تازيون خبرون

Daily Archives: May 30, 2015

اظهر علي قومي ٽيم جي پرفارمنس ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ پراميد

لاهور(اسپورٽس نيوز): قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چوي ٿو ته زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ رانديگرن جي پرفارمنس سٺي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي، لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي گرين شرٽس جي ڪپتان اظهر علي چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته بيٽنگ هلي پئي تڏهن سعيد اجمل، مصباح الحق جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، نون رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن، قومي ٽيم جي ڪپتان زمبابوي جي خلاف سيريز ڪلين سوئيپ ڪرڻ جي لاءِ پر عزم آهي، ان اهو به چيو ته ٽيم متحد آهي، ڪاميابيون گڏ ڪري رهي آهي، ڪاميابين جو اهو سلسلو جاري رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا.

 

قومي معاملن تي گڏ ٿيڻ جي روايت جاري رکي وڃي

 

وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ سان سڀني کي گڏ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، سڄي قوم اقتصادي لنگهه تي متفق آهي. خميس ڏينهن هتي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته سياستدانن ماضي جي غلطين مان سبق سکيو آهي، 18 هين ترميم جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، اسان چاهيون ٿا ته قومي معاملن تي گڏ ٿيڻ جي روايت جاري رهي ۽ موجوده دور به افهام تفهيم سان گذري. هن چيو ته جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سڄي قوم اقتصادي لنگهه تي متفق آهي. پاڪ چين لاڳاپا سياسي متڀيد کان مٿانهان آهن. حڪومت مسلم ليگ (ن) جي هجي يا ڪنهن ٻي پارٽي جي، چين سان پاڪستان جي دوستي سدائين مضبوط رهندي. هن ڪراچي ۾ صفوران سانحي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ تي سنڌ حڪومت، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مبارڪباد ڏني جنهن ۾ اسماعيلي برادري جا 42 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا. هن چيو ته ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال اقتصادي لنگهه منصوبي بابت بريفنگ دوران ٻڌايو ته هن منصوبي جي ڪري اسان کي پنهنجي اقتصادي ۽ واپاري ترقي جو هڪ اهم موقعو مليو آهي. چين جي تعاون سان اقتصادي لنگهه جو منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاءِ ڪامياب صورتحال آهي، سڄي دنيا جي پاڪستان بابت سوچ ۾ تبديلي آئي آهي. هن چيو ته سياسي حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان جن علائقن ۾ معدنيات جي نشاندهي ڪئي آهي اتي صنعتي زون ٺاهيا ويندا، بلوچستان ۾ جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته چين پاڪستان ۾ 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن ۾ 34 ارب ڊالر توانائي جي منصوبن جي لاءِ آهن، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، خضدار، زوب ۽ ٻين علائقن ۾ صنعتي پارڪس ٺاهيا ويندا. هن چيو ته سنڌ ۾ پورٽ قاسم، ٿر، سکر، لاڙڪاڻي، ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ منصوبا قائم ٿيندا ۽ پـٺتي پيل علائقا ملڪ کي روشنيون ڏيندا. ڪراچي ۾ واٽر سپلاءِ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿيندو، ملڪ جي وڏن صنعتي شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي جي حل لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم تي ڪم جاري آهي، جنهن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي، اهڙي طرح پنجاب جي پٺتي پيل علائقن کي به لنگهه ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فضل الرحمان، فاروق ستار، شاهه محمود قريشي، سراج الحق، مالڪ بلوچ، اسفنديار ولي ۽ بين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منصوبي تي اتفاق ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبي بابت گهرايل خصوصي آل پارٽيز ڪانفرنس منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي گوادر کي ڪاشغر سان ڳنڍڻ جي لاءِ اولهندي رستي کي ترجيحي طور تي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.اهو روٽ حسن ابدال، ميانوالي، ڊيرا اسماعيل خان، ڪوئيٽا کان ٿيندو گوادر ويندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ٻي آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چيو ته سياسي اڳواڻن لنگهه منصوبي جي توثيق ڪئي آهي جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ رستن، ريلوي نيٽ ورڪ، هوائي اڏن ۽ بندرگاهن ۽ اقتصادي زونز ۽ بجلي گهرن جي تعمير آهي. وزيراعظم منصوبي جي حمايت تي سياسي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت منصوبن جي جائزي لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته جيڪڏهن ڪي خدشا هجن ته انهن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته  صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ به قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته لنگهه هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواب کي مڪمل ڪندو. منصوبو نه رڳو پاڪستاني اقتصادي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو پر علائقائي ملڪن جي لاءِ به فائديمند هوندو. هن اهم قومي معاملي تي متحد ٿيڻ ۽ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ تي سياسي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لنگهه منصوبو سڄي ملڪ جي برابر ترقي ۾ مدد ڏيندو. هن ان سلسلي ۾ چين جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قومي اهميت جي معاملي تي گڏجي ويهڻ تي سياسي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن مخالف پارٽين جا سياسي اڳواڻ احتجاج جي سياست ڪندا هئا. ان جي ابتڙ موجوده دور بلڪل مختلف آهي ۽ سموري سياسي قيادت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ جمهوري استحڪام جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن ان کي هڪ صحتمند روايت قرار ڏنو ۽ دعا ڪئي ته اهم قومي معاملي تي گڏيل فيصلاسازي جو اهڙو بهتر ماحول جاري رهڻ گهرجي. اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي قيادت سيد خورشيد شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد جي قيادت شاهه محمود قريشي، اي اين پي جي اسفنديار ولي، ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار، جي يو آءِ (ف) جي مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي سراج الحق، بي اين پي جي ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي مشاهد حسين سيد ڪئي. محمود خان اچڪزئي، حاصل خان بزنجو، اعجاز الحق، آفتاب احمد خان شيرپائو، سينيٽر پروفيسر ساجد مير، سيد غازي جمال ۽ فاٽا مان الحاج شاهه جي گل، پير اعجاز هاشمي پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير پرويز رشيد، پيٽروليم جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، منصوبابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيفران جي وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جي خصوصي معاون عرفان صديقي، طارق فاطمي، بيريسٽر ظفرالله خان ۽ خواجه ظهير احمد شرڪت ڪئي

