تازيون خبرون

Daily Archives: May 6, 2015

تان جو واهڙ پون وهي: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جيئن ۽ جيتري سهڻي سنڌ، اوترا وري هن عظيم مٽيءَ جا ماڻهون مکڻ ۽ ماکي. نه سندن سونهن جو ڪو انت ۽ نه وري ڪا قربن جي ڪمي. ايڏيءَ  ۽ اهڙيءَ سونهن باوجود اسان جون حالتون سهڻيون ڇو نه ٿيون ٿين؟ ماروئڙن جي منهن تي مرڪون ڇو نه ٿيون اچن؟ بک ۽ بيروزگاري ختم ڇو نه ٿي ٿئي؟

قبول ڪيوسين ته پنهنجا ذريعا ۽ وسيلا پنهنجي هٿ نه آهن. مڃيوسين ته ظلم ۽ زيادتي جو ڪو انت ئي ڪونهي. اهو به تسليم ڪيوسين ته رشوت ۽ اقربا-نوازيءَ لائقن کان لولي کسي ورتي آهي. پر انهيءَ سموريءَ صورتحال تي ڪنهن ٻئي پاسي کان به ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا، اهو ته اسان کي ڪرڻ گهرجي. اسان جا جيڪي حق آهن، اهي هر حالت ۾ وٺڻ گهرجن. پر پاڻ کي پنهنجن حقن کان ته پاڻ مرحوم نه ڪيون.

اڳي هڪ مثال ڏيندا هئا ته ڪنهن منهن ڀيلي ماڻهوءَ کان ڪنهن پڇيو ته” منهن ڇو نه ٿو ڌوئين؟“ جواب ۾ چييائين ته غريب آهيان“. اها کلائيندڙ منطق اسان جي ورقن ۽ سينن ۾ ان ڪري محفوظ نه ٿي ته ڏند ٽڙي اجايو ٽهڪ ڏيون. اسان جي سپورنجهن سوچيو هئو ته قومن تي اهڙا به ڏينهن ايندا آهن جو ماڻهن جون متيون منجھي وينديون آهن ۽ انهن کي فقط بي جاءِ جوازن ۽ ڪوڙن بهانن تي ڳنڍ ٻڌي پاڻ کي سماجي پريشر ۽ منطق کان بچائڻو پوندو آهي.

سنڌ هن وقت ٻن بحرانن مان گذري آهي. هڪڙو آهي خارجي بحران جنهن سنڌ جي جاگرافيائي تشخص، معاشي تحفظ، امن ۽ امان کي پنهنجي نرغي ۾ ورتو آهي. ٻيو آهي داخلي بحران، جيڪو اسان کي اندران اندران پورو ۽ کوکلو ڪندو پيو وڃي. خارجي بحران واري محاذ تي ته اسان جا اڻ ڳڻيا هر اول دستا موجود آهن، پر داخلي بحران تي جهڙوڪه ڪاريءَ وارا ڪَکَ لڳا پيا آهن.

اسان پير وڏيري ۽ سياستدان کي ته جائز طور خارجي بحران ۾ ڌارين جو ساٿي ۽ پنهنجن جو دشمن سمجھون ٿا، ليڪن اسان مان هر هڪ جي اندر ۾ جيڪي سوين پير ۽ وڏيرا ويٺا آهن، انهن جي وري پالنا ڪريون ٿا. جيڪو گناهه پير ۽ وڏيرو پنهنجي قومي عمل ذريعي ڪري ٿو، سو بلڪه ان کان اڳرو گناهه اسان پنهنجي سوچن  روين سان ڪيون ٿا.ذات پات ۽ رنگ نسل جو زهر ته پيرن ۽ وڏيرن ٺاهيو، پر ان تي حڪمت اسان پيا ڪيون. مٿئين  طبقي ۾ ڪارو ڪاريءَ تي قتلام جا واقعا نه ٿا ٿين، پر ماڻهن مارڻ جو اهو ڪڌو ڪم اسان فخر سان ڪيون ٿا. ٻهراڙين ۾ وڃي ڏسو ڳوٺن گهرن جا گهر مائيون پيون هلائن. سندن مڙس ۽ مائٽ مڇيون وٺي وچ بازار ۾ ائين ٻٽاڪ هڻندا جهڙوڪه ملڪ جا والي هجن. عورت-ذات تي ٿيندڙ اهڙي معاشي ظلم زيادتيءَ جو اڃا ڪيترن نوٽيس ئي نه ورتو آهي. آهي ڪو اسان مان جيڪو هنن حوالي پانڊن کي سنواري سڌاري ماڻهو بڻائي ۽ مٿن پنهنجا گهر هلائڻ جو ڦيڻو پڙهي؟

بي روزگاري آهي ۽  ان کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. پر ڇا هيءَ حقيقت ڪانهي ته اسان ان ڪري سرڪاري نوڪريءَ وٺڻ تي ضد ڪندا آهيون جو اُتي پڇاڻو معاف آهي. جنهن معاشري ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي اڪثريت گوسڙو بڻجي مفت ۾ پگهار کڻن، اتي هر ڪنهن جي دل ڪيئن نه ڪڍندي ته مفت خوريءَ جا مزا وٺجن؟

اڳي چوندا هئا ته”اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري“. هاڻي جيڪڏهن کيتي ڪن ته اسان جا پوڙها مائٽ،  جيڪڏهن واپار جي ڳالهه ڪبي ته نوجوانن کي بڇان وٺي ويندي ته اسان ڪو ان لاءِ پڙهيوسين ڇا ته هٽ-واڻيا ٿيون؟ ان ڪري هاڻي اسان جون مائرون ڪنهن پير فقير، پروءَ يا بينظير جي مزار تي مٿو ٽيڪي پٽ جي اولاد لاءِ پنديون ۽ ابا وري ڪنهن ننڍيري وڏيري جي اوطاق جون پيا مٽيون ڀريندا ته من پٽ کي ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي.ان ڪري اسان جيڪي ڊاڙون هڻون ٿا ته سنڌ ۾ خوش حاليءَ جا واهڙ وهائڻ لاءِ سندرا ٻڌي نڪتا آهيون، انهن کي واندن ۽ مفت خورن لاءِ به سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي..

 

وڻن جي واڍي ۽ موسمي تبديليون

هڪ زمانو هيو جڏهن ڪشمير، ڪوهه مري، سوات ۽ نٿياگلي جي ساون وڻن سان گڏ سنڌ جا جهنگ ۽ جنگل، ڪوئيٽا ۾ موجود وڻڪاري ۽ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي موجود ڪروڙين وڻن جي ڪري سڄي ملڪ جي موسم ۾ گرميءَ جون ڪجهه ڊگريون گهٽ هونديون هيون. وڻ فطرت جي گرمين کي جذب ڪندا هيا. فضائن جي گرمي کي وچٿرو ڪندا هيا. بادلن کي ڀرجڻ ۾ مدد ڪندا هيا ۽ ڪراچي سميت سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ برساتون پونديون هيون. آهستي آهستي ڪشمير کان وٺي ڪراچي تائين پنهنجي ذاتي هٻڇ ۽ لوڀ جي ڪري ۽ مختلف سياسي معاملن جي ڪري جهنگ ٻيلا ختم ڪري قبضن جي نذر ٿيندا ويا. جنهن ڪري موسمون گرم ٿينديون ويون. موسمون نه ٿيون ڄڻ ته باهه جي اوڳاڇ هجي، جيڪا ڌرتين ۽ ان تي رهندڙن مٿان پوندي رهي. هلندي هلندي انهن وڻن جي کوٽ جي ڪري برساتون، وچٿريون موسمون، سِياحت، ماڻهن جون طبيعتون، انساني چمڙيءَ کي لڳندڙ بيماريون، زمينن جون تباهيون، دريائي پاڻيءَ جي کوٽن، وڏين وڏين ٻوڏن ۽ انتظامي ناانصافي جي ڪري سموريون موسمون خطرناڪ سطح تائين اگرا نتيجا ڏيڻ لڳيون آهن. ڪراچي ۾ آباديءَ جي واڌ کي روڪڻ کان بچاءَ بدران ٻيلن  کي ڄڻ ته باهه ڏني ويئي. ڪنڪريٽ جون بلڊنگون ذاتي نفعن جي سبب تمر جا ڪروڙين وڻ ڳڙڪائي ويون. ڪراچي جيڪا دلربا موسمن جي وستي هئي، جيڪو عاشقاڻو شهر هيو، جنهن جي برساتن تي ڪيئي فلمي گانا لکيا ويندا هيا، ان ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي اپريل ۽ مئي مهينن ۾ 40 کان 43 ڊگري پد جي ڳالهه ڪا معمولي ۽ گهٽ خراب ڳالهه ناهي، اها ظاهر ڪري ٿي ته اسان وڻن جو، ساوڪ جو، ٻيلن، جهنگن ۽ جنگلن جون ڪهڙو حال ڪيو آهي. انهن وڻن سان دشمنين جي ڪري فضائون گرم ترين ٿي رهيون آهن. اهو حشر رڳو ڪراچي ۾ ناهي، اهو لاڙڪاڻي، پنوعاقل، سکر، حيدرآباد ۽ سمري سنڌ جو آهي. ان تي جيتري به ڳڻتي ڪجي اها گهٽ آهي. سنڌ ۾ دماغي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جا عوام پاڻ ان بيماريءَ کان پنهنجي جان ڇڏائين. بنگلا، ماڙيون، عمارتون ۽ مرتبا وڏيون ڳالهيون آهن اهي پنهنجي محنت سان ملي وڃن ته ان کان وڌيڪ بهتر ٻي ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. پر پرائي ماڙيءَ تي پنهنجي ڀونگي ڊاهڻ واري روش ۽ نتيجي ۾ قوم جون ” ٻه به وڃن ته ڇهه به وڃن“ ته ان سڄي ڳالهه کي سمجهڻ جو ۽ پاڻ کي سنڀالڻ ۽ ڌرتين کي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي. سڄي سنڌ جي عوام جو فرض آهي ته اهي وڻن جي باري ۾ پنهنجي ذاتي هلت چلت کي تبديل ڪن. وڻن پوکڻ جي باري ۾ هر انسان ٻئي کي همٿائي. انهن وڻن جي پوکڻ کان سواءِ سنڌ ۾ ڪنهن به معنا ۾ ڪيئي رٿائون، دريائن جا وهڪرا، سنڌ جي زمين سڀ جو سڀ غرق ٿي ويندي. سنڌ جي ٻيلي کاتي کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ نه رڳو ٻيلن جي باري ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري پر جيڪي به ناحق سنڌ جي ٻيلن سان ٿيا آهن انهن جي باري ۾ پڻ وڌيڪ  تدارڪ ڪري. ان سلسلي ۾ جيڪي به ٻهراڙيون آهن انهن جي مدد ڪرڻي پوندي ۽ ٻيلي کاتي کي ۽ زراعت کاتي کي ۽ ماحوليات واري کاتي کي الڳ الڳ ۽ گڏجي هڪ اهم حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن وڻن پوکڻ واري عادت سنڌ جي هڪ روايت پيدا ٿي وڃي. سنڌ جي عوام کي پنهنجو پاڻ کي ان دماغي ڪرپشن جي دز مان به پاڻ کي ڇنڊي اٿڻو پوندو جنهن اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ” منهنجو ڇا؟“ پر جي سڄي سنڌ ان ”منهنجو ڇا“ کان اڳتي ئي نه سوچي ته پوءِ هيءَ ڌرتي اسان جي قدمن هيٺان کسڪڻ کان اڳ ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.