تازيون خبرون

Daily Archives: May 22, 2015

الطاف حسين جو را سان تعلق پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي: عمران خان جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڀارت جي دوري وقت متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين ۽ را وچ ۾ تعلق پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي هڪ انٽرويو ۾ عمران خان ٻڌايو ته 2003 ۾ هن نئين دهلي ۾ ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز پاران هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي الطاف حسين کي به گهرايو ويو هو عمران خان ٻڌايو ته تقريب جي وقت اتان جي هڪ صحافي کيس ٻڌايو ته الطاف حسين کي را جي چوڻ تي گهرايو ويو آهي۽ ان موقعي تي دهلي جي روڊن تي الطاف حسين جون تصويرون به لڳايون ويون هيون ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي حُالي سان ڳالهائندي عمران خان چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو حل رينجرز نه پر پوليس آهي ۽ جيستائين پوليس کي سياست کان پاڪ نه ڪيو ويندو ان وقت تائين حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن هن خيبرپختونخواهه صوبي جي پوليس جو مثال ڏيندي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته هو پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪري ۽ سفارش جو سسٽم ختم ڪري عمران خان چيو ته پوليس هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو امن قائم ڪري سگهي ٿو ڇو ته هر ٿاڻي کي خبر هوندي آهي ته ان جي علائقي ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿي رهيون آهن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي پوليس کي سڀني گڏجي تباهه ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جڊيشل ڪميشن جي مدي ۾ واڌ کي سٺو سوڻ ڪوٺيندي چيو ته ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني تائين انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

پاڪستاني ڊرامن جي بهترين اداڪارا ماورا بولي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪندي

لاهور(شوبز نيوز): پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين بولي ووڊ جي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ممبئي وئي آهي. تازو ئي هڪ صبح جي پروگرام ۾ ماورا اها ڳالهه ڪئي هئي ته بولي ووڊ  جوناليوارو اداڪار رنبير ڪپور هن جو وڻندڙ اداڪار آهي ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام  گهڻي خوشي محسوس ٿيندي.ڪجهه ڏينهن اڳ رنبير ڪپور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ وڊيو ونڊي هئي، جنهن ۾ هن ماورا جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي هئي.

 

ورون ڌهون ۽ جيڪولن فرنينڊس هاف گرل فلم ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز) ڪرتي سينين جي نئين فلم هاف گرل فرينڊ ۾ ورون لاءِ جيڪولن فرنينڊس جو نالو کنيو پيو وڃي. موهت سوري ٺاهڻ وڃي ٿو فلم هاف گرل، جنهن لاءِ چونڊيو ويو آهي اسٽوڊنٽ آف ايئر جوڙي ورون ڌهون ۽ عاليه بٽ  پوءِ وري ڪرتي سينين جو نالو ۽ هاڻي وري هيرو پنتي هيروئين کي به فلم مان ڪيو وڃي پيو آئوٽ ۽ ورون ڌهون ۽ جيڪولين فرنينڊس  جي جوڙي ٺاهي پئي وڃي. فلم ۾ ورون بهاري بابو، جڏهن ته جيڪولن فرنينڊس ار پتي  پيءُ جي ڌيءَ  ٺهي موج مستي ڪندي نظر ايندي.

 

فلم “ميڊ ميڪس فيوري روڊ” جوٻن ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ۾ نماءُ ڪيو ويندو

هالي ووڊ(شوبز نيوز): آمريڪن باڪس آفيس تي ڪاميابي جا جهنڊا کوڙڻ کانپوءِ هالي ووڊ فلم“ ميڊ ميڪس فيوري روڊ” ٻن ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ۾ نماءُ لاءِ لڳي سينيما گهرن ۾ لڳي رهي آهي.موت جي ڊپ،تجسس، ويڙهه، سان ڀريل هي فلم پوري دنيا۾ نالو ۽ شهرت ڪمائي چڪي آهي. ميڊ ميڪس فيوري روڊ سيريز جي هي چوٿين فلم پنهنجي رليز کان وٺي هن وقت تائين 4ڪروڙ44لک ڊالر جو بزنس ڪري چڪي آهي.

 

بگ بچن سنگاپور ۾ 7 ڪروڙ 10 ڊالر سيڙپڪاري لاءِ هڻي ڇڏيا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بچن خاندان پهريون ڀيرو سمنڊ پار وڏي سرمايه ڪري ڇڏي. سنگاپور جي ڪمپني ۾ ست ڪروڙ 10 لک ڊالر هڻي ڇڏيا. بئنڪ آف انڊيا ۽ ناڻي واري وزيرن ۾ هلچل مچي وئي، ان جي پٽ اڀيشڪ بچن سنگاپور جي ڪمپني ۾ اقليتي اسٽيڪ جي بنياد تي سرمايه ڪاري ڪئي آهي. جنهن تي ناڻي واري وزير ۽ بئنڪ آف انڊيا هلچل مچي وئي آهي. ريزرو بئنڪ آف انڊيا جي ايل آر ايس اسڪيم تحت ڪوبه ڀارتي  ٻئي ملڪ اڍائي لک ڊالر کان وڌيڪ رقم سيڙپڪاري لاءِ نه ٿو کڻي وڃي سگهي. هوڏانهن ڪمپني جو مالڪ ايتري وڏي سيڙپڪاري تي وڏو خوش آهي.

