تازيون خبرون

Daily Archives: May 11, 2015

نيون ڌڙابنديون ۽ غير رياستي عنصرن جو عمل دخل؛جاويد ابڙو

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا بهتري طرف وڌي ئي رهيا هئا ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهي ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن، ڪارڻ فقط پاڪستاني معاملن ۾ ڀارتي مداخلت ۽ خاص ڪري ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جون سرگرميون آهن، چاهي اهي معاملا سياسي ڇو نه هجن، هاڻ ته ملڪ جي هڪ سياسي جماعت تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي، جيڪا رکڻ لازمي پڻ آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان اڳ ئي دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪري چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وري پاڪستان جي اندروني معاملن  ۾ ڀارتي مداخلت يا ان حوالي سان ملڪ ۾ ”را“ جي سرگرمين جا ثبوت ملڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. تازو وزير دفاع خواجه آصف پڻ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي سرگرمين بابت ثبوت مليا آهن، سڀ کان اهم ڳالهه هُن اها به ڪئي آهي ته هڪ سياسي جماعت ”را“ کان مدد حاصل ڪري رهي آهي يا ”را“ انهيءَ جماعت سان لهه وچڙ ۾ آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سياسي جماعت جي قائد پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سرعام ڀارتي ايجنسي ”را“ کان مدد طلب ڪئي هئي، سندس اهڙي فعل تي يقينن هر محب وطن جو خون گرم ٿيو هوندو، ڇو ته ڀارت ۽ سندس اُهي سازشي عنصر ئي آهن، جن پاڪستان کي ترقي، امن ۽ خوشحالي طرف وڌڻ کان روڪڻ ۾ وس مان ناهي گهٽايو، مٿان وري  دشمن عنصرن کان مدد طلب ڪرڻ ملڪ دشمني جي مترادف آهي، ممبئي حملن جي ڪيس ۾ جڏهن عدالت ذڪي الرحمان لکوي خلاف ڪي به ثبوت پيش نه ٿيڻ تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ته ڀارت عدالت جي اهڙي فيصلي تي اثرانداز ۽ پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي کي خط لکي ان معاملي تي سهڪار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اتي پڻ ڀارت کي سندس اميد موجب جواب نه مليو.

پارليامينٽ جي هڪ نمائنده پارٽي جو قائد جڏهن ”را“ کان مدد جو طلبگار ڏسڻ ۾ آيو، ان وقت ئي ملڪ جي اڪثر جماعتن کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويو ته ملڪ ۾ ڪهڙا عنصر سياست جي آڙ هيٺ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي صورتحال تي پاڪ فوج کي به پنهنجو بيان جاري ڪري ردعمل ڏيکارڻو پيو، ان کان اڳ آرمي چيف پڻ اها وارننگ ڏئي چڪو آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي ايجنسيون پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سازشن کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ پاڪ فوج غيررياستي عنصرن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، هن غير ملڪي ايجنسين کي اهو به خبردار ڪندي چيو هو ته هو دهشتگردن جي حمايت ذريعي پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازشن کان پاسو ڪن، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته دهشتگردن، سندس مددگارن، همدردن ۽ انهن کي مالي مدد فراهم ڪندڙن کي ملڪ ۾ ڪٿي به لڪڻ جا جاءِ نه ملندي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج کي اهو به چوڻو پيو ته ڀارتي ايجنسي ”را“  پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت کان باز رهي. ڪانفرنس ۾ دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  ان سان گڏوگڏ پاڪ فوج ملڪ ۾ ٻاهرين عنصرن جي سرگرمين ۽ خاص ڪري ”را“ پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو سخت نوٽيس ورتو، ڇو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جا ثبوت فراهم ڪري چڪو آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ وڏي مداخلت ڪري رهيو آهي.

اها ڳالهه تي واضح آهي ته ڀارت طرفان شرارتن جو سلسلو جاري آهي، جيڪي اڃا وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي، جن کي روڪڻ لازمي آهي، ڇو ته پاڪستان جي هڪ سياسي جماعت ”را“ طرف مدد لاءِ نگاهه ڦيرائي چڪي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي آفيس موجب بلوچستان ۽ فاٽا ۾ ڀارتي مداخلت جا ثبوت به فراهم ڪيا ويا آهن، ذڪي الرحمان لکوي جي معاملي تي ڀارت کي گهڻو گوڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هي پاڪستان مودي جو ملڪ ناهي جو هو عدالتي معاملن ۾ دخل اندازي ڪري رهيو آهي، اصولن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خوشگوار هجڻ گهرجن، پر تاڙي هميشه هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي، ان ڪري ڀارت کي پنهنجي انا ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جي ايجنڊا ڇڏڻي پوندي. قومي معاملن تي اتفاق راٰءِ ضروري آهي، پر هتي روز نوان اختلاف پيدا ٿي رهيا آهن، چاهي انهن اختلافن جو شڪار پيپلزپارٽي هجي يا مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ ۾ ڏڦيڙ هجي يا متحده قومي مووميٽ جي قيادت جي تبديلي جون ڳالهيون هجن، مطلب ته سياسي ڌڙا پيدا ٿيڻ سان ملڪ غير مستحڪم واري صورتحال ۾ گهيرجي سگهي ٿو. پيپلزپارٽي کان ناراض اڳواڻن ۽ ماضيءَ ۾ بينظير ڀٽو جي سڀ کان ويجهو رهندڙ ناهيد خان ۽ سندس مڙس صفدر عباسي انهيءَ عزم ۽ ارادي سان هڪ نئين پارٽي (پ پ پ ڊبليو) جوڙي آهي ته پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اڳوڻي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي ورثي کي بچايو ويندو، انهيءَ موڙ تي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا پيپلزپارٽي هوندي شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ورثي کي واقعي ڪو خطرو آهي، جو ان جي بچاءَ ۽ دفاع لاءِ هڪ نئين پارٽي جوڙي وئي آهي؟

صفدر عباسي اهو  پڻ الزام لڳايو ته آصف زرداري فيبروري 2013ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻٽي عهدي تي رهڻ واري ڪيس ۾ پ پ کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو ۽ پنهنجي صدارتي منصب کي بچائڻ لاءِ هن پارٽي کي هڪ اين جي او قرار ڏنو هو. بهرحال، صفدر عباسي ۽ ناهيد خان پريس ڪانفرنس ڪندي گذريل عام چونڊن ۾ پ پ جي شڪست جو ذميوار پارٽي جي موجوده قيادت کي قرار ڏنو آهي، ان سان گڏوگڏ ناهيد خان ۽ صفدر عباسي نه رڳو اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پر پارٽي کان ناراض انهن سڀني اڳواڻن سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن کي 2007ع کانپوءِ ديوار سان لڳايو ويو، انهن ٻنهي ان ڳالهه جي پڻ خواهش جو اظهار ڪيو ته هو پيپلزپارٽي کي زوال جي دڳ تي پهچائيندڙ ذميوارن جو احتساب چاهين ٿا. پ پ پ ڊبليو کي رجسٽر ڪرائڻ جا 3 اهم مقصد سامهون رکيا ويا، پهريون اهو ته حقيقي نظرياتي ۽ جمهوري قدرن تي پارٽي جي نئين تنظيم سازي، ٻيو اهو ته پيپلزپارٽي جي موجوده حالت جي ذميوار ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ ٽيون اهو ته هر سطح تي پارٽي جي اندروني چونڊن واري عمل کي يقيني بڻائڻ آهي. پ پ پ ڊبليو جو منشور پڻ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جو خاتمو، مدرسن جي سڌارن، اقليتن جي حقن، تعليم، گڊ گورننس، چونڊ سڌارا، پاليسي نظام، معيشت، زراعت، پرڏيهي پاليسي، دفاع، صحت، مزدورن جا حق، ميڊيا ۽ توانائي سميت ٻيا اهم قومي معاملا شامل آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته صفدر عباسي ۽ ناهيد خان پنهنجي انهن مقصدن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهن ٿا.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان اندر زنجيرن ۾ جڪڙيل انصاف کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪير ڪنهن تي سنگين ترين الزام لڳائي ٿو ته انهن جي ايمانداري ۽ مخلصاڻي انداز ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي، اهو انصاف ملڪ جي ڪنهن به سياسي پارٽين اندر ٿيندو هجي يا عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ ٿئي، بهرحال، انصاف سڀني جو حق آهي. هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن سان جنهن پليٽ فارم يا سياسي پارٽي اندر ئي ناانصافي ٿي هجي ته انهن کي ساڳي هنڌ ڄمي انصاف لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، بجاءِ ان جي ته ڪا ٻي ڌار سياسي پارٽي يا ڌڙو ٺاهي رستا الڳ ڪري، ڇو ته ڪهڙي به بنياد تي سياسي پارٽين ۾ ڌڙا ٺاهڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي،  جيڪڏهن ڪنهن کي پارٽي اندر نظرانداز ڪيو ويو آهي ته هن کي گروپ بندي ڪرڻ بجاءِ ساڳئي هنڌ ۽ ساڳي پوزيشن ۾ رهي ڪري جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ملڪي سياست ۾ جيڪڏهن ڪنهن غيرملڪي ايجنسي جو عمل دخل آهي ته ان کي پڻ روڪيو وڃي، ڇو ته غيرملڪي عنصرن جو مقصد پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، جمهوريت ۽ سياست ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ملڪ جي هڪ سياسي جماعت سان ”را“ جي رابطن جي حوالي سان وزير دفاع جو بيان واقعي حقيقي معنيٰ رکي ٿو ته اها هن ملڪ خلاف وڏي سازش آهي، اهڙي بيان بعد ملڪي بچاءَ وارن ادارن کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ۽ انهن عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، جيڪي ملڪ دشمن عنصرن کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي منصوبن ۾ شامل آهن.

