تازيون خبرون

Daily Archives: May 15, 2015

ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ڪراچي ۾ ڀرپور آپريشن کانسواءِ ممڪن ناهن:خالد مقبول صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،سنڌ سرڪار کي ناڪام قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ منظم ۽ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ڪراچي ۾ ڀرپور آپريشن کانسواءِ ممڪن ناهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هـُن چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي کانپوءِ کين ائين پيو لڳي ڄڻ هو ٻرندڙ جبل تي ويٺا آهن. متحده اڳواڻ چيو ته ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ناهن ملي سگهيا،جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ منظم ۽ ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر دهشتگردن سان ڀريو پيو آهي،جتي باقاعده شدت پسندن جون آباديون موجود آهن. خالد مقبول صديقي چيو ته صفوران ڳوٺ سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي،جنهن تي هو سياست نٿا ڪرڻ چاهين پر اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا،ڇاڪاڻ الطاف حسين هميشه کين ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو درس ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته وزيراعظم ميان نواز شريف اسماعيلي ڪميونٽي جي غم ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو سٺو عمل آهي. ڪپتان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته عمران خان ناڪام ٿي چڪو آهي،کيس ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

 

صفوران واقعو: 3 ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صفوره چورنگي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري  ڪئي وئي آهي، جنهن موجب 18 ڄڻن کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان جهير به ڏنا ويا. سول سرجن موجب، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته  صفوران سانحي ۾ دهشتگردن تيز ڌار اوزارن جو به استعمال ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 44 ڄڻن مان 18 ڄڻن کي منهن يا مٿي ۾ ويجهي کان گوليون هنيون ويون. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، 25 ڄڻن کي هڪ کان وڌيڪ گوليون هنيون ويون. سول سرجن موجب، ٽن ڄڻن کي مٿي ۽ ڪنڌ ۾ تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، مارجي ويلن جي عمر 20 کان 70 سالن تائين آهي.

 

فلم”هيرو” جو ريميڪ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو: سڀاش گئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي هدايتڪار سڀاش گئي چيو آهي ته فلم”هيرو” جو ريميڪ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سڀاش گئي چيو آهي ته سندس 1983ع ۾ ٺاهيل فلم ”هيرو” جي هيءَ ريميڪ فلم وڌيڪ بهترين ثابت ٿيندي. فلم جو پروڊيوسر اداڪار سلمان خان آهي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ اداڪار سورج پنچولي ۽ اٿيا سيٺي شامل آهن. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ گووندا، انيتا حسن داني، ونود کنه ۽ قدير خان شامل آهن. فلم 3 جولاءِ تي رليز ٿيندي.

 

مرڻ کان پوءِ پنهنجا عضوا ٻين انسانن کي عطيو ڪرڻ وارا بالي ووڊ ستارا

ممبئي (شوبز نيوز) مرڻ کان پوءِ پنهنجا عضوا ٻين انسانن کي عطيو ڪرڻ جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ هاڻي بالي وو اداڪار به شامل ٿي ويا آهن، جن ۾ ڪيترائي ته ناليوارا اداڪار انسانيت جي خدمت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي مرڻ کان پوءِ پنهنجي جسم جا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ڪجھه اداڪارن باقاعدي معاهدن تي به صحيحون به ڪري ڇڏيون آهن. بالي ووڊ ”بگ بي“ جي نالي سان مشهور اميتاڀ بچن ڀارتي  انڊسٽريءَ ۾ هڪ خاص مقام رکندڙ آهي، ڀارتي فلم نگريءَ جي ان تاري اکين کان محروم ماڻهن جي مهم ۾ حصو وٺندي پنهنجيون اکيون مرڻ کان پوءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي ماضيءَ جي ”سپر اسٽار“ رشي ڪپور 2014ع ۾ هڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن ”انسٽيٽيوٽ آف چندي ڳڙهه“ ۾ عضوا عطيو ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح به ڪئي هئي. بالي ووڊ جو ”مسٽر پرفيڪٽ“ عامر خان اداڪاريءَ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ به ڪنهن کان پوئتي ناهي. بالي ووڊ اسٽار مرڻ کان پوءِ گردا، جيرو، دل، اکيون ۽ ڦڦڙ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارا ۽ اڳوڻي ”سونهن راڻي” ايشوريا راءِ بچن ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، هن بالي ووڊ جي ڪئين بلاڪ بسٽر فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن، جڏهن ته سندس خوبصورت ۽ سهڻيون اکيون سندس سڃاڻپ سمجھيون وينديون آهن. اڳوڻي سونهن راڻيءَ پنهنجيون خوبصورت اکيون مرڻ کان پوءِ عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. بالي ووڊ جي اڳوڻي ”ڊريم گرل“ ۽ ماضيءَ جي اداڪارا هيما مالنيءَ پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران عروج تي رهي آهي. سندس اکيون ان جي شخصيت کي خوبصورت بڻائينديون آهن ۽ هن 2007ع ۾ پنهنجي سهڻين اکين کي نور کان محروم ماڻهن جي لاءِ عطيو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. ماضيءَ جي مشهور بالي ووڊ اداڪارا اميتاڀ بچن جي گھر واري ”جيا بچن“ مرڻ کان پوءِ اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ پنهنجيون اکيون عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي. بالي ووڊ جي ”ڊمپل گرل“ پريٽي زنٽا جو ڳاڻيٺو فلم انڊسٽريءَ جي پهرين صف جي اداڪارائن مان ٿيندو آهي ۽ هو پنهنجي جاندار اداڪاريءَ جي ڪري به انڊسٽريءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکندي آهي. اداڪارا مرڻ کان پوءِ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ۽ معاهدي تي صحيحون به ڪيون آهن. بالي ووڊ ۾ ”جھنگلي ٻلي“ جي نالي سان مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ڪيترائي فلمي ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪندڙ اداڪارا 2012ع ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. بالي ووڊ جي مشهور ”ڪوريو گرافر، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ فلمساز“ اداڪارا فرح خان به ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ اکين سميت ٻيا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. بالي ووڊ جو ڊائريڪٽر ۽ اداڪار ”ڪمل هاسن“ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا مدراس ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، هن پنهنجي ڌيءُ ۽ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شروتي هاسن جي موجودگيءَ ۾ اهڙي معاهدي تي صحيحون به ڪيون هيون.

 

جيڪڏهن مون کي ڪنهن پسند نه ڪيو ته به مان بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪردار ڳولي وٺنديس :سني ليون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽريءَ جو اهو نالو جنهن ٿوري وقت ۾ بالي ووڊ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي، سندس اصل نالو ڪيرن جيت ڪوروهرا آهي، پر سندس مشهوري سني ليون جي نالي سان ٿي. سنيءَ ليون 13 مئي 1981ع تي ڪينيڊا شهر جي ٽورينٽو ۾ پيدا ٿي، سندس تعلق سک گھراڻي آهي، سني ليون انڊو-ڪينيڊين اداڪارا، ماڊل ۽ بزنسمين طور سامهون آئي هئي، پر هاڻي هوءَ بالي ووڊ اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي. ڀارت ۾ سنيءَ کي مهيش ڀٽ معتارف ڪرايو، هن مهيش ڀٽ جي فلم ”جسم-2“ ۾ بالي ووڊ سفر جي شروعات ڪئي، سال 2012 ۾ فلم رليز ٿي، هي فلم 2003ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”جسم“ جو سيڪوئل هئي. فلم ته ڪامياب نه وئي پر سني ليون کي اداڪاري سبب ساراهيو ويو. سندس ٻي فلم ”جيڪ پاٽ“ 2013ع ۾ رليز ٿي، ايئن سني ليون بالي ووڊ ۾ پير پاتو، سني ليون ايڪتا ڪپور سان ملي به فلمون ۽ آئٽم نمبر ڪيا ۽ بالي ووڊ ۾ ڏاڪا چڙهندي هڪ مخصوص جاءِ ٺاهي. سني ليون ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو پاڻ مڃائڻ ڄاڻان ٿي، جيڪڏهن مون کي ڪنهن پسند نه ڪيو ته به مان بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪردار ڳولي وٺنديس.

 

پريانڪا چوپڙا جو هالي ووڊ ڊرامو“ ڪوانٽيڪو” جو ٽريلر رليز ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جي هالي ووڊ ڊرامي“ ڪوانٽيڪو” جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي مس ورلڊ ايف بي آءِ ايجنٽ جي روپ ۾ نظر ايندي، بالي ووڊ جي ديسي گرل هاڻي هالي ووڊ ۾ ڌوم مچائڻ لاءِ تيار آهي، اداڪاره ٽوئيٽر تي آمريڪي ڊرامو “ ڪوانٽيڪو” جو ٽريلر جاري ٿيڻ جي خبر ڏني، پريانڪا“ ڪوانٽيڪو” ۾ ورجينيا سان تعلق رکڻ واري ايف بي آءِ ٽريني جو ڪردار  ادا ڪري رهي آهي، اداڪاره لکيو آهي ته هو هالي ووڊ ۾ پنهنجي انٽري کان ڪجهه نروس آهي.

 

سانحه صفورا سان زمبابوي ٽيم جي آمد متاثر نه ٿيندي: پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز) سانحه صفورا سان زمبابوي ٽيم جي آمد متاثر نه ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سانحه صفوره چورنگي سبب زمبابوي جو دورو پاڪستان متاثر نه ٿيندو. مهمان ٽيم پروگرام موجب 19 مئي تي پاڪستان ايندي.  ڪراچي جي سانحه ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سان مسافر بس جا 45 ماڻهو مارجي ويا هئا. جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. زمبابوي ڪرڪيٽ يونين کي هن باري ۾ ڪچا اي ميلز به موڪليا ويا. جن جي جواب جو انتظار آهي. پي سي بي ذريعن موجب سانحي سان زمبابوي جو دوره پاڪستان متاثر ٿيڻ جو ڪوبه خدشو ناهي. دهشتگردن جي ڪارروائي جي وجه سان پاڪستان 6 سالن کان انٽرنيشنل ٽيمن جي ميزباني ڪرڻ کان محروم آهي. گهڻي انتظار ڪرڻ کانپوءِ زمبابوي ٽيم پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري آهي. زمبابوي جو دورو ملتوي نه ٿيندو، ڇو ته ان جا سڀ ميچ لاهور ۾ شيڊول ٿيل آهن.

