تازيون خبرون

Daily Archives: May 11, 2015

پ پ پ بنا ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (بيورو)  سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم جناب نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ پ بنا ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن هندو ڌرم شالا لاڙڪاڻو ۾ غريب اقليتن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي 30 غريب اقليتي ماڻهن ۾ 5،5 هزار روپين جا چيڪ ورهايا ويا. هن چيو ته 92 ماڻهن جا چيڪن لاءِ نالا موڪليا ويا پر 30 ماڻهن جا چيڪ پهرين مرحلي ۾ اچي چڪا آهن جيڪي اڄ هتي ورهائي رهيا آهيون ۽ تمام جلد رهيل ماڻهن کي پڻ چيڪ ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪو وڏو ڪم ڪو نه آهي پر هن کان وڌيڪ ڪم ڪيا ويندا. هن چيو ته پ پ پ قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير تي عمل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هن چيو هو ته هتي هر ماڻهو مذهبي طور تي آزاد آهي ۽ پاڪستان جي جهنڊي ۾ اڇو ڪلر اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ سڀئي پاڪستاني آهيون ۽ سڀني جا برابر جا حق آهن. هن چيو ته آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي دور ۾ اقليتن لاءِ الڳ الڳ اليڪشن جو نظام متعارف ڪرايو پر وري اسان جي پارٽي ان کي تبديل ڪري جوائنٽ اليڪٽورل ۾ آندو ۽ انهي سان گڏوگڏ مخصوص سيٽون پڻ رکيون ته جيئن اقليتي برادري جي ماڻهن کي وڌيڪ نمائندگي ڏني وڃي. مسٽر کهڙو وڌيڪ چيو ته اسان جي ئي چوڻ تي اسيمبلين ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا فڪس ڪئي وئي جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي. پ پ پ هميشه روزگار ڏنو آهي ۽ ڏيندي رهندي، هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال دوران جيڪا استادن جي ڀرتي ٿي آهي اها ميرٽ جي بنياد تي ڪئ وئي آهي جنهن ۾ اقليتن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پڻ شامل آهن. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري هندو پنجائت لاڙڪاڻو وجي ڪمار ڳالهائيندي چيو ته لارڪاڻي جي هندو برادري هميشه پ پ پ سان گڏ رهي آهي ۽ رهندي هن وڌيڪ چيوته اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي. ان موقعي تي وائيس چيئرمين هندو پنجائت ڊاڪٽر ڌرمپال آيل مهمان خاص جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اجرڪ اوڍايو. ان موقعي تي هندو برادري جا اڳواڻ جن ۾ نول راءِ ليک راج ، منوهر لعل، راجيندر ۽ پ پ پ  اڳواڻ سڪينه گاد، تنوير گاد، امين شيخ ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود هئا. ان کان  اڳ سينيئر صوبائي وزير تعليم جناب نثار احمد کهڙو اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي جي گهر پهچي ساڻس سان سندس ڀائيٽي جي وفات تي پ پ پ اڳواڻ محمد اسلم شيخ جي گهر پهچي ساڻس ڀاءُ جي وفات تي ۽ عبدالحق شيخ جي گهر پهچي ساڻس سندس ڀاءُ الله ورايو انور شيخ اڳوڻو پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان جي وفات جي تعزيت ڪئي ۽ ڌڻي در دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي هن صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

رنبير ۽ ڪترينا شادي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ رنڀير ڪپور  جا چرچا ته ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهن، جنهن جي هميشه ٻنهي اداڪارن ترديد ڪئي آهي. پر اوچتو ڪپور خاندان جي اداڪار انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو ۽ شادي جي تاريخ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.رنڀير ڪپور  انڊين ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته  هو ڪترينا ڪيف سان شادي ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته  ڪترينا ڪيف ۽  سندس شادي 2016 جي آخر ۾ ٿيندي.  رنڀير جو چوڻ هو ته هلندڙ سال اسان ٻئي تمام گهڻا مصروف آهيان انهي جي ڪري اسان وٽ شادي لاءِ وقت ناهي، اسان ٻئي ايندڙ سال جي آخر ۾ پوري زندگي لاءِ هڪ ٿي وينداسين.  رنڀير ڪپور ٻڌايو ته هو 33  سالن جو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ کيس پنهنجي خاندان ٺاهڻ جي ضرورت آهي. مون ۽ ڪترينا ويهي اهو فيصلو ڪيو آهي.

 

سلمان خان سزا معطل ٿيندي ئي ايڪشن ۾ اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ دبنگ  سپر اسٽار سلمان خان ممبئي هاءِ ڪورٽ مان پنهنجي سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي ايڪشن ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي فلم“ بجرنگي ڀائي جان ” جي شوٽنگ جي لاءِ جي لاءِ سرينگر پهچي ويو، ڪروڙين رپين جي ماليت سان ٺهڻ واري فلم آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن جو ٽريلر به رليز جي لاءِ تيار آهي، جيڪو عدالتي فيصلي جي ڪري جاري نه ٿي سگهيو.

 

عاطف اسلم جي نئين گاني“زندگي آ رها هون مين” جي وڊيو جاري

ممبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو  جاڳائڻ واري پاڪستاني فنڪار عاطف اسلم جي نئين گاني“زندگي آ رها هون مين”  جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، فلم ٺاهيندڙ احمد خان جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ان گاني جي ميوزڪ ڪمپوزنگ جا فرض  امال ملڪ نڀايا آهن، جڏهن ته وڊيو ۾ ادا ڪار  نائيگر شيروف شاندار ڊانس جو مطاهرو ڪندي نظر اچي رهيو آهي، عاطف اسلم جي سريلي آواز  ۾ ريڪارڊ ڪيل زندگي آ رها هون مين جا ٻولن تي ٻڌل اهو گانو نائيگر شيروف جي ايندڙ فلم ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

بالي ووڊ اداڪار ششي ڪپور کي دادا صاحب پالڪي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو

ممبي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جون مشهور فلمون ڏيڻ وارو اداڪار  ششي ڪپور کي دادا صاحب پالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان موقعي تي ڀارتي فلم انڊسٽري جا ڪيترائي سپر اسٽار پڻ انهي تقريب ۾ موجود هئا. تقريب ۾ اميتاڀ بچن، آشا ڀوسلي، ريکا ۽ ڪپور خاندان جا ڪيترائي نامور فنڪار پڻ هن تقريب ۾  هئا. ششي ڪپور کي اهو ايوارڊ وزير ارون جيٺلي ڏنو. شيشي ڪپور 100 کان وڌيڪ هندي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس مشهور فلمن ۾ نمڪ حلال، ديوار، ڪبهي ڪبهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون بالي ووڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو. فلمي دنيا ۾ اداڪاره ريکا، شرميلا ٽيگور ۽ زينت امان سان ششي ڪپور سان جوڙي وڏي مقبول هوندي هئي.

 

پي سي بي چيئرمين شهريارخان ڪولڪته ايئرپورٽ تي گرفتار ، بعد ۾ آزاد

نئي دهلي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان کي ڀارت کي ڪولڪته ائيرپورٽ تي اميگريشن جو ڪاغذات نه ٿيڻ تي حراست ۾ ورتو ويوآهي بعد ۾ انهي کي آزادڪيو ويو ڀارتي نشرياتي ادارتي موجب پي سي بي جي چيئرمين شهريارخان کي ڀارتي اميگريشن ڊپارٽمنٽ ڪولڪته ائير پورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهر يارخان کي گذريل ڏينهن اميگريشن ڊپارٽمنٽ جي طرفان ڪولڪته هوائي اڏي تي گرفتار ڪيوويو،رپورٽ موجب پي سي بي چيئرمين وٽ مناسب اميگريشن جا ڪاغذ نه هيا ۽ انهي جي ڪاغذن جي غير موجودگي سبب نيتا جي سڀاش چندربوس بين القوامي هوائي اڏي تي سڌي طرح لاهڻ تي گرفتار ڪيوويو ٽريول قانون موجب ان دهلي جي ذريعي ڀارت ۾ داخل ٿيڻو هيو،گذريل ڏينهن سڌ سماءٌ جي ذريعن انهي جي تصديق ڪئي هئي شهر يار خان ڀارتي بورڊ بي سي سي آئي جي صدر جگموهن ڊالميا کي ڪولڪته ۾ ملڻ ايندي.

 

پاڪستان کي هن ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي، مصباح الحق

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ تي پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته اسان کي ان فتح جي سخت ضرورت هئي، سڄي ٽيم ڪاميابي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، بنگلاديس جي ڪپتان مشفيق الرحيم چيو ته شڪست مايوس ڪندڙ آهي، اها  هڪ بالر جي گهٽتائي جي ڪري ٿي، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش جي خلاف 328 رنسن جي فتح ۽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي ڪاميابي کي پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق شاندار قرار ڏيندي، چيو ته اسان کي ان ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي، ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست کان پوءِ سڀني رانديگرن ڪم بيڪ ڪيو، ان جو چوڻ هو ته ٽاس هارائڻ کان پوءِ پهريون سيشن اسان لاءِ تمام اهم هو، اظهر علي ۽ يونس خان شاندار بيٽنگ سان ڪاميابي جو بنياد رکيو ۽ اسد شفيق جي سينچري ٽيم کي ڪمانڊنگ پوزيشن تي پهچايو، ڍاڪا جي وڪيٽ تي کلنا کان وڌيڪ بائونس موجود هو، جنهن مان اسان جي  بالر ڀرپور فائدو ورتو، خاص طور تي ليگ اسپنر ياسر شاهه ٻنهي اننگز ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو، بنگلاديش جي ٽيم ڪپتان مشفيق الرحيم شڪست کي مايوس ڪندڙ  قرار ڏنو، ان چيو ته ميچ جي شروعات ۾ ئي فاسٽ بالر شهادت حسين ان فٽ ٿي پيو، جنهن  جو اسان کي گهڻو نقصان ٿيو، بالرن ڪيترائي نو بال ڪرايا، پهرين ڏينهن ڪجهه به اسان جي حق ۾ نه هو، پاڪستان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي آهي، ان چيو ته پاڪستان پنهنجي فيوريٽ فارميٽ ۾ شاندار انداز ۾ ڪم بيڪ ڪيو، جڏهن ته اسان پنهنجي منصوبي تي چڱي طرح سان عمل نه ڪري سگهاسين، مشفيق الرحيم چيو ته تميم اقبال جي لاءِ  هي سيريز تمام سٺي ثابت ٿي.

 

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل درجا بندي موجب ڏکڻ آفريقا جي ٽيم اڳ جيان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽئين نمبر تي موجود آهي، بيٽسمينن ۾ ڪمار سنگاڪارا، بالرن ۾ ڊيل اسٽين ۽ آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن اڳيان آهن، پاڪستاني رانديگرن جي درجابندي ۾ به ظاهري بهتري آئي آهي، اظهر علي 5 درجا ترقي ڪري 16هين نمبر تي اچي ويو آهي، يونس خان هڪ درجي جي ترقي سان ستين، مصباح الحق هڪ درجي جي بهتري کان پوءِ 11هين ۽ سرفراز احمد چار درجا بهتريءَ سان 22 هين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستاني اسپنر ياسر شاهه درجا بندي ۾ ترقي ڪري ٽاپ ٽوئنٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي درجا بندي ۾ ڏکڻ آفريقا پهرين، آسٽريليا ٻئين، پاڪستان ٽئين، انگلينڊ چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، سريلنڪا ڇهين، ڀارت ستين، ويسٽ انڊيز اٺين ۽ بنگلاديش نائين نمبر تي موجود آهي، بيٽسمينن ۾ ڪُمار سنگاڪارا پهرين، ڊي وليئرز ٻئين، آمله ٽئين، سمٿ چوٿين، ميٿيوز پنجين، وليمسن ڇهين، يونس خان ستين، جوروٽ اٺين، وارنر نائين ۽ ڪوهلي ڏهين نمبر تي آهي. مصباح الحق 11 پوزيشن تي آهي

 

آءِ سي سي پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي تباه ڪرڻ چاهي ٿي، جاويد ميانداد

ڪوئٽه(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ رانديگر جاويد ميانداد  ميڊيا سان ڳالهائيندي، چيو  ته آءِ سي سي پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي  تباه ڪرڻ  چاهي ٿي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي تباهي جو ڪارڻ سياسي مداخلت به آهي، ان جو  چوڻ هو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ وارا ئي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٺيڪ ڪري سگهن ٿا،بلوچستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪمي نه آهي، پر ضرورت صرف  انهن کي اڳيان آڻڻ جي آهي.

 

ڪراچي ۾ ڏوهارين جو راڄ

 

گذريل رات دير سان ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني 2 نمبر عيد گاهه واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي پنهنجي محافظ شهزاد سميت شديد زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال نيئندي دم ڏنو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي انچارج هيو.ڊي ايس پي ذوالفقار مڪا فاسٽ فوڊ تي ويٺل هيو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ڊي ايس پي جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  ٻئي طرف سينٽرل ضلعي جي پاپوش واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪلينڪ ۾ داخل ٿي شيعا ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ٿي وئي 55سالن جي مقتول ڊاڪٽر سيد انور علي شاهه عابدي ولد امام علي شاهه عابدي جو لاش اسپتال اماڻيو ويو جتي مقتول جا عزيز ۽ شيعا تنظيمن سان واسطو رکندڙ وڏي تعداد ۾ پهچي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس وارڌات واري هنڌ پهتي ۽ نائن ايم ايم پسٽل جا خول هٿ ڪيا، ان ڏس ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتول سيڪٽر 5 ڊي پاپوش نگر جو رهواسي هو ۽ سندس گهر جي هيٺ ئي عابدي ڪلينڪ جي نالي سان سندس دواخانو آهي جنهن ۾ معمول موجب مريضن جي چڪاس ڪري رهيو هو انهي دوران موٽرسائيڪل تي ٻه ملزم آيا جن مان هڪ ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر کي ٽارگيٽ ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٻه گوليون لڳيون ۽ هن ٿڏي تي دم ڏنو. پوليس موجب بظاهر واقعو فرقيوار دهشت گردي جي ڪڙي لڳي ٿو، ان ڏس ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، مقتول جو لاش اسپتال کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس پاپوش ننگر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪلفٽن انڊر پاس وٽ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن ڪلفٽن ٿاڻي جي حوالدار اعجاز حسين کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب ڪراچي ۾ شهيد ڪيل ڊي ايس پي ذوالفقار علي شاهه جي قتل جو نوٽيس وٺندي جلد قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعظم نواز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائگان نه وينديون. هن چيو ته شهر ۾ اهلڪارن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. وزير اعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيون، ان لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هوڏانهن  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ڪراچي ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار علي شاهه زيدي جي قتل جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ هُن ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه زيدي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون رائگان نه وينديون، آءِ جي ذوالفقار زيدي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو، ٽارگيٽڊ آپريشن منطقي انجام تائين پهچڻ تائين جاري رکيو ويندو. هن چيو ته شهر مان داهشتگردن جو صفايو ڪيو ويندو. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه جي قتل جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي سنڌ کي اڄ واقعي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس چيو ته ايڊيشنل آءِ جي پوليس واقعي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪري. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته جنهن وقت ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه کي قتل ڪيو ويو ان وقت علائقي ۾ بجلي ڪانه هئي، هن چيو ته شروعاتي طور خبر پئي آهي ته ڊي ايس پي تي ٻن ڄڻن فائرنگ ڪئي، سندس چوڻ هو ته شهادتن سان اسان جا حوصلا نه هاربا، ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون.