تازيون خبرون

Daily Archives: May 23, 2015

بجلي جو بحران ۽ عوام جو احتجاج

 

نئين ديري ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽي ۾ 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي جنهن سبب ڳڙهي خدابخش ڀٽو هاءِ اسڪول جا 5 شاگرد بجلي نه هجڻ، سخت گرمي ۽ ٻوسٽ سبب بيهوش ٿي ويا جن ۾ ڇهين ڪلاس جو شاگرد اسد الله ڪوريجو، نائين ڪلاس جو محمد اسماعيل لغاري، ڪامران لغاري، ستين ڪلاس جو ولي الله منگي ۽ ابوبڪر ڪلهوڙو شامل آهن. جنهن بعد سوين شاگرد تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري نڪري آيا ۽ هيڊ ماستر جي آفيس جو گهيرو ڪندي گهنڊ وڄائي موڪل ڪري ڇڏي ۽ مارچ ڪري شهيد راڻي بينظير جي مزار کان ٿي رتوديرو-نئون ديرو روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، احتجاج ۾ شهر جي مڙني اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڳوٺاڻا پڻ احتجاج ۾ شامل ٿي ويا. شاگردن محسن ابڙو، قدير لغاري، عبيد منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اها ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي ماڻهن سان ناانصافي آهي جو 16 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪري اسان جي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي. قهر جي گرمي ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب ڪلاسن ۾ ويهي نٿا سگهون، شاگرد بيهوش ٿي رهيا آهن. هوڏانهن شهر جا ٻيا 16 اسڪول جي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ موڪل ڪئي وئي.  ٻئي پاسي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن غلام حيدر ناريجو، سليم چنو، جاويد ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نئون ديرو سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، بل ادا ڪيون ٿا پوءِ به بجلي نٿي ملي، هنن چيو ته لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، اسڪولن ۾ ٻار پڙهي به نٿا سگهن.

11 ورهين جي رام پياري اڃان آزاد نه ٿي سگهي…!

ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهڏنو مگسي ۾ 19  اپريل تي وڏيري ۽ سندس  پٽن هٿان  اغوا ڪيل11 ورهين جي رام پياري اڃا تائين آزاد نه ٿي سگهي آهي، گذريل ڏينهن رام پياري جي وارثن چاچي نذير مل، وزيرمل، ڪرشن مل ۽ چڱي مڙس گلبهار اوڏ  ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سرفراز نواز شيخ سان سندس قمبر آفيس ۾ ملاقات ڪري رام پياري جي اغوا بابت دانهيو ته 19  اپريل واري ڏينهن جو ڳوٺ الهڏنو مگسي ۾  ڳوٺ  جي وڏيري  ۽ سندس پُٽَن  گڏجي هٿيارن جي زور تي رام پياري کي  زبردستي کنڀي اغوا ڪيو، دانهن ميرو خان ٿاڻي تي کڻي وياسين، پر پوليس فرياد داخل ڪرائڻ جا 50 هزار روپيا گهريا، ميروخان پوليس ڏانهن وڃي وڃي ٿڪجي پيا آهيون، پر  پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي، هنن ايس ايس پي وٽ وڌيڪ دانهيو ته نينگري تان هٿ کڻڻ ۽ معاملي کي  راڄوڻي طريقي سان حل ڪرڻ  لاءِ با اثر ڌمڪائي رهيا آهن، جنهن ڪري تحفظ فراهم ڪري رام پياري کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي  ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ متاثر خاندان کي ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪنهن به زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. هندو هجي يا مسلمان پوليس لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن.

 

ڪنهن کي وڪيل ڪيون ڪنهن کان انصاف گهرون؟؛سهڻي پارس

پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي الزام هڻڻ سولو ۽ انهن الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ يا حقيقتون اڳيان آڻڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، ملڪي سياسي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته اسان کي چڱي نموني اهو اندازو ٿي ويندو ته هتي ٻئي جو پٽڪو لاهڻ ڪيڏو نه سولو ڪم آهي ۽ پوءِ اهو رواج ختم ٿيڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو، معاشي ۽ مالي طور تي ڪمزور ملڪ جو انتهائي امير ۽ شاهوڪار طبقو  الزامن جي ان سڄي راند ۾ بادشاهت جو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ پوءِ ان جي نام نهاد رعايا به پنهنجو پاڻ ملهائڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پوي ٿي، چوڻ  جو مطلب اهو ته هتي الزامن جو رواج ته ائين پئجي ويو آهي، ڄڻ اهو ڪو اهڙو مقابلو هجي، جنهن  ۾ جيڪو وڌيڪ نڪ جي پڪائي ڏيکاريندو، ان جي اهميت اوتري ئي وڌيڪ هوندي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان  اسان جي هن پياري ملڪ ۾ نقلي ڊگرين واري ڪيس جو چرچو چوٽ چڙهيل آهي ۽ ان ۾ نيٺ ملڪ جي هڪ اهڙي اداري کي سوڙهو ڪيو ويو آهي جنهن جي عالمي سطح تي پنهنجي هڪ ساک ۽ نالو آهي.ايگزيڪٽ ڪمپني لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها سڄي دنيا ۾ تعليمي سندون جاري ڪندي آهي ۽ ان وٽ ڪيترائي ملڪي توڙي پرڏيهي ادارا رجسٽرڊ ٿيل آهن، آمريڪي اخبار ” نيويارڪ ٽائمز“ اوچتو ان ڪمپني جي حوالي سان نقلي ڊگريون جاري ڪرڻ جي رپورٽ شايع ڪري نه رڳو پاڪستاني سياست پر ميڊيا جي ادارن کي به ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو، ملڪي سياست ۾ ٿرٿلو ته سمجهه ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته نقلي ڊگرين جو معاملو مشرف دور کان وٺي هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي اهرا وڏا وڏا نالا به نااهل ٿيا آهن، جن کي هتان جو عوام پنهنجو ايماندار ۽ حقيقي نمائندو قرار ڏئي ووٽ ذريعي چونڊي، اقتداري ايوانن ۽ پارلياماني ميدان ۾ موڪليندو رهيو، سو ملڪي سياست لاءِ اها تمام وڏي خبر هئي پر ميڊيا لاءِ اها خبر ايتري اهم ڇو بڻجي وئي؟ جو جيڏي مهل به ڪو چينل کولجي ٿو ته ان تي ايگزيڪٽ وارو بحث ئي نظر اچي ٿو، ۽جنهن کي جتان اچي ٿو، جيڪو وڻيس ٿو  اهو چئي ٿو ڏئي ۽ جيڪا به باهه اندر ۾ اٿس اها ڪڍي پاڻ کي هلڪو ڪري ٿو ڇڏي.  ان جو اصل ڪارڻ ته سڀني کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو پر پوءِ به مان ان جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجهنديس، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه عرصي کان ميڊيا جي ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ” بول“ نالي چينل جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان چينل ۾ نه رڳو مهانگن خرچن تي  ڊنگ صحافي، تجزيا نگار ۽  اينڪر رکيا ويا آهن پر ان سان گڏوگڏ ملڪي تاريخ جو شايد هي واحد ادارو هوندو، جتي هر ورڪر جي پنهنجي حيثيت،عزت ۽ اهميت هوندي. ان کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ادارن جي پهرين ئي وڏي کوٽ ۽ ڪال آهي، جيڪي نه رڳو ملڪي معيشت کي هٿي ڏين ٿا پر ان سان گڏ عالمي سطح تي پنهنجي ملڪ جو نالو به روشن ڪن ٿا. مان اهو نه ٿي چوان  ته جيڪڏهن  ايگزيڪٽ ڪمپني ڪو غلط ڪم ڪيو آهي ته ان کي درگذر ڪرڻ گهرجي ، منهنجو مقصد اهو به هرگز ناهي ته ان اداري جي ڪري عالمي سطح تي ملڪ جي جيڪا بدنامي ٿي آهي، ان کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ۽ نه ئي اهو ٿي چوان ته ان باب کي اتي ئي بند ڪيو وڃي، مان رڳو اهو چوڻ چاهينديس ته رڳو الزامن جي بنياد تي هر ڪنهن کي پنهنجو فيصلو نه ڏئي ڇڏڻ گهرجي، انهن الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ پوءِ ئي ڪو نتيجو ڪڍجي ته وڌيڪ بهتر هوندو، ائين نه ٿئي جو اڄ جيڪي ماڻهو ميڊيا ۾ اچي پنهنجي ليکي تجزيا ڪري هوائي ڳالهين کي بنياد بڻائي پنهنجو فيصلو ٻڌائي رهيا آهن،  سڀاڻي الزام ثابت نه ٿيڻ تي انهن کي نه رڳو شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوي، پر پوءِ سندن ساک تي به سواليا نشان  اچي وڃي.، ان سڄي صورتحال کي ڏسي هڪ ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ته اسان  کان ٻئي جي اهليت، عزت ۽ اهميت برداشت نه ٿي ٿئي، ميڊيا جي ادارن ۾ وري اڻ سهپ جو مادو ڪجهه وڌيڪ آهي ۽ هر ادارو پنهنجي مخالف اداري جي ڪا نه ڪا خامي يا ڪوتاهي ڳوليندو رهندو آهي،خاص طور تي اسان جي ميڊيا ئي ادارن جا اهي مالڪ جيڪي پنهنجو اصل ڪم ۽ وڏيرڪي شان شوڪت ڇڏي چينل کولين ٿا ۽ پنهنجي ورڪرن کي غلامن جيان هلائين ٿا، اهي ڪيئن چاهيندا ته اسان وٽ 4 يا 5 هزارن تي ڪم ڪندڙ غلام اسان کان ڇڏائجي وڃن  ۽ جيڪڏهن انهن کي وجهه ملي وڃي ته پوءِ ته مخالفن جا ترا ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏبي،  “ ايگزيڪٽ“  جيڪڏهن نقلي ڊگرين واري معاملي ۾ ملوث آهي به ته ان جو فيصلو لاڳاپيل قانون ۽ قانوني ادارن کي  ڪرڻو آهي، اسان کي بغض معاويا وارو ڪردارا ادا ڪرڻ بدران  اهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو ملڪ ۾ ادارن جي وڌندڙ ڪال کي گهٽائڻ ۽ ملڪي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. منهنجي ان ڳالهه سان ڪير سهمت ٿئي يا نه پر مان  پنهنجي ان نقطي تي قائم آهيان ته هي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ گهڻو هٿ اسان جي ئي پنهنجي ادارن جو آهي، اڻ سهپ واري لاڙي اسان جي ملڪ ۾ ڪيترن ئي ادارن کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن ، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري ۽  غربت  جو جيڪو طوفان اچي ٿو ان سان  نه رڳو ملڪي معيشت ويتر ڪمزور ٿي وڃي ٿي پر  خلق به انيڪ مسئلن جي ڍيرن هيٺان دٻجي غربت جي لڪير کان به هيٺ هلي وڃي ٿي،  ٿلهي ليکي جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته ايگزيڪٽ ڪمپني سان هزارين ماڻهو لاڳاپيل آهن، جن جي گهرن جو چلهو ٽئي ويلا ٻري ٿو، ان سان گڏ ان ڪمپني سان ٻيا ادارا به لاڳاپيل آهن، جن ۾ به وڏي انگ ۾ ماڻهو روزگار ڪن ٿا، ته پوءِ ڇا اسان رڳو الزامن جي بنياد تي هزارين گهرن جو چلهو وسائڻ لاءِ وسان نه گهٽائينداسين؟ اها ملڪ ۽ خلق سان ڪهڙي محبت آهي، جو هوڏانهن الزام لڳو ناهي ۽ هيڏانهن اسان هٿرادو عدالتون کولي مدعي به پاڻ ته منصف به پاڻ ئي بڻجي ويهي رهيا آهيون!! اڃا ته الزامن جي جاچ ئي شروع ناهي ٿي ته اسان ميڊيا تي اچي فيصلا ٻڌائڻ به شروع ڪري ڇڏيا آهن!! ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان پنهنجي ملڪي قانون کي سڌاريون، جنهن ۾ اهڙا ته خال ۽ خاميون آهن جو جنهن کي وڻي ٿو اهو پنهنجي مرضي سان هتي ويهي، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪو هو چاهي، ڇا اها اسان جي قانوني ادارن ۽ حڪومت جي ذميواري ناهي ته جيڪڏهن هتي ڪو کلي عام غلط ڪم ڪري ٿو ته ان جي رستا روڪ ڪئي وڃي؟ ڇا اسان رڳو ٻاهرين ماڻهن ۽ پرڏيهي ملڪن جي ڊڪٽيشن تي هلندا رهنداسين؟  ڇا ايگزيڪٽ جي معاملي ۾ حڪومت جي ڪا ڪوتاهي يا نااهلي ناهي، ته هڪ ڪمپني کلي وئي، ان ايڏو نالو ڪمايو جو ان جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هاڪ ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ پرڏيهي اداري جي رپورٽ تي آسمان تي پهتل ان اداري کي هڪ ئي سٽ ۾ پٽ تي ڪيرايو ويو ؟ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو ماڻهو يا ادارو ڪاروبار ڪرڻ چاهي ته ان جي پهرين بهترنموني ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، ان وٽ جيڪو سرمايو آهي، ان بابت جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهو ڪٿان آيو؟ ۽ پوءِ ان اداري تي نظر رکڻ گهرجي ته ان جو اصل ڪاروبار ڪهڙو آهي؟ پر هتي شايد اهو سڀ ڪجهه ممڪن ناهي يا ممڪن ٿيڻ ئي ناهي ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هتي هيٺ کان وٺي مٿي تائين سڄو نظام ئي ڪرپٽ آهي، تنهن ڪري ان نظام مان جان ڇڏائڻ لاءِ هتان جي خلق کي ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .اسان جي ملڪي سياست اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀري پئي آهي جن تي جيڪڏهن مٿاڇري نظر ئي وجهجي ته خبر پئجي ويندي ته اقتداري ايوانن ۾ جيڪي ماڻهو پهچن ٿا انهن جي اهليت ۽ اهميت جي ڪيتري ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ٿي ان جو ننڍڙو مثال تازو سنڌ ۾ آيل هڪ اهڙي نواڻ مان وٺي سگهجي ٿو  جيڪا هن وقت نه رڳو عام ماڻهن پر سماجي رابطن وارين ويب سائيٽز تي بحث جو موضوع بڻيل آهي اهو مثال صوبي جي ان وزارت جي نئين مقرر ڪيل والي وارث جو آهي جنهن کي ان کان اڳ شايد ئي ڪوسڃاڻيندو هجي، ملڪي امن امان ۽ تحفظ جهڙي انتهائي حساس معاملي سان لاڳاپيل ان وزارت جي مالڪي اهڙي ماڻهو جي حوالي ڪئي وئي آهي جنهن جي اهليت رڳو اهاآهي ته هو هن صوبي جي حقيقي واڳ ڌڻي جي انتهائي ويجهو آهي. تنهن ڪري اسان کي ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران پهرين پنهنجي انهن ادارن کي سڌارڻ گهرجي جيڪي سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ جا ذميوار آهن ۽ جيڪي هر اداري جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

**********

 

انتهائي غلط چوڻي؛مٺل جسڪاڻي

مون به اوهان وانگر هڪ چوڻي ٻُڌي، اوهان وانگر درست تسليم ڪري، وري وري پئي ورجائي آهي، پر اڄ صبح کان آئون سوچي سوچي، ويچاري ويچاري، ٿڪي پيو آهيان، ڦري سري ساڳئي نتيجي تي پيو پهچان!؟… آئون سمجهان پيو ته ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو“ انتهائي غلط چوڻي آهي. ڇاڪاڻ ته… گهوڙي ۽ گاهه جي ياري کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾، جيتوڻيڪ گهوڙي ۽ مون ۾ تمام گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به مون پهرين مون متعلق سوچيو، ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي نه ٿي، ته ننڍي هوندي وارا شوق ياد ڪري ڪڪڙ پالڻ، ٻڪري يا رڍ ڌارڻ کان ويندي، جڏهن آئون ننڍو هئس، ته اسان وٽ هڪ مينهن هوندي هئي، هاڻ ماشاءَالله ڪڏهن ڪڏهن ته درجن کان به وڌيڪ مينهون پنهنجون، هڪ ڍڳي ۽ ڪجهه ٻڪريون به پنهنجون، انهن جي پيٽ قوت ۾ سولائي لاءِ ڪڏهن نر ته ڪڏهن مادي، پر هڪ گڏهه بہ پنهنجو، پنهنجي رهندي پئي اچي.

”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو“ کي سمجهڻ لاءِ مون پاڻ بابت ويچاريو، پاڻ سان گڏ اٿڻ ويهڻ وارن کان ويندي، جن متعلق ٻڌندو يا پڙهندو رهيو آهيان، انهن بابت به سوچيم، گهوڙو يا گهوڙي کانسواءِ، جيڪي جيڪي به جانور پنهنجي حصي پتي ۾ رهيا آهن، هر ننڍي وڏي ۽ نر مادي سميت به سوچيم، پر…

اوهان منهنجي سمجهه تي شڪ ڪري سگهو ٿا، پر آئون پنهنجي عقل، دماغ، سمجهه، ساڃاهه، پنهنجي هر گُڻ اوگڻ تي ويچاريندي، اڃا ان پڪ جو شڪار آهيان، ته آئون گهڻن کان گهڻو صحتمند آهيان.

منهنجي هوش ۽ حواس تي اعتبار ڪندي، بهرحال آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو“ انتهائي غلط چوڻي آهي. ان ڪري جيستائين اها چوڻي درست هجڻ تي گهڻ رخي تحقيق ڪري، درست هجڻ جي تصديق نه ٿي ڪئي وڃي، يا سُڌاري، سنواري درست نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين ان چوڻي جي استعمال کان ڪو پاسو ڪري يا نه، پر ان تي ايمانداريءَ سان سوچي ضرور…