تازيون خبرون

Daily Archives: May 29, 2015

سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت برقرار، بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ ناسور بڻيل

سنڌ  ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي شديد گرمي باوجود ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري ماڻهن جون متيون منجهي پيون. گرمي لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا بي هوش ٿي ويا. شڪارپور ۾46، جيڪب آباد ۾48، سکر  ۾47،  پڊعيدن ۾48 سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي.. سنڌ جي اترين علائقن ۾شام ڌاري تيز طوفان ۽ ڪجهه علائقن ۾ معمولي وسڪاري گرمي جي زور کي ٽوڙي ڇڏيو.طوفاني برسات سبب گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب هڪ ٻار فوت ٿي ويو. ٺل شهر ۾ بجلي بند هجڻ توڙي گرمي سبب 4 ڄڻا بي هوش ٿي ويا جڏهن ته بازارون ويران رهيون. سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن کي وقت کان اڳ موڪل ڪرائي وئي . بڊاڻي ۾گرمي لڳڻ سبب 3 ڳوڍاڻا بي هوش ٿي ويا. سکر ۾ لڱ ساڙيندڙ لڪ ۽ ساهه ٻوساٽيندڙ گرمي ماڻهن کي ساڻو ڪري ڇڏيو. خيرپور ۾ پڻ ساڳئي صورتحال رهي. پير ڳوٺ ۾ واپڊا سيپڪو سکر ڊويزن جي مرڪزي اڳواڻ ولي محمد لغاريءَ جو ڀاءُ ۽ سيپڪو ملازم ڪريم بخش لغاري گرميءَ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو پني عاقل ۾ آل پاڪستان سومرا ايسوئيشن جي اڳواڻ الطاف حسين سومري جو والد علي بخش سومرو گرميءَ وگھي فوت ٿي ويو. شڪارپور ۾ سڄو ڏينهن بجلي جي اک ٻوٽ جاري رهي. شام 3 وڳي تائين گرمي جو پد 46 سينٽي گريڊ رهيو بعد ۾شڪارپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين ۽ خان پور تعلقن ۾ تيز طوفان گرمي کي ڌڪ هنيو. لاڙڪاڻي ۾ پڻ شديد گرمي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا شام جو هلڪي وسڪاري ۽ تيز طوفاني هوائن گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو.وڳڻ ۽ آس پاس تيز طوفان سبب اونداهه ڇائنجي ويو جڏهن ته بعد ۾ تيز برسات سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گهرن جون ڀتيون توڙي ڇتيون ڪري پيون. ڳوٺ هني ۾ هڪ گهرجي ڀت ڪرڻ سبب دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتل معصوم نينگر اساما پٽ سڄڻ تنيو دٻجي فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي طرف ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ پورهيت بچل تنيو جي گهر جي ڀت پڻ ڪري پئي تيز هوا ۽ برسات سبب بجلي جا پول ڪرڻ سبب مواصلاتي نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو. هوڏابهن قاضي عارف لڳ ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ وڄ ڪري پئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف واري صورت حال پيدا ٿي وئي.

 

انگن اکرن جي بي رحم راند!؛سجاد مهر

انگن اکرن جي راند شروع ٿي وئي آهي. سرڪاري زبان ۾ جنهن کي سالياني بجيٽ چيو وڃي ٿو. عام فهم ۾ اهو ”حساب ڪتاب“، ”ڏي وٺ“ ۽ ”خرچ پکي“ جو ڪاٿو آهي، جيڪا سرڪار سڳوري لڳائي عوام مٿان مهرباني فرمائيندي آهي ته ٻئي پاسي ويچارو عوام ايڏي وڏي انگ اکرن جي سحر ۾ ڦاسي رڳو سرسري شين تي سوچي پنهنجي لاءِ ڪنهن آئيندي جي بهتري جون اُميدون پاليندو آهي. هينئر به عوام جون اکيون هڪ اُميد کڻي اسڪرين ۾ گهري ويون آهن، جتان هو پنهنجي لاءِ ڪا فائدي جي خبر تلاشي رهيون آهيون. فائدو جيڪو سرڪاري زبان مان اعلان جي صورت ۾ نڪتو آهي ته ”عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسون.“ واعدو ۽ اعلان سرڪار لاءِ ڪا ايڏي جوکم جهڙي ڳالهه به ڪونهي، جهڙو جوکم انهن واعدن کي وفا ڪرڻ ۾ کين ملي ٿو. ٻيو وري فائدي جو فلسفو به عوام وٽ هڪڙو ته انتظاميه وٽ ٻيو آهي. بجيٽ توڙي جو ڪنهن به مذهب سان مطابقت نه ٿي رکي، اها پنهنجي باڊي لينگويج ۾ پنهنجي نالي جيان، بدمست ۽ بي پرواهه آهي، تنهن کي ڪنهن بکايل يا اُڃايل جو ڪو احساس نه ٿو هجي، اها سڀني تي هڪ جهڙو لاڳو ٿيندڙ شيءِ آهي. هر ڪنهن تي توڙي جو هڪ جهڙو اثر نه ٿي ڇڏي، تنهن ڪري هن کي غريب زبان ۾ بي پرواهه ته امير جي زبان وقت جو زيان سڏي ٿي. ڳالهه جيڪڏهن فرق جي اچي ته پوءِ هيءَ هر سال پنهنجي انگن اکرن ۾ رڳو تبديلي آڻي ٿي، کربن جا ڪاٿا ڪرائي ٿي، ڪروڙن جا ڪم ٻڌائي ٿي، لکن کان اربن جا اندازا هڻائي اخبارن جا پيٽ ۽ مسڪينن جا خيالي ذهن ڀري هلي وڃي ٿي. سندس اثر سڄو سال ڀوڳنا جو سفر ڪرائي ٿو. کڻي سڀ ڪجهه اچي ٿي، ڪرپشن اقرباپروري، ناقص اڪائونٽبلٽي، وزندار ڊجٽ، پر ڏئي رڳو ڏٽا ٿي وڃي. پڙهڻ کانپوءِ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ مٿي جي سور جي ٽڪي ورتي هُجي، جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين اثر ڪندي پر هيءَ اهڙي ڪوڙي گوري آهي جو مجال آهي مادي ۾ وڃي هضم ٿي.

اهڙي ئي بجيٽ هيل به هتي اچڻ واري آهي، جنهن جي پهچڻ کانپوءِ مهانگائي نئون موڊ ٺاهيندي، وصولين جي موسم پنهنجو مزاج بدلائيندي، خساري جو خواب کڻي ايندڙ هاڻوڪي بجيٽ تي 43 کربن جو نالو رکيو ويو آهي. جنهن ۾ مبينه طور ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 580 ارب، دفاع لاءِ 720 ارب، ٽئڪس وصولين جو هدف 3200 ارب، خساري واري ”خوشخبري“ رڳو 312 اربن تائين، ضرب عضب لاءِ 45 ارب، مهانگائيءَ جي معمولي انگ جي شرح رڳو 6 سيڪڙو، وفاقي خرچ ۾ بس 310 ارب، صوبن کي سهانو بنائڻ لاءِ، انهن کي گذريل دور جيان خوب کان خوب تر بنائڻ لاءِ 838 ارب روپيا رکي اهو ٻڌايو ويو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جو سوچيو آهي.“

انگن اکرن جي ان بي رحم راند کان اڄ جو بکايل ائين بي خبر آهي جيئن انتظاميه ڪنهن چيز جو اعلان ڪري عمل کان بي خبر ٿي پوندي آهي. انگ اکر ۽ حساب ڪتاب بک لاءِ ڪا به آٿت بڻجي نه ٿا سگهن، اها رڳو هڪ ذميواري آهي، جيڪا سرڪار اعلاني پنهنجو فرض پورو ڪري ٿي ۽ هي ويچارو عوام ان اعلان جي واٽ نهاريندي سڄو سال بک ڏک تي گذاري وٺي ٿو… انهن کي ڪهڙي خبر ته بک تي پاهه ٿيل پيٽن جي ڪٿا ڪهڙي آهي. کربن سان کيڏندڙ بجيٽ کي موت طاري ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ٿي اچي؟

تنهن جو اندازو ڪونهي پر ها ايترو احساس ضرور آهي ته اها پريشان حالتون ضرور پيدا ڪري ويندي. عوام جي قسمت تي کلڻ وارن جو انگ توڙي جو کربن ۾ ناهي، پر هر دفعي اها داءَ تي لڳل دِل انهن ئي هارائي آهي، جيڪي ازل کان معصوم آهن، مظلوم آهن. اربن جا ٽيڪس اُهي ننڊون ناهي اورانگهي سگهي، جيڪي ننڊون بکايلن جي بي قراريءَ اُڏايون آهن. هڪڙي آپريشن عضب آهي، جيڪا دهشتگرديءَ خلاف آهي ته ٻيو حملو ڪمزور ڪفالت مٿان آهي، جيڪو بجيٽ جي نالي تي غافلن جي غفلت سبب غريبن مٿان ٿيندو آيو آهي. هيءَ بجيٽ انهن ماڻهن کي هر دفعي جيان هينئر به ڪجهه ڏئي نه سگهڻ جو اعلان ڪري ڄڻ ته انهن اُميدن تي به پاڻي ڦيري ويندي، جيڪي هروڀرو هي عوام هميشه لڳائي پوءِ مايوسين ۾ لهي ويندو آهي. عوام لاءِ رڳو واعدن جو اعلان ۽ سهائتا جي ڪا سنهڙي خبر به نه، تنهن ڪري الائجي ڇو ذهن جي اُڀ تي قتيل شفائي جون سِٽون چوڏهينءَ جي چنڊ جيان کِڙي پيون آهن….

پريشان رات ساري هي، ستارو تم تو سوجائو،

سڪوتِ مرگ طاري هي ستارو تم تو سوجائو.

همين ڀي نيند آجائي گي، هم ڀي سو هي جائينگي،

اڀي ڪڇ بي قراري هي، ستارو تم تو سوجائو.

رليف ۽ اذيت جو عجيب احساس ڏيندڙ اها 16-2015ع واري بجيٽ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي مهربانيءَ سان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اِهي سموريون حالتون ڏسي، اسان لاءِ متوازن بجيٽ گهڙيندا ۽ پوءِ اسان جي جيئڻ ۽ سهولت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ صلاحون ڏئي اسان کي رَب جي رضا تي راضي رهڻ جا مشورا ڏيندا ۽ اسين سڀ ايوان ۾ ويهي پرنٽ ٿيل پَنن تي بي شمار انگن واري بجيٽ پڙهي پاڻ به تاڙيون وڄائينداسون ۽ پنهنجي عوام کي به اهڙي تلقين ڪنداسون. مالياتي اداري ۽ ورلڊ بئنڪ جي نالي ٻُڌڻ کانپوءِ الائجي ڇو ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته اسين خِلا ۾ آهيون ۽ پيراڇوٽ ذريعي لمحو لمحو هيٺ لَهي رهيا آهيون ۽ پوءِ پيراڇوٽ مان آءِ ايم ايف پنهنجو رستو سوراخ جي صورت ۾ ڪڍي ورتو آهي. اسان جي حساب ڪتاب جي ڪَٿ اُهي ڪري رهيا آهن، جيڪي اسان مان ناهن، ٻاهرين دنيا واري دل رکندڙ آهن، جن کي هتان جي حالتن جو آنڪيءَ جيترو اندازو به بنهه ڪونهي. اُهي اسان لاءِ جيئڻ جو جوڳو پلان جوڙي رهيا آهن ۽ اسين وفا جو جهنڊو جهولائي انهن جي اکرن ۾ اُميدون پوکي رهيا آهيون، هُو انصاف جو اسٽريٽجي پيپر لکي رهيا آهن، هتي اسان جو عوام سوچي رهيو آهي.

ميرا مُنصف هي ميرا قاتل هي،

ڪيا ميري حق ۾ فيصلا ديگا….

فيصلو جيڪو ايندڙ مالي سال 16-2015ع جي بجيٽ ۾ اچڻو آهي، فيصلو جنهن جي توقع لفافي تان ائڊريس پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿي. سوچيان ٿو ته آسودن لاءِ الڳ ته بکايلن لاءِ الڳ بجيٽ هُئڻ گهرجي. بلڪل ائين جيئن ٻيون شيون هِن ملڪ ۾ سڀني لاءِ هڪجهڙيون ناهن، تيئن بجيٽ جي بمباريءَ جو اثر به الڳ الڳ هُجي ها، جيئن اميرن ۽ طاقتور ڌرين لاءِ اڻ سڌي طرح قانون کي ٻه اکيون آهن، هو امير جي واردات ۽ غريب جي غلطيءَ تي مختلف نظر ڌري ٿو. ڪاش ائين ئي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ”مساوات“ بجيٽ متعلق به رَوا رکي وڃي ها. بلڪل ائين جيڪڏهن هُجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ بدحاليءَ اڳيان ته اسپيڊ بريڪر اچي سگهي ها، ٻَٽالن جو ٻاونجاهه رپيا ڪلو هُجڻ، گيهه جو ۽ اٽي جو 50 رپئي ڪلو هُجڻ، لکين رپيا پگهار کڻندڙ ڪاموري کان وٺي پنهنجو رت سَتُ ڏيندڙ پورهيت لاءِ هڪ جهڙو هُجڻ وڏي درد ڪٿا آهي. ائين ممڪن ڇو نه آهي جو غريب کي سرڪار پاران شناختي ڪارڊ جيان هڪ ”بکايل ڪارڊ“ ڏنو وڃي ها، جنهن تي هُن کي سيڌو، سَرنديءَ وارن کان سَستو مِلي سگهي ها، جيڪو هِن وقت امير لاءِ آنڪي ته غريب لاءِ ڊالر کان گهٽ ڪونهي. ڪا اهڙي بجيٽ ڊزائين ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن ۾ غريبن جي نالي تي بجيٽ ٺاهيندڙ، ڪو سچ ۾ انهن لاءِ رليف رکي سگهن ها. هاڻوڪي بجيٽ ۾ توڙي جو مالدارن جي عيد هوندي، واپارين ۽ ڌنڌوڙين جو ته ڌاڪو هوندو پر معصوم بي پهچ کيسو خالي ماڻهو ويتر ڀوڳيندو. ان جي مهانگائي ۾ ڪو هڪ پرسنٽ جي ڪمي به ڪري نه سگهندو. پگهارن ۾ ڏهه پرسنٽ متوقع اضافو به مخصوص هوندو، پر اهو نوڪري حاصل نه ڪري سگهندڙ همراهه لاءِ ڪنهن خواب جيان هوندو. هيءَ غربت به سڀني تي لاڳو ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، جيئن اميريءَ کي ٽيڪو ڏئي وڌيڪ توانو ڪيو وڃي ٿو.

فيض احمد فيض جي سِٽن جيان ته ”بول ڪي لب آزاد هين تيري، بول ڪي سچ زنده هي اب تڪ“ اهو ڇونه ٿو پُڇيو وڃي ته ”بتا تيري رضا ڪيا هي“ اُهي انصاف جون تقاضائون ڪيڏانهن ويون، جن جي آڌار تي معاشري جي مناسب تشڪيل ڪري سگهجي ها. ڪڏهن ايندا اهڙا انگ اکر جيڪي غربت لاءِ آٿت آڻيندا، ڪڏهن ايندا اُهي ذهن جيڪي معصومن جي مزاج تي پنهنجي احساسن جي ٿڌي ڇانوَ پوکيندا. هي اکر جيڪي ٻُڌجن پيا، اهي سَستا ڪونهن ڪي، اها بَدمستي آهي، فراريت آهي، دوکي بازي آهي، شطرنجي آهي، جيڪا پنهنجي عوام سان ڪئي پئي وڃي. بند پيل اکيون آخر ڪڏهن کُلنديون؟ اهو نِدورو نظام ڪڏهن بدلبو، ڳوڙهن کي اُگهڻ وارا هَٿ ڪڏهن جاڳندا، نصيب جي نالي تي ٺڳيءَ جو اهو ڪاروبار آخر ڪيستائين هلندو؟ ڪاش! ڪو اهڙي احساسَ کي سمجهي سگهي.

 

ايگزيڪٽ اشو، ڪنهن جي بدعنواني ڪنهن جي نااهلي!؛نسيم بخاري

گذريل ڪجهه ڏينهن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايگزيڪٽ خلاف وڏيون خبرون اچي رهيون آهن، جعلي ڊگريون، جعلي ايوارڊ، ڪوڙا ٺٺ ٺانگر، ٺڳيءَ جا نوان ٺاهَه ايگزيڪٽ ڪمپني ايترن الزامن جي وڪڙ ۾ اچي وئي آهي، جو هاڻ ان لاءِ اُهو ڏچو پيدا ٿي ويو آهي ته اُن گهڻ طرفين کڄيل آڱرين سان ڪيئن سينو ساهي.

هن مٿان اڄ جيڪو ڏکيو وقت آيو آهي، سو ان ڪڏهن وهم گمان ۾ به نه آندو هو. ايگزيڪٽ جو چيف ايگزيڪٽو گرفتار ٿي چڪو آهي. ايگزيڪٽ تي ڪيس داخل ٿي ويو آهي. هاڻ اڻ کٽ ڪيسن، الزامن ۽ فراڊن جو پنڊورا باڪس کلندو، خلق کي خبر پوندي ته ڪيئن ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن يا ڪنهن ڪنهن اهو ڪوڙ جو ”ڪاڪُ محَلُ“ جوڙيو هو. ڪنهن ان کي ڪيش ڪرايو، ڪنهن ان جو کٽيو کاڌو ۽ ڪير ان جي فراڊ ۽ فريب هٿان ٺڳجي ويا؟ ڪير عرش کان فرش تي ڪريا آهن ۽ ڪير هئا جن ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجڻ جا حسين خواب سجائي ايگزيڪٽ جي ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو هو، اُها ايگزيڪٽ جنهن جي آمريڪا ۾ پنجن ۽ برطانيا ۾ هڪ اڪائونٽ جو پتو لڳايو ويو آهي. اُها ايگزيڪٽ جنهن ڊفينس مان هڪ دفتر ذريعي هڪ يونيورسٽي پئي هلائي ۽ اها ايگزيڪٽ جنهن جو 2006ع ۾ جعلي ڊگري ڪيس به پڪڙجي چڪو آهي. ان ايگزيڪٽ جا جيڪي ڪرتوت ٻن سالن جي لاڳيتو محنت کانپوءِ، هڪ آمريڪي صحافي نيويارڪ ٽائمز ۾ رپورٽ ڪيا آهن، تن وڏو ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو آهي.

ايگزيڪٽ جا ٽپڙ ڀل ته گول نه ٿيا هجن، پر ٽيشن تي ضرور اچي وئي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ الائي ڇا مان ڇا ٿيندو آيو آهي ۽ پڪ سان اُهو سلسلو پنهنجي پوري تسلسل سان ائين ئي جاري به رهڻو آهي، ڇو ته چڱائي جي ڪا اميد، ڪو آسرو يا بهتريءَ جو دُڳ نٿو سمجهي.

ايگزيڪٽ جا افعال جيڪي جڳ جهان آڏو آيا آهن، انهن ڪيترائي بحث مباحثا ڇيڙي ڇڏيا آهن. ڇو ته ايگزيڪٽ پاڪستان جي تمام وڏي ٽي وي چئنل کي متعارف ڪرائڻ جي هامَ هنئي هئي. اُهو چئنل اڃا تائين مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي، پر ان اداري جي اهتمام لاءِ جيڪي زور شور سان ۽ اربين رپين جي سرمائيڪاريءَ سان تياريون ٿي رهيون هيون، انهن گهڻن جا وائسر بتال ڪري ڇڏيا هئا، هرڪو حيرت مان ان انتظار ۾ ڏينهن ڳڻي رهيو هو ته اُن چئنل جي جڏهن باقاعده نشريات شروع ٿي ته اُها ڪيترن ميڊيا گروپس کي مات ڏيندي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو، تصور کان وڌيڪ ملازمن، اينڪرس ۽ ڊائريڪٽرس کي پگهارون، فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهائش جي سهولت، ڏيهه توڙي پرڏيهه سفر لاءِ جهاز جون ٽڪيٽون، سڄي خاندان لاءِ مفت علاج جون سهولتون، لائيف انشورنس، دنيا جي خوبصورت جزيرن ۾ موڪلن گهارڻ جا موقعا، چئنل جي بينر هيٺان اُهو سڀ ڪجهه آيو ۽ دنيا ڏٺو جيڪو حقيقت جي دنيا ۾ صرف افسانو لڳندو آهي، ان جديد قسم جون سموريون سهولتون ميسر ڪيون.

پاڪستان ۾ ٻن ٽن چئنلن کي وڊيو وال جي سهولت ميسر آهي، پر اُن چئنل جي سمورن دفترن ۾ اُها سهولت يقيني بڻائي وئي. بي بي سي جون پوري دنيا ۾ 28 آفيسون آهن، جيڪي مختلف ٻولين ۾ نشر ٿيندڙ ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو سروس تي مشتمل آهن، پر ان نئين چئنل جا رڳو ڪراچيءَ ۾ 33 شاندار دفتر کوليا، وڏن شهرن ۾ هنن جون وڏيون وڏيون ڳالهيون، پُرڪشش پئڪيجز ٻڌي ڪيترن ئي جو وات پاڻي پئي ڪيو، پر جڏهن ايگزيڪٽ واري خبر سامهون آئي ته گهڻا همراهه ڦهڪو ڏئي پٽ ڪريا.

جيتوڻيڪ انهن مان گهڻن اُن چئنل کان بيزاري ڏيکاري آهي. ڪيترن انڌِ جي گهوڙي تي سوار ٿيڻ تي پڇتايو به آهي، پر پوءِ به خبرون اهي آهن ته هنن مان انتظاميا سميت اڃا ڪيترن جا وکا پڌرا ٿيڻا آهن. هن وقت وڏي ۾ وڏو سوال چئنل جي چپ  ٿي وڃڻ يا ايگزيڪٽ جي پڌري ٿيڻ وارو ناهي، پر سڀ کان اهم ۽ بنيادي نوعيت وارو سوال اهو آهي ته آخر ايگزيڪٽ ۽ ان جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ ادارن جا پير ڪنهن ڪڍيا؟

آمريڪي صحافي جي لاڳيتو ٻن سالن تائين ڪيل جستجو پويان ان جي پروفيشنلزم جو عمل دخل هو يا هن کي به اهو ٽاسڪ ڪنهن خاص مقصد سان ڏنو ويو هو؟ هن جي هڪڙي رپورٽ ملڪ ۾ جيڪو ٻائيتال مچايو آهي، اهو ٻڙڌڪ هن پنهنجي پيشيوراڻي صحافتي ڪردار کي تاريخ ۾ امرتا بخشڻ لاءِ ادا ڪيو يا ان پٺيان ٻيو جذبو ۽ ڪا ڌرُ هئي؟ ايگزيڪٽ ۽ ان جي متعارف ٿيل چئنل جا ڪرتا ڌرتا ڪي عام ۽ معمولي ماڻهو نه هئا، کربين رپين جي سيڙپ سا به وڏي ڌوم ڌامِ سان ڪو ننڍڙو سنيهو ناهي.

پرويز مشرف جي دؤر ۾ وڏي پئماني تي پرائيويٽ چئنلز جي اچڻ کانپوءِ سياستدانن ۽ حڪمرانن، توڙي واپارين ۾ اهو شوق جاڳيو ته هو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سيڙپ ڪري جائز ڪمائي وارو تعارف ڏين، ان حوالي سان وڏي اڳڀرائي ٿي، ڪجهه ڌرين ڪي اخبارون متعارف ڪرايون ته ڪن چئنلز آندا، جن کان اهو نه ٿي سگهيو ته انهن ڪي اينڪر خريديا جيڪي ٽيڪنيڪل انداز سان هنن همراهن جي مفادن جو تحفظ ڪندا رهيا. اهڙي ڊوڙ ۾ هڪ ڌُرِ اهڙي به آڏو آئي، جنهن سڀني کان گوءِ کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀني کي دولت جي چمڪ سان حيران ڪري ڇڏيو، ان عمل مارڪيٽ ۾ موجود ميڊيائي ڌرين کي مٿي ۾ سُور ته وِڌو ئي وِڌو پر پردي پٺيان اسان جي حڪومت رياست ۽ سماجي زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندڙ ڌرين کي به متحرڪ ڪري ڇڏيو،

جن جا مفاد ۽ معاملا کين ايگزيڪٽ طرف ڌيان ڇڪائي ويا ۽ هنن فلم جو ٽيلر ڏيکاري ڇڏيو ته جيئن ايگزيڪٽ ۽ چئنل ۾ سيڙپ ڪندڙ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رهن، اُهي آپي کان نه نڪرن ۽ هنن جي ها ۾ ها ملائين.

ذريعن وٽان جيڪي اطلاع مليا آهن ۽ جيڪا ٻڌ سڌِ سامهون آئي آهي، ان تاثر کي تصديق جي مُهر هڻڻي آهي ته ايگزيڪٽ جي ڄارَ ۾ ڦاسڻ وارو معاملو ملڪي نه پر مٿين سطح جي عالمي ڌُر يا قوتُ جو پيدا ڪيل آهي. ايگزيڪٽ ۾ هڪڙا ته اُهي سڌا سنوا، مهندار مهانڊا آهن، جيڪي اڄ اسان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، جن مان ڪيترن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ ڪي اهڙا به چهرا آهن، جن جي اڃا تائين ڪا خبر خلق آڏو نه آئي آهي.

اهو معاملو فقط فردن تائين محدود ناهي، پر ان ۾ بااثر ڌريون به شامل آهن. هي معاملو فردن کان هٽي انهن ڌرين سان مٿين سطح جي ڪنهن وزنائتي طاقت جي شروع ڪيل جهيڙي وارو محسوس ٿي رهيو آهي.

چئنل بابت جيڪي خبرون چارون آيون آهن، تن ۾ چئنل جي ڪابه خرابي يا بدنيتي نه ٻڌائي وئي آهي. ها پر ان چئنل کي متعارف ڪرائيندڙ ماڻهن جا ادارا ۽ نيتون ضرور بحث هيٺ آيون آهن. اهو چئنل ته ڪجهه چوڻ کان اڳ ئي چپ ٿي ويو يا چپ ڪرايو ويو، پر ضروري ناهي ته اهو نسري نروار ئي نه ٿي، ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهو چئنل اڳ کان وڌيڪ اڳري طاقت ۽ تعارف سان آڏو اچي. هِتي هڪڙي ڳالهه غور طلب آهي ته ان چئنل جي ملازمن جي حوالي سان پگهارن ۽ پئڪيجز بابت سوال اٿاريا ويا آهن. سوال اهو آهي ته اسان وٽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جنهن حق سچ جي صدا جا سچ اُڀارڻ واري دعويٰ ڪندي آئي آهي، ڇا ان هڪ پل لاءِ پنهنجي ملازمن جي زندگين ۾ به ليئو پاتو آهي؟

هِت اهو به ضرور ٿي پيو آهي ته اسان صحافتي ڪيريئر کي امڪاني خطرن کان بچائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيون، چوندا آهن ته ”ڀلي بُک ڀرم جي شل نه وڃي شان“ سو ڪٿي جيڪڏهن پورهئي جو اجورو ڪو ٺاهوڪو ملي ته اهو وصول ڪرڻ ۾ ڪا خرابي ناهي، پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڪا زبردست لالچ ڪنهن ڏوهه جي وڌڻ ويجهڻ وارا دڳ ته نه پئي پيدا ڪري. ڪوئلي جو ڪاروبار ڪجي ۽ هٿ به ڪارا نه ٿين اهو ته ممڪن ئي ناهي.

ايگزيڪٽ جا جيترا ڀانڊا ڦاٽا آهن ۽ جنهن سطح تي اُها ڪم ڪري رهي هئي، اهڙو ڪم ايڏي دليريءَ سان باقاعده بي خوف ٿي ڪرڻ ڪا مسخري ناهي. اهو معاملو سمجهڻ ۾ ٿوري گهڻي ڏکيائي ته ضرور ٿيندي پر هڪڙو عام ماڻهو به پنهنجي عقل جي آڌار تي اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ايڏي وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪم پٺيان جيڪا مافيا لٿل آهي، اُها پنهنجا مالڪ به تمام سگهارا رکندي ويندي. سو هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن مالڪن جي حصي پتي ۾ ڪا ڪمي آئي يا انهن جي ڀاڱي تي ڪا لت لڳي يا وري اڃا ڪو ٽيون مفاد هنن کان هٿ ڪڍرائي ۽ مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آماده ڪري رهيو آهي يا وري پردي پٺيان همراهن سان ڪنهن ٻاهرين قوت جي فشري ٿي پئي آهي.