تازيون خبرون

Daily Archives: May 14, 2015

جيڪولين فرنينڊس فلم هيرو جي ري ميڪ ۾ آئٽم سانگ نه ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس فلم هيرو جي ري ميڪ ۾ آئٽم سانگ نه ڪندي، بالي ووڊ فلم ڪڪ ۽ راءِ  کان مشهوري جي بلندين تي پهچڻ واري جيڪولين فرنينڊس سلمان خان جي فرمائش تي فلم هيرو جو ري ميڪ ۾ آئٽم سانگ ڪرڻ جي حامي ڀري، جيڪولين انهي گاني جي ريهرسل به ڪري رهي هئي ته هدايتڪار نکهل ايڊواني گاني کي فلم مان ئي ڪڍي ڇڏيو، جيڪولين فرنينڊس ان وقت سريلنڪا ۾ هڪ بين الاقوامي فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. ان جي ويجهي ساٿين جو چوڻ  آهي ته هاڻي اداڪاره آئٽم نمبر نه ڪرڻ جي تصديق به ڪئي آهي.

 

اداڪاره  ميرا  اڳوڻي دوست ڪيپٽن نويد سان آمريڪا ۾ گڏ ڏٺي وئي

نيويارڪ (ع آ نيوز)پاڪستاني فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي  اداڪاره  ميرا  اڳوڻي دوست ڪيپٽن نويد سان آمريڪا ۾ گڏ ڏٺي وئي، ميرا جو چوڻ هو ته سندس نويد سان ڪو جهيڙو ته نه هو،  ميرا ڪيپٽن نويد سان نيويارڪ جي مختلف جاين ۽ عوامي جڳهن جا دورا ڪندي پڻ ڏٺو ويو ۽ ميڊيائي ذريعن جو چوڻ هو ته ڪيپٽن نويد ۽ ميرا گڏجي شاپنگ به ڪئي، ميرا موجب هو هڪ فلم جي شوٽنگ لاءِ آمريڪا آئي آهي ۽ فلم ۾ ڪيپٽن نويد جو ڀاءُ مرڪزي ڪردار ۾ هوندو، ميرا کان ڪيپٽن نويد سان شادي بابت پڇيل سوال ۾ هن چيو ته ان بابت اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪيپٽن نويد ميرا سان ناتا ٽوڙي ڇڏيا هئا، جنهن بعد ميرا پنهنجي شادي بابت تمام گهڻو پريشان هئي ۽ هر پريس ڪانفرنس ۾ شاديءَ لاءِ دعائون پڻ گهرائيندي هئي

 

انوشڪا ۽ رنوير سنگهه جي بهترين پارفارمنس

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين ايندڙ فلم ”دل ڌڙڪني دو“ جي جوڙي انوشڪا شرما ۽ رنوير سنگهه کي فلم جي گيت ”پهلي بار“ لاءِ ڪنهن به ڪوريوگرافر ڊانس جو هدايتون نه ڏنيون، ذريعن موجب ٻنهي ادڪارن پاران ڪيل ڊانس جي ادائن کي بيحد پسند ڪيو پيو وڃي ۽ سندن ٺاهيل اسٽائيل کي ڪوريوگرافرن به ساراهيو. فلسماز زويا خان کان هڪ ڪلاڪ جو ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ ٻنهي اداڪارن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊانس اسٽائيل سيٽ ڪرڻ بعد گيت تي بهترين پرفارمينس ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا.

 

شادي شدا اداڪارائون به ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، وديا بالن

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره وديا بالن جو چون هو ته ان جي باري ۾ چيو ويندو هو ته شادي منهنجي ڪيريئر تي اثر انداز ٿيندي، جڏهن ته مون هميشه اهو چيو ته ڪاميابي يا ناڪامي تي يقين ان جي برائي ۽ ڀلائي تي آهي، ان اميد ظاهر ڪئي ته ان جي ايندڙ فلم جيڪا عمران هاشمي سان گڏ آهي، اها ثابت ڪري ئي رهندي ته شادي شده اداڪارائون به انڊسٽري ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿيون.

 

ڀارتي وزير اعظم پاڪستان سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو

بمبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاڪ ڀارت تعلقات کي بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان سان ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارتي وزير اعظم پاڪستان سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڀارتي وزير اعظم جو چوڻ هو ته  پاڪ ڀارت سيريز شروع ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي جي ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي پارٽي ڪارڪنن طرفان اعتراض سامهون آيو آهي پر بي جي پي هڪ رڪن آر ڪي سنگهه ۽ سابق ڪرڪيٽر ۽  پارٽي جي موجوده  ميمبر پارليامينٽ ڪرتي آزاد به ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز  کيڏڻ جي مخالفت ڪئي.

 

ڪرسٽيانو رونالڊو جو نيپال ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ پنج ملين يورو جو عطيو

کٽمنڊو(اسپورٽس نيوز): نيپال ۾ زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ عالمي شهريت رکندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنج ملين يورو جو وڏو عطيو ڏنو آهي، نيپال ۾ گذريل مهيني ايندڙ زلزلي ۾ اٺ هزار کان به وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، جنهن تي دنيا جي مختلف ملڪن، تنظيمن ۽ ادارن سان گڏو گڏ مشهور شخصيتن به امداد جو اعلان ڪيو هو، سماجي ڪمن جي لاءِ مشهور پرتگال جي شهري رانديگر آفاق نيپال ۾ ايندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪندي، متاثرن جي لاءِ پنج ملين يورو جي امداد جو اعلان ڪيو هو، ريال ميڊرڊ جي هيري زلزلي متاثر ٻارن جي خدمت ڪرڻ واري اداري “ سيو  دي چلڊرين ” کي هي رقم عطيو ڪئي، ان سانحي ۾ متاثر ماڻهن  جي مدد ڪرڻ جو اعلان رونالڊو پنهنجي هڪ ٽوئيٽ جي ذريعي ڪيو، جتي هن پنهنجن چاهيندڙن ۽ فالوورز کي به هدايت ڪئي ته نيپال زلزلي جي متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ عطيو ڏين، رونالڊو سماجي ڪمن جي لاءِ گهڻي شهريت رکي ٿو ۽ ان کان پهرين به ڪيترن ئي موقعن تي ان جو عملي مظاهرو ڪري چڪو آهي، گذريل سال هن ڊسپليشيا جو شڪار هڪ ڏهه سالا ٻار جي علاج جي لاءِ 60 هزار يورو جي رقم عطيو ڏني، هو عالمي اداري يونيسيف  سان گڏ به ڪم ڪري ٿو ۽ 2004ع ۾ هو سونامي کان بچي ويل هڪ اهڙي ٻار کي ڏسڻ لاءِ انڊونيشيا پهتو هو، جنهن پنهنجي شرٽ جي پويان ان جو نالو لکرايو هو.

 

پيٽرسن تي اعتماد نه ٿا ڪري سگهون: اسٽراس

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بورڊ جي نئين ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ اينڊريو اسٽراس بيٽسمين ڪيون پيٽرسن جي شاندار ڪارڪردگيءَ باوجود کيس ٽيم ۾ نه چونڊڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪيون پيٽرسن سومر تي ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ سري جي نمائندگي ڪندي لسٽر شائر خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽرپل سينچري مڪمل ڪئي. هن 373 بالن تي 34 چوڪن ۽ 14 ڇڪن جي مدد سان ناقابل شڪست 355 رنسن جي اننگ کيڏي، جنهن جي ڪري ان جي ٽيم 557 رنسون ٺاهيون. پر ان شاندار ڪارڪردگيءَ باوجود ان جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ جا دروازا ناهن کلي سگھيا ۽ انگلينڊ جي نئين ڊائريڪٽر ان سيزن ۾ پيٽرسن جي ٽيم ۾ واپسيءَ جي امڪانن کي رد ڪندي چيو ته پيٽرسن تي اعتماد نه ٿا ڪري سگھون. واضح رهي ته ماضيءَ ۾ پيٽرسن پنهنجي اڳوڻي ڪپتان اينڊريو اسٽراس سان لاڳاپا تمام ڇڪتاڻ وارا رهيا آهن.

 

قومي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل تيز رفتاري جي ڪري ٻيهر چالان ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز)  قومي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جي تيز رفتار جي ڪري ٻيهر چالان ٿي ويو، تفصيل جي مطابق ڪامران اڪمل موٽروي تي فيصل آباد کان لاهور اچي رهيو هو  ۽ ان جي گاڏي جي رفتار 131 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هئي، جيڪا مقرر رفتار جي حد 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کا وڌيڪ هئي، جنهن تي موٽر وي پوليس ان جو چالان ڪٽي ڇڏيو، ڪامران اڪمل ست سئو پنجاهه رپيه  چالان ڪاٽيو  ويو، جنهن کي ادا ڪرڻ کان پوءِ  موٽر وي پوليس ان کي وڃڻ ڏنو.

 

ڪراچي ۾ رت جي راند جاري، 44 ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو

 

ڪراچي صفورا چورنگي ويجهو سنسان جڳهه تي بس کي روڪيو ويو, بس ۾ 50 کان 60 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ عورتن جي تمام گهڻي تعداد شامل هئي.ڪيترن کي ماڻهن کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون. بس ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جا ماڻهو سوار هئا. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ٻڌايو ته بس ۾ 60 ماڻهو سوار هئا  جن مان 44 ماڻهو مارجي ويا زخمين ۾ عورتون به شامل آهن. واقعي بابت هن ٻڌايو ته 3 موٽر سائيڪل سوار 6 دهشتگردن بس ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي. سندس چوڻ هو ته مارجي ويلن ۾ 16 عورتون ۽ 27 مرد شامل آهن. فائرنگ جي فائرنگ ۾ استعمال ٿيل اسلحي جي حوالي ٻڌايو ته فائرنگ واري هنڌ تان نائن ايم ايم جي گولين جا خول مليا آهن. جڏهن ته اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته بس ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جا ماڻهو سوال هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 موٽر سائيڪلن تي 6 هٿياربند شامل هئا جن بس کي روڪي بس اندر داخل ٿيا پهرين گولي ڊرائيور کي هئين وئي پوءِ ٻين ويٺل ماڻهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ شروع ٿئي ته ويجهن علائقن ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو بس معمول مطابق مسافرن کي کڻي ال اظهر گارڊن کان عائشا منزل ويجهو فيڊرل بي ايريا وڃي رهي هئي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ امددي رضاڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا. بس تي ٻاهرين حصي تي گولين جا نشان موجود نه هئا جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هٿياربندن بس ۾ اندر گهڙي فائرنگ ڪئي آهي. زخمين کي گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر جي ويجهو اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جن کي ميمڻ ميڊيڪل سينٽر، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال سميت ن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. حملي جي ذميواري ڪنهن به دهشتگرد تنظيم قبول ناهي ڪئي. پاڪستان ۾ رهائشپذير اسماعيلي برادري ۽ ڪالاش قبيلي سان تعلق رکندڙن کي پابندي مڙيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان اڪثر ڌمڪيون ملنديون رهنديون هيون. گذريل سال فيبروري ۾ ٽي ٽي پي ميڊيا ونگ پنهنجي ويب سائيٽ تي اسماعيلي مسلمانن ۽ ڪالاش برادري خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو. وڊيو ۾ دهشتگردن ڪالاش برادري جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏنو هو ته اسلام قبول ڪريو يا مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪ فوج پاران جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان آپريشن کي آخري دهشتگرد تائين جاري رکيو وڃي. سمورن ڏوهارين خلاف سخت ۽ ماسٽر پلان تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري سگهجي ان سان گڏوگڏ هن سموري واقعي جي جانچ ڪري ملوث ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏئي سگهجي.

 

پلاٽن تان ٿيندڙ تڪرار ۽ روينيو کاتي جي ذميواري ؛نجيب الله چانڊيو

هاڻي جڏهن حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارا ملڪ مان بدامني ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن ۽ ان حوالي سان رينجرز ۽ پوليس کي بااختيار بڻايو ويو آهي، جنهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ سياسي جماعت جي آفيس تي ڇاپو هڻي سنگين ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جهڙو ڪارنامو ڪري خود سنڌ حڪمرانن کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تڏهن قمبر ضلعي جي ننڍڙي شهر پکي ۾ انڊس هاءِ وي تي سرڪاري پلاٽ جي ٽڪڙي جي مالڪيءَ تان ٻوڪ ۽ مغيري برادريءَ  ۾ ٿيل خوني ويڙهه ۽ 7 ماڻهن جو هڪ هنڌ ٿي هڪ وقت قتل ٿي وڃڻ واري واقعي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پکي شهر وٽان نئون مين انڊس هاءِ وي ٺهيو آهي، جنهن سبب پراڻي روڊ ۽ نئين روڊ جي وچ تي هڪ پلاٽ ڪو ٽڪڙو بچيو جيڪو ٻوڪ برادري جي ڀر ۾ پئي آيو، جتي مغيري ڌر وارن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ٻوڪن اعتراض واريندي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي شڪايت ڪئي، جنهن مختيار ڪار قمبر کي جاچ جو حڪم ڏنو، مختيار ڪار ٻنهي ڌرين کي ان تڪرار پلاٽ تي گڏجڻ جو چيو، جڏهن ٻئي ڌريون هڪٻئي سان اٽڪي پيون ۽ اهو نه پهتو جنهن کانپوءِ ڌريون هڪٻئي سان اٽڪي پيون ۽ اهو تڪرار خوني جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، ٻنهين ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي ويا، جن ۾ انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مختيار ٻوڪ ۽ تازو سنڌيونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪري آيل شاگرد لياقت مغيري به شامل آهن، ان کان علاوه عاشق ٻوڪ ، محمد ٻوڪ، ديدار مغيري ۽ غلام مرتضٰي مغيري به قتل ٿي ويا، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن مان ڪجهه جن جي طبيعت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. رپورٽ موجب هي جهيڙو ساڍا 3 ڪلاڪ انڊس هاءِ وي تي جاري رهيو، ٻئي ڌريون هڪٻئي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندي هڪٻئي کي مارينديون رهيون پر ان سموري ڪارروائي دوران حد جي پوليس تماشو ڏسندي رهي، 3 ڪلاڪن دوران پکو ۽ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس پڻ نه پهتي، ساڍن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن لاڙڪاڻو رينجرز کي اها سڌ پئي ته ان جهيڙي جو شڪار انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مختيار ٻوڪ پڻ ٿيو آهي ته اها پهتي پر ايسيتائين 7 جانيون وڃائجي چڪيون هيون، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ اهو پلاٽ ٿي ڦڏو ڪافي عرصي کان هلندڙ هو، جنهن کان حد جي پوليس پڻ واقف هئي پر ان ڪن لاٽار ڪري ڇڏي وڏي ڳالهه ته هن جهيڙي جو شڪار هڪ پورهيت محمد بخش بيڻو جيڪو هوٽل تي چانهه پيئڻ آيو هو.

هونئن ته کڻي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ۽ پوليس جي نااهليءَ جا داستان وڏي تعداد ۾ موجود آهن، اهوئي سبب آهي جو اعلٰيٰ عدالتون هڪ طرف جرڳن تي پابندي هڻي چڪيون آهن ته ٻئي طرف تازو سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ پوليس مڪمل ناڪام آهي پر دراصل ڳالهه اها آهي ته 22هين ترميم بعد ملڪ مان بدامني ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ ايتري قدر جو ڪراچي ۾ هنيل ڇاپو ۽ هاف فرائي ۽ فل فرائي جهڙا طريقيڪار اچي ويا آهن ته پوءِ پکو اسٽيشن ۽ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس جي ڪهڙي مجبوري هئي جنهن هن وقت نااهلي جي حد ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، توڙي جو اها پوليس ڌرين جي ڦڏي کان چڱيءَ طرح واقف هئي ڇا پوليس ضلعي کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو هو؟ يا نه اگر ڪيو هو ته ايس ايس پي ڪهڙو قدم کنيو ؟ ذميواري ته قمبر جي مختيار ڪار صاحب جي به هئي جيڪو ٻنهي ڌرين کي ان ئي پلاٽ تي  طلب ڪرڻ کان پوءِ پاڻ نه پهتو، بهرحال هن جهيڙي ۽ ان جا ڪهڙا سبب ٻڌايا وڃن ٿا پر ٿلهي ليکي اها ڳالهه پٽ پئي آهي ته هن جهيڙي جو اهم سبب حد جي پوليس آهي، جنهن شروعاتي کان وٺي آخر وقت تائين ڌرين جي وڙهڻ ۽ مرڻ جو انتظار ڪيو.

ان سان گڏوگڏ رهواسين جون آڱريون ايس ايس پي ڏانهن به وڃن ٿيون جيڪو هڪ تعلقي ۾ آفيس هوندي وقت سر نه پهچي سگهيو ، يا کيس اطلاع ئي نه مليو،  ان سان گڏوگڏ مختيار ڪار توڙي روينيو کاتو به وقت سر ۽ نيڪ نيئتن سان فرض نڀائڻ ۾ سستيءَ جو مظاهرو ڪيو ٿيڻ ته اهو گهرجي ته هن تڪرار پٺيان پل جو ڪردار نڀائيندڙ حد جي پوليس ۽ روينيو کاتي جي انهن ذميوارن جن هن پلاٽ تي قبضي خاطر هڪٻئي جون جاني دشمن بڻجي پيون، انهن کان پڇاڻو ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ سڀ کان وڌيڪ ضروري ان ڳالهه جي آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ قانون کي حرڪت ۾ اچي ذميوارن خلاف ٺوس قدم کڻي جيئن آئينده ڪو به ماڻهو يا ڪا ڌر جهڙي جي ڪوشش نه ڪري سگهي، هي حملو صرف مغيري برادري ۽ ٻوڪ برادريءَ تي ناهي پر هي حملو پکو شهر جي انهن گهاٽن وڻن هيٺيان چانهه جو سرڪيون ڀريندڙ انهن شهرين ۽ مسافرن مٿان به آهي، جيڪي ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ گهاٽن وڻن هيٺان ويهي چانهه پيئندا هئا،  تڏهن ته هن شهر جي هڪ نوجوان جنيد ديدڙ پنهنجي شهر جي حالتن تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته:

جتي قرب جو ڪچهريون ٿينديون هيون

دوسن جا ٽولا ٽهڪن مٿان ٽهڪنديون ٽوليون هيون

لڳي وئي نظر تنهنجي نظارن کي اي شهر پکا….

روينيو کاتي جي لاپرواهي سبب سڄي سنڌ ۾ سرڪاري پلاٽن تي بااثرن جا قبضا ٿيل آهن، جنهن سبب اهڙا واقعا ٿيڻ جو اڃا به امڪان آهي، جڏهن ته روينيو وارا پئسن عيوض کاتا ٺاهڻ ۾ به مهارت رکن ٿا، ان ڪري ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت روينيو کاتي جو رڪارڊ پڪو ڪرڻ واري ڳالهه کي پاڻي ڏئي، جيئن اهڙن واقعن کان سنڌ کي نجات ملي سگهي.