تازيون خبرون

Daily Archives: May 5, 2015

ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سيريز برابريءَ تي ختم

بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابريءَ تي ختم ڪري ڇڏي. ميچ جو فيصلو ٽئين ڏينهن تي ٿي ويو. 192 رنسن جو هدف ميبزان ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصانتي حاصل ڪري ٽين ٽيٽ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست جو بدلو پڻ وٺي ڇڏيو. ڊيرن براوو 82 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جرمائن بليڪو وڊ کي ميچ ۽ جيمز اينڊريسن کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. تفصيل موجب باباڊوس ۾ جاري سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 39 رنسن 5 رانديگر آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ته ان کي ميزبان ٽيم خلاف 107 رنسن جي مجموعي سرسي حاصل هئي. ويسٽ انڊيز ٽيم جي بالرن جي شاندار بالنگ سبب انگلينڊ جي ٽيم سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سموي ٽيم 123 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي ۽ ان ويسٽ انڊيز کي ڪاميابيءَ لاءِ 192 رنسن جو هدف ڏنو. جوز ٽيلر 35، بين اسٽوڪس 32 ۽ گيري بيلنس 23 رنسن سان نمايان رهيا. جيروم ٽيلر، جيسن هولڊر ۽ ويرا سيمي پرومئل 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ويسٽ انڊيز هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيرن براوو 82 رنسن سان ٻيو نمايان بيٽسمين رهيو. جرمائن بليڪووڊ کي مين آف دي ميچ جڏهن ته جيمز اينڊريسن کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

 

انگلينڊ ۽ آئرلينڊ وچ ۾ واحد ٽي-20 ميچ 8 مئي تي کيڏي ويندي

ڊبلن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي-20 ميچ 8 مئي تي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ ان ميچ لاءِ 13 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جيمز ٽيلر کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي،عادل راشد ۽ مارڪ ووڊ به اسڪواڊ جو حصو هوندا جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ظفر انصاري، جوناٿن هيئر سنو(وڪيٽ ڪيپر)، سيم بلنگز، بريسٽن، اسٽيون فن، ليوس گريگوري، اليڪس، هيلز جيسن راءِ، جيمز ونس ۽ ڊيوڊ ولي شامل آهن. آئرش ٽيم ويلم پورٽر فيلڊ جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته نماان رانديگرن ۾ ڪيون اوبرائن، نيل اوبرائن، پال اسٽرلنگ، ايڊ جوئس ۽ ڪيري ولسن شامل آهن. واضح رهي ته پورٽر فيلڊ جي اها 200 هين ميچ هوندي.

 

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي، جتي هو 2 ٽيسٽ، پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي – 20 ميچ کيڏندي، ڪيوي ٽيم پنهنجي دوري جي شروعاتٽور ميچ سان ڪندي، جڏهن ته وارم اپ ميچ 14 ان 17 مئي تائين کيڏي ويندي، باقاعده ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 21 مئي کان ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز 9 جون کان شروع ٿيندي، جڏهن ته واحد ٽي – 20 ميچ 23 جون تي کيڏي ويندي. ا

 

آءِ پي ايل ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي

ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ان سلسلي ۾ اڱاري تي رٿيل واحد ميچ ۾ممبئي انڊينز جو مقابلو دهلي ڊيئر ڊيولز سان واينکيڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ممبئي ۾ ٿيندو. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستاني ٽائيم وقت موجب ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندي. رنگارنگ ايونٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ مصروف آهي. 47 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ مجموعي طور تي 60 ميچون کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جي چيمپئن جو فيصلو24 مئي تي ٿيندو. ا

 

هو سنڌ جو سچو عاش هيو!:عبدالوهاب مشي

هي 1983 کان 1986ع جي دور جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي پنهنجي گهر (منشي هائوس) تي پنهنجي بابا شهاب الدين منشي وٽ  سنڌ جو ناميارو اديب، ليکڪ، قلمڪار،شاعر شمشير الحيدري پنهنجي ڏُکي صحافتي دور ۾ اسان جي گهر رهندو هيو، ته اُن وقت 1986ع واري سخت دور ۾ سنڌي ماڻهن مٿان جنرل ضياءَ جي آمريت جو ڏَمر هيو،

جڏهن فوجي آمريت سنڌي نوجوانن، شاگردن کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارائيندي هئي، ته اُن وقت مون پنهنجي گهر ۾ ضياءَ آمريت خلاف عملي، هلچل دوران ڪڏهن بشير خان قريشي، ڄام ساقي، شيخ اياز، ابراهيم جويو، مرحوم يوسف جکراڻي، عابده پروين، حليم باغي، اظهر جتوئي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سڪينه سمون، مير حسن آريسر، دستگير ڀٽي، ناز سهتو، جي اين مغل، جمن دربدر، شهمير چوهاڻ، ڊاڪٽر هرچند لوهاڻو، قاسم پٿر، علي محمدچنه، تاج جويو، سودو گهڻئي شاگرد نوجوان اُن وقت اسان جي اوطاق تي ايندي ڏٺا هيا. اُتي مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ هڪ اڇي جي رنگ جي پوٽوهار جيپ ۾  عبدالواحد آريسر کي به ڏٺو، عبدالواحد آريسر ضياءَ جي سڄي آمريتي عرصيءَ ۾ جڏهن حيدرآباد ايندو هيو ته سندس رهائشي ٺڪاڻو منشي هائوس رهندو هو.

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي، ته هڪڙي پاسي اسان جي روڊ تي فوجي گاڏين جا دستا هلندا هيا، ته ٻئي پاسي عبدالواحد آريسر سان ملڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جا هڪڙا قافله ڪاٽن جي اڇي جوڙن، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل نوجوان ايندي ويندي وارو منظر مان ڪڏهن نٿو وساري سگهان، عبدالواحد آريسر کي جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جو سچو پٽ، عاشق ۽ هن وطن سان ڪميٽڊ ليڊر لکان ته اهو سچ هوندو. عبدالواحد آريسر جو  هڪڙو دور اُهو هيو

جڏهن هو حافظ قرآن هوندي ضياءَ جي آمريت ۾ روپوشي دوران کوکر پاڙي جي جورهاڻي مسجد ۾ پيش امام بڻجي پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گذاري، اُهو سندس روپ به ڌرتي سان عشق ۽ پيار جي انتها واري دور کان گهٽ نٿو لکي سگهجي، عبدالواحد آريسر ٿر جي ريگستاني مٽيءَ کان ويندي هن ڌرتي جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان چڱي طرح واقف هيو.

جڏهن به سنڌ ۽ سنڌيت تي ڏُکيو وقت آيو ته مون کيس هن ڌرتي لاءِ تڙپندي ڏٺو، عبدالواحد آريسر جو منهنجي خاندان سان هڪ اڻٽُٽ رشتو ۽ بابا سان هجت ۽ قرب جي ڪري هو منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندو هيو. 1990ع ۾ مون جڏهن باضابطه طور تي صحافتي زندگي ۾ پير رکيو، ته 1992ع ۾ شهيد بشير خان قريشي سان سينٽر جيل حيدرآباد ۾ ملاقات تي عبدالواحد آريسر سان به جيل ۾ ملاقات ٿي، مون ڏانهن نيهاري هو بشير خان قريشي کي چوڻ لڳو ”ته توکي ابو منشي جي ماڙي واري گهر جون يادگيريون هونديون، جڏهن اُتي اسين جمع ٿي ميلا مچائينداسين هياسين، مون کي اڄ به ادي آمنه جي هٿن جي اڇن چاورن ۽ ٻوڙ جي خوشبو نٿي وسري“.

عبدالواحد آريسر هڪ درويش صفت، سياسي اڳواڻ هيو، جنهن ڪڏهن رياست آڏو پنهنجو ڪنڌ ڪونه جهڪايو،ڪڏهن ڪو پنهنجي نياڻي اندرا لاءِ مال متان نه ٺاهيو، عبدالواحد آريسر جي سادگيءَ جي انتها اها هئي ته هو مون کي هميشه اهو چوندي نظر آيو، ته مان ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪو بئنڪ اڪائونٽ ڪونهي کولرايو، جيڪڏهن تون منهنجو بئنڪ بينلس ثابت ڪري وڃي، ته مان توهان جو ڏوهاري آهيان.

هن ڳالهه کان انڪار ڪونهي، ته عبدالواحدآريسر جي چاهي ها ته هڪ خوشحال زندگيءَ گذاري ٿي سگهيو ته پر هُن سنڌ خاطر سدائين فقيري زندگي گذارڻ پسند ڪئي، کيس فقير زندگي کي مون پاڻ ڏٺو ته سندس زندگي ۾ هڪ اهڙو وقت آيو، ته عمرڪوٽ کان حيدرآباد هڪ لوڪل بس ۾ ايندو ويندو هيو،

ضرور عبدالواحد آريسر جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ جي گهڻن پاسن سان اختلافي راءِ رکي سگهجي ٿي جتي مان سندس تحريرن ۽ ڪالمن جو مداح آهيان، اُتي مان سندس سياسي زندگيءَ تي شديد تنقيد ڪندي ساڻس اختلافاتي راءِ به رکي آهي، مان ڪڏهن سنڌو ديش جي سياست ۽ سائين جي ايم سيد جي سياسي نظريو جو حامي ڪونه رهيو آهيان، پر سندن ادبي پورهئي کان ڪنهن صورت انڪار نٿو ڪري سگهجي.

هڪ ڀيرو حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ ميڊيا سينٽر تي منهنجي عبدالواحد آريسر ۽ شهيد بشير خان قريشي سان ڊگهي ڪچهري جو موقعو مليو، مون ساڻن شديد اختلافات رکندي پنهنجو اهو موقف رکيو، ته جهڙي طرح توهان ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي اڄ پنهنجي نيڪ نيتي سان سنڌ جي جهر جهنگ ۽ ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ وٺي وڃي رهيا آهيو، سڀاڻي هي ڪڏهن به حقيقي طور سچا ٿي توهان جو ساٿ ڪونه ڏيندا، هو ڪڏهن به پنهنجي مهاجر سياست جو نعرو ختم ڪري اصل سنڌ ڌرتي جا پٽ ڪونه سڏائيندا،

اڄ وقت پنهنجي تيز رفتاري سان گذري ويو، شهيد بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر ته هن فاني دنيا مان موڪلائي ويا پر ايم ڪيو ايم اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي حقيقي اصل سنڌ ڌرتي جو پٽ سڏڻ لاءِ تيار ڪونهي، ضرور عبدالواحد آريسر جون سنڌي قوم لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ٻولي لاءِ ڪيل ويڙهه تاريخ ۾ هميشه اَمر رهندين، هو پنهنجن ڪالمن