 

وسيم اڪرم ٽنڊولڪر جي پٽ کي بالنگ جا گر سيکاريا

ممبئي(اسپورٽس نيوز): سوئنگ بالنگ جو شهنشاهه وسيم اڪرم سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ارجن ٽنڊولڪر کي بالنگ جا گر  سکائڻ لڳو. ممبئي جي ويڪهنڊي اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ليجنڊ وسيم اڪرم ارجن ٽنڊولڪر کي بالنگ جا نوان ٽپس ڏنا. ان جو چوڻ هو ته 15 سال جي ارجن ليفٽ آرم ميڊيم پيس بالر آهي، هن جي اندر جوش ۽ جنون به آهي، ان موقعي تي  لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر به موجود هو، سوئنگ جو بادشاهه وسيم اڪرم شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيٽر جو بالنگ ڪوچ به آهي.

 

اسپيني فٽبال ڪلب بارسلونا جي ٽيم چئن سالن جي وقفي کان پوءِ يورپي چيمپئنز ليگ مقابلن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ڪامياب وئي آهي

ميونخ (اسپورٽس نيوز) اسپيني فٽبال ڪلب بارسلونا جي ٽيم چئن سالن جي وقفي کان پوءِ يورپي چيمپئنز ليگ مقابلن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ڪامياب وئي آهي. بارسلونا کي اڱاري ڏينهن جرمنيءَ ۾ بائرن ميونخ خلاف سيمي فائنل جي ٻئي مرحلي ۾ شڪست ملي هئي، پر هو ٻنهي مرحلن ۾ گھڻا گول ڪرڻ جي بنياد تي فائنل ۾ پهتي. هي 2011ع کان پوءِ پهريون موقعو آهي جڏهن بارسلونا چيمپئنز ليگ جو فائنل کيڏندي. 6 جون تي برلن ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ ان جو مقابلو روايتي مخالف ۽ دفاعي چيمپئن ريال ميڊرڊ يا اطالوي ڪلب يووينٽس سان ٿيندو، جيڪي اربع تي ٻئي سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيندا. ميونخ ۾ اڱاري جي رات کيڏيل ميچ ۾ مقامي سائيڊ بائرن ميونخ ٻِن جي مقابلي ٽِن گولن سان ميچ کٽي پهرين ليگ ۾ 3-0 جي شسڪت جي ڪري هو گولن جي فرق تي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي. بائرن طرفان پهريون گول ميدهي بيناتيا ميچ جي ستين منٽ ۾ ڪري ڇڏيو، پر اٺين منٽ کان پوءِ بارسلونا جي برازيلي اسٽرائيڪر نيمار لوئي سواريز جي پاس تي گول ڪري ميچ برابر ڪئي. نيمار 29 هين منٽ ۾ هڪ ٻيو گول ڪري بارسلونا کي سرسي ڏياري جيڪا پهرين هاف جي پڄاڻيءَ تائين رهي. ٻئي هاف ۾ بائرن طرفان رابرٽ ليوندوسڪي ۽ ٽامس ملر وڌيڪ ٻه گول ڪيا ۽ پنهنجي ٽيم کي ميچ ۾ فتح ڏياري، پر ان کي فائنل تائين پچائڻ ۾ ناڪام ويا. بارسلونا جي ٽيم 2006، 2009 ۽ 2011ع ۾ گذريل ٽِن موقعن تي جڏهن به چيمپئنز ليگ جي فائنل پهچي فتحياب رهي. 2015ع ۾ بارسلونا اسپيني فٽبال جي ٻِن مرڪزي ٽورنامينٽن لاليگا ۽ ڪوپا ڊيل ري کٽي چڪي آهي ۽ چيمپئنز ليگ ۾ فتح جي صورت ۾ ”ٽريبل“ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي.

 

پاڪستاني رانديگرن جي آءِ پي ايل کيڏڻ جا امڪان وڌي ويا

ڪلڪتا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر جگموهن ڊالميا جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بي سي سي آءِ جي صدر انڊين پريمئر ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن کي کيڏائڻ واري پاليسي تي غور  ڪرڻ جو يقين ڏياريو، جگموهن ڊالميا جو چوڻ ته هي معاملو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ورڪنگ ڪميٽي ۾ رکنداسين، جنهن کان پوءِ پاڪستاني رانديگرن کي کيڏائڻ جو  فيصلو انهن کي ئي ڪرڻو آهي، ذريعن مطابق ٻڌايو ويو آهي ته انڊين پريمئر ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شرڪت جا امڪان گهٽ آهن پر پاڪستان ٽيم چيمپيئن ليگ ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت ويندي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهرين پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر جگموهن ڊالميا جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو، ياد رهي ته متحده عرب امارات ۾ پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز هلندڙ سال ڊسمبر ۾ کيڏي ويندي.