تازيون خبرون

Daily Archives: May 28, 2015

جعلي ڊگريون ڪيس: ايگزيڪٽ مالڪ خلاف ڪيس داخل، رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شعيب شيخ سميت ست ڊائريڪٽرز کي 4 جون تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي طرفان جاچ پڙتال کان پوءِ ايگزيڪٽ جي سي اي او خلاف مني لانڊرنگ، جعلسازي ۽ اليڪٽرانڪ ٽرانزيڪشن  جا ڪيس داخل ڪرڻ بعد شعيب شيخ ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر وقاص عتيق کي هٿڪڙيون هڻي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ نور محمد جي عدالت /۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ خاطر جوابدارن کي رمانڊ تي سندن حوالي ڪيو وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي ايگزيڪٽ جي سيِ ايِ او شعيب شيخ ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر وقاص عتيق سميت 7 ڊائريڪٽرز کي 4 جون تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ عدالت آڏو دانهيو ته ايف آءِ اي کيس هيسائي رهي آهي، جنهن تي عدالت ايف آءِ اي کي جوابدار کي نه هيسائڻ جي هدايت ڪئي. ايف آءِ آر ۾ لاڳو ڪيل قلمن تحت مني لانڊرنگ ذريعي ٺاهيل ملڪيت مان جيڪي نوان ادارا جوڙيا ويا آهن اهي به سيل ٿي سگهن ٿا. قانوني ماهرن موجب ڪيسن ۾ 7 کان 35 سال قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي. ايف آءِ اي طرفان ايگزيڪٽ جا اڪائونٽ بند ڪرڻ لاءِ 31 بئنڪن کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي ايگزيڪٽ جي اهم ذميوارن جا اڪاوئنٽ بند ڪرڻ لاءِ به بئنڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا .

 

لياري ۾ رينجرز ۽ پوليس جو سرچ آپريشن، 4 گينگ وار مارجي ويا, دستي بم حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ پوليس ۽ رينجرز سان مقابلي ۾ گينگ وار سان تعلق رکڻ وارا 4 ڏوهاري مارجي ويا. ايس ايس پي سٽي فدا حسين مطابق چاڪيواڙا ۾  رينجرز ۽ پوليس جي سرچ آپريشن دوران  جوابدارن ۽  پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. جن جو تعلق عزير بلوچ گروپ سان هو. جوابدار ڀتا خوري ۽ قتل جي  ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا. انهن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.  لياري جي علائقي رانگي واڙا ۾ دستي بم حملي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيڻ وارن ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

 بالي ووڊ فلم تنو ويڊز منو ريٽرن باڪس آفيس تي هٽ ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ فلم تنو ويڊز منو ريٽرن باڪس آفيس تي هٽ ٿي وئي، پهرين هفتي ۾ 40 ڪروڙ جو بزنس ڪري ورتو آهي، 2011ع ۾ ٺهندڙ فلم تنو ويڊز منو جي سيڪوئل ۾ به ڪنگنا  ۽ مڌون به جوهر ڏيکاريا، فلم جي ڪهاڻي پسند جي شادي ڪرڻ واري جوڙي جي آهي، وقت سان گڏو گڏ انهن جي محبت گهٽ ٿيندي وڃي ٿي، 30 ڪروڙ جي بجيٽ سان ٺهندڙ فلم تنو ويڊز منو ريٽرن پهرين ئي هفتي ۾ چاليهه ڪروڙ ڪمائي ورتا.

 

هالي ووڊ جي نالي واري اداڪار،جوني ڊپ کي 10 سال قيد جو خطرو

لاس اينجلس(شوبز نيوز): ٻن پالتو ڪتن کي غير قانوني طور تي آسٽريليا آڻڻ واري فيصلي تي هالي ووڊ جي ناليواري اسٽار جوني ڊپ کي جيل جي هوا کائڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. آسٽريلين سينيٽ جي هڪ ڪميٽي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن معاملو عدالت تائين پهتو ۽ جوني ڏوهي ثابت ٿيو ته کيس 10 سال تائين قيد يا وري 265000 آمريڪي ڊالرز ج ڏنڊ لڳي سگهي ٿو.

