تازيون خبرون

Daily Archives: June 1, 2015

پاڪستان پاران ڀارت جون سازشون سفارتي سطح تي بي نقاب ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصادي راهداري بڻجڻ جي خوشخبري ڀارت لاءِ سوڳ جي خبر آهي. قومي يڪجهتي ۽ اقتصادي خوشحالي سان ئي پاڪستان جي ترقي ۽ بقا ممڪن آهي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سرحد پار مسلمانن جي بدحالي ڏسي پاڪستان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ايٽمي قوت بڻجڻ سان ڀارت جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا. هن چيو ته اقتصادي راهداري بڻجڻ جي خوشخبري ڀارت لاءِ سوڳ جي خبر آهي. ڀارت جون سازشون سفارتي سطح تي بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته صحيح اسلامي تشخص سان ئي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. نوجوان نسل کي اسلامي اساس ۽ نظريه پاڪستان کان رشناس ڪرائڻ گهرجي.

 

عمران خان پنهنجي حقيقي ڏوهن تي قوم کان ڪڏهن معافي گهرندو؟ پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ميان افتخار جي گرفتاري سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي، جيڪو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان قائم ڪيو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ميان افتخار جي گرفتاري مان واضح ٿئي ٿو ته خيبرپختونخوا پوليس ۽ انتظاميه ٻئي عمران خان جي چوڻ تي ڪم ڪري رهيون آهن ، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊ عمل ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ٿيون، جنهن جو مثال ڪٿي نٿو ملي، هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران عمران خان جي وزيرن جيڪي ڏوهه ڪيا انهن ۾ تعزيرات پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي شق نه آهي جيڪا ان تي لاڳو نه ٿيندي هجي. وفاقي وزير چيو ته ٻين تي ڪوڙا الزام لڳائيندڙ عمران خان پنهنجي حقيقي ڏوهن تي قوم کان ڪڏهن معافي گهرندو.

 

وزيراعظم پاران ميان افتخار جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر، رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نوازشريف اي اين پي جي سينئير اڳواڻ  افتخار حسين جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واقعي جي رپورٽ گهري ورتي. وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان مطابق وزيراعظم نوازشريف  پشاور ۾ اي اين پي جي سينئير اڳواڻ افتخار حسين  جي پشاور مان گرفتاري تي چوڻ هو ته سياسي شخصيتن سان قانون جي دائري ۾ احترام سان پيش اچڻ گهرجي. وزيراعظم آئي بي ۽ ٻين ايجنسين کان به فائرنگ واري واقعي ۾ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن جي قتل جي رپورٽ گهري آهي. ياد رهي ته گذريل رات دير سان مڪاني چونڊن ۾ نمايان ڪاميابي تي پي ٽي آئي جي جيالن جشن ملهائڻ لاءِاي اين پي اڳواڻ جي آفيس جي ٻهار پهتا، جتي پي ٽي آئي ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ فائرنگ سان پي ٽي آئي جو اڳواڻ مارجي ويو.

 

دبئي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس، آصف زرداري پاران بلاول ڀٽو سان گڏ اڄ وطن واپس اچڻ جو فيصلو

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارتي جي اڳواڻن دبئي ۾ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ملاقات دبئي ۾ آصف زرداري جي رهائشگاهه تي ٿي. ملاقات دوران سينيٽر رحمان ملڪ، مراد علي شاهه، فريال ٽالپر کانسواءِ شري رحمان به موجود هئي.ذريعن موجب ملاقات دوران ذوالفقار مرزا پاران لڳايل الزامن ۽ اُن خلاف لائحه عمل کانسواءِ سنڌ ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان به غور ڪيو ويو آهي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته سنڌ جي سياست کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رحمان ملڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارتي جي اميدوارن کي حراسان ڪيو ويو هو، جڏهن ته تحريڪ انصار سرڪاري مشينري جو استعمال ڪيو، رحمان ملڪ ٻڌايو ته پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پهرين جون سڀاڻي بلاول ڀٽو سان گڏ وطن واپس ايندو.

 

ميان افتخار جي گرفتاري عمران خان جي آمراڻي سوچ جي عڪاسي آهي: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آ صف علي زرداري اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار خلاف ڪيس ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذ مت ڪندي چيو آهي ته مخالفن جي گرفتاري عمران خان جي آمراڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي، اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي تحت ڪئي وئي آهي، پنهنجي مذ متي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته تحريڪ انصاف صوبي ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي جو بدترين مثال قائم ڪري ورتو آهي، عمران خان پاڻ ڌاندلي تي شور ڪند و رهيو آهي پر پنهنجي صوبي ۾ هنن ٻين کان وڌيڪ ڌانڌلي ڪئي، آصف زرداري چيو ته اي اين پي اڳواڻ جي گرفتاري ڌانڌلي آهي، پي ٽي آءِ صوبي ۾ مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائي بند ڪري.

 

چوڌري نثار پاران ميان افتخار حيسن جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار، رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪي پي ڪي ۾ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ ميان افختار حسين جي گرفتاري بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، چوڌري نثار علي خان هوم سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪئي آهي ته واقعي جي مڪمل رپورٽ صوبائي حڪومت کان جلد گهرائي پيش ڪئي وڃي، چوڌري نثار علي خان اميد ظاهر ڪئي ته صوبائي حڪومت واقعي جي تڪڙي ۽ شفاف جاچ ڪرائيندي ۽ ميان افتخار حسين کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو ويندو.

 

خيبر پختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي سرسري حاصل، ن ليگ ٻئي نمبر تي

پشاور(بيورو) خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن جا غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. غير حتمي  نتيجن موجب ضلعي ڪائونسل تي پي ٽي آءِ 134 سيٽن سان سڀني کان اڳتي آهي. (ن) ليگ 51 سيٽن سان ٻئي نمبر تي، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ف ۾ سخت مقابلو جاري آهي. خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ هاڻ تائين غير سرڪاري نتيجن موجب  پاڪستان تحريڪ انصاف کي واضح سرسري آهي.. نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي واضح سرسري حاصل آهي. ٻئي نمبر تي 51 سيٽون کڻي ن ليگ آهي. آزاد اميدوار به وڏي تعداد ۾ کٽيا آهن. عوامي نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ ن   به ڪافي سيٽون حاصل ڪيون آهن. پيپلز پارٽي جي ساڳئي پوزيشن رهي. پختونخوا  جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ کٽڻ وارا اميدوار ۽ ان جا حامي فتح جو جشن ملهائي رهيا آهن. جڏهن ته هارائڻ وارن جي اها شڪايت آهي ته اليڪشن  ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. حڪومت اليڪشن مان مطمئن نظر اچي رهي آهي.

 

حڪومت تيل اگهن ۾ 3 روپيا 50 پئسن تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت تيل اگهن ۾ 3 روپيا 50 پئسن تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪي اڄ رات کان لاڳو ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تيل اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تيل اگهن م واڌ بابت اوگرا جي سمري تي مڪمل طور تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم سمورو بار صارفين کي منتقل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سبب حڪومت تيل اگهن تي 6 ارب روپين جي سبسڊي ڏيندي. ناڻي واري وفاقي وزير موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيا 50 پئسا اضافي کانپوءِ 77 روپيا 79 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 3 روپيا 51 پئسا اضافي کانپوءِ 87 روپيا12 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي جڏهن ته هاءِ آڪٽين جي قيمت 3 روپيا 50 پئسن جي اضافي کانپوءِ 83 روپيا 81 پئسا ۽ گاسليٽ 3 روپيا 50 پئسن جي اضافي کانپوءِ 64 روپيا 94 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

 

بلدياتي چونڊن ۾ ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن تي داغ آهي: سراج الحق

پشاور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن دوران ڌانڌلي جون ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن، بلدياتي چونڊن ۾ ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن جي دامن تي بدنما داغ آهي، انهن شڪايتون جو جائزو وٺي آئنده جو لائحه عمل طي ڪنداسين. تحصل جمرود ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ علائقي واسين کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن، انهن شڪايتن جو جائزو وٺي پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. سراج الحق وڌيڪ چيوته بلدياتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون اليڪشن ڪميشن جي دامن تي بدنما داغ آهي. هن چيو ته اسلام آباد جون پاليسيون ملڪ جي عوام لاءِ سرطان جي حيثيت رکي ٿي، ڪرپشن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي.

 

مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهر چونڊون ڪرائينداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خيبرپختواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي هئي. ڌانڌلي ٿي ته اليڪشن ٽربيونل قائم ڪيا وڃن. ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهي اليڪشن ڪرائينداسين. خيبرپختونخواهه پوليس بااختيار ۽ آزاد آهي. ميان افتخار جي گرفتاري پويان ڪوبه سياسي مقصد ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته خيبرپختنخواه جي مڪاني چونڊن ۾ سمورا ختيار اليڪشن ڪميشن کي منتقل ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن ڌانڌي ثابت ٿي ته اليڪشن ٽربيونل قائم ڪيا وڃن جيڪي 4 مهين بجاءِ هڪ مهيني ۾ فيصلو ٻڌائين. ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهر اليڪشن ڪرائينداسين. عمران خان چيو ته ميان افتخار جي گرفتاري ۾ تحريڪ انصاف جو ڪوبه ڪردار ناهي. پوليس بااختيار ۽ آزاد جانچ ڪري رهي آهي. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس سنڌ پوليس ناهي جيڪا ڪنهن جي خلاف ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وڃي. عوام ڄاڻي ٿو ته ڪير ملڪ ۾ دين جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ڪير دين کي استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته نادرا چيئرمين تي حڪومتي دٻاءُ آهي جنهن سبب هو پرڏيهه هليو ويو. اليڪشن ڪميشن اين اي 122 جي معاملي تي فيصلو آر يا پار ڪندو.