تازيون خبرون

Daily Archives: May 16, 2015

ذوالفقار مرزا جا 6 ساٿي 22 مئي تائين جسماني ريمانڊ تي ڪرائيم برانچ حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي  ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي 6 ساٿين کي 22 مئي تائين جسماني ريمانڊ تي ڪرائيم برانچ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بدين ۾ ٿاڻي تي حملي ۽ زبردستي دڪان بند ڪرائڻ واري ڪيس ۾ محمد خان، عبدالستار، محمد هاشم، اسماعيل، خدا بخش ۽ نواز جتوئي کي ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو.دهشتگرد ٽوڙ  6 ئي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 22 مئي تائين ڪرائيم برانچ حوالي ڪري ڇڏيو.

 

ڪترينا ڪيف ۽ هريتڪ روشن ٻن نين فلمن ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز): ڪترينا ڪيف ۽ هريتڪ روشن جي جوڙي 2 نئين فلمن ۾ نظر ايندي، فلمن جي ڪهاڻي ايڪشن ۽ رومانس سان ڀرپور هوندي. گذريل سال بينگ بينگ ۾ هيرو ۽ باربي ڊول  ايڪشن ڏيکاريو ، اتي رقص جو جادو به خوب هلايو. هدايتڪار سدهارت آنند انهي ٻنهي فلمن جو پلان تيار ڪري رهيو آهي. انهن ٻنهي فلمن ۾ ڪو ٻيو نه هريتڪ روشن ۽ ڪترينا ڪيف ئي هوندا. عڪسبندي انهي سال ڀارت ۾ ئي ٿيندي، ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ عسڪبندي نه ڪئي ويندي.

 

رنوير سنگھه کي جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم طرفان ڇتي تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو آهي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا رنوير سنگھه کي جانورن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم طرفان ڇتي تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو آهي. آءِ بي اين لائيو جي رپورٽ موجب تازو ئي رنوير سنگھه روپا فرنٽ لائين جي هڪ اشتهار  ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن ۾ هو هڪ ڇوڪريءَ کي بچائڻ ۽ متاثر ڪرڻ جي لاءِ سمنڊ ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ کيس شارڪ کي مار ڪڍندي ڏيکاريو ويو آهي. ان اشتهار تي جانورن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم ”پيپل آف دي ايٿيڪل ٽريٽمينٽ آف اينيملز“ (پيٽا) طرفان اعتراض ڪيو ويو ۽ هنن ان بابت رنوير سنگھه ۽ ڄاڻايل گنجين جي برانڊ سامهون اهو مامرو لکت ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ”پيٽا“ ڀارت جي سي اي او پورا جوشي پورا پنهنجي بيان ۾ چيو ته روپا فرنٽ لائين (گنجيون ٺاهيندڙ ڪمپني) ۽ رنوير سنگھه کي تشدد جو شڪار ٿيندڙ شارڪ ۽ نوجوان نسل جي ڳڻتيءَ کان لکت ذريعي آگاهه ڪندي. تنظيم هڪ اشتهار ۾ ڪنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ جانور کي استعمال ڪرڻ جي به مذمت ڪئي، جنهن جو چوڻ هو ته هڪ ڇوڪريءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ جانور کي مارڻ ڪٽڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي. ٻئي طرف ڄاڻايل برانڊ پاران وضاحت ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 

سوناڪشي سنڪا پنهنجو معاوضو 5 مان وڌائي 8 ڪروڙ ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ لاڳيتو ڪيتريون ئي هِٽ فلمون ڏيندڙ اداڪارا سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان ڏينهون ڏينهن هِٽ ٿي رهي آهيان، ته ڇو نه پنهنجو معاوضو وڌايان. هڪ کان پوءِ هڪ هِٽ فلم ڏيندڙ سوناڪشي سنڪا پنهنجو معاوضو 5 مان وڌائي 8 ڪروڙ ڪري ڇڏيو آهي. دبنگ گرل چند مهينا اڳ اڪشي جي نئين فلم جي ريميڪ جي لاءِ پنهنجو معاوضو پنج ڪروڙ رپيا ڪيو هو، پر هاڻي هن پيسا وڌائي ڇڏيا آهن. سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته منهنجون فلمون هِٽ ٿي رهيون آهن ته پنهنجو پاڻ کي ڪيش ڇو نه ڪرايو وڃي. ڳالهه صرف منهنجي ڪارڪردگيءَ جي نه پر منهنجي لَڪي هجڻ جي به آهي

 

دنيا جو سڀ کان وڏو فلمي ميلو اڄ کان فرانس ۾ شروع ٿيندو

پيرس(شوبز نيوز) 68 هين ڪانز فلم فيسٽيول 14 کان 24 مئي تائين فرانس جي شهر ڪانز ۾ پنهنجا رنگ وکيريندو، فيسٽيول جي شروعات 30 جي ڏهاڪي ۾ ٿيو جڏهن ته 1947ع ۾ ٿيندڙ فيسٽيول ۾ پهريون ڀيرو پوري دنيا کان سورهن فلمن کي نمائش جي لاءِ پيش ڪيون ويون، ان ڀيري روايت جي خلاف فيسٽيول جي فيصلي جا 2 سربراهه مقرر ڪيا ويا آهن، فيسٽيول ۾ 19 فلمن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو، فيسٽيول جي شروعات هالي ووڊ فلم اسٽينڊنگ ٽال کان ٿيندي، جڏهن ته آئس اينڊ دي اسڪاءِ آخري فلم هوندي.

 

هائير ڪپ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪراچي ڊولفنز ملتان ٽائيگرز کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

فيصل آباد (اسپورٽس نيوز) هائير ڪپ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪراچي ڊولفنز ملتان ٽائيگرز کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. سپر ايٽ ٽي-20 ڪپ 2015 ۾ گروپ بي جي ٽيمن ملتان ٽائيگرز ۽ ڪراچي ڊولفنز وچ ۾ کيڏيو ويو، ڪراچي ڊولفنز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ملتان ٽائيگرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ ڪپتان گلريز صدف 40 ۽ عامر يامين 47 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. جڏهن ته احمد رشيد 13، اَمر علي 2، نويد ياسين 5، محمد علي 5، ياسر بٽ 13، آفتاب نيازي 0 رنسون ٺاهيون ۽ ذوافقار بابر 14 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪراچي ڊولفنز طرفان بالنگ ڪندي محمد سميع، فواد خان، عبدالامير، فراز احمد 2، 2 ۽ انور علي 1 وڪيٽ وڪيٽ ورتي. ڪراچي ڊولفنز جي طرفان بيٽنگ ڪندي ڪپتان سرفراز احمد 50 سان ۽ محمد وقاص 24 رنسن تي ناٽ آئو ۽ اسد  شفيق 46 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. جڏهن ته رميز راجا 11 ۽ شاهزيب حسن 5 رنسون ٺاهيون. ملتان ٽائيگرز جي بالرن عامر يامين 2 ۽ ساديف محدي هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا. جڏهن ته پليئر آف دي ميچ ڪراچي ڊولفنز جي ڪپتان سرفراز احمد کي قرار ڏنو ويو.

 

زمبابوي ٽيم شيڊول مطابق پاڪستان جو دورو ڪندي: زمبابوي اخبار

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوششون  رنگ لاتيون، زمبابوي ٽيم شيڊول مطابق پاڪستان جو دورو ڪندي، زمبابوي اخبار مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي جي ٽيم جو دوره پاڪستان سخت سيڪيورٽي جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ ٽيم شيڊول مطابق پاڪستان جو دورو ڪندي.

 

سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊرر يورو گوئي جي پيبلو ڪيوواس کي هارائي ڇڏيو

روم (اسپورٽس نيوز) سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊرر يورو گوئي جي پيبلو ڪيوواس کي هارائي روم ماسٽرز ٽينس جي ٽئين رائونڊ ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. روم ۾ هلندڙ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ راجر فيڊرر مخالف پيبلو  خلاف اسٽريٽ سيٽن ۾ فتح ماڻي، فيڊرر ميچ 7-6 ۽ 6-4 سيٽن تان کٽي ٽئين مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. ٻئي طرف اسپين جي رافيل نڊال ۽ برطانيا جي اينڊي مري ۽ جاپان جي نشي ڪوري به روم ماسٽرز جي ٽئين رائونڊ ۾ جڳهه ٺاهي ورتي هئي

 

ٻين ڪيترن ئي مامرن باوجود خاص راند جي ڏس ۾ ان کي خوشيءَ جوڳو عمل قرار ڏبو :راهول ڊريوڊ

ممبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان- انڊيا ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ جو حامي اڳوڻي ڪپتان راهول ڊريوڊ چيو ته ٻين ڪيترن ئي مامرن باوجود خاص راند جي ڏس ۾ ان کي خوشيءَ جوڳو عمل قرار ڏبو. آءِ پي ايل فرنچائيز راجسٿان رائلز جي هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڊريوڊ چيو ته هو ڪرڪيٽ جي نقطه نظر سان هن پاڪ-ڀارت سيريز کي سدائين ساراهيو آهي، پر هيءَ سيريز ڪرڪيٽ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهميت واري آهي. سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بهتر آهي ته ٻئي بورڊ ئي ان جو فيصلو ڪن. تازو ئي ڀارت جو دورو ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شهريار خان بي سي سي آءِ صدر جڳموهن ڊالميا سان ڪلڪتي ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هلندڙ سال جي ڊسمبر ۾ يو اي اِي ۾ 3 ٽيسٽون، 5 ون ڊي  ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل مڪمل سيريز جي صلاح پيش ڪئي هئي

 

دهشتگردن خلاف سياسي، لساني ۽ فرقي جي فرق بنا آپريشن ڪرڻ فيصلو

 

آرمي چيف جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي کي فعال ۽ فيصلن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس سڏائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، فيصلن تي به عمل جي خاطري، ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن جي داخلي رستن تي رينجرز ۽ پوليس سان گڏ ايف سي اهلڪار به مقرر ڪرڻ، بندش پيل تنظيمن، ڏوهارين ۽ ملڪ دشمنن سان رابطي ۾ رهندڙن خلاف سخت ڪارروائي ۽ پوليس سميت مختلف ادارن ۾ آفيسرن جي مقرري ايپڪس ڪميٽي ذريعي ڪرڻ جا فيصلا، اربع واري ڏينهن اسماعيلي برادري جي بس تي حملي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، آءِ جي سنڌ پوليس غلام قادر جمالي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوه، ڊي جي ايم آءِ ۽ ٻيا اهم فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائنده شريڪ ٿيا، ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف صوبائي ايپڪس ڪميٽي فعال نه هئڻ ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي ضرورت صرف ان وقت محسوس ڪئي ٿي وڃي، جڏهن ڪو وڏو واقعو ٿئي ٿو، قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اڳ وارن فيصلن تي عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن بعد ايپڪس ڪميٽي جي فعال بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته هر هفتي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ فيصلن تي عمل جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ڪراچي سميت سنڌ سموري ضلعي هيڊڪوارٽرن جي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪري پوليس ۽ رينجرز سان گڏ ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا ۽ اهي چوڪيون سمورن سيڪيورٽي ادارن جون گڏيل چوڪيون هونديون، جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ سنڌ حڪومت، گهرو کاتو، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪندا، جڏهن ته دهشتگردن ۽ بندش پيل تنظيمن خلاف به گڏيل طور انٽيليجنس بنيادن تي ڪاروايون ڪيون وينديون، ڏوهارين خلاف آپريشن سياسي، لساني، مذهبي ۽ فرقيواريت کان بالاتر ٿي ڪيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر جي ٻاهرين علائقن، جتي پوليس گهٽ آهي، اتي انٽيليجنس جو نظام سخت ڪيو ويندو، ڪراچي آپريشن کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سڀئي ادارا گڏجي ثبوت ڪٺا ڪندا، جيئن ڏوهاري عدالت مان آزاد نه ٿي سگهن، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ ضرورت پوڻ تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ ايف سي ۽ فوج به مڪمل تعاون ڪندي، اجلاس ۾ جيلن جي سيڪيورٽي ۽ اتي بند ڏوهارين جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ جيلن ۾ ڪيمرائون ۽ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ تي به غور ويچار ٿيو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي داخلي رستن سان گڏ ٻين لنگهن تي به اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته سامونڊي رستن جي نگراني به سخت ڪئي ويندي، آپريشن جي ڪري ڏوهاري ڪراچي مان فرار ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ڪياماڙي، ابراهيم حيدري، ٺٽي ۽ گوادر سميت سموري سامونڊي پٽي تي نگراني وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فيصلو ڪيو ويو ته سمنڊ ۾ صرف رجسٽرڊ مهاڻن کي ڇڏيو ويندو، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ ڪوسٽ گارڊ کي ريڊ الرٽ ڪيو ويندو، اجلاس ۾ سمنڊ ۾ هلندڙ ڀاڙي جي موٽر ٻيڙين تي غور ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته حالتون بهتر ٿيڻ تائين سير تفريح وارين موٽر ٻيڙين تي پابندي لڳائي ويندي، ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪري مدرسا ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ مشرف دور ۾ پيرول تي آزادي بعد فرار ٿي ويل ڏوهارين جي گرفتاري ۽ بندش پيل تنظيمن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردن جي مالي مدد جا ذريعا معلوم ڪري انهن کي ختم ڪيو ويندو، ان کان سواءِ شهر جي ٻاهرين علائقن ۾ به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻي پاسي وڏي وزير قائم علي شاهه هي نشاندهي تي اهو فيصلو ٿيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ لکين افغاني پناهگيرن سميت ٻين غيرملڪين جي فوري واپسي لاءِ به قدم کنيا ويندا، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ٿيندڙ هر فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، ان کان سواءِ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پوليس سميت مختلف ادارن ۾ آفيسر ايپڪس ڪميٽي ذريعي ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا، ذريعن موجب ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن باوجود ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري رهي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن ۽ آفيسرن امن لاءِ جان جون قربانيون ڏنيون آهن، پوليس کي فوج جي رٽائرڊ آفيسرن کان تربيت ڏياري رهيا آهيون، پوليس کي سهولتون به ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو ته دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران سياسي. مذهبي ۽ لساني دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو وڃي، آپريشن جو دائرو وڌائيندي انهن جي مددگارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرايو ويندو