 

بالي ووڊ جي سُندري 34 سالن جي سميرا ريڊيءَ کي پٽ جو اولاد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سُندري 34 سالن جي سميرا ريڊيءَ کي پٽ جو اولاد ٿيو آهي، پر بالي ووڊ جي ذريعن موجب سميرا ريڊي کي پُٽ 25 مئي تي ڄائو هو ۽ هوءَ ان بهترين خوشخبري کي الائي ڇو لڪائي رهي آهي، گذريل سال جنوريءَ ۾ سادگيءَ سان اڪشي وردي سان پرڻو رچائيندڙ سميرا ريڊيءَ پنهنجي اولاد جي ڳالهه ٽوئيٽر تي شيئر نه ڪرڻ تي بالي ووڊ ۾ سندس مداح حيرت ۾ ورتل آهن. سميرا جي ڀيڻ اداڪارا سُشما ريڊيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي فقط ايترو چيو ته هو ان بابت ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي سگهي، جنهن وقت سميرا ان پوزييشن ۾ ايندي ته پاڻ ئي ڳالهه ڪندي. ياد رهي ته گذريل سال جنوريءَ ۾ شادي ڪرڻ کان اڳ سميرا ۽ سندس وَر اڪشي وردي پاڻ ۾ ملندا رهندا هئا. اڪشي وردي پنهنجي پروفيشنل زندگيءَ ۾ هڪ ايونٽ آرگنائيزر آهي.

 

لالي ووڊ اداڪارا فاطمه آفندي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا فاطمه آفندي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. هن واضح ڪيو ته پاڻ اهڙو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، جنهن سان پاڪستان ۽ سندس خاندان جو نالو خراب ٿئي، جڏهن ته کيس هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪروڙ رپيا آڇيا ويا هئا. ميڊيائي رپورٽن موجب بالي ووڊ ڊائريڪٽر انيس بَزمي پنهنجي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ فاطمه آفندي کي فون ڪئي ۽ کيس فلم جي ڪهاڻي ۽ سندس ڪردار بابت ٻڌايو. پر فاطمه سندس ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. فاطمه آفندي جو چوڻ هو ته کيس ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ سندس خاندان جي عزت جي حفاظت ضروري آهي. فاطمه آفندي موجب فلم ۽ ٽي وي جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو انداز ڪافي مختلف آهي. خاندان طرفان کيس ڪڏهن به شوبز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪابه پاندي لاڳو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجي حدن جي خبر آهي. آءٌ شوبز ۾ ضرور آهيان، پر پنهنجي ڪردارن وانگر ويس وڳا پائڻ ۾ احتياط ڪندي آهيان، فلم ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ ان لاءِ آرٽ فلمن کي وڌيڪ ترجيح ڏينديس

 

پاڪستان ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 41 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 41 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي.قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي شعيب ملڪ جي بهترين 112 رنسن ذريعي 50 اوورن ۾ 375 رنسون ٺاهيون ۽ ان جا ٽي رانديگر آئوٽ ٿيا. حارث سهيل 89،محمد حفيظ 86 ۽ڪپتان اظهر علي 79 اسڪور ڪيو جواب ۾زمبابوي سٺي راند کيڏي ۽ ڪپتان چگمبرا117 رنسن ذريعي ٽيم کي اڳتي وٺي ويو جڏهن ته مساڪازا به 73 رنسون ٺاهيون پر مهمان ٽيم گهربل اسڪور پورو ڪري نه سگهي ۽ 50اوورن ۾ 5وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون اهڙي ريت پاڪستان 41 رنسن تان ڪاميابي ماڻي شعيب ملڪ کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

 

پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ ڪيترائي نوان رڪارڊ جوڙي ورتا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ ڪيترائي نوان رڪارڊ جوڙي ورتا، ڪالهه قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ون ڊي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيم جي پهرن چئن بيٽسمينن هڪ ئي اننگ ۾ سَتر کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ جوڙيو. پاڪستان طرفان اوپنر محمد حفيظ ۽ اظهر عليءَ ترتيبوار 86 ۽ 79 رنسن جي اننگ کيڏي، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ هارس سهيل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ترتيبوار 112 ۽ 89 رنسن جي اننگ کيڏي. شعيب ملڪ زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندي بهترين نموني ٽيم ۾ واپسي ڪئي. شعيب ملڪ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 70 بالن تي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي، ياد رهي ته شعيب ملڪ پاڪستان ون ڊي ٽيم ۾ ٻِن سالن کان پوءِ واپسي ٿي، جڏهن ته شعيب ملڪ 6 سالن جي ڊگھي وقت کان پوءِ سينچري ٺاهي. جڏهن ته پاڪستان ٽيم قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان اڳ پاڪستان جي قذافي اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور وارو رڪارڊ 322 رنسن جو هو.جڏهن ته زمبابوي خلاف ان ئي ميچ ۾ ڪپتان اظهر عليءَ ۽ محمد حفيظ پهرين وڪيٽ جي ڀائيواريءَ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي 170 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري جوڙي، اهڙيءَ طرح قذافي اسٽيڊيم ۾ سڀ کان ڊگھي اوپننگ ڀائيواري جو به عالمي رڪارڊ جوڙيو ويو.

 

آءِ سي سي پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪري:ولسن مناس

لاهور (اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ولسن مناس آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ واري موقف بابت پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪري.  هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ولسن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي ڪري ڊنل آهن اهي اسان جي پاڪستان جي دوري دوران اچي حالتون ڏسي وڃن. هن چيو ته زمبابوي جي اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميٽي پرڏيهي وزارت سان صلاح ڪئي ۽ اتي ڪنهن چيو ته پاڪستان جو دورو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو، خاص طور تي ڪراچي ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو، ان کان کٽڪا وڌي ويا هئا. مون ڪميٽي جي آفيسرن سان ملاقات ڪرڻ چاهي پر اتان جواب آيو ته اسين مصروف آهيون، اسان وٽ وقت ناهي، ٽيم جي روانگي ۾ باقي ٻه ڏينهن هئا. مون حڪومت ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهايو ۽ انهن دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي. ولسن وڌيڪ چيو ته آءٌ دنيا خاص طور تي ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي، اسان جي آءِ سي سي جي ميمبرن کي درخواست ڪرڻ گھرجي ته اهي ان حوالي سان پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪن. هن چيو ته آءِ سي سي وارا هتي ايندا تڏهن ئي کين خبر پوندي ته ڪرڪيٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا ويا آهن. اسان جو پاڪستاني عوام به ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو آهي، پاڻ کي تمام گھڻو محفوظ محسوس ڪري رهيا آهيون

 

شعيب ملڪ جي سينچري تي الله تعاليٰ جي شگر گذار آهيان: ثانيا مرزا

حيدرآباد دکن(اسپورٽس نيوز)ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ گهڻي عرصي کان پوءِ سينچري ٺاهڻ تي شعيب ملڪ جي گهر واري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئٽر اڪائوٽ تي ثانياز مرزا جو چوڻ هو ته زمبابوي خلاف شعيب ملڪ جي بهترين سينچري تي هو الله تعاليٰ جي شگر گذار آهي. ثانيا مرزا وڌيڪ چيو ته هو شعيب ملڪ جي ڪارڪردگي تي بيحد خوش آهي. انسان جي محنت ضرور رنگ لائيندي آهي. واضح رهي ته قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ زمبابوي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي مئچ جي سيريز جي پهرين مئچ ۾ شعيب ملڪ 76 بالن تي 112 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ 2 ڇڪا ۽ 12 چوڪا به شامل آهن. شعيب ملڪ جي ون ڊي ڪيريئر جي هي ستين سينچري هئي.