تازيون خبرون

Daily Archives: May 21, 2015

ڪراچي پوليس هٿان گرفتار صفورا سانحي جي جوابدارن سبين محمود سميت سمورن قتلن جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس صفوران سانحي جي مک جوابدار طاهر سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فون ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي ادارن جي تعريف ڪئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس مک جوابدار طاهر کي پنجاب جي شهر بهاولپور ۽ ٻين کي ماڙيپور واري علائقي مان گرفتار ڪيو. پوليس موجب، گرفتار جوابدار پڙهيل لکيل آهن جيڪي اردو ڳالهائيندڙ آهن. پوليس ذريعن موجب صفوران سانحي جي مک جوابدار طاهر جو شاهد نالي ڀاءُ ڪجهه ڏينهن اڳ ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار تي مبينا حملي کان پوءِ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو هو جنهن جي پلاند ۾ جوابدارن اسماعيلي ڪميونٽي کي نشانو بڻايو. پوليس ذريعن موجب، رائو انوار تي حملي کان پوءِ مبينا مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي جهنگ ۽ شور ڪوٽ جا ڪمانڊر به مارجي ويا هئا. پوليس موجب، واردات ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته امڪان آهي ته اڄ آءِ جي سنڌ پريس ڪانفرنس ڪري جوابدارن جي باضابطه گرفتاري ظاهر ڪري. هوڏانهن پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيد قائم علي شاهه سان فون تي ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي تعريف ڪئي. آصف علي زرداري صفوران سانحي ۾ ملوث چئن جوابدارن جي گرفتاري تي سڪيورٽي ادارن کي ساراهيو. آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکي وڃي.

 

گجرانوالا ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

گجرانوالا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گجرانوالا ۾ پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ سان 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي گروپ جا وارث اسپتال ۾ پوليس جي سامهون هڪ ٻئي سان هٿا پائي ڪئي. پوليس موجب هڪ گروپ جي 4 ماڻهن کي عدالت ۾ پيشي لاءِ گجرانوالا عدالت آندو پئي ويو ته رستي ۾ انهن جا مخالف ملي ويا، جن وچ ۾ اتي ئي سخت منهن ماري ٿي، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي. جن مان 2 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته  زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي هڪ ٻيو زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. 2 زخمين جي حالت نازڪ هئڻ سبب لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.

 

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ ڏنل عبوري ضمانت تي ڀارت جا مختلف حلقا ناخوش

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ ڏنل عبوري ضمانت تي ڀارت جا مختلف حلقا ناخوش آهن، ان فيصلي تي اداڪار سان گڏوگڏ ڀارتي سسٽم تي به ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ڀارتي ليکڪا ”شري موئي پيوڪندو“ به تنقيد ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي ۽ هن سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائينٽن وسيلي سلمان خان جي نالي هڪ کليو خط لکيو آهي، جنهن ۾ ليکڪا اداڪار کي شرابي، عورتن تي تشدد ڪندڙ، قانون ٽوڙيندڙ ۽ هڪ اهڙو امير ماڻهوءَ جي عياش پٽ قرار ڏنو آهي، جنهن پاڻ پنهنجي گھرواريءَ کي به ڌوڪو ڏنو ۽ هاڻي پنهنجي هڪ ”ويهاريل“ سان رهي رهيو آهي. هن سلمان خان کي انسانيت جي نالي تي خدمتون ڪرڻ واري ڪم تي به تنقيد ڪئي ۽ هنج ورتل ڀيڻ جي مامري کي به سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي اٿاريو آهي.

 

منهنجي ذهن ۾ شاديءَ بابت ڪو به خيال ناهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته سماجي دٻاءَ ۾ اچي شادي نه ڪرڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾ شاديءَ بابت پڇيل سوال تي اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو ته منهنجي ذهن ۾ شاديءَ بابت ڪو به خيال ناهي، اڃا ته مان پنهنجي ڪيريئر ڏانهن ڌيان ڏئي رهي آهيان. ڪنگنا رناوت چيو ته شادي ڪرڻ هڪ ذاتي فيصلو هوندو آهي ۽ ڪنهن کي رڳو سماجي دٻاءَ ۾ اچي شادي نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شادي هڪ ضروري قدم ناهي، جيڪڏهن دل مڃي ته ٺيڪ آهي، نه ته ان جي ڪا ضرورت ناهي.

 

مان ايتري محبت جو حقدار ناهيان جيڪامون کي عوام طرفان ملي آهي :سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي ڪيس کان پوءِ پهريون ڀيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڇيندي چيو ته مان ايتري محبت جو حقدار ناهيان جيڪا ان ڪيس کان پوءِ مون کي عوام طرفان ملي آهي. سلمان هڪ ڏينهن پهرين ڪشمير جي حسن کي ساراهيو هو، ان جي ٻئي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪترينا کي ڪشمير جي حوالي سان ياد ڪندي نظر آيو. ٻنهي جي دوستي ڪجهه سال هلي پر پوءِ اها ٽُٽي پئي، پر فلمي دنيا جي حلقن جو چوڻ آهي ته سلمان اڃا به ڪترينا کي وساري ناهي سگهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ”ماشاءَ الله،  ماشاءَ الله سان ياد آيو آهي ته ڪترينا ڪيف جو تعلق به ڪشمير سان آهي.“ سندس ٽوئيٽ ۾ پهريان ٻه لفظ ان گيت جا آهن، جيڪي ڪترينا ۽ سلمان تي هڪ فلم ۾ فلمايا ويا هئا. ذريعن موجب سلمان جي ڀيڻ جي شاديءَ جي موقعي تي به سلمان ڪترينا کي چيو ته هن وٽ مسز خان بڻجڻ جو اڃا به موقعو آهي، جنهن تي ڪترينا چُپ ٿي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته هِن وقت دنيا جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، منهنجو مسئلو ان جي اڳيان ڪجھه به ناهي. مون کي خبر ناهي ته مان ايتري محبت جو قابل هئس يا نه، پر مان ان کي قبول ٿو ڪيان. مان انهن ماڻهن جو قرضي آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو.

 

 

 

شاهد ڪپور جي شادي جون رسمون ڳجهي نموني شروع ٿي ويون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وود هيرو شاهد ڪپور جيتوڻيڪ ميڊيا کي اهو ئي ٻڌائي رهيو آهي ته سندس شادي هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين ٿي ويندي، پر حالتون اهو ٻڌائي رهيون آهن ته اها شادي هلندڙ افواهن موجب ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. ان سلسلي ۾ ميرا راجپوت جي ويجھن ذريعن کان معلوم ٿيو ته شاهد ڪپور جي مڱينديءَ جو گذريل ڏينهن برائيڊل شاور رٿيو ويو هو، جنهن ۾ ميرا جي سهلين حصو ورتو. عام روايتن جي ابتڙ ان موقعي تي ميرا ٽاپ ليس پيچ ڪلر جو گائون پاتو هو. ان تقريب جون چند تصويرون اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي ڦري رهيون آهن جيڪي ميرا جي سهلين طرفان شيئر ڪيون ويون هيون. اها خبر نه پئجي سگي ته ان برائيڊل شاور ۾ پاڻ شاهد ڪپور شامل هو يا نه. ٻنهي جي مڱڻي هلندڙ سال جنوريءَ ۾ ٿي هئي. شاهد ۽ ميرا ٻنهي ئي ان مڱڻيءَ جي به ترديد ڪئي هئي پر مختلف ذريعن ان جي تصديق ڪئي هئي. ان باوجود خبرون آهن ته جوڙي جي شادي جون ۾ ٿيندي پر شاهد لاڳيتو انڪاري آهي ۽ چئي رهيو آهي شادي ڊسمبر ۾ ٿيندي

 

نئين زندگي ملي آهي، مان انهي موقعي جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندس: محمد عامر

