تازيون خبرون

Daily Archives: May 27, 2015

ڪراچي ۾ رينجرز جو آپريشن 7 دهشتگرد مارجي ويا، ٻارڙي بازياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مومن آباد ۽ فقير ڪالوني ۾ رينجرز سان مقابلن دوران فائرنگ ۽ گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ست  دهشتگرد مارجي ويا، واٽهڙو به گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار گرفتار ڪري هڪ ٻارڙي کي بازياب ڪرايو ويو رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان هو. ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي فقير ڪالوني ۾ رينجرز جي ڪارروائي دوران   هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. ڪارروائي دوران ٻه دهشتگرد  فائرنگ ۾ مارجي ويا ۽ ٻن ڄڻن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ڪارروائي دوران رينجرز اهلڪارن هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڌماڪي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪي واري هنڌ تان هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار به هٿ آيا آهن. رينجرز ترجمان موجب فقير ڪالوني جي پريشان چوڪ ڀرسان هڪ گهر اندر دهشتگردن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي ڇاپو هنيو. ترجمان موجب رينجرز جي ڇاپي دوران مقابلو ٿي پيو ۽ ٻن دهشتگردن گرفتاري کان بچڻ لاءِ گهر اندر  ڌماڪو ڪيو. رينجرز گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي اورنگي ٽائون جي مومن آباد واري علائقي ۾ به ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران  فائرنگ جي ڏي وٺ دوران  هڪ واٽهڙو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ڪامران جي نالي سان ٿي آهي. مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي ست ٿي ويو. شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگرد چئن مهينن کان ڪرائي جي گهر ۾ رهيل هئا جن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڌماڪو ڪيو. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهر ڌڻي آزاد ڪشمير سان واسطو رکي ٿو جنهن کان جاچ ۾ اڳڀرائي لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ڪارروائي کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي رينجرز ترجمان برگيڊيئر خرم ٻڌايو ته دهشتگردن جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان هو. رينجرز ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران 6 مئي تي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙي کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو جڏهن ته وڏي تعداد۾راڪيٽ لانچر ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، سموري ڪارروائي جو ڪريڊٽ قومي سلامتي جي ادارن ۽ عوام ڏانهن وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي ان کان اڳ ڪجهه به نه ٿوچئي سگهجي. رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري رهندو.

 

ڊسڪا واقعو: مارجي ويل ٻن وڪيلن جي تدفين، واقعي خلاف شهر بند، سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊسڪه واقعي ۾ مارجي ويل ڊسڪه بار جي صدر رانا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور ۽ ٻن سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اسلام آباد، لاهور، ملتان، فيصل آباد، ڊسڪه، گجرانوالا، سيالڪوٽ، رحيم يار خان، سميت پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ عدالتي ڪارروايون جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. رحيميار خان ۾ ڊسڪه واقعي خلاف وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي آءِ ڊي آفيس جا تالا ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته مظاهرين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.  وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ جي خدشي سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جي سڪيورٽي پوليس بدران رينجرز حوالي ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن جي اڪثرن شهرن ۾ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرا ڪيا ويا آهن. واقعي خلاف وڪيلن جي مختلف بار ايسوسيئيشن پاران اجلاس منعقد ڪري مذمتي ٺهراءَ پڻ منظور ڪيا ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پوليس جي فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

 

ٽوئيٽر تي منهنجي جعلي اڪائونٽ کي جوائن نه ڪيو: اميتاڀ بچن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن ٽوئيٽر تي سندس نالي سان ٺهيل جعلي اڪائونٽ کي ”ان فالو“ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن پنهنجي مداحن کي خبردار ڪيو ته هو سندس نالي سان ٽوئيٽر تي موجود جعلي اڪائونٽ جنهن جي آخر ۾ سينيئر بچن سندس ئي ٽوئيٽ کي ان جعلي اڪائونٽ تي ٻيهر اپ ڊي ڪندو رهندو آهي، پر مداح هوشيار رهن. اميتاڀ بچن جي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي هن جا هڪ ڪروڙ 50 هزار پيروڪار آهن، سندس ايندڙ فلم ”وزير“ آهي جنهن ۾ سندس ساٿي اداڪار فرحان اختر آهي، فلم جلد ئي مڪمل ڪئي ويندي.