 

زمبابوين حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستاني دوري تي بورڊ کان ناراض ٿي وئي

هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوين حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستاني دوري تي بورڊ تي ناراض ٿي وئي آهي ۽ ٽيم جي واپسيءَ تي کانئنس وضاحت جو اشارو ڏنو آهي. خابرو اداري موجب اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن چيو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سڪيورٽي کٽڪن کي نظر انداز ڪندي مرضيءَ خلاف فيصلو ڪيو. زمبابوي جي پرڏيهي وزير ڪراچيءَ ۾ بس حملي کان پوءِ ڪرڪيٽ ٽيم کي سڪيورٽي کٽڪن سبب پاڪستان جي سفر کان پرهيز جي صلاح ڏني هئي، جڏهن ته اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن به ان دوري تي اختلاف ڪيو هو، پر بورڊ پي سي بيءَ سان واعدو پاڙيندي حڪومتي ناراضگيءَ جي پرواهه نه ڪئي. اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن پڌرائيءَ ۾ چيو ته تمام ڳڻتي سان اها خبر ٻڌي آهي ته اسان طرفان سڪيورٽي سببن جي ڪري ٽوئر کي ڪليئر نه ڪرڻ باوجود ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان هلي وئي. غلطي نظر انداز نه ٿي ڪري سگھجي، پر دعا ۽ اميد آهي ته اسان جا سڪيورٽي کٽڪا سچ ثابت نه ٿين.

 

اسٽار فٽبالر ليونل ميسيءَ جو سهڻو ميڻي پُتلو مادام تسائو ميوزم جي زينت بڻايو ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) بارسلونا ڪلب جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسيءَ جو سهڻو ميڻي پُتلو مادام تسائو ميوزم جي زينت بڻايو ويو، ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ ليونسل ميسي جيڪو پنهنجي ڪلب جي فتحن ۾ سدائين اهم ڪردار نڀايو آهي، سڄي دنيا ۾ لکن جي انگ ۾ سندس مداح هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ سڪندا آهن. اهڙن ئي مداحن جي ڏکيائين ۾ گھٽتائي ڪندي مادام تسائو ميوزم فٽبالر جو ميڻي پتلو لڳائي ڇڏيو آهي، جئين چاهيندڙ من پسند رانديگر  کي راند جي ميدان سميت ميوزم ۾ به ڏسي سگھن. بار سلونا جي فٽبالر هلندڙ سيزن ۾ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ يوروپا ليگ ۾ هيل تائين 10 گول ڪري چڪو آهي

 

نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد لانئون لهي ورتيون

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ جي نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد لانئون لهي ورتيون، شاديءَ جي تقريب ڌام ڌوم سان ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. ڪرڪيٽ ڪِٽ بدران شيرواني، مٿي تي هيلميٽ جي جڳهه تي ڳاڙهو پٽڪو، اهو آهي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان سرفراز احمد. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جا پويلين کان ڪريز تي اچڻ وارا منظر ته نوان ناهن پر اڱاري ڏينهن هن زندگيءَ جي نئين اننگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سرفراز احمد جي شادي مقامي هال ۾ خوشبخت اختر سان ٿي. جنهن ۾ سرفراز احمد جي ويجھن دوستن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي. هاڻي شاديءَ کان پوءِ ٿيندڙ دعوتن سان گڏوگڏ سرفراز احمد ڪرڪيٽ مصروفيتون به نڀائي رهيو آهي ۽ لاهور ۾ زمبابوي خلاف ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچن جي لاءِ به حاضر هوندو، جنهن کان پوءِ 25 مئي تي وليمي جي تقريب ڪراچيءَ ۾ رٿي وئي آهي

 

پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي، سڀ زخمي ڀرجي ويا:احسن رضا

لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ٽيم تي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪستاني امپائر احسن رضا به زمبابوي ٽيم جي آمد تي تمام گھڻو خوش نظر آيو، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي، سڀ زخمي ڀرجي ويا. قذافي اسٽيڊيم ۾ ئي ڪرڪيٽ دشمنن جو نشانو بڻجندڙ احسن رضا چيو ته حملي کان پوءِ مان مايوس نه ٿيو هوس ۽ مون کي اڄوڪي ڏينهن جو انتظار هو. امپائر جو چوڻ هو ته زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئي آهي، اها منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشخبري آهي، ان کان پوءِ منهنجي زندگيءَ جون سموريون ڪَڙيون يادگيريون به ختم ۽ سمورا زخم ڀرجي ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڪاري رات هاڻي روشينين ۾ بدلجي رهي آهي، جنهن کان پوءِ ڪرڪيٽ جي دشمنن جو نشانو بڻجندڙ احسن رضا سميت سڀ تمام گھڻا خوش آهن.