 

ٿيا، توهان دوست جنهن جا؛هارون الرشيد

آخر ڪار مان ان نتيجي تي پهتس ته ٻين جي بدران پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ گهرجي. حامد خان هڪ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي جو مان وائڙو ٿي ويس. چيائين ته وڪيلن جي جلسي ۾ شايد ڪجهه ٻيا ماڻهو به شامل ٿي ويندا هجن،اسان جي پاليسي تشدد جي ته  ناهي. ڊسڪه ۾ ٻه وڪيل بي رحمي سان قتل ڪيا ويا. ڪير آهي،جنهن ان وحشياڻي حرڪت جي مذمت نه ڪئي ۽ ڪير آهي جيڪو مذمت نه ڪندو. پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته پوري ملڪ ۾ باهه لڳائي ڇڏجي؟. جيڪڏهن اهو  معاملو قانون جو مسئلو آهي ته ان جو هڪ طريقيڪار به آهي ۽ اهو وڪيل ڀلي ڀت سمجهن ٿا. مڇي کي ڪير به ترڻ ناهي سيکاريندو.پر جيڪڏهن سگهه جو نماءُ گهربل آهي ته اها  هڪ بلڪل ٻي ڳالهه آهي. ٻين جي اسان کي پرواهه ناهي پر  ڪارو ڪوٽ پائيندڙ ڪنهن ماڻهو سان زيادتي ٿئي ٿي ته رڳو حڪومت عذاب ۾ نه ايندي پر پورو معاشرو ڀوڳيندو.روڊ رستا بند ڪيا ويندا، عدالتن کي يرغمال بڻايو ويندو ۽ جيستائين سمورا ماڻهو انهن جي اڳيان ڪنڌ نٿا جهڪائين  اهو سلسلو هلندو رهندو. “اس شهرِ سنگ دل ڪو جلادينا چاهئي، پهر اس ڪي خاڪ ڪو بهي اڙا دينا چاهئي” .اهو انصاف ناهي، اها پلاند جي خواهش آهي. اهو طاقت جو نماءُ ۽ اهو ويڙهه جو اعلان آهي، سڄي ملڪ جي خلاف. امن پلاند نه پر احساس سان سرجندو آهي. وڪيلن جي تحريڪ ۾ وحشيت جا آثار انهي وقت ڦٽي  نڪتا هئا جڏهن اها مٿانهين تي پهتي. سپريم ڪورٽ ۾ انهن جي هڪ ميڙ ۾ جيڪي نعرا لڳايا ويا، اهي نقل نٿا ڪري سگهجن.جيڪڏهن ڪري به ڇڏجن ته اهي ڇپجندا ڪونه.انهي زماني ۾ هي جملو به چيو ويو: رت کي پاڻي سان ڌوئي سگهجي ٿو، رت سان نه ٿو ڌوئي سگهجي.ڳالهه اها آهي ته مون بي سمجهه سوڌو گهڻو ڪري هر ماڻهو اها ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهي ته وڪيلن جي تحريڪ جي بنا ڪنهن شرط ۽ بنا ڪجهه سوچڻ سمهجڻ جي حمايت جا نتيجا ڪيترا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.ان تحريڪ اسان کي ٽي اڳواڻ ڏنا جن مان حامد علي خان، جنهن تي الزام آهي ته هو ججن جي مقرري ۾ جوڙ ٽوڙ ڪندو آهي. جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ هو عدل واري نظام جي نالي تي انصاف واري نظام جو قاتل ناهي؟ ٻي محترمه عاصمه جهانگير، جيڪا پاڪستان کي اولهه ۽ ڀارت جي سوچ واري نظريي سان ڏسي ٿي.  پر ڀارت ۽  اولهه کي پاڪستان جي سوچ واري نظريي سان نٿي ڏسي. ٽيون اعتزاز احسن، جنهن جي ڪارنامن جي سڀني کي ڄاڻ آهي.سڀ کان پهرين اقبال گڏ ٿيڻ جي آجيان ڪئي هئي،

