۾ دهشتگردن جون جيڪي هاڻ ڪئمپون ۽ ڳجھا سکيا وارا ادارا جڙي ويا آهن،

انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ٻئي صورت ۾ ان جا اثر سنڌ تي پڻ پوندا ،جنهن جا هاڻ چٽا ثبوت شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان ملي رهيا آهن .شڪارپور واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت کي جيڪا حڪمت عملي جوڙي دهشتگردن جي اڏن توڙي انهن جي سهولت ڪارن کي ختم ڪرڻ گھرجي ها، اهو نه ٿي سگھيو آهي، خبر ناهي اسان جا حڪمران ڪنهن واقعي کانپوءِ ائين جاڳندا آهن، جيئن کين ننڊ ڪرڻي ناهي پر ڪجھه ڏينهن کانپوءِ ائين سمهي رهن ٿا، جيئن کين ڪنهن ڳالھه جي ڪا خبر نه هجي يا ڪو سانحو ٿيو ئي نه هجي ، ڪنهن جا گھر اجڙيا ئي نه هجن ……..! جيڪڏهن اهڙي سوچ رهي ته پوءِ عوام جو الله ئي حافظ آهي ، اسان جي سنڌ حڪومت کي بلوچستان سان ملندڙ سمورن داخلي رستن تي چوڪسي ڪرڻ گھرجي ته جيئن ڪو به دهشتگرد سنڌ ۾ داخل نه ٿي سگھي ، اهو چوڻ ڏاڍو سولو لڳي ٿو پر عمل ان کان وڌيڪ ڏکيو لڳي رهيو آهي، اهو ان ڪري ته حڪومت جي ڪن لاٽار وارو روايتي ڪردار اڄ به قائم آهي ، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته سنڌ ۾ ڪوبه دهشتگرد داخل نٿو ٿي  سگھي ۽ جيڪي داخل ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڀڄائي سگھي ٿي پر ائين ٿئي نه ٿو ، ان جا ڪهڙا سبب آهن، اهي حڪمران ئي ٻڌائي سگھن ٿا ، پر عوام ته اهو سوچي رهيو آهي ته شايد اسان وارا حڪمران رڳو حڪمراني ۾ رڌل آهن،عوام جي خدمت ۾ نه.!

بلوچستان جي قومپرست وڏي وزير لاءِ اهو چئلينج آهي ته هو انهن ڳجھن هٿن کي ظاهر ڪري جيڪي بلوچستان جي امن کي تباھه ڪري رهيا آهن ،ڪڏهن تربت ۾ سنڌي مزدورن کي شهيد ڪن ٿا ته وري ڪڏهن رستي ويندڙ مسافرن کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ، ڪڏهن شيعا هزارا ته وري ڪڏهن زيارتن لاءِ ويندڙ  بيگناھه پانڌئيڙن مٿان حملا ٿي رهيا آهن، ڍتازو مستونگ واقعي ۾ جيڪو دهشتگردن نسلي تعصب جو رنگ ڏنو آهي اهو نسلي بنيادن تي باھه کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش آهي، ان ڪري پختون قوم کي توڙي بيگناھه مارجي ويل مسافرن جي وارثن کي پڻ ان سازش کي سمجھڻ گھرجي ۽ اسان جي حڪمرانن کي پڻ پنهنجون ذميواريون عملي طريقي سان نڀائڻ گھرجن. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرجن ، خاص ڪري دهشتگردن خلاف فيصلائتو قدم کڻندي آپريشن ڪرڻ گھرجي

 

سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

لفظ ”مضمون“ عربي لغت مان ورتل آهي. ”ضمن“ جي لغوي معنيٰ آهي، ”خيال“ ۽ اختيار ڪيل يا جذب ڪرڻ. انگريزيءَ ۾ مضمون کي “Essay” ته فارسيءَ ۾ ”مقاله“ ۽ عربيءَ ۾ ”مقامه“ چيو وڃي ٿو. فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ “Essay” جي معنيٰ ”ڪوشش ڪرڻ“ پڻ آهي. فرانسيسي مان ئي Essay جي صنف انگريزي ۾ آئي. عام طور مضمون نثر نويسيءَ ۾  هڪ اهڙي تحرير کي ليکيو ويندو آهي، جيڪا مناسب طوالت سان گڏ ليکڪ جو ڪنهن به خارجي موضوع تي خيالن جو اظهار هجي. مضمون، مضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس آهي. ”مضمون“ ۾ مصنف ذاتي ۽ انفرادي تجربن ۽ مشاهدن کي اديبانه انداز ۾ قلم وسيلي محفوظ ڪري ٿو. هڪ سٺو مضمون اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ مضمون نگار جا ويچار ۽ نظريا عمدي نموني اثر انگيز هجن، مضمون جو تعلق ادب سان آهي. انهيءَ لحاظ کان مضمون جي ٻولي ادبي ۽ سريلي هئڻ ضروري آهي. مضمون نويسي هڪ اهڙي ادبي لياقت ۽ قابليت آهي جنهن ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو هجڻ اهم آهي. ٻولي وڻندڙ، شائسته ۽ سليس هئڻ سان مضمون عام فهم ٿيندو آهي.

مضمون نويسي دنيا جي هر ادب ۾ رائج آهي. پرڏيهي ادب ۾ فرانسيس بيڪن، ڊرائيڊن، گولڊ سمٿ، جانسن، رسڪن ۽ ميٿيو آرنلڊ جهڙا مشهور مضمون نگار ٿي گذريا آهن. اردو ادب ۾ سيد سليمان ندوي، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نظير احمد، مرزا فرحت الله بيگ، مولوي عبدالحق، ابن انشا ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون نگار رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ساڌو هيرانند، پرمانند ميوارام، منشي اڌارام، ريواچند آڏواڻي، ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لطف الله بدوي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، عبدالحسين موسوي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڪريم ڏنو راڄپر، نواز علي شوق ۽ ٻين ڪيترن نثرن جي هن صنف کي اهميت ڏياري.

دنيا جي علم ۽ ادب جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ جي سبب کان هر ادبي صنف ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي، جنهن ۾ مضمون نويسيءَ کي به عروج حاصل ٿيو آهي. مضمون نويسيءَ جي شروعات فرانس کان مانٽين 1571ع ۽ انگلينڊ مان فرانسيس بيڪن (Fransis Bacon) ڪئي. بيڪن 1577ع کان 1621ع تائين مختلف موضوعن تي مضمون لکيا، جن ۾ فلسفيانه مضمون گهڻا هئا. ليکڪ انهن مضمونن کي يڪجا ڪري ”بيڪنس ايسيز“ (Bacon’s Essays) جو عنوان ڏنو، جيڪي اخلاق آموز ۽ سهڻي اسلوب بيان سبب پوريءَ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ترجمو ٿيا. اصل ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪو دنيا ۾ مضمون نويسيءَ جي موضوع جي لحاظ کان پهريون ڪتاب هو. موضوع جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مضمون نويسيءَ جي موضوعن ۾ تمام گهڻي وسعت رهي آهي. جيڪو معمولي کان معمولي شين تي به مضمون لکي سگهندو آهي ته ڳوڙهن فلسفيانه موضوعن کي به مضمون جو موضوع بنائي سگهجي ٿو.

عام طور  مضمون تعليمي، سوانحي، تاريخي، ديني، سماجي، سائنسي، سياسي، اخلاق، ادبي ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي هوندا آهن. درسي يا نصابي ضرورت مطابق ٻارن جي لاءِ جانورن، پکين، شهرن، ڳوٺن، موسمن، مندن، راندين ۽ ميلن ملاکڙن کان وٺي ادبي موضوعن کي به اهميت جوڳو قرار ڏنو ويندو آهي ته جيئن سندن قابليت کي پرکي سگهجي. انهيءَ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مضمون جي صنف سوکي هئڻ جي باوجود به ڏکي آهي جنهن ۾ لکندڙ جي ذاتي قابليت يعني سوچ، ويچار ۽ لکڻ جو ڏانءُ (Presentation) اهميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ کي صحافت جي ڪري تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. دنيا ۾ سڀني ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن جن مان شاگردن، استادن ۽ عام قارئين جو وڏو انگ مستفيد ٿئي ٿو. مضمون لکندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان اڳ ۾ چند اهم نڪتن کي نظر ۾ رکي:

(1) مضمون، موضوع مطابق ۽ پڙهندڙ جي ذهني سوچ مطابق هجي ۽ اهڙي نموني لکجي جو پڙهندڙ متاثر ٿئي.

(2) مضمون جي ٻولي سهڻي ۽ جملن جو استعمال مناسب هجي، پهاڪن، چوڻين ۽ بيتن کي خوبصورت جڙاءُ جي نموني سان ۽ موقعي مهل مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي.

(3) مضمون لکڻ مهل انهيءَ ٻولي کي نظر ۾ رکيو وڃي، جنهن ۾ مضمون لکيو ٿو وڃي. ٻين ٻولين جا غير ضروري لفظ وجهڻ سان خود انهيءَ ٻوليءَ جي نفي ٿيندي. اهم ڳالهه ته مضمون ۾ ليکڪ جو مقصد صاف ۽ چٽو هئڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو موضوع کي کولي بيان ڪري.

سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات انگريزن جي دور کان ٿي. هن دور ۾ عربي سنڌي الف ب مڪمل ٺهي راس ٿيڻ بعد سنڌي نثر ۾ جيڪي صنفون لکت ۾ وجود ۾ آيون، انهن ۾ مضمون نويسي اهم آهي. انهيءَ وقت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ پهريون سنڌي عالم هو، جنهن کي سنڌيءَ کان علاوه ٻين ٻولين تي به گهڻي دسترس حاصل هئي. هو انگريزيءَ جو ته خاص ڄاڻو هو. پاڻ انگريزي مضمونن جي مجموعي ”بيڪنس ايسيز“ کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. هي ڪتاب سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کانپوءِ مرزا صاحب ٻين ٻولين مان به مضمونن جا ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ پاڻ طبعزاد مضمون به لکيائون.مرزا صاحب کانپوءِ ٻين ليکڪن به هن صنف کي همٿايو ۽ اخبار بينيءَ سان عوام ۾ مضمون نويسيءَ جو شعور وڌو. سنڌي صحافت به هن صنف کي ترقي ڏياري ۽ ورهاڱي کان اڳ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آيل مضمونن کي جمع ڪرائي ڪيترائي مجموعا شايع ڪيا ويا، بعد ۾ به اخبارن جي ذريعي مضمون ڇپبا رهيا، جن اخبارن مضمون نويسيءَ کي عروج تي پهچايو انهيءَ ۾ ”معين الاسلام“، ”سنڌ سڌار“، ”پرڀات“، ”جوت“، ”سرسوتي“، ”اخبار تعليم“، ”روح رهاڻ“، ”الجامع“، ”بهار اخلاق“، ”مسافر“، ”معاون“، ”توحيد“، ”سنڌو“، ”عبرت“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ٻيون اخبارون ۽ رسالا اچي وڃن ٿا، جيڪي مضمونن جا ڪتاب شايع ٿيا. انهيءَ ۾ ”گل ڦل“، ”هيري جون ڪڻيون“، ”چونڊ سنڌي نثر و نظم“، ”ادبي آئينو“، ”ثمر حيات“، ”ويچار“، ”ادبي گلشن“، ”ادبي تحفو“، ”انار داڻا“، ”ورق“، ”چڻنگون“، ”ڪچ ڪوڏيون“، ”ڪک هيٺان لک“، ”ڪلاڪار جي دنيا“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”هٻڪار“، ”گلدستو“، ۽ ”مضامين خليل“ اهم آهن.سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتابن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون ته بي حساب لکيا ويندا آهن پر انهن جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد گهڻو گهٽ آهي.

انهيءَ جي برعڪس سنڌي ٻوليءَ ۾ مقالا وڌيڪ لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. مقالي ۽ مضمون جي صنف ۾ علمي ۽ ادبي طور ڪجهه فرق مقرر آهن. مضمون، مضمون نگار جو ڪنهن به خارجي موضوع تي ذاتي خيالن جو اظهار آهي ته مقالو فني ڇنڊڇاڻ ۽ پرک سان لکيل هڪ تنقيدي ۽ تحقيقي ليک آهي. اها تحقيق غير جانبدار، مستند ۽ علمي هوندي آهي ۽ مضمون انهيءَ جي برعڪس ليکڪ جي ذاتي مطالعي ۽ اظهار جو عڪس آهي. هن وقت ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آيل مضمونن کي جمع ڪري ۽ انهن کي ڇپائي سنڌي مضمون نويسيءَ جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. هن وقت به درسي ضرورت مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل مضمونن جا چند ڪتاب ئي دستياب آهن جيڪي ناڪافي آهن.

ڪيترائي مضمون مختلف موضوعن تي ”سهڻي“، ”روح رهاڻ“، ”نئين زندگي“، ”مهراڻ“، رسالن کان علاوه ”عبرت“ ”هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هيستائين جي ڇپيل مواد مان به خبر پوي ٿي ته سنڌي مضمون نويسي سنڌين جي تهذيب، تمدن، رسمن، رواجن، سوچن خيالن ۽ سماجي قدرن جو عڪس آهي، جيئن ته مضمون نويسي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج ۾ به هڪ اهم حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ نثر جي هن اهم صنف جي واڌاري تي ڌيان ڌرڻ جي گهرج آهي.