 

سنڌ اسيمبليءَ 3 بل ۽ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

 

سنڌ اسيمبليءَ  3 بل ۽ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ورتا. جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ سروس ٽربيونل ۽ بيرٽ هوجسن انٽرنيشنل يونيورسٽي وارا بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا، سنڌ سروس ٽربيونلز ترميمي بل 2015ع ۾ چيئرمين کي با اختيار بڻايو ويو آهي ته هو ٽربيونل جي بجيٽ ۾ هڪ مد ۾ رکيل رقم کي ٻئي مد ۾ خرچ ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ کيس سنڌ حڪومت کان منظوري وٺڻ جي ضرورت نه هوندي، چيئرمين کي اهو به اختيار ڏنو ويو آهي ته هو نيون آساميون پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ پراڻن کي ختم ڪري سگهي ٿو، شرط اهو آهي ته اهي سڀ خرچ ٽربيونل لاءِ رکيل رقم جي اندر هوندو. ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 26 مارچ 2013ع ۾ پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو هو ته سنڌ سروس ٽربيونل ايڪٽ 1973ع جي سيڪشن ۾ ترميم ڪئي وڃي ان ترميم جو مقصد آهي ته سنڌ سروس ٽربيونل خود مختيار ۽ موثر ڪم ڪري سگهي جڏهن ته جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ترميمي بل تحت جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ کي يونيورسٽي جو حصو بڻايو ويو آهي، ڊاڪٽر سڪندر منڌري بل جا مول ۽ متا ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو شرط آهي ته ڪنهن به ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ ٽيچنگ اسپتال هجڻ ضروري آهي، ان ڪري هي قانون منظور ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 18 آئيني ترميم کانپوءِ صحت جا معاملا صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن، جناح هاسپيٽل، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، دل جي مرض وارو قومي ادارو، ٻارن واري اسپتال، سميت صحت شعبي جا وفاقي ادارن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي منتقل ٿي ويو آهي،يونيورسٽي  ۽ سمورا ادارا سرڪاري ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت اهو ضروري سمجهي ٿي ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي هڪ ٽيچنگ اسپتال  هجڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر،نيشنل انسيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ کي جناح ميڊيڪل يونيورسٽي سان ڳنڍيو ويو آهي،ان يونيورسٽي جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد اتي ٽريننگ ۽ هائوس جاب ڪري سگهندا، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد بل جي منظوري کي درست قدم قرار ڏيندي چيوته ڪابه يونيورسٽي بغير اسپتال جي مڪمل نٿي ٿي سگهي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته اسپتالن جي حالت تمام خراب آهي، انهن کي بهتر ڪيو وڃي، بل جي حمايت ڪيون ٿا، فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ ٻارن واري اسپتال جي ملازمن طرفان يونيورسٽي سان ڳنڍجڻ تي اعتراض ظاهر ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحتي ۾ اچڻ کانپوءِ ائين تباهه ٿي ويندا، جيئن ٻيا تباهه ٿي ويا آهن،ملازمن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، هوڏانهن بيرٽ هوج سن انٽرنيشنل يونيورسٽي بل جي منظوري ڏني وئي، اها يونيورسٽي خانگي شعبي سان تعلق رکي ٿي، سليم حبيب ايجوڪيشن فائونڊيشن ان يونيورسٽي کي هلائيندي، سنڌ جي سينئر وزير تعليم نثار احمد کهڙي چيو آهي ته اڳ ۾ تعليمي بورڊن تي لزام لڳندو هو ته اهي جعلي ڊگريون ڏيندا آهن هاڻ ته سول سوسائيٽي جا ماڻهو به اهو ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙي خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران بيرٽ هوج سن انٽر نيشنل يونيوسٽي جي بل تي ڳالهائيندي ڪيو، جنهن تي لياقت جتوئي چيوته يونيوسٽيون ٺاهڻ سٺو قدم آهي، پر تعليم جو معيار بهتر ڪيو وڃي ۽ جعلي ڊگرين جو نوٽيس ورتو وڃي، جنهن تي سينئر وزير نثار کهڙي چيو ته جيسيتائين ايگزيڪيٽ جو تعلق آهي اها ڪا يونيورسٽي ناهي اهو هڪ ڪاروباري ادارو آهي، جنهن هڪ عمارت ۾ آءِ ٽي ڪمپني جو بورڊ لڳايو آهي ان تي هڪ اخبار اهم انڪشاف ڪيو آهي، سٺي ڳالهه آها آهي ته ان جعلسازي جي بروقت ڄاڻ ملي وئي، ميٽرڪ ۽ انٽربورڊن تي الزام لڳندا هئا ته اهي جعلي ڊگريون ڏئي رهيا آهن، هاڻ تي سول سوسائيٽي به ان ڪم ۾ لڳي وئي آهي معاملي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي.