تازيون خبرون

Daily Archives: May 23, 2015

حڪومت ميڊيا کي جمهوريت جي استحڪام جو اهم ذريعو سمجهي ٿي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته صحافين جي سلامتي ۽ انهن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻوڪي حڪومت جو اهو عزم آهي ته صحافين کي سندن جان ۽ مال سوڌو ڪنهن به خطري جي صورت ۾ مدد ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. هو ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم پاران ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي بابت معاملن تي ٺاهيل وزارتي ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون عرفان صديقي، وزارت جي اعليٰ عملدارن، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آپريشنز اسلام آباد پوليس سلطان اعظم تيموري، اين سي ايم سي جي ڊائريڪٽر جنرل سعود عزيز ۽ اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ پي ايف يو جي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت ميڊيا کي جمهوريت جي استحڪام جو اهم ذريعو سمجهي ٿي ۽ هو ان جي پيشيواراڻين ذميوارين کي ادا ڪرڻ لاءِ کين سهولتن جي فراهمي جاري رکندي. اجلاس کي گذريل ٻن اجلاسن ۾ ٿيندڙ فيصلن تي عملدرآمد جي موجوده حيثيت بابت به ٻڌايو ويو. اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو چئني صوبن جي اطلاعات وارن سيڪريٽرين کي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرائين ۽ اهي پنهنجي صوبن ۾ فيصلن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪن. وفاقي وزير ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آپريشنز اسلام آباد کي هدايت ڪئي ته هو ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي بابت هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو وٺي ۽ ميڊيا هائوسز پاران پنهنجي طور تي ڪيل سيڪيورٽي انتظامن ۾ خامين جي نشاندهي ڪري. وفاقي وزير پي آءِ او کي هدايت ڪئي ته هو مختلف سيڪيورٽي قدمن ۽ ڪنهن به خطري جي صورت ۾ ميڊيا پاران اختيار ڪيل حفاظتي قدمن کان آگاهي جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي تعاون سا ورڪشاپ جو اهتمام ڪري جنهن ۾ سمورن ميڊيا جي تنظيمن ۽ اسلام آباد پوليس کي شريڪ ڪري ته جيئن ميڊيا ورڪرن کي ان حوالي سان آگاهي ڏئي سگهجي.

 

سعودي عرب ۾ جمعي نماز دوران مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو، 20 ماڻهو شهيد

دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ جمعي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي بم حملي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. اسپتالن جي ذريعن مطابق آپگهاتي بم حملي ۾ 20 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 50 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. سعودي عرب جي گهرو وزارت مسجد ۾ آپگهاتي بم حملي جي تصديق ڪئي آهي. سعودي عرب جي قاتف صوبي جي شهر ڪديه ۾ علي ابن ابي طالب مسجد ۾ جمعي نماز دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي بعد فوري طور تي سعودي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو،  سعودي عرب جي خابرو اداري ايس پي اي ۾ جاني نقصان پڻ ٿيو آهي پر فوتين جو انگ نه ٻڌايو ويو آهي. ڌماڪي ۾ ڪيئي نمازي زخمي پڻ ٿي پيا آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته مسجد ۾ جمعي نماز وقت تقريبن 150 ماڻهو موجود هئا، پاڪستان سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ مسجد اندر آپگهاتي بم حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.صدر ممنون حسين سعودي عرب ۾ مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ صدر ڌماڪي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ان افسوسناڪ واقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان سعودي عرب سان گڏ آهي. صدر متاثر خاندانن سان به همدردي جو اظهار ڪيو آهي، وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سعودي عرب ۾ خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضي خليل الله هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهيءَ واقعي تي سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن حڪومت پاڪستان ۽ ملڪ جي عوام طرفان ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ سعودي عرب جي حڪومت سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

پاڪ- چين راهداري معاملو، وزيراعظم آل پارٽيز ڪانفرنس 28 مئي تي طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف آل پارٽيز ڪانفرنس 28 مئي تي طلب ڪري ورتي آهي. اي پي سي ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم نواز شريف کي واپڊا جو چيئرمين ڀاشا ڊيم تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 31جولاءِ تائين ڀاشا ڊيم لاءِ زمين جي خريداري ڪئي وڃي. ان موقعي تي بجلي گهرن کي ايل اين جي تي هلائڻ جي به منظوري ڏني وئي.