 

اڪشي ڪمار به سيلفي تصوير متعارف ڪرائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) دنيا ۾ سيلفي کي ڪجهه ڌرين پاران هڪ بيماريءَ قرار ڏنو پيو وڃي پر ڪجهه ناميارا نالا سيلفي کي پنهنجو شوق بڻائيندا پيا وڃن، گذريل ڏينهن بالي ووڊ جي کلاڙي ڪمار اڪشي ڪمار به سيلفي تصوير متعارف ڪرائي پر تصوير کي وڌيڪ وڻائڻ لاءِ هن شرٽ لاهي ڇڏي. ان کان اڳ شاهه رخ خان به سيلفي لاءِ شرٽ لاٿي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته هو مداحن کي پنهنجا سڪس پيڪس ڏيکارڻ پيو چاهي. جڏهن ته هالي ووڊ جي ٻن وڏن نالن دي راڪ ۽ آرنلڊ شريوازنيگر به سيلفي ڪڍرائي سيلفي جي اهميت ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو. اڪشي ڪمار پنهنجن مداحن کي پيغام ۾  چيو ته مون جي پهرين سيلفي اوهان کي ضرور پسند ايندي. اڪشي جي تصوير ۾ هن پنهنجا ڏورا ڏيکاريندي چيو  ته جيڪڏهن هو پنهنجي باڊي ۽ فٽنيس قائم رکي سگهي ٿو ته اوهان ڇو نه؟ياد رهي ته اڪشي ڪمار ”گبر از بيڪ“ ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه سنگهه از بلنگ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جڏهن ته ان کان پوءِ هو فلم برادرز جي شوٽنگ ڪندو، جنهن ۾ جيڪي شروف، سڌارٿ ملوٿرا ۽ جيڪولين فرنينڊيس پڻ گڏ  هوندا.

 

پريانيڪا چوپڙا”ڊيئر مان“ کي بي حد پسند ڪيو آهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته هر ٻار منفرد هوندو آهي، بالي ووڊ اداڪارا وڊيو ”ڊيئر مان“ جنهن ۾ ماءُ جي روپ ۾ جوهي چاولا ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، لاءِ بي حد پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هر ٻار ۾ منفرد خاصيت موجود هوندي آهي، پريانڪا چوپڙا فلاحي اداري يونيسيف جي ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو سڀني کي چونڊي ته اهو وڊيو ضرور ڏسو، ان وڊيو ۾ جوهي چاولا ”ڊائون سينڊرم“ بيماري سان لاڳاپيل آگاهي ڏيندي نظر اچي رهي آهي، هيءَ ساڍن ٽن منٽن جي منفرد وڊيو آهي” واضح رهي ته وڊيو 7 مئي تي يوٽيوب تي جاري ٿي هئي، وڊيو کي هيستائين 13 هزار ماڻهو ڏٺو ۽ پسند ڪيو آهي

 

ڪرينا ڪپور ڪرن جوهر جي فلم ۾ آئٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي هرڻي جهڙيون اکيون رکندڙ ڪرينا ڪپور ڪرن جوهر جي فلم اگني پٿ ۾ ايٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بي بو شاهه رخ جي فلم ڊان ۾ ته آئٽم گانو “يي ميرا دل” ڪرڻ تي ته خوش ۽ رضامند هئي پر هن ڀيري ڪرن جوهر جي فلم ۾ هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڪرينا ڪپور پرنڪا چوپڙا وچ ۾ سرد جنگ جاري آهي. جيڪا ڪنهن کان لڪيل ناهي، جيڪا فلم ۾ هريتڪ روشن جي هيروئن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. شاهد انهي وجه سان ڪرينا ڪپور منع ڪيو هجي. ٻئي طرف پريانڪا انهي سرد جنگ کي پنهنجي مٿي تي سوار نه ڪيو. انهي شاهه رخ جي فلم راون ۾ ڪرينا ڪپور جي موجودگي ۾ مهمان اداڪار طور ڪردار ادا ڪيو هو.

 

ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال بلند آهي :پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 16 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ ٽيم بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري هاڪاري نتيجا حاصل ڪندي. زمبابوي ٽيم جي ڪپتان ايلٽن چگمبورا چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۾ مايوس ڪارڪردگي رهي پر ون ڊي جا نتيجا مختلف هوندا، پاڪستان ۾ راند کيڏي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. پاڪستاني ٽيم ڪپتان اظهر علي چيو ته ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي. ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ ون ڊي جو سموريو ميچون کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن ون ڊي سيريز جي ٽرافي جو مهورت ڪيو

 

انگلينڊ نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 124 تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 124 تان شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 389 ۽ ٻئي اننگز 478 رنسون ٺاهيون. جنهن جي جواب نيو زيلينڊ پهرين اننگز ۾ ڀرپور جواب ڏيندي 523 رنسون ٺاهي برتري حاصل ڪئي. ٻي اننگ ۾ نيو زيلنڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 334 رنسون گهربل هيون. پر پوري ٽيم 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انڊريسن 67 ۽ واٽلينگ 59 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. انگلينڊ جي بالرن اسٽوڪس ۽ بروڊ 3، 3 شڪار ڪيا. ان کان اڳ پنجي ۽ آخري ڏينهن جي ميچ دوران نيو زيلينڊ اننگ شروع ڪئي ته ابتدا ۾ مشڪلات جو شڪار ٿي وئي. اوپنر مارٽن گپٽل ۽ لٿيم بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ٽيم دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي ۽ آخرڪار گورن ميچ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

 

ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ پاڪستان 0-2  تان ڪاميابي حاصل ڪئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ پاڪستان 0-2  تان ڪاميابي حاصل ڪئي. سيريز ۾ بيٽنگ ۾ ٻنهي ٽيمن طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون پاڪستان جي بيٽسمين مختار احمد ٺاهيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگن ۾ 72.50  جي شرح سان 145  رنسون ٺاهيون جنهن ۾ سندس هڪ اننگ ۾ وڌ کان وڌ اسڪور 83 هو. هن مجموعي طور تي 18 چوڪا ۽ 4 ڇڪا لڳايا. ٻي نمبر تي زمبابوي جو مسڪدزار آهي جنهن ٻن ميچن ۾ 41 جي شرح سان 82  رنسون ٺاهيون ٽين نمبر تي زمبابوي جو ڪپتان چڪمبرا رهيو جنهن ٻن ميچن ۾ 75  رنسون ٺاهيون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون محمد سميع حاصل ڪيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگز ۾ 14 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. وليمز  3 وڪيٽون کڻي ٻين ۽ شعيب ملڪ ٻه وڪيٽون وٺي ٽين نمبر تي رهيو

 

برطانيا جي عورتن واري فٽبال ٽيم ايندڙ هفتي ڪينيڊا جي دوري تي ويندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانوي شهزادي وليم برطانوي عورتاڻي فٽبال ٽيم سان ملاقات ڪري سندن همت افزائي ڪئي آهي. برطانيا جي عورتن واري فٽبال ٽيم ايندڙ هفتي ڪينيڊا جي دوري تي وڃي رهي آهي، ان ڪري ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ شهزادو وليم جيڪو فٽبال ايسوسيئيشن جو صدر پڻ آهي، فٽبال ٽريننگ ڪئمپ سٽيفرڊ شائر پهچي ويو، شهزادي رانديگرياڻين سان ملاقات ڪئي ان دوران فوٽو به گڏ ڪڍراياويا.ان موقعي تي  شهزادي کي ٽي شرٽ  جو تحفو ڏنو ويو