تازيون خبرون

Daily Archives: June 1, 2015

پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي قتل الزام ۾ ميان افختار گرفتار، حالتون ٻيهر خراب، فوج طلب

پبي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي پارٽِي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ميان افختار حسين کي پي ٽي آءِ ڪارڪن جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، عدالت ۾ پيشي کان اڳ ميان افتخار حسين لڳايل الزام رد ڪندي چيو ته پٽ جي شهادت جو ڏک ڏٺو آهي، ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو هو جنهن جي سڃاڻپ حبيب الله جي نالي سان ٿي هئي جيڪو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن هو، حبيب الله جي والد پبي ٿاڻي تي اي اين پي جي اڳواڻ تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو هو ته ميان افتخار پنهنجي گين مين کي اسان جي ريلي تي فائرنگ جو حڪم ڏنو جنهن ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو، ايف آءِ آر ۾ ميان افتخار پنهنجي محافظن سميت نامزد آهي، ميان افتخار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ نوشهره ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن کانپوءِ فوج کي طلب ڪرڻو پيو، پاڪ فوج پبي ۽ ٻين علائقن ۾ گشت ڪيو.

 

راکي ساونت سني ليون کي ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ آئٽم گرل راکي ساونت کي اداڪارا سني ليون جي ڀارتي فلم نگري ۾ هو سني ليون تي طنز جو ڪو به موقعو ضايع ٿيڻ نٿي ڏئي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق راکي ساونت اداڪارا سني ليون کي ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ڪندي، ان تي الزام به لڳايا آهن، راکي ساونت جو چوڻ آهي ته هن ڊانس، ريئلٽي شو ۽ اداڪاري صلاحيتن سان ماڻهن جي دل کٽي ورتي آهي، جڏهن ته ان جي نئين ميوزڪ ويڊيو “پارٽي پنجابي” شوقينن کي پسند ايندي، هن سني ليون کي پنهنجي نئين ميوزڪ البم ۾ ننگي اداڪاري جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سني ليون جي ڪري ان کي به بولڊ منظر جي عڪس بندي ڪرائڻي پئي، ان لاءِ هو نٿي چاهي ته ڪا ٻي اداڪارا به ان جهڙا منظر عڪس بند ڪرائي، بهتر آهي ته ان رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سني ليون کي ڀارت ۽ بالي ووڊ انڊسٽري کي ڇڏي ڏئي.

 

دبئي ۾ سلمان خان جي پرفارمنس ڏسڻ لاءِ بختاور ڀٽو به پهچي وئي

دبئي(شوبز نيوز): دبئي ۾ عرب انڊو بالي ووڊ ايوارڊ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ سلمان خان جي پرفارم ڪيو. تقريب ۾ بختاور ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي. ايوارڊ تقريب ۾ سلمان خان کان علاوه بالي ووڊ اسٽارن شرڪت ڪئي. پرفارم ڪري پنهنجي پرستارن جي دل کٽي ورتي. سلمان خان جي پرفارمنس کي سڀني کان وڌيڪ ساراهيو ويو.

 

وينا ملڪ ۽ اسد خٽڪ جي دبئي ۾ ڪرن جوهر سان ڊگهي ڪچهري

دبئي(شوبز نيوز) وينا ملڪ ۽ اسد خان خٽڪ بالي ووڊ ۾ ڪجهه وڏو ڪرڻ  جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن، انهن کي بالي ووڊ ۾ ڪا وڏي آفر آهي؟ دبئي ۾ ٿيڻ واري اي آءِ بي اي ايوارڊ تقريب ۾ بالي ووڊ جا وڏن اسٽارن  سميت وينا ملڪ ۽ اسد خان خٽڪ به شريڪ ٿيا. تقريب دوران وينا ۽ اسد خان خٽڪ سلمان خان ۽  ڊائريڪٽر پروڊيوسر ڪرن جوهر سان ملاقات ڪئي. اسد خان خٽڪ ۽ ڪرن جوهر ڪافي دير تائين گپ شپ ڪندا نظر آيا. جنهن کانپوءِ فلمي پنڊتن جو چوڻ هو ته ٻنهي وچ ۾ ضرور  ڪا ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اچڻ واري دور ۾ اسد خٽڪ کي بالي ووڊ جي ڪنهن فلم ۾ ڏسندا. اهي ملاقات ڇا  ٿيون رنگ لائين اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.

 

اداڪارا ميرا جي انگريزي بهتر ٿي وئي، آسڪر فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي

لالي ووڊ(شوبز نيوز) پاڪستاني فلم اداڪارا ميرا اها پڌرائي ڪئي آهي ته آمريڪا وڃڻ سبب سندس انگريزي بهتر ٿي آهي. ميرا جي نالي سان مشهور پاڪستاني فلم اداڪارا غلط صحيح انگريزي ڳالهائڻ سبب سخت تنقيد جو نشانو رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪا وڃڻ کانپوءِ منهنجي انگريزي بهتر ٿي آهي ۽ هو محسوس ڪري ٿي ته هاڻي هو انگريزي فلمن ۾به ڪم ڪري سگهي ٿي. ميرا ان ڳالهه جي به پڌرائي ڪئي ته هو پنهنجي پروڊڪشن هائوس هيٺ 10 فلمون ٺاهڻ جو ارادو به رکي ٿي.

 

سيريز ۾ فيصلائتي سرسي سموري ٽيم جي گڏيل ڪوششن ڪري ملي آهي:اظهر علي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر عليءَ چيو آهي ته زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي ۽ سيريز ۾ فيصلائتي سرسي سموري ٽيم جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ملي آهي، جنهن جي لاءِ سڀ رانديگر مبارڪن لائق آهن. اظهر عليءَ چيو ته ڪپتان طور منهنجي بيٽنگ تمام اهميت واري هئي. گذريل چئن پنجن سالن ۾ سينيئر رانديگرن جي رهنمائيءَ جي ڪري ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي، جيڪا هاڻي ٽيم کي ڪم اچي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اڳتي به پنهنجي بيٽنگ سان ٽيم کي فتح ڏيارڻ جي ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته هاڻوڪي ڪرڪيٽ تمام تيز ۽ جديد ٿي وئي آهي، ان جي لاءِ هو پنهنجي بيٽنگ تي به تمام گھڻو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪاميابيءَ ۾ بالرن جو به اهم ڪردار هو جن مهمان ٽيم کي 268 رنسن تائين محدود رکيو، اظهر عليءَ چيو ته ايندڙ ميچ پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، جيڪا کٽي ڪلين سوئيپ ڪنداسين. سڀ رانديگر ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهن جيئن هو ٽيم جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھن

 

اظهر عليءَ عامر سهيل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اظهر عليءَ ڪپتان جي حيثيت سان ون ڊي ميچ ۾ ڪامياب ٽارگيٽ پٺيان ڊگهي اننگ کيڏندي عامر سهيل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن زمبابوي خلاف ٻين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪري عامر سهيل جو 17 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙيو. عامر سهيل 1998ع ۾ ڪپتان جي حيثيت سان ٽارگيٽ پويان 97 رنسن جي اننگ کيڏي هئي. جڏهن ته تازو زمبابوي خلاف ٻين ميچ ۾ اظهر علي سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. اهڙي ريت هو پاڪستان جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، جنهن ڪپتان جي حيثيت سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪردار اداڪيو هجي. ان کان سواءِ هن ڪپتان جي حيثيت سان ون ڊي جي پهرين 5 اننگز ۾ 4 ڀيرا 50 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون ڪپتان بڻجي ويو آهي

 

باڪسر عامر خان بولٽن ويلٽر ويٽ ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان بولٽن ويلٽر ويٽ ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. عامر خان پنهنجي مخالف آمريڪي باڪسر ڪرس الجيري کي سخت مقابلي کان پوءِ شڪست ڏئي ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، نيويارڪ جي بارڪليز سينٽر ۾ ٿيل فائيٽ ۾ عامر خان آمريڪي باڪسر تي شروع کان ئي حاوي رهيو، عامر ٽنهي رائونڊز ۾ مخالف رانديگر کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.

 

وهاب رياض هلندڙ سال هيل تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ گڏيل طور ٽيون  بالر بڻجي ويو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جو مشهور آل رائونڊر وهاب رياض هلندڙ سال هيل تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ گڏيل طور ٽيون  بالر بڻجي ويو. هن زمبابوي خلاف ٻين ون ڊي ۾ 2 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ جي ڪوري اينڊرس جي برابر ٿي ويو، ٻنهي هيل تائين 25، 25 وڪيٽون ورتيون آهن. وهاب رياض 12 ميچن ۾ 25 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اينڊرسن 17 ميچن ۾  25 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا جو مچل اسٽارڪ 34 وڪيٽون وٺي پهرين نمبر تي آهي. نيوزي لينڊ جو ٽرينٽ بولٽ 15 ميچون کيڏي 30 وڪيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي

 

گوسڙو ماسترن جي ڊيٽا ختم نه ٿي ڪري سگهجي

 

ڌاڙيل ۽ چور ٻيئي ڏوهاري آهن پر چور وڌيڪ ماهر، ڪاريگر ۽ ذهين ٿيندو آهي. ڌاڙيل رڳو ظلم ڪري سگهي ٿو. چور بنا ظلم ڪرڻ جي، بنا بندوق هلائڻ جي ڪئين توبن کي ماٺ ڪرائي سگهي ٿو. اڳي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماهر ۽ ذهين چور اڻٽيهين جي اونداهيءَ جو به انتظار ڪندا هيا ۽ چوماسي جي برسات جو به. اونداهه ۾ ڀاڳيا بي خبر هوندا هيا ۽ چوماسي جي برسات جي ڪري ڪاهيل ڌڻن جا پير ڳولڻ ۽ ماپڻ ڪنهن پيريءَ جي وس جي ڳالهه نه رهندي هئي. پر سنڌ ۾ هاڻي جيڪي چورصفت آهن، انهن کي اها خبر ئي ڪانه پئي آهي ته، ٽيڪنالاجي جنهن هنڌ نظر اچي ٿي، اها رڳو اتي ڪانهي. ان کان سواءِ ٻين هنڌن تي به هجي ٿي. سو، لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به چور آهن، اهي ماسترن جي ڪنهن تنظيم جا حمايت يافته آهن، يا انهن جا مخالف، اهي جڏهن به ڪمپيوٽر سان ڪابه ڇيڙڇاڙ ڪن ته کين خبر هجڻ گهرجي ته ان سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

ٻه ڏينهن اڳ آڌيءَ رات  جو اڻٽيهين جي اونداهي بدران يارهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ لاڙڪاڻي ۾ چورن ان ”بايوميٽرڪ سسٽم“ کي هٿوڙن سان ختم ڪري ڇڏيو. ان سسٽم وسيلي لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ گوسڙو ماسترن جي ڳالهه پڌري ٿي پئي ها. انهن بايوميٽرڪ سسٽم کي تباهه ڪري پنهنجي گوسڙو ماسترن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين اها خبر شايد ڪانه هئي ته ڊويزن جي ڊيٽا بروقت تعليم کاتي ۾ گڏ ٿيندي رهندي آهي، ان ڪري ڪجهه هزارن جو بايوميٽرڪ سسٽم مشين ته تباهه ٿي سگهي ٿي، گوسڙو ماسترن جي باري ۾ گڏ ٿيل ڊيٽا ختم نه ٿي ڪري سگهجي.

انهن سمورن چورن کي، تعليم جي دشمنن کي، گوسڙو ماسترن جي حامين کي ۽ تعليم کاتي جي انهن بيهودن آفيسرن کي شرم اچڻ گهرجي جيڪي سنڌ جي تباهيءَ جي پويان پيا آهن. جيڪي ڏوهه کي هٿي وٺائين ٿا. جيڪي چوري پڪڙجڻ کي خراب سمجهن ٿا. انهن سمورن عنصرن جي مذمت ڪرڻ گهرجي، انهن کي نندڻ گهرجي. انهن کي خراب ماڻهو سمجهڻ گهرجي.

افغانين کي جاري ڪيل شناختي ڪارڊ

ملڪ ۾ شناختي ڪارڊ جاري ڪندڙ اداري ”نادرا“هڪ لک شناختي ڪارڊ ”روڪي“ ڇڏيا آهن، اهي ڪارڊ انهن افغانن جا آهن،  جن جي نشاندهي يا ته انهن جي ٻيهر ڪارڊ ٺهرائڻ مهل سامهون ٿي يا وري انهن جي گهرگهاٽ جي باري ۾ شڪ جاڳيا. ان حوالي سان ”بلاڪ“ ٿيل ڪارڊن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته نادرا پاران بنا سوچڻ جي اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ جي اسان کي پاڪستاني نه پئي سمجهيو ويو ته پوءِ ڪارڊ جاري ڇو ڪيا ويا؟

پاڪستان انهن بدقسمت ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ ”شناختي ڪارڊ“ کي ڪنهن به شخص جي ”شهريت“ جو لائسنس ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن ته دنيا ۾ ڪنهن به شخص کي پنهنجي شهريت لاءِ ان جي زمين جي رشتي جي تاريخ، ان جي ٻولي ۽ ان جي ماضي وغيره کي ڏٺو وڃي ٿو. پر اسان وٽ ڪنهن به ڪلرڪ يا آفيسر جي 500 رپين ۾ ڪنهن به شخص کي پاڪستان جي شهريت ملي وڃي ٿي. ان کي سمورا حق ملي وڃن ٿا. ان جو اوترو ئي حق ٿي وڃي ٿو جيڪو پنج هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ نسلن کي هُجي ٿو.

پختونخواهه ملي عوامي پارٽي محمود خان اچڪزئي ان عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جي ”افغانن“ کي پاڪستاني نه ٿو سمجهيو وڃي ته پوءِ ان عمل جي مذمت ڪرڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو رستو نه ٿو بچي.

پاڪستان ۾ مُلڪ جي اندر جيڪي اصلوڪا باشندا رهن ٿا، انهن جي هڪ عام ۽ انتهائي اهم شڪايت اها رهي آهي ته هڪ پاسي سندن ڪوبه والي وارث نه رهيو آهي، سندن ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا محدود ڪيل آهن، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه نه پر ٻه هزار مٿا رهيا آهن. جنهن ڪري اصلوڪا عوام لٺ جي هڪ مٿي مان پاڻ کي زخمي ڪري ٻئي کان بچائين ٿا ته سندن مٿان لٺ جو ٽيون مٿو مٿن ڪڙڪي ٿو. اهڙي طرح ملڪ جا اصلوڪا عوام ساڳي لٺ جي هزار مٿن کان پاڻ کي زخمي ڪرائيندي جيئرا رهن ٿا. اهڙي ئي هڪ لٺ ”نادرا“ جي انهن آفيسرن جي هٿ ۾ به آهي، جيڪي رڳو ٿورڙن سڪن عيوض پاڪستان جي مختلف حصن جي آبادين تي هڪ پاسي دٻاءُ وڌائين ٿا ته ٻئي پاسي ملڪ جي سموري ڪلچر کي متاثر ڪن ٿا.

پاڪستان سرڪار کي گهرجي ته، ملڪ کي بهتر طريقي سان هلائڻ واسطي هڪ اهڙو ۽ نئون ڪلچر پيدا ڪري جنهن ۾ هڪ ”مربوط“ ۽ ڳنڍيل پاليسي ٺاهي، ملڪ جي پرڏيهي ۽ دفاعي حصن کي پڻ ان طرف سوچڻو پوندو. ڇوته، پرڏيهي پاليسيون هڪ پاسي دفاع تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ ان کان پوءِ ملڪ تي اثرانداز ٿين ٿيون. اها ڳالهه 1979ع ۾ 30 لک افغان پناهگيرن سميت ڀارت، بنگلاديش، برما وغيره مان ايندڙ لکين غيرقانوني پناهگيرن جي باري ۾ سمجهي سگهجي ٿي ته ڪيئن اهي هتي آيا ۽ هتي رهڻ ڏنا ويا، ڪيئن پشاور شهر سميت پختونخواهه صوبي سميت سڄي ملڪ جي ڪلچر کي تبديل ڪري ڇڏيائون.

پاڪستان ۾، پاڪستان واسطي، پاڪستان جي عوام جي خيرخواهيءَ ۾ جيستائين پاليسيون ٺاهڻ ۾ دير ٿيندي اوترو ملڪ ۾ تباهي ۽ ان جا اولڙا هروقت نظر ايندا. برابري جي بنياد تي پرڏيهي پاليسي ٺاهي، پنهنجي بچاءَ واسطي ڪنهن جي خلاف اڳرائي نه ڪرڻ واري دفاعي پاليسي سان اسان جا تمام گهڻا ادارا وڏي عذاب کان ۽ پاڪستان هڪ وڏي نقصان کان بچي ويندو