 

مبينا چونڊ ڌانڌليون، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس، فافن جي هيڊ آف پروگرامز کان آڏي پڇا مڪمل

اسلام آباد (بيورو) ٻه هزار تيرنهن جي عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪيمشن جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل، غير سرڪاري تنظيم فافن جي هيڊ آف پروگرامز جي آڏي پــُڇا مڪمل ڪري ورتي،مدثر رضوي جو چوڻ آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان 38 هزار 274 پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو ۽ چونڊن بابت 47 کان وڌيڪ رپورٽس شايع ڪيون. جڊيشل ڪيمشن جو اجلاس جسٽس ناصر المـُلڪ جي سربراهي هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي، غير سرڪاري تنظيم فافن جي هيڊ آف پروگرامز مدثر رضوي کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي. مدثر رضوي چيو ته فافن جومقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ هوندو آهي ۽ ان مقصد لاءِ سندن 40 هزار مبصرن چونڊن لاءِ ڪم ڪيو. مدثر رضوي چيو ته هنن اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان 38 هزار 274 پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو ۽ چونڊن بابت 47 کان وڌيڪ رپورٽس شايع ڪيون. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا چونڊن بعد ڪنهن حڪومتي اهلڪار يا سياسي شخصيت طرفان کين ڪا ڌمڪي ملي؟ جنهن تي مدثر رضوي چيو ته کيس سڌي ريت ڪابه ڌمڪي نه ملي. مدثر رضوي ٻڌايو ته اسپيڪر اياز صادق جي تڪ اين اي 122 جي رپورٽ بابت کيس فون ڪال آئي،جنهن ۾ هن فافن جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. فافن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ،پولنگ واري ڏينهن ۽ اليڪشن کانپوءِ مشاهدو ڪيو ويو. عبدالحفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا چونڊ عمل دوران ڪا رپورٽ تيار ڪئي وئي؟جنهن تي مدثر رضوي ٻڌيو ته فافن پاران 6 هزار صفحن تي ٻڌل رپورٽ جوڙي وئي هئي، جيڪا انڪوائري ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. انکانپوءِ جڊيشل ڪميشن، اليڪشن ڪميشن جي هاڻوڪي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سيڪريٽري شير افگن کي سومر تي طلب ڪري ورتو. ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست تي تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ به طلب ڪندي اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ويچار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ عشرت العباد ۽ وزير اعليٰ سنڌ سان  ڪراچي ڪور ڪانڊر  ليفٽيننٽ نويد مختيار جي دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪور مانڊر چيو ته جنهن ۾ ٽارگيٽ آپريشن کي بنا روڪ جي جاري رکيو ويندو، ۽ صفورا واقعي جي حوالي سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته جلدي نتيجو ملڻ تي خوشي آهي ۽ اطمنان به آهي. گورنر سنڌ عشرت العباد  چيو ته  ايپڪس ڪميٽي ۾ ٿيندڙ فيصلن تي جلد عمل ڪيو ويندو ۽ ڪراچي ٽارگيٽ آپريشن ۾ وڌيڪتيزي آندي ويندي.ٽنهي اڳواڻن دهشتگردي جي حوالي سان مختلف رخن تي ڳالهايون ڪيون.

 

سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو آهي ته سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيوآهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا منڊي بهاءُ الدين تي قومي اسيمبلي جي تڪ هڪ سئو اٺ تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير وحيده حميد، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ايم ڊي سئي گئس ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي الڪيشن ڪمشنر کان معذرت ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرڊ سردار رضا ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کي ڇنڊ پٽي. جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو ته سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيوآهي، جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي واڌاري جو ڪارڻ بڻبي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) ناڻي جي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي واڌاري جو ڪارڻ بڻبي، وچٿري ۽ ڊيگهاري سرمائيداري جو فروغ ويزن 5 2 0 2  جو حصو آهي، موجوده سال اپريل تائين مهانگائي جي شرح 2 1  سالن ۾ سڀ کان گهٽ رهي، محب وطن پاڪستانين سبب ناڻي ۾ 0 6  سيڪڙو واڌ ٿي، موجوده مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح نمو 2 .4  سيڪڙو رهيو، مالياتي حڪمت تي عملدرآمد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، مالياتي حڪمت عملي خوشحالي ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد ثابت ٿيندي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته معاشي حڪمت عملي ڊگهي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي، حڪومت سرمائي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، حڪومت عام ماڻهو کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ چاهي ٿي، پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي فروغ جو سبب بڻبي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت انڪم سپورٽ پروگرام ۾ واڌ جي تجويز بجيٽ ۾ رکي وئي آهي، 4 1 0 2 ع ۾ عالمي مالياتي ادارا پاڪستان کي معاشي طور تي ناڪام قرار ڏئي رهيا هئا. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش سان معيشت ترقي ڏانهن هلي پئي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم قرار ڏئي رهيا آهن.

 

ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين وارو اسڪينڊل: گهرو وزير ايف آءِ اي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري اسڪينڊل جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان ايف آءِ اي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.چوڌري نثار خان جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين بابت اسڪينڊل واري معاملي تي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي اختيارين پاران آءِ ٽي ڪمپني بابت جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ايف آءِ اي اختيارين پاران ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري معاملي تي هڪ رپورٽ وفاقي گهرو وزير کي اماڻي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 59 ڪمپيوٽر قبضي ۾ ورتا ويا آهن، جن جي ڊيٽا جي جاچ ڪئي پئي وڃي، 6 ڄڻن جا بيان به رڪارڊ ڪيا پيا وڃن.

 

پ پ ۾ آهيان ۽ رهندس، ڪو به زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي: ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ذوالفقار مرزا هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته سنڌ حڪومت کيس قتل ڪرڻ ٿي چاهي، هن جو چوڻ هو ته نئون گهرو وزير منهنجي گرفتاري لاءِ آندو ويو آهي، مون کي ڪيميڪل انجيڪشن لڳائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، مون قاتل کي قاتل، مظلوم کي مظلوم چيو، عدالت جي ڪري اڄ جئرو آهيان، پر ڪوڙي ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي. اڳوڻو سنڌ جو گهرو زوير ذوالفقار مرزا گهر تي ڇاپي کانپوءِ سامهون آيو، پوليس کي ته نه مليو پر پنهنجي گهر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته مون کي ڪوبه زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي، پ پ ۾ آهيان ۽ رهندس، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري  واپس آيو ته کيس ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيندس. منهنجي زندهه رهڻ جو ڪريڊٽ عدليا ڏانهن وڃي ٿو، ڪو به مون کي زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي. ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪڏهن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس ڏکڻ ۾ جرئت آهي ته اهي وارنٽ ڏيکاري مون کي گرفتار ڪري ڏيکارين. اڳوڻي صوبائي وزير چيو هو گهرواري جي علاج لاءِ 30 مئي کانپوءِ  پرڏيهه ويندس   واپس اچي وڏي پئماني تي تحريڪ هلائيندس.   ذ والفقار مرزا چيو ته نئين گهرو وزير کي هڪ موقعو ڏيڻ چاهيان ٿو، الله نئين گهرو وزير   کي انصاف ڪرڻ جي توفيق ڏئي. مون وٽ سمورا هٿيار لائسنس وارا آهن ۽ پر امن شهري وانگر رهڻ چاهيان ٿو. عدالت جي  ڪري اڄ مان جئرو آهيان،مون کي هر ڪوڙي ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي، مان سپريم ڪورٽ جي جج جو پٽ آهيان، مون قاتل کي قاتل، مظلوم کي مظلو چيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته مون ولي بابر جا قاتل پڪڙيا، اڄ اهڙي ماڻهو کي گهرو وزير بڻايو ويو آهي،  جيڪو نه جئرن ۾ آهي نه مئلن ۾ آهي. ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته منهنجي گهر ٻاهران پوليس موبائيل آڻي تماشو ڪيو ويو، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي منهنجي گهر اچن، انهن جي خدمت ۽ ڀليڪار ڪندس .

 

ڪراچيءَ ۾ فائرنگ جا واقعا، پيءُ ۽ پٽن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا جڏهن ته هڪ ڄڻو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن باوجود لاش ملڻ ۽ فائرنگ جي واقعن جو سلسلو جاري آهي. گلشن اقبال جي ڪنيز فاطمه قبرستان ۽ نيو ڪراچي ٿاڻي جي حد مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا. هٿ آيل لاشن جي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ پوليس اسپتالن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سهراب ڳوٺ جي انڊسپلازه ويجهو گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واپاري مختيار احمد زخمن جا سور نه سهندي عباسي شهيد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي جي واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا به شامل آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي. فائرنگ جو پهريو ن واقعو ملير 15 جي علائقي ۾ پيش آيو جتي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ سنس 2 پٽ شامل آهن جڏهن ته اهلسنت جي ترجمان موجب ٽنهي جو تعلق سندن پارٽي سان آهي. لياقت آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جو لاش ڀرپاسي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.