تازيون خبرون

Daily Archives: June 2, 2015

اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب جاري، وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ بم ڌماڪي سبب پوليٽڪل محرر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، وزير اعظم ۽ صدر ممنون حسين ڌماڪي جي مذمت ڪندي متاثر گهراڻن سان ڏُک ونڊيو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ڏکڻ وزيرستان ۾ روڊ ڪناري نصب بم ڦاٽڻ سبب پوليٽڪل محرر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان ۾ روڊ ڪناري بم ڦاٽڻ سبب پوليٽيڪل محرر فاروق وزير مارجي ويو. صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ڏکڻ وزيرستان بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي متاثرن گهراڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن چيو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر تصديق ڪندي چيو آهي ته اها زميني ڪارروائي گذريل رات اتر وزيرستان کان 10 ڪلوميٽر پري ڏکڻ-اولهه واري علائقي ۾ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ ڪجهه فرار ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون.

 

شاهه رخ، عامر خان ۽ سلمان خان پهريون ڀيرو گڏ هڪ فلم ۾ ڪندا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ خانز شاهه رخ، عامر خان ۽ سلمان خان پهريون ڀيرو هاڻ هڪ فلم ۾ گڏ جلوه گر ٿيندا پروڊيوسر جي من پسند شاهه رخ خان ۽ عامر خان کي هاڻ انهن جا مداح گڏ ڏسي سگهندا هڪ فلم ۾ پروڊيوسر ساجد ناڊياوالا ٽنهي خانز کي گڏ ڪرڻ جو خواب پورو ڪري ڇڏيو، ساجد جي ويجهن ذريعن چيو آهي ته هو ٽنهي خانز کي گڏ پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ڪاسٽ ڪري رهيو آهي ۽ ان فلم جي هدايتڪاري به پاڻ هو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي فلم جي شوٽنگ جنوري 2017تي شروع ٿيندي ۽ انهي سال اها فلم رليز به ٿيندي.

 

اميتاڀ بچن، پريتي زنٽا ۽ ماڌوري ڊڪشت تي ڪيس داخل

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش جي خوراڪ کاتي پاران ملٽي نيشنل ڪمپني نيسلي تي سندن تيار ڪيل ميگي نوڊلز ۾ خراب مادو ملائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس نيسلي دهليءَ چيپٽر تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته ميگي نوڊلز جي اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ان جي مشهوري لاءِ  اداڪارن اميتاڀ بچن، پريتي زنٽا ۽ ماڌوري ڊڪشت کي الڳ لڳ نامزد ڪيو ويو، اتر پرديش جي خوراڪ کاتي موجب ميگي نوڊلز ۾ مونوسوڊيم جو مقدار گهڻي مقدار ۾ وڌو ويو آهي. مقامي ميجسٽريٽ موجب اداڪارن تي قلم 420،272،273 ۽ 109 تحت ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ميجسٽريٽ موجب اداڪارن خراب نوڊلز کارائڻ تي ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ پرفارمينس ڏني، جڏهن ته نوڊلز کائڻ سبب ماڻهن جي صحت تي تمام خراب اثر پون ٿا

 

عنايت حسين ڀٽي کي مداحن کان وڇڙندي 16 سال گذري ويا

گجرات(ڪلچرل نيوز) سهڻي جي شهر گجرات کان اڀرندڙ عنايت حسين ڀٽي جو دل کي وڻدڙ آواز اڄ به مداحن جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي،عنايت حسين ڀٽي لوڪ فنڪار ۽ ڳائڻ سان گڏوگڏ اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسڪرپٽ رائيٽر، سوشل ورڪر، ڪالمنسٽ ۽ مذهبي اسڪالر به هو، لاهور ريڊيوکان ڳائڻ جي شروعات ڪرڻ وارو عنايت حسين ڀٽي جي پهرين فلم“ پهيري” ۾ گانن راتون رات شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو، ڳائڻ سان گڏوگڏ هن 300 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر به ڏيکاريا عنايت  حسين ڀٽي اردو، پنجابي، سنڌي، سرائيڪي ۽ بنگالي ۾ 2500 کان وڌيڪ ڳانا ڳايا، 1997ع ۾ فاليج جي حملي جي ڪري عنايت حسين ڀٽي جا مداح روح کي راحت ڏيندڙ آواز کان محروم ٿي ويا.

 

مان پنهنجي فلم يه جواني هي ديواني وساري ناهيان سگهي: ديپيڪا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته فلم “يه جواني هي ديواني” جي ڪاميابي ناهي وساري، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجي فلم يه جواني هي ديواني جي رليز کي 2 سال گذري ويا آهن مان ان جي ڪاميابي نه وساري سگهي آهيان، هن چيو ته منهنجي پهرين ئي فلم منهنجي لاءِ لڪي ثابت ٿي، هن چيو ته مان فلم “شرهي” يا “سلطان مين” ۾ سلمان خان سان ڪم نه ڪري رهي آهيان، هن چيو ته هن وقت تماشو ۽ باجي رائو مستاني جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان هن چيو ته رنوير ۽ مان صرف سٺا دوست آهيون منهنجو ان سان شادي جو ڪو ئي به ارادو ناهي.

 

نجم سيٺي آءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو نه سنڀالڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي آءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو نه سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سماجي رابطن واري پيب سائيٽ ٽوئٽر تي ڇڏيل پيغام ۾ نجم سيٺي پي سي بي کي درخواست ڪئي آهي ته آءِ سي سي جي صدارت جو عهدو ڪنهن اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر حوالي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي کانپوءِ هي بهترين موقعو آهي ته َآءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو ڪنهن ليجنڊ ڪرڪيٽر حوالي ڪيو وڃي. نجم سيٺي گورننگ بورڊ سميت پي سي بي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو سربراهه پڻ آهي، کيس پهرين جولاءِ تي هڪ سال لاءِ آءِ سي سي جي صدارت سنڀالڻي هئي پر هن پنهنجي فيصلي کان پي سي بي کي ڄاڻ ڏئي ڇڏي آهي.

 

مصباح الحق انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد جي اپيل ڪندي انهن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. ڀارتي ويب سائيٽ اين ڊي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته زمبابوي جي پاڪستان اچڻ سان سڄي دنيا ۾ هر ڪنهن کي واضح پيغام ويو آهي ته پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ کان ڌار نٿي رهي سگھي. هن چيو ته ڇهن سالن جي ڊگھي عرصي کان پوءِ به عوام ڪرڪيٽ سان محبت ڪري ٿو ۽ هاڻي به انهن ۾ اهو ئي جو ش ۽ جذبو آهي.  مصباح الحق ڪرڪيٽ کيڏندڙ سمورن ملڪن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هر قوم خاص طور تي ڪرڪيٽ کيڏندڙ قومن کي پاڪستان اچي اسان جي مدد ڪرڻ گھرجي.

 

ڳڙهي خيرو جي تعلقه اسپورٽس يونين  پاران سي آءِ اي پوليس خلاف مظاهرو

ڳڙهي خيرو(آسپورٽس نيوز) ڳڙهي خيرو فٽبال ٽيم جا رانديگر بلوچستان جي مخلتف شهر پشين، سوراب، ڪوئٽا ۾ ميچ کيڏڻ بعد ڪوئٽا مان خريداري ڪري  واپس ڳڙهي خيرو  اچي رهيا هئا ته ڳڙهي خيرو جي سي آءِ اي پوليس رانديگرن کي سيف الله شاخ پل وٽ روڪي ورتو. پوليس رانديگرن جي جھڙتي بهاني سامان گاڏي مان لاهي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو. چيڪنگ بهاني پوليس رانديگرن جي سامان جو وڏو حصو گم ڪري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي اڍنگي رويي ۽ سامان جي چوري ڪرڻ خلاف ڳڙهي خيرو جي تعلقه اسپورٽس يونين  پاران سي آءِ اي پوليس خلاف مظاهرو ڪيوويو. مظاهري جي اڳواڻي محمد حيات، واجد لهر، محمد علي ٻٻر،يحيٰ بروهي ۽ عبدالنبي ميرالي ڪري رهيا هئا.مظاهري ۾ فٽبال جي رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي واجد لهر ۽ ٻين چيوته سي آءِ اي پوليس اسان سان ڏوهارين وارو سلوڪ ڪندي اسان جي تذليل ڪئي آهي. هنن چيو ته رانديگر امن ۽ شهر جا سفير هوندا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان جي تذليل ڪندڙ ۽ سامان غائب ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي .ٻئي طرف اهڙي خبر پوڻ بعد سي آءِ اي انچارج ذوالفقارعلي عمراڻي ميڙ وٺي تعلقه اسپورٽس يونين جي اڳواڻن وٽ پهچي معافي ورتي. تعلقه اسپورٽس يونين ملوث اهلڪارن جي بدلي تائين کائنس ڳالهين کان انڪار ڪندي کيس واپس ڪري ڇڏيو.

 

ڀارت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو

دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، پاڪستان فوبيا ۾ ورتل ڀارت هڪ ڀيرو وري پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. انسلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج هڪ بيان جاري ڪيوآهي جنهن ۾ هن چيو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ جي امڪانن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو چوڻ هو ته هنن حالتن ۾ پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز نٿي کيڏي سگھجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي ان حوالي سان سموريون خبرون بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڀارت جو دورو ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. هن چيو هو ته ڀارت پاڪستان سان گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي بيان جي جواب ۾ ڀارت جي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو تازو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان گڏيل عرب مارتن سميت ڪٿي به ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ تي اتفاق نه ڪيو هو ۽ ان قسم جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. واضح رهي ته 2008ع ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪا به ٽيسٽ سيريز نه کيڏي وئي آهي

 

بجيٽ ۽ رمضان کان اڳ ماڻهن تي مهانگائي جو بم

 

حڪومت رمضان شريف جو مهينو اچڻ ۽ بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيون آهن. حڪومت پاران تيل اگھن ۾ ساڍن ٽن رپين کان 13 رپيا في ليٽر واڌ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پهرين جولائي کان گيس به مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.. گذريل ڏينهن تيل اگھن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سبب حڪومت تيل اگھن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پهرين جون کان پيٽرول جي اگھه ۾ 3 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اوگرا پيٽرول 6 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر حڪومت ساڍا ٽي رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسحاق ڊار موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 91 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گاسليٽ 6 رپيا 53 پيسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 57 پيسا واڌ جڏهن ته ايڇ او بي سي جي اگھه ۾ 13 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب نون اگھن مقرر ٿيڻ کانپوءِ هاءِ اسپيڊ جي نئين قيمت 87 رپيا 12 پيسا ٿي وئي آهي جڏهن ته هاءِ آڪٽن 83 رپيا 81 پيسا في ليٽر ملندو. هن چيو ته گاسليٽ جي نئين قيمت 64 رپيا 94 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 61 رپيا 67 پيسا ٿي وئي آهي. اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم سمورو بار واهپيدارن تي نه وجھڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ان ڪري حڪومت تيل تي 6 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيندي جيڪا رقم تقريبن 6 ارب رپيا ٿئي ٿي. سندس چوڻ هو ته وڌايل اگھه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. هوڏانهن وفاقي سرڪار عوام مان پيسا ڪمائڻ لاءِ گيس به مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي چينل نائنٽي ٽُو نيوز جي رپورٽ موجب  حڪومت پهرين جولائي کان گيس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي. نجي ٽي وي موجب حڪومت گيس مهانگي  ڪري عوام جي کيسي مان اربين رپيا ڪڍڻ چاهي ٿي. پهرين جولاءِ کان ماهوار بل ۾ هڪ سئو کان پنج هزار رپيا واڌارو ڪيو ويندو. نجي ٽي وي موجب گيس مهانگي ڪرڻ سان حڪومت کي  77 ارب رپين جي آمدني ٿيندي. . واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف حڪومت تي سبسڊي گھٽائڻ ۽ تيل توڙي گيس مهانگو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊبئنڪ پاران چيو ويو هو ته پاڪستان کي قرض جي نئين قسط گھرجي ته کيس تيل، گيس ۽ بجلي تي سبسڊي کي گھٽائڻو پوندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عام شين توڻي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ته جيئن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ عوام سڪون جو ساهه کڻي سگهي.