تنهن ڪري هو ڪنهن به حساس ماڻهو جيان رتو ڇاڻ واري سرمائيداري جو مخالف هو.5 ڪروڙ زنده انسانن کي اسٽالن قتل ڪيو ۽ هڪ ڪروڙ کي مائوزي تنگ  قتل ڪيو. ان دوران ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ اڀري، ڪنهن جي دل نه ٽٽي، ڪنهن جو ضمير نه جاڳيو، پوءِ اسان جهادي تحريڪن کي اڀرندي ڏٺو، خاص طور تي افغانستان ۾. پوءِ اسان اهي ماڻهو ڏٺا جيڪي انسانن کي بي رحمي سان ڪهي پئي سگهيا جو تاتاري به ڏسن ها ته انهن تي فخر ڪن ها. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه هنن الله ۽ رسول جي نالي تي ڪيو. مسجدون، بازارون، درگاهون، امام بارگاهون مقتل بڻايون ويون، رڳو رفرقيواريت جي اختلاف تي عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن جون سسيون لاٿيون ويون.ان پيغبمر جو علم هٿ ۾ کڻي جنهن چيو هو ته ويڙهه ۾ وڻ نه وڍيو وڃي، فصل نه ساڙيو وڃي ، لکين عالم سڳورن جو ضمير گهري ننڊ ستل آهي، مسجدن ۽ مدرسن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ سمجهائڻي هلندڙ آهي. پيغمبر لاءِ ڳوڙها وهايا وڃن ٿا پر قرآن پاڪ جي اها آيت ڪنهن کي به ياد نه آئي ته  ڪنهن قوم جي دشمني توهان کي زيادتي تي نه اڪسائي، انصاف ڪيو ڇاڪاڻ ته اها ئي تقويٰ آهي. ڇو؟آخر ڇو؟ماڻهن جو روح تڙپي اٿي ٿو. متحده مجلس عمل جي اقتدار ۾ سوات جا مقتل ڪهڙي ريت آباد رهيا.

وزيرستان جي ٽيون حصو آبادي گهرو ويڙهه جي معيشت سان ڪهڙي ريت ڳنڍجي وئي، ماڻهو جي دل چوي ٿي ته پنهنجو سينو چيري ڇڏي.ميان نواز شريف ۽ عمران خان  انهن طالبانن سان ڳالهين جي حمايت ڪيئن ڪندا رهيا، جن تي انساني رت جا ڇنڊا آهن، جيڪي نشي، اسمگلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، بئنڪ ڌاڙن، ايستائين جو دشمن ملڪن جو هٿيار بڻجي وسيلا  ڏين ٿا.اسان سڀني کان غلطي ٿي آهي. انسان خطا جو گهر آهي،  پر ڇا  ان وقت جڏهن غلطي ظاهر ٿي وڃي؟ ڇا اها بي ضميري ۽ بي حسي ناهي؟ ٻين کي ڇڏيواهو عمل اهي ماڻهو ڪيئن ٿا ڪري سگهن جيڪي چوندا آهن ته هڪ ڏينهن کين الله اڳيان پيش ٿيڻو ۽ پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻو آهي. ذاتي گناهه به گناهه آهي، پر الله جو ڪتاب اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن سچي دل سان معافي وٺو ته معاف ڪيو ويندو پر انهن کي ڪيئن ٿي معافي ملي سگهي جيڪي بيڏوهي انسانن جو رت پاڻي جيان وهائين ٿا؟ اها جهالت آهي، ان خدا جو قسم جنهن وٽ انسانن جي زندگي ۽ عزت آهي، اها جهالت، ضد ۽ انا پرستي آهي، هي اهو انڌو ايمان آهي جيڪو فرقيوايت مان ڦٽي ٿو.رب پاڪ جو فرمان اهو آهي ته ،نفس مون پيدا ڪيو، ته ڄڻ پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن پيدا ڪيو. عارف کان پڇيو ويو ته ڇا نفس انسان کي ڀٽڪائي ٿو، يا شيطان؟. هن چيو شيطان هڪ هاري آهي جيڪو نفس جي زمين تي پوکي ڪري ٿو. صوفي جو قول ان ڪري ئي آهي ته حق جي راهه تي هلندڙ مسافر ٻين کي ته هميشا لاءِ سهولت ڏئي سگهي ٿو پر پاڻ کي ڪڏهن به نه.خبر ناهي ڇو هر ماڻهو انتها پسند ٿيندو پيو وڃي، جن ۾ گڏيل سوچ وارا، سيڪيولر، جاگيردار،۽ حاڪم به شامل آهن، وڪيل به ڇو نه هجن، عدالتن ۾ ويندڙ سڀ ڄاڻن ٿا ته جهڙي ريت خدا جو دين انتها پسندن جي ور چڙهي ويو آهي ،اهڙي ريت انصاف جو نظام به وڪيلن وٽ يرغمال آهي.ها سڀئي خراب نه آهن پر ان لاءِ ڇا چئجي جيڪو ظلم جا جواز هٿ سان ٺاهي ٿو.رسول پاڪ فرمايو ته خدا جو قسم جيڪڏهن منهنجي نياڻي فاطمه به چوري ڪري ته سندس هٿ ڪٽيا وڃن.ميڊيا؟ڇا 5،7 ڏينهن کان توهان ناهي ڏٺو ته نقلي سرٽيفڪيٽن واري معاملي ۾ اسان جو ايمان ڪهڙي ريت تڙپي جاڳي اٿيو آهي، نقلي سرٽيفڪيٽ وڪڻڻ ڇا قومي بچاءُ کي نقصان پهچائڻ کان وڌيڪ ڏوهه وارو عمل آهي؟ڇا اهڙي قسم جا ٻيا ڏوهاري کلي عام نه پيا گهمن.مان ته ڪجهه به ناهيان پر وري به ان نتيجي  تي پهتو آهيان ته ٻين بدران پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي

 

قلم جي سگهه ۽ صحافيءَ جو سچ!؛عاجز جمالي

قلم جي سگهه جي باري ۾ شايد ئي ڪير ڄاڻي ته هيءَ ايڏي سگهاري آهي جو دنيا جي چرخي کي بدلائي سگهي ٿي. طاقتور ماڻهو سگهاريون ڌريون ۽ پاڻ کان وڏا طاقتور قلم جي سگهه کان ان لاءِ ڊڄندا آهن جو کين اندازو آهي ته انسان قلم وسيلي جيڪا تخليق ڪري ٿو، اها ان زمين تي رهندڙ ماڻهن تي سڌي ريت اثر انداز ٿيندي آهي. ان ڪري جابر قوتون ڪاتبن جي هميشه خلاف هونديون آهن. ڪاتبن کي پراڻي دور ۾ قسمت لکندڙ چيو ويندو هو. ڪائنات ۾ رهندڙ سمورن انسانن جو هر وهنوار ڪنهن نه ڪنهن نظام تحت هلي رهيو آهي. ان نظام جو هڪ نظم ۽ ضبط آهي، اهو نظم ضبط لکندڙ ڪاتب يا قلم جا ڌڻي هوندا آهن. ڪائنات جو هر قانون قلم سان لکيل آهي، ان ڪري قلمڪار يا ڪاتب يا قلم کي استعمال ڪندڙ، قلم ذريعي دماغ ۽ دل جي ڳالهه ماڻهن تائين پهچائيندڙ اصل ۾ ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي به راڄ ڪندا آهن، ڇو ته ماڻهن کي لکيل اهي ڳالهيون پنهنجون ڳالهيون لڳنديون آهن.

صحافت، قلم ڌڻين جا اها ڪرت آهي، جنهن جو سڌيءَ ريت عام ماڻهوءَ سان واسطو آهي. صحافي جي قلم مان سرجيل سٽ اصل ۾ ان وقت جي زمان ۽ مڪان جي سڀ کان اهم تحرير هوندي آهي. اها تحرير ان وقت جي اهڙي مامري سان آهي، جيڪو سڌي ريت ان ماڻهوءَ سان واڳيل هوندو آهي. صحافي جو قلم هر دور ۾ انتهائي طاقتور تصور ڪيو ويندو آهي. ڇو ته ان قلم سان وقت جي سڀ کان تلخ ۽ سڀ کان سچي ڳالهه لکي ويندي آهي، جيڪا ان ئي وقت يا ٻئي ڏينهن لکين ڪروڙين ماڻهن تائين پهچي ويندي آهي. ان تحرير ۾ اهو سچ هوندو آهي، جنهن جي باري ۾ عام خلق کي خبر نه هوندي آهي. اهڙو سچ منظر تي اچڻ سبب صحافي ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ معتبر هوندو آهي ۽ عام طور تي صحافت کي پيغمبري پيشو چيو ويندو آهي پر صحافت جي تاريخ ان کان به پراڻي آهي. جڏهن کان قلم ۽ ڪاغذ جو وجود ٿيو، تڏهن کان صحافت به آهي. پراڻي زماني جا لوڪ داستان ۽ ديومالائي ڪردار به صحافت کان شروع ٿيا.

صحافت ۾ ڇا ڪوڙ آهي ڇا سچ آهي؟ خبر ڇاهي، تجزيو ڇاهي، ڪاروبار ڇاهي پيشو ڇاهي؟ جديد ميڊيا جي دور ۾ پراڻا رواج ۽ معيار بدلجي ويا ته طور طريقا به بدلجي ويا پر پاڪستان ۾ اڄڪلهه جنهن اسڪينڊل جو سڀ کان وڏو بحث هلي رهيو آهي يا جنهن سڄي ملڪ جي ميڊيا انڊسٽري ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، ان ڀونچال جو سبب آمريڪي صحافي ”ڊڪلين واش“ جنهن پاڪستان جي تاريخ جي هڪ وڏي اسڪينڊل تان پردو کنيو آهي. دنيا جي مشهور ڪمپني ايگزيڪٽ جيڪا ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر جو بظاهر ڪاروبار ڪندڙ ڪمپني آهي ۽ اها ڪمپني گذريل ٻن سالن کان پاڪستان جو هڪ وڏو ٽي وي چينل آن لائن ڪم ڪري رهي آهي، سندس منصوبي ۾ مختلف ٻولين ۾ اخبارون ڪڍڻ جي رٿا به شامل آهي.

هن مشهور آءِ ٽي ڪمپني پنهنجي ٽي وي چينل ۽ اخبارن لاءِ سڄي ملڪ جي انتهائي سينئر صحافين، دانشورن، ڪالم نويسن، پراڊڪشن جي ماهرن ۽ قلمڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون. هن آءِ ٽي ڪمپني پاڪستان ۾ صحافين کي به اهي سهولتون ڏنيون جو ان کان اڳي ڪير تصور به نه پئي ڪري سگهيو.

هر چينل، هر اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو جي روز اها خواهش ۽ اها دعا هوندي ئي ته کيس به ايگزيڪٽ جي ٽي وي چينل يا اخبار ۾ نوڪري ملي. هن جي ٽي وي ۽ اخبار ۾ لڳ ڀڳ 5 هزار ملازمن کي روزگار مليل آهي پر ٻه هفتا اڳ هن آءِ ٽي ڪمپني بابت آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز جيڪا خبر ڇاپي ان اربين ڊالرز جو ڪاروبار ڪندڙ هن ڪمپني جا چار ئي پاوا لوڏي ڇڏيا آهن. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون لڏي ويون آهن، ڄڻ ته زلزلو اچي ويو آهي.

هيءَ هڪ خبر ۽ صحافي جي قلم جي سگهه جو اڄ جي زماني ۾ مظهر آهي، جڏهن ماڻهو صحافين جي باري ۾ آڱريون کڻندا آهن. دنيا جا ٻه وڏا اسڪينڊل ياد اچي رهيا آهن، جيڪي قلم جي سگهه سبب سامهون آيا. آمريڪا جو واٽر گيٽ اسڪينڊل جنهن دنيا جي سپر طاقت آمريڪا جي صدر نڪسن کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ پاڪستان ۾ مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جنهن ۾ بينظير ڀٽو جي سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڳجهي فنڊ مان رقم استعمال ڪئي وئي. جيڪڏهن نج سنڌي صحافت جي سگهه جي ڳالهه ڪريون ته ٽنڊو بهاول جو سانحو ياد ٿو اچي، جنهن غريب ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث حاضر سروس ميجر کي ڦاهيءَ جي تختي تائين پهچايو هو.

1970ع ڌاري آمريڪا ۾ صدر نڪسن خلاف هڪ اسڪينڊل آمريڪي اخبارن ۾ شايع ٿيو. نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ صدر خلاف اسٽوري ڏني، صدر نڪسن تي الزام هو ته هو وائيٽ هائوس ۾ ماڻهن جو فون ٽيپ ڪرائيندو آهي. 1972ع ۾ داخل ٿيل ان ڪيس تي عدالت ۾ صدر نڪسن تي الزام ثابت ٿيو، امريڪا ۾ صدر کي هٽائڻ جي مهم هلي، نيٺ 1974ع ۾ آمريڪي صدر نڪسن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ هي اسڪينڊل واٽر گيٽ اسڪينڊل جي نالي سان مشهور ٿيو. هي هو هڪ صحافي جي قلم جي سگهه جو مثال، جنهن سڄي دنيا جي حاڪمن کي لوڏي ڇڏيو هو.پاڪستان ۾ ٻن سالن کان ايگزيڪٽ ڪمپني ۽ نئين ايندڙ ٽي وي چينل بحث جو موضوع هئا پر اسان جي ميڊيا ان تي تحقيقي صحافت نه ڪئي. اسان جو هڪ وڏو الميو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ وڏن واقعن بابت به اسان کي ٻاهرين ملڪن جا صحافي ٻڌائيندا آهن. اسامه بن لادن خلاف ايبٽ آباد ۾ ٿيل آپريشن هجي يا 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيل مهراڻ بئنڪ جو اسڪينڊل هجي؛ اهي ٻين ملڪن جي اخبارن يا ميڊيا ذريعي اسان تائين پهتا. ائين ئي تازو ايگزيڪٽ اسڪينڊل به اسان تائين نيويارڪ ٽائيمز ذريعي پهتو. مان چوندو آهيان شايد ڪير ٻاهر وڃي هيءُ مُلڪ وڪڻي ايندو، تڏهن به اسان جي ميڊيا ۾ خبر نه ايندي، ڪا ٻاهر جي ميڊيا يا اخبار خبر لڳائيندي ته اسان جي مُلڪ جو وڪرو ٿي ويو آهي.

اهو آمريڪي صحافي جنهن کي پاڪستان اڻوڻندڙ قرار ڏئي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ پاڪستان جي تاريخ جو موجوده سڀ کان وڏو اسڪينڊل شايع ڪيو آهي، جنهن کي ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ اڃا تائين چئلينج نه ڪيو آهي ۽ اخبار پنهنجي خبر جي سچائي تي بيٺل آهي. ڊڪلين واش جي باري ۾ مون گذريل ڏينهن پريس ڪلب جي اڱڻ تي ويٺل سينئر صحافي ۽ بي بي سي جي اهم ليکڪ محمد حنيف کان سوال ڪيو. محمد حنيف جو چوڻ هو ته ڊڪلين وڏو عرصو اسلام آباد ۾ رهيو آهي، پاڪستان جي اهم ماڻهن سان سندس گهرا واسطا آهن. هڪ صحافي ناطي سندس پيشيوراڻو ڪردار سٺو رهيو آهي. محمد حنيف جهڙي ايماندار ۽ برجستي صحافي جا لفظ گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ هڪ پرک جي برابر آهن. ڊڪلين جيڪڏهن ايماندار يا پيشيور صحافي نه هجي ها ته حنيف سندس لاءِ اهڙا لفظ ڪو نه چوي ها. منهنجي سامهون ته اها ڪسوٽي به ڪافي آهي ته پاڪستان کيس اڻ وڻندڙ قرار ڏيئي ملڪ بدر ڪيو.

هن اسڪينڊل ۽ جعلي ڊگرين جي ڪاروبار بابت آمريڪي صحافي جي ان خبر کانپوءِ گذريل هفتي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڄو ڏينهن ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسون پيا، پر کربين روپيا رکندڙ پاڪستان جي بل گيٽس: شعيب شيخ سافٽ ويئر جي دنيا ۾ جيڪو نالو ڪمايو، ان هڪ دفعو وري پاڪستان جي ماڻهن کي دوکيباز، دو-نمبري ۽ فراڊي ثابت ڪيو ۽ ائين ان جي مقابلي ۾ آمريڪي صحافي ڊڪلين واش پاڻ کي مڪمل پروفيشنل صحافي ثابت ڪيو. منهنجي سامهون هڪ دفعو ٻيهر قلم جي سگهه جو هڪ اعليٰ مظهر سامهون آيو آهي. مان فراڊ جي الزام جي ور چڙهيل ايگزيڪٽ ڪمپني جي ملازمن جي پريشانيءَ ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سندن احتجاج ۾ به شريڪ آهيان پر مان ان ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ور چڙهيل صحافين کي اهو احساس ڏيارڻ ٿو چاهيان ته قلم اڄ به طاقتور آهي، جيڪڏهن ان جي پٺيان سچ هجي ته.

صحافت جو پيشو دڪانداري ناهي، نه ادب دوڪانداري آهي، نه دانش سگريٽن جي ڪيبن تي ملڻ واري ڪا شيءِ آهي، نه عقل جو ملهه هوندو آهي، نه ئي سچ جي قيمت. دنيا ۾ اڄ به صحافتي قدر ۽ اخلاقيات زنده آهن. اسان وٽ صحافت مري رهي آهي، اسين سچ لکڻ جو حوصلو ڪو نه پيا ڪريون پر جي سچ لکجي ته ميڊيا جا ادارا ۽ اخبارن ۾ اهو سچ سينسرشپ جي ور چڙهندو، پر ان جو اهو قطعي مطلب ناهي ته سچ لکڻ ڇڏي ڏجي؟ سچ ڪائنات جي وجود جو هڪ انتهائي صاف شفاف پهلو آهي، اهو مري نه ٿو سگهي. قلم مان سرجندڙ سچ ممڪن آهي ته عارضي طور تي ڏکيائين کي منهن ڏئي پر ان کي سدائين زنده رهڻو آهي. اچو ته گڏجي سچ لکڻ جو حوصلو ڪريون. ڇو ته قلم جي طاقت اڄ به سڀ کان وڏي طاقت آهي، صحافي سچ لکي ته جهان بهتر ٿي سگهي ٿو.