سڊني (اسپورٽس نيوز) محمد عامر اعتراف ڪيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي وجه سان 5 سال پابندي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ کي مون  تقريبن خير باد چئي ڇڏيو هو،  هاڻي وري جڏهن هن کي هڪ موقعو مليو ته  هو  وري ميدانن ۾ پنهنجو ڀروسو ٻيهر پختو ڪرڻ ۾ مصروف آهي.  سلمان بٽ فاسٽ بالر محمد آصف سان گڏ 2010ع ۾ لارڊز ٽيسٽ ۾ پيسن عيوض ڄاڻي واڻي نو بال ڪرائي هئي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جنوري ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)  جي درخواست تي انهي کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني هئي. حالانڪه  انهي جي پابندي سيپٽمبر ۾ ختم ٿيڻي هئي. عامر آسٽريليا جي ويب سائيٽ تي ٻڌايو ته مان تسليم ڪيان ٿو ته مون کي نئين زندگي ملي آهي، مان انهي موقعي جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جي خدمت ڪندس.

 

سخي تاج محمد جو ساليانو عرس، ملڪهه پهلوانن جو شاندار مقابلو

جهڏو (ن ع آ) جهڏي ڀرسان سخي تاج محمد جو ساليانو عرس پڄاڻيءَ تي پهتو. ميلي جي آخري شام تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۾ ملهه پهلوانن هڪ ٻئي کي جانٺا ملهون ماري خوب داد حاصل ڪيو. جنهن ۾ جان محمد بگٽي، نور الاهي کي دسي ميدان ماري ورتو، ٻين ملهه مقابلن ۾ غلام فريد شاهاڻيءَ محمد خاصخيلي کي ڦيرائي ڦيرائي دسيو جڏهن ته لالو لاشاريءَ علي احمد لنڊ کي ملهه ماري

 

آءِ پي ايل:ممبئي انڊينز ۽ چناءِ سپر ڪنگز ۾ شاندار مقابلو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ جي پهرئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ڪالهه ممبئي انڊينز ۽ چناءِ سپر ڪنگز وچ ٿيل ميچ ۾ ممبئي انڊينز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽  مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون. جنهن دوران سائمنز 65 ۽ پولارڊ 41 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ٻين بيٽسمينن ۾ اي پٽيل 35، روهت شرما 19، پانڊي 1، راڌو 10، هربجن سنگھه 6 ۽ سوچيت سنگھه 1 رنسون ٺاهيون. چناءِ سپر ڪنگز پاران ڊي جي براوو سڀ کان ڪامياب بالر رهيو جنهن 40 رنسن عيوض 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٻين بالرن ۾ اشيش نهرا، جديجا ۽ شرما هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. چناءِ سپر ڪنگز جي شروعات سٺي نه رهي ۽ پهرين بال تي سمٿ ملنگا جو شڪار بڻيو ۽ ان ان کان پوءِ هسي به 16 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ٻنهي اوپنرن کان پوءِ ايندڙ فاف ڊو پليسي  ۽ سريش رائينا چناءِ سپر ڪنگز جي بيٽنگ لائين سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي مقابلو جاري رکيو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو جاري هو.

 

شاهد آفريديءَ ڀارتي فاسٽ بالر اشانت شرما کي سڀ کان ڏکيو ترين بالر قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ ڀارتي فاسٽ بالر اشانت شرما کي سڀ کان ڏکيو ترين بالر قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ اشانت شرما سڀ کان ڏکيو ترين بالر آهي، ڇو ته ان جي بال تي سولائيءَ سان شاٽ نه ٿي هڻي سگھجي. شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽيءَ جو سڀ کان بهترين رانديگر ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊي وليئرز کي قرار ڏنو. شاهد آفريديءَ موجب اي بي ڊي وليئرز هر طرز جي ڪرڪيٽ کيڏي سگھي ٿو ۽ هر طرح جون شاٽون کيڏي ويندو آهي.