جيستائين پيپلزپارٽي لاءِ شروع ٿيل نئين امتحان جي ڳالهه ڪريون ته يقينن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پيپلزپارٽي جو اهم سرمايو آهن، جن جون پارٽيءَ لاءِ وڏيون محنتون، خدمتون ۽ قربانيون آهن، اهڙي موقعي تي جڏهن ذوالفقار مرزا خلاف دهشتگرديءَ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، نيون پارٽيون ٺاهڻ ۽ ڌڙابندين جون ڳالهيون به سامهون اچن پيون، جيئڻ پاڻ مٿي صفدر عباسي ۽ ناهيد خان جي نئين جڙندڙ پارٽي جي ڳالهه ڪري آيا آهيون، انهن جو سهارو وٺي سختين سان مقابلو ڪرڻ اڳتي هلي ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڪنهن به سياسي جماعت ۾ هر اڳواڻ جي پنهنجي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي، جيڪا برقرار رکڻ به وڏي دانشمندي آهي.

 

انسان، انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

انسان ڇا آهي؟ سندس وجود جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ ڌڻيءَ سڳوري کيس ٻيءَ مخلوق کان ممتاز حيثيت ۽ اعليٰ اشرف جو رتبو ڇو عطا ڪيو آهي؟“ ”حيوانيت“ ۽ ”انسانيت“ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا انسان پنهنجو اعليٰ شرف قبول ڪري نڀايو آهي؟ جيڪڏهن هو ڪل ڪائنات جي مخلوقن ۾ اعزازي حيثيت رکي ٿو ته ان جو سبب ڇا آهي؟

انهن سوالن جا جواب گهڻا تفصيل طلب آهن پر مختصرن ايترو چئي سگهجي ٿو ته رب پاڪ جي پيدا ڪيل هن احسن مخلوق کي ڌڻيءَ سڳوري ڪائنات جي وجود جو سبب ڄاڻايو آهي، کيس عقل/ سمجهه جا انيڪ خزانا ڏئي، هن زمين جو والي ۽ وارث ڪري فرمايو آهي ته:

”بيشڪ اسان هُن (انسان) کي اعليٰ کان اعليٰ درجي تي بڻايو ۽ کيس ادنيٰ درجي تي رکيوسين.“

هاڻي هتي وڏي غور جو مقام آهي ته اهو انسان اشرف المخلوق جيڪو اعليٰ درجي تي رکيل آهي، سو جڏهن نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو، تڏهن حيوانيت جو مرتڪب ٿي، پنهنجي درجي تان ڪري، بي وقعت ٿي وڃي ٿو.

مٿانهون هر زماني ۾ فقط يزدان هوندو آ،

سدائين پنهنجي عادت ۾ ڪريل شيطان هوندو آ،

ڪٿي اعليٰ ڪٿي ادنيٰ، ڪڏهن نوري ڪڏهن ناري،

عظيم انسان هوندو آ، خسيس انسان هوندو آ.

لفظ ”انسانيت“ انساني نيڪ گڻن جي مڪمل تصوير آهي. ڪردار جون اعليٰ خوبيون، جن ۾ خاص طور پيار، محبت، رحم دلي، نيڪي، سادگي، شرافت، سچائي، قناعت، همدردي، عدل ۽ انصاف، صبر ۽ شڪر، عزم ۽ استقلال، امانت داري، مهمان نوازي، شجاعت، بهادري ۽ ٻيون خاصيتون کيس مٿانهين درجي تي پهچائين ٿيون. مٿين نيڪ گڻن ۽ عملن جو هي گڏيل گلدستو ”انسانيت“ سڏجي ٿو، جنهن جي هر گل جو واس وڻندڙ آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ مٿيون خوبيون نه آهن بلڪه ان جي بجاءِ، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، دولاب، خود غرضي ۽ ظالميت سندس وطيرو آهي ته هو انسان جي بجاءِ حيوان ۽ سندس وجود انسانذات لاءِ تڪليف جو باعث آهي. دنيا جا سڀ مذهب چڱائين ۽ نيڪين جي پرچار ڪندڙ آهن. اهي سڀ مذهب الڳ الڳ آهن، جيڪي انسانن کي الڳ الڳ فرقن ۾ ته ورهائين ٿا پر انهن سڀني مذهبن جون فلاسافيون کين ڳنڍين ٿيون. ڪنهن به مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل نه آهي، بلڪه انهن ۾ ته پيار، محبت، امن، آتشيءَ جا پيغام آهن، جيڪي فقط ۽ فقط ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿا ته پوءِ اڄ جيڪا بک، افلاس، بيماري، بدحالي، انسانيت کي جڪڙي بيٺي آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ دنيا جي 6 سئو ڪروڙ کان به وڏي انگ جي آدم مان هر پنجن انسانن تي هڪ انسان بکيو ڇو ٿو گهاري؟ ڪيترائي انسان پيڙائن ۽ عذابن سبب ان اجل جو شڪار ٿا ٿين. صرف انهيءَ ڪري جو ماڻهن مذهبن کي مفادن تحت استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هنن جي انساني جامي مان نڪري وڃڻ ڪري، فرقابنديون، تعصب، ذاتي مفاد ۽ خود غرضيون چؤطرف ڇانيل آهن. خاڪ مان پيدا ٿيل انسان، انسانيت جي شرف کي سمجهندي به عمل پيرا ٿيڻ کان لنوائي ٿو. کيس ڪئين نصيحتون ملن ٿيون، پر هو ڌيان نٿو ڌري.

انسانيت جي خدمت خدا جي خدمت آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته ”جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي ته تون اڻ ڏٺي خدا سان ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين.“

چوندا آهن ته پيار سان پيار پيدا ٿئي ٿو. دل ڏيئي دل وٺڻي آهي. رب پاڪ به پنهنجي عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي، پوءِ انسان جيڪڏهن انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڪائنات جي سک، ڌرتيءَ جي چين ۽ امن لاءِ، انسانذات کي پيار ڪري، خدمت ڪري ۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچي ته يقينن سچي ۽ سهڻي جيون جو مزو ماڻيندو. سندس دل صحيح طور تي روحانيت ڏي پڻ راغب ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ديني عبادتون ته ايمان جي اجارڻ لاءِ آهن، پر انسانيت جي گڻن کي اپنائڻ سان اندر اجري اوجل ٿو ٿئي. هڪ حديث پاڪ جو ترجمو آهي ته ”توهان ۾ چڱو آهي، جيڪو ٻين لاءِ فائديمند ۽ ڀلائيءَ وارو آهي.“

انسانيت جي ڪم ايندڙ، نيڪ قول و فعل وارا ڪم جاري رهندڙ صدقي وانگر هميشه قائم رهندڙ آهي.

هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:

Virtue is its Own

OR

It is always time to do good.

نيڪيءَ جو ڪو به وقت مقرر نه آهي. انسانيت جي ڪم اچڻ عبادت کان افضل ۽ هن دنيا جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. جڏهن ”هيءَ دنيا مانجهانديءَ جو ماڳ“ آهي. ”رات ٿوري ۽ ساٺ گهڻا“ آهن ته پوءِ اسين ڇو هتي هميشه رهڻ جو ٿا سوچيون؟ زندگيءَ ۾ کٽراڳ وڌائي بي چينيون ۽ ڪلفتون ٿا حاصل ڪيون.

اڄ ماڻهو ڪوڙي مان ۽ شان لاءِ لکين ٿو لٽائي ۽ اهي لک ڪمائڻ لاءِ ناجائز وسيلا ٿو ڪتب آڻي. اهڙيءَ ريت نيڪيءَ ۽ بديءَ جا تفاوت لتاڙيندي هو اڳيان وڌندو ٿو وڃي.

جر تي ڦوٽو جيئن جهڙي جيون کي دائمي بڻائڻ ٿو چاهي. ظاهري بقا جي جوش ۾ هو فنا جي فلسفي تي نٿو سوچي. قلزم اندر قطري جي حيثيت هوندي به هو پاڻ ۾ سمنڊ سمائڻ ٿو چاهي. آخر ائين ڇو آهي؟

شيخ اياز حياتيءَ جي حقيقت کي سلطان باهوءَ سان مخاطب ٿيندي هن چئو سٽي ۾ هن ريت سمجهايو آهي.

باهو، ڪاهوءَ تي بيهان، يا مان هڙپا ۾، هوُ،

هر شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هوُ،

انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو،

ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي، ذرو صحرا ۾، هُو.

لکُ به آهي ڪک برابر، سڀ لئه موت پڄاڻان، هُو،

پوءِ حياتيءَ کان ڇا آهي، آنءُ اهو ڪي ڄاڻان، هُو،

پوئين ننڊ جڏهن تو ايندي، هوندءِ ڪو نه وهاڻان هُو،

ڪيڏي ڀينگ لڳن ٿا سارا، ڌرتيءَ هيٺان ڀاڻان هو.

حقيقت ۾ فاني انسان جي بقا فقط ۽ فقط انسانيت جي جذبي جي بچاءَ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته انسانيت جي بقا ۽ هن سنسار جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ امن، محبت ۽ پيار جي جيون جي ترغيب پکيڙي، پنهنجن کي آماده ڪريون ته سچيءَ زندگيءَ جو مزو پيار، رحم ۽ خدمت ۾ آهي. ديا ۽ فراخدليءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ آسپاس کان ڪري انهيءَ عمل کي ڪائناتي بڻايون. هيءَ ڌرتي هڪ ملڪ مثل ۽ سڄي دنيا هڪ ڪٽنب آهي. سڀ انسان ڀائر آهن، پوءِ هي ملڪن جون سرحدون ڦٻائڻ لاءِ بهانا بازيون ۽ انساني تباهه ڪاريءَ لاءِ پيدا ڪيل ساز و سامان ڇو آهن؟ ڇا اسين انسانيت تي رحم نٿا ڪري سگهون يا اسان جو اندر وارو انسان مري ويو آهي؟ امن امان کي قائم رکڻ جي آڙ ۾ بدامنيون وڌي رهيون آهن؟ ڏٺو وڃي ته انسانيت جي سک ۽ چين لاءِ اڃان به ڏيهي توڙي پرڏيهي طور وڏين عملي ڪوششن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ جنگين کي ٻنجو ڏئي، ائٽمي توانائيءَ جي اجائي ڊوڙ تي غور ڪرڻ گهرجي، ته جيئن نڪوريون فضائون اسان جو استقبال ڪن.

نه جنگين جا ڀونچال ڀوُنءِ کي بڇيو،

نه ٽئنڪن جي ملبي ۾ دٻجي وڃو،

مشينن جي دونهين کان اڳتي وڌو،

نڪورين فضائن ۾ نڪري وڃو.