تازيون خبرون

Daily Archives: May 7, 2015

سماج کان سوال؟؛سهڻي پارس

چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي ،پر ڪير چوي؟ ڪير ڳالهائي؟ ڪير ايتري همت ڪري ۽ ڪير  انسانيت جي ويرين سان مهاڏو اٽڪائي ؟ ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اهو مهاڏو هن ڪائنات جو انتهائي حساس ۽ نازڪ نفيس وجود اٽڪائي! پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به هن سماج ۾ وحشتون ۽ دهشتون وڌي وينديون آهن ته ڪو نه ڪو اهڙو وجود اٿي کڙو ٿي پوندو آهي جو هر وات اها وائي هوندي آهي ته ” ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ هوءَ اهڙ ئي هئي، هن کي خبر هئي ته جنهن گهٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ هوءَ پنهنجو آواز اٿاري رهي آهي، اهو سماج ان آواز کي گهڻو وڌڻ نه ڏيندو، ها بلڪل سبين محمود اها ترقي پسند دانشور ۽ هن سماج جي ان نازڪ ۽ نفيس پر انتهائي بهادر حصي جي هڪ شاخ هئي، جنهن جي سوچ صديون پراڻي هن سماج ۾ تبديلي پئي چاهي، سبين به انهن عورتن مان هڪ آهي جن پنهنجي عملي ۽ نظر ايندڙ جدوجهد  ذريعي سماج دشمنن کي للڪاريو ۽ پوءِ اها ئي للڪار سندس بلند ٿيندڙ آواز کي سدائين لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو پر ڇا ائين ممڪن آهي ته هڪ سبين جي خاموشي سان هتي ان ئي سوچ سان سماج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هر سبين خاموش ٿي وڃي؟ منهنجي خيال ۾ بلڪل نه ،هن society   male dominated   ۾ اڄ به ايتريون سبين موجود آهن، جيڪي اهو ثابت ڪري ڏيکارينديون ته اوهان جي بندوقن جون گوليون ختم ٿي وينديون پر سبين جيڪو جهنڊو کڻي نڪتي هئي اهو هاڻ ڪرڻو ۽ جهڪڻو ناهي، اهو سچ ۽ حق جو علم هاڻ اوهان کي اوهان جي سوچ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ساهه پٽيندو، توهان ڪيتريون سبين ماريندئو؟ هاڻ اهو وقت ويو جڏهن عورت رڳو نسل وڌائڻ جي فيڪٽري ۽ عياشي جو سامان سمجهيو ويندو هو، بينظير ڀٽو کان ويندي سبين تائين هاڻ ته هن سماج کي اهو سمجهي وڃڻ گهرجي ته هي سفر هاڻ پنهنجي منزل ماڻڻ کان اڳ ختم ٿيڻو ناهي،.سبين محمود جيتوڻيڪ هن مدي خارج معاشري ۽ مرداڻي سماج سان حاوي ٿيل سوچن  جو شڪار ٿي آهي پر ان سان گڏ هن اسان کي هڪ اهڙي همت، جوش ۽ جذبو به ڏنو آهي، جنهن کي هاڻ ڪا به گولي، ڌمڪي، داٻو يا پابندي روڪي نه ٿي سگهي، سبين جو آواز خاموش ڪندڙ  بزدل قاتلن جيڪڏهن اهو سمجهيو ته ان سان هو ڪامياب ٿي ويا آهن ته شايد اها سندن ڀل آهي، ڇو ته هتي هن سماج ۾ سهڻي به سبين آهي ته اها فردوس سانگي به سبين بڻجي ميدان ۾ موجود آهي، اها شهناز شيدي هجي يا  قبيلائي نظام ۾ پلجندڙ روبينا چانڊيو، هاڻ هر ساڃاهه وند ۽ سوچ رکندڙ عورت ۾ انهن بزدل قاتلن کي سبين جو چهرو ۽ سوچ نظر ايندي ، توهان ڪيتريون سبين ماريندئو؟ ڪيترا آواز خاموش ڪندئو؟ ڪيترين سوچن کي پنهنجي ناپاڪ ۽ بي رحم سوچن سان دٻائيندئو؟ توهان جيڪڏهن اهو سمجهو ٿا ته هڪ سبين کي خاموش ڪري اوهان فتح حاصل ڪري ورتي آهي ته مان وڏي واڪي چوان ٿي ته اوهان ڀليل آهيو؟ اوهان کي هاڻ هر وک تي هڪ اهڙي سبين ملندي جيڪا اوهان لاءِ للڪار بڻجي اوهان جي وجود کي به ڏڪائي ڇڏيندي. ها مونکي يقين آهي ته اهو وقت اچي ويو آهي، سبين هتان جي هر ان عورت جي همت ۽ حوصلو اڃا وڌائي وئي آهي ، جيڪا تبديل چاهي ٿي؟ جيڪا هن سماج کان ٻيو ڪجهه نه رڳو پنهنجا حق ۽ جائز حق گهري ٿي، اهي حق جيڪي هر مذهب عورت کي ڏنا آهن، اهي حق جيڪي هن سماج جي نام نهاد مرداڻي سوچ هيٺان دٻائي رکيا ويا آهن،ها اسان کي هاڻ پنهنجا حق گهرجن، ائين نه ٿئي جو اسان ان بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون جو هن سماج جو نسل وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيون؟ اسان کي ايترو مجبور نه ڪيو جو اسان بغاوت جو اهڙو علم هٿ ۾ کڻيون جيڪو اوهان جي ٺاهيل هن جعلي سماج کي ئي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏي، اسان کي اهڙي بغاوت تي مجبور نه ڪيو ، جيڪا سڀاڻي اوهان سهي نه سگهو! ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها  ترقي پسند ۽ روشن خيال عورت سڀاڻي پنهنجي حقن لاءِ هٿيار کڻڻ تي به مجبور ٿي وڃي، ڪيستائين اوهان جو اهو ظلم هلندو، ڪيستائين هر سبين جي موت تي اهي سٽون ٻڌڻ ۾ اينديون رهنديون ته ” چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اٺها ڪي چلي“ ڪيستائين اسان اهو سڀ ڪجهه ٻڌنديون، ڏسنديون ۽ خاموشي سان سهنديون رهنديون سين ته اهو اسان جو مقدر آهي، ڪيستائين هر سبين جي مرڻ تي رڳو ماتم ملهائي، تصوير آڏو ٻه چار گل رکي، ميڻ بتيون ٻاري، ڀيٽا جا هڪ اڌ لفظ چئي وري سڀ ڪجهه وساري ساڳئي ڪرت سان لڳي وڃبو، انت ته اچڻو آهي هر ظلم ۽ ظالم جو، ڇوته سدائين “ سنگ و خشت مقيد“ ۽ ” سگ آزاد “ ناهي رهندو. ڪير منهنجي ڳالهه سان ڀلي سهمت نه هجي ۽ مونکي ان جي پرواهه  به ناهي پر مان اهو چوڻ ۾ به بلڪل ذهني ۽ دلي طور تي مطمئن آهيان ته سبين جو قتل هن سماج جي ان حصي جو قتل آهي، جيڪو اڃا بانبڙا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

مونکي ياد آهي هن ئي سماج جو اهو ڪردار جيڪو ڪمزور ۽ نازڪ نفيس هجڻ باوجود ان وقت هڪ اهڙي حق حساب جو نعرو هڻي اڪيلي سر ميدان ۾ نڪتو هو جيڪو ان جو ذاتي حق نه هو پر هوءَ هڪ اهڙي عورت جي خون  جو حق حساب وٺڻ لاءِ گهران نڪتي هئي جنهن کي سندس مڙس رڳو شڪ جي بنياد تي اهڙي ته بيدردي سان موت جي ننڊ سمهاريو هو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ ته پري جي ڳالهه سوچڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، اها عورت ان وقت اڪيلي هئي ۽ پنهنجي ان بيگناهه سهيلي جي رت جو حساب وٺڻ لاءِ جڏهن هن جدوجهد شروع ڪئي ته کيس ڌمڪيون به مليون، خطرا به آڏو آيا، کوڙ ساريون رڪاوٽون ۽ مسئلا به کيس منجهائيندا رهيا پر هوءَ پوئتي نه هتي ۽ پوءِ هن ان خون جو حساب وٺي به ڏيکاريو، ان قاتل کي عدالت ذريعي ڦاهي جي سزا به آئي پر قانون جي ڪمزورين سبب اڳتي هلي موت جي سزا عمر قيد ۾ مٽجي وئي، ان قصي جو ذڪر ڪري مون رڳو اهو محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو ته ڪائنات جي جنهن وجود کي اوهان نازڪ ، نفيس ۽ حساس سمجهو ٿا اهو وجود جيڪڏهن پنهنجا حق وٺڻ جو پڪو پهه ڪري نڪري پوي ته ياد رکو ته پوءِ ان کي اوهان جي ڪا به گولي، ڪابه ڌمڪي، ڪوبه خطرو ۽ ڪابه رنڊڪ نه ٿي روڪي سگهي، ائين نه ٿئي جو اوهان جي اهڙي ڪا ڪوشش اسان کي ان حد تائين وٺي وڃي جو اسان اوهان جي هن جعلي ۽ هٿ ٺوڪئي سماج جي نس بندي ڪرڻ تي ئي مجبور ٿي وڃون”

**********