تازيون خبرون

Daily Archives: May 6, 2015

ڪراچي جون حالتون پهريان کان گهڻيون بهتر ٿيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون پهريان کان گهڻيون بهتر ٿيون آهن، شهر ۾ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن، شهر ۾ سياسي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهالپور ۾ پهرين شمسي توانائي جي منصوبي جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ مان بيروزگاري، اونڌاهي ۽ غربت جي خاتمي واري منشور تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي پر سٺي ڪم جي تعريف ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف پاران چيني ڪمپني کان 2 ارب ڊالرز جي رعايت حاصل ڪرڻ سندس ڪمال آهي، هر معاملي جو نوٽيس وٺندڙ ٽرانسپرينسي وارا هاڻي ته نظر ئي نٿا اچن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 46 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، پهريان ڪو به يقين نه ڪري رهيو هو ته ايتري وڏي سيڙپڪاري ٿيندي پر چيني صدر پاڻ پاڪستان آيو ۽ منصوبن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ملڪ ۾ منصوبا شروع ته ٿيندا آهن پر چاليهه-چاليهه سالن تائين اهي پورا ناهن ٿيندا ۽ پر مسلم ليگ نون پاران شروع ڪيل منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، چين جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ نگراني ڪميٽيون جوڙيون وينديون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بهاولپور ۾ 100 ميگاواٽ جو شمسي توانائي منصوبو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا جو وڏو منصوبو آهي، ٻي مرحلي ۾ 900 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي. وزيراعظم ٻڌايو ته بلوچستان اندر 660 ميگاواٽ، آزاد ڪشمير جي شهر ڪروٽ ۾ 740 ۽ ٿر ۾ 2000 جي منصوبن سان گڏ بجلي جي پيداوار لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جن سان 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ ايندي، جنهن سان نه صرف لوڊشيدنگ ختم ٿيندي، پر بجلي جي بچت پڻ ٿيندي. ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ايل اين جي سان 3 هزار ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي ويندي، نوابشاهه کان گوادر تائين به ايل اين جي پائيپ لائين وڇائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کان لاهور تائين موٽروي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت جي قدمن کانپوءِڪراچي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، شهر ۾ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن، شهر ۾ سياسي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، سياسي ۽ عسڪري قيادت جي فيصلي سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو آڻي قبائلي علائقن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج شاباس جي مستحق آهي.

 

دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ ڏنل قربانيون ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين: پاڪ فوج

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارتي ايجنسي “را” جي مداخلت تي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سخت نوٽيس ورتو آهي. آرمي چيف خبردار ڪيو آهي ته دهشتگردن ۽ ڏوهارين  خلاف ڪارروايون ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ امن جو راڄ قائم ڪرڻ آهي.پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو ويندو.جنرل هيڊ ڪواٽرز راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ آپريشن ضرب عضب، پوري ملڪ ۾ دهشتگردن  جي خلاف هلندڙ مهم سوڌو اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ را جي مداخلت تي سخت نوٽيس ورتو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف خطاب ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ  واري  عزم کي ورجايو ۽ اهو به چيو ته دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خلاف غير سياسي  بنا ڪنهن مد ڀيد جي ڪارروايون جاري آهن ۽ جاري ، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي.هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ ڏنل قربانين کي ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين . آرمي چيف چيو ته  دهشتگردي  کان پاڪ پاڪستان پوري قوم جو عزم آهي. پاڪ فوج پاڪستان جي عزت ۽ واقار  جو هر قيمت تي تحفظ ڪندي.

 

18 هين ۽ 21هين ترميم سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي: ڀارت جو آئين پاڪستان لاءِ  سٺو مثال ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ 18 ۽ 21 آئيني ترميم  متعلق درخواستن جي ٻڌڻي ۾ جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته  ڀارت جو آئين پاڪستان لاءِ  سٺو مثال ناهي. جسٽس اصف سعيد کوسو جو چوڻ هو ته  طاقت جو محور هڪ هٿ ۾ هجڻ خطرناڪ آهي. ماڻهو پهرين آئين ۾ ترميم ڪندا آهن ۽ پوءِ روئڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ 18 ۽ 21 ترميم سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي اڳواڻي  ۾ فل ڪورٽ بينچ ڪري رهيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته اسان جو آئين اقليتن کي انهن جي مرضي مطابق زندگي گهارڻ جو تحفظ ڏئي ٿو جڏهن ته پارليامينٽ جو چوڻ آهي ته ان کي قانون سازي ۽ ترميم جو اختيار آهي. ڇا اسان جي آئين جو ڪو بنيادي ڍانچو آهي. جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان چيو ته آئين جي بنيادي ڍانچي جي سوال تي غور ڪرڻ اڃان باقي آهي.جسٽس جواد ايس خواجا ريماڪس ڏنا ته اختيارن جي حوالي سان ادارا هڪٻئي تي نظر رکندا آهن .ڀارت ۾ آئين جا 27  بنيادي ڳالهين کي مڃيو ويو آهي. ڀارت جي آئين جو مٿاڇرو جائزو ورتو وڃي ته اهو پاڪستان جي آئين کان مختلف آهي. ڀارتي آئين پاڪستان جي لاءِ ڪو سٺو مثال ناهي. ٻڌڻي اڃان هلندڙ آهي.

 

پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل ثبوت عدالت ۾ دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) جڊيشل ڪميشن، 2013ع وارين عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جاچ جي سلسلي ۾ سڀاڻي پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران تحريڪ انصاف پاران عام چونڊن دوران 74 تڪن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين بابت ثبوت پيش ڪيا ويا، جنهن تي حڪمران ليگ ۽ اليڪشن ڪميشن اعتراص واريا. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواد خواجا ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل ثبوتن جو جائزو ورتو ويندو. هـُن چيوته تحريڪ انصاف پاران نشاندهي ڪيل 74 مان 40 جا فيصلا اچي چڪا آهن. نون ليگ جي وڪيل شاهد حامد چيو ته تحريڪ انصاف پاران مبينا ڌانڌلين بابت پيش ڪيل ثبوتن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. اجلاس دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ناصر المڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف پاران پيش ڪيل ثبوت عدالت ۾ دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا. چيف جسٽس چيو ته سڀئي پنهنجو موقف پيش ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان حتمي فيصلو جوڊيشل ڪميشن ڪندي. جوڊيشل ڪميشن، ڌانڌلين جي جاچ جي سلسلي ۾ 16 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪندي پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي اڄ ذاتي طور طلب ڪري اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

ٺهراءَ معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ نه هلندي،عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو وڃي: کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ متحده سربراهه الطاف حسين خلاف اڄ به ٺهراءُ پيش نه ٿي سگهيو، نثار کهڙي جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن هنگامو ڪيو،جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي. سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته فنڪشنل ليگ، نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ پاران اسپيڪر تي الطاف حسين خلاف ٺهراءُ پيش نه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ وارو الزام بي بنياد آهي. هن چيو ته اسپيڪر ايوان جي بزنس اڪلائڻ بعد ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي رولنگ ڏني هئي،پر ڪجهه ماڻهو معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن. نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو شوق هو ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائين ها. سندس چوڻ هو ته ٺهراءَ واري معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه هلندي،سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو وڃي. نثار کهڙي چيو ته فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ اپوزيشن ۽ وفاق ۾ ن ليگ سان گڏ حڪومت ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن فنڪشنل ليگ کي الطاف حسين خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ڇو نه ٿو آندو وڃي. نثار کهڙي چيو ته وزيراعظم نواز شريف به الطاف حسين جي معافي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ صدر الدين شاهه سنڌ جي ورهاڱي واري بيان تي ڇو نه ڳالهايو؟ نثار کهڙي جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي ۽ شهريار مهر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن شيم شيم جا نعرا پڻ هنيا. اپوزيشن جي احتجاج تي اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرن کي اسٽرپ سلز جي آڇ ڪئي جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۽ نون ليگ ميمبرن جا مائيڪ بند ڪيا ويا. شهريار مهر چيو ته ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي الزامن جو جواب ڏنو وڃي. اسپيڪر هنگامو ڪندڙ ميمبرن خلاف ريفرنس موڪلڻ جي وارننگ ڏني

 

فاروق ستار چئي رهيو آهي ته ڪِريل حرڪت پيو ڪريان، ڇا گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪِريل حرڪت آهي؟ : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي منهنجي باري ۾ ريمارڪس تي مونکي سخت اعتراض آهي. فاروق ستار چيو آهي ته گوسڙو ملازمن کي ڪڍي ۽ شادي هالن کي مسمار ڪري آئون ”ٽچي“ حرڪت ڪري رهيو آهيان. آئون پڇان ٿو ته گوسڙو ملازمن جي وڪالت ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي يا انهن کي ڪڍڻ ٽچي حرڪت آهي. غيرقانوني شادي هال مسمار ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي يا پبلڪ پارڪن ۾ غيرقانوني شادي هالز تعمير ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي بيان ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فاروق ستار مون تي اهو به چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران جو ذميوار شرجيل انعام ميمڻ آهي. آئون دعوت ڏيان ٿو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته اسان جي غلطي ڪٿي آهي. اسان سنڌ اسيمبلي جي اندر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهر جي سمورن سياسي جماعتن جي نمائندن، ايوان صنعت ۽ تجارت، ڪراچي پريس ڪلب جي نمائندن ۽ ڪمشنر ڪراچي تي مشتمل هڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي ۽ ان کي چيو ته هو ڪراچي ۾ پاڻي جي ورهاست پاڻ ڪري ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ سميت واٽر بورڊ جو ڪوبه به آفيسر يا اهلڪار ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته ان کي برطرف ڪري. ان ڪميٽي جا ٽي اجلاس ٿيا، پر ايم ڪيو ايم جو ڪو به نمائندو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. هن چيو ته اسان ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست لاءِ هڪ ٻي ڪاميٽي به جوڙي جيڪا 24 ڪلاڪ ماڻهن جي شڪايت ٻڌي رهي آهي. واٽر بورڊ ۾ شڪايتي سيل به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو تمام پراڻو آهي. آئون پڇان ٿو ته ايتري عرصي تائين ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ اپاءُ ڇو نه ورتا ويا. شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ 100 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ موجود هئا، اسان رينجرز ۽ ٻين امن امان جي بحالي وارن ادارن سان گڏجي انهن کي مسمار ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو هڪ هزار ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان کي صرف 550 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي. 450 ايم جي ڊي جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جو اعتراف ڊاڪٽر فاروق ستار به ڪيو آهي. اسان کي 550 ايم جي ڊي پاڻي ڌاٻيجي مان حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته 100 ايم جي ڊي حب ڊيم مان ملي ٿو. پر برساتون نه پوڻ جي ڪري حب ڊيم خشڪ ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان کي ڪراچي جي ماڻهن جي تڪليف جو احساس آهي ۽ اسان پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون. ڌاٻيجي جي پمپنگ اسٽيشن جي گنجائش 65 ايم جي ڊي وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي. پراڻي واٽر پلانٽس جي مينٽيننس ۽ مرمت به هنگامي بنيادن تي ڪري رهيا آهيون. مون واٽر بورڊ جي عملدارن کي چيو آهي ته هو پمپنگ اسٽيشنز جي مرمت جلد ڪرائين. ان لاءِ ٽينڊر ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته اسان جي پهرين ترجيح ڪراچي جي ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ آهي. هن چيو ته جيڪي هائيڊرينٽ ۽ ٽينڪرز مافيا پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن  انهن خلاف واٽر بورڊ جي شڪايتي سيل ۾ شڪايتون داخل ڪرايون وڃن. اسان انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته عوام ان مافيا جي هٿان بليڪ ميل نه ٿئي. جتان کان پاڻي خريد ڪن اتان رسيد وٺن ۽ رسيد تي ٽينڪرز جو نمبر به لڳل هجڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا دوست پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته آئون انهن کي ڀليڪار ڪيو ۽ واٽر بورڊ جي عملدارن کي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان گڏ دوري تي وڃن. هن شهر جي سمورن ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ادارن جي اونرشپ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پاڻي جو بحران سنگين آهي ۽ مونکي ان جو اعتراف آهي ۽ آئون مسئلي جي حل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان تعاون جي اپيل ڪريان ٿو.

 

آصف علي زرداري جي اوچتو طبيعت خراب، احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، 13 مئي تي ٻيهر طلب

راولپنڊي (بيورو)  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب اثاثا ريفرنس  ڪيس ۾ راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، عدالت، آصف زرداري کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 13 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج خالد محمود رانجها اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي پيپلزپارٽي جا وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود هئا، جڏهن ته عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي گاڏين جي پارڪنگ تي به  پابندي  لڳائي  وئي  هئي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي آهي، تنهن ڪري هو پيش نٿو  ٿي  سگهي. فاروق نائيڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته آصف علي زرداري کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت، آصف علي زرداري جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 13 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.  عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري طبيعت خراب ٿيڻ سبب پيش ناهي ٿي سگهيو، عدالت کيس 13 مئي تي طلب ڪيو آهي، ڪوشش هوندي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اڳوڻو صدر پيش ٿئي.

 

ملڪ تي امير طبقي جو قبضو آهي، بلدياتي چونڊون عوام کي آزاد ڪري ڇڏيندي: عمران خان

بشام(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چئرمين عمران خان چيو  آهي ته ترقي آفته ملڪن جو نظام ٺيڪ  آهي پر انهن ملڪن ۾ ڪير به درخواستون کڻي ڪنهن جي پويان نٿو گهمي، اسان جي ملڪ جو نظام رڳو امير طبقي جو آهي، تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي هلندڙ نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندي، اسان جي دور ۾ ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو ڪم رڳو قانون سازي هوندو جيڪڏهن حڪومت ملي تهتعليم تي زور ۽ نئين ٽهي کي سستا قرض پڻ ڏينداسين. ايندڙ بلدياتي چونڊن کانپوءِ عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو.ڪي پي ڪي ۾ مڪاني نظام عوام کي ازاد ڪري ڇڏيندو ۽ عوام جا فنڊ عوام جي نمائندي وٽ ئي هوندا. عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الطاف حسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لنڊن ۾ ويهي فو ن تي گانا ڳايا وڃن ٿا ۽ روڄ پٽڪو ڪيو وڃي

 

مونکي مير مرتضيٰ ڀُٽي وانگر گهر آڏو مارائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ذميوار آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر هوندا: ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ ر) اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته کيس مير مرتضيٰ ڀُٽي وانگر گهر آڏو مارائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار آصف زرداري، فريال ٽالپر، وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ ايس ايس پي بدين ميڊياسان خصوي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته آصف زرداري کي شوبازي ڪرڻ جو شوق آهي، هو کيس ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هُن سان ڪير به مهاڏو نٿو اٽڪائي سگهي. ذوالفقار مرزا چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي به گهر آڏو بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو، ان وانگر کيس به روڊ تي مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هي چاهين ٿا ته آئون ٻاهر نڪران پوءِ ڪنهن کي ماريان ته به هي خوش ٿيندا ۽ ڪير مونکي ماري ته به هي خوش ٿيندا. هن چيو ته عدالت سندس سڀاڻي تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي آهي، کيس عدالت وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي، سوين اهلڪار بڪتربند گاڏين سان بيهاري کيس نظربند ڪيو ويو آهي ته جيئن هو عدالت نه وڃي سگهي ۽ هي کيس گرفتار ڪري وٺن. ذوالفقار مرزا چيو ته هو پوليس جو گهيرو ٽوڙي ڏيکاريندو، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار آصف زرداري، فريال ٽالپر، وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ ايس ايس پي بدين هوندا.

 

مرزا هائوس تي آپريشن واري صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو آهي ته سندس مڙس ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف داخل ڪيل سمورا ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن،نه ته سڄي بدين جو عوام گرفتاري ڏيندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ذوالفقار مرزا  خلاف انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي، فهميدا مرزا وڌيڪ چيو ته سندن ڪٽنب بدين جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ بدين جو عوام ساڻن  گڏ آهي مون کي اها به اميد آهي ته اسانجي ڪيل جاکوڙ ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي. ذوالفقار مرزا جي حفاظت بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي هن چيو ته بدين ۾ غير سياسي پوليس وارا موڪليا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته بدين ۾ اهڙن نمائندن کي موڪليو پيو وڃي جيڪي هڪ خاص سياسي پارٽي جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي جنهن جا اثررڳو سنڌ تائين محدود نه رهندا. جمهوريت لاءِ ڪيل قربانين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هاڻوڪي صورتحال جمهوريت لاءِ ڪو سٺو سوئنڻ ناهي.سندس گهر آڏو بيٺل پوليس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ به  پوليس جي گاڏين جي موجودگي سندن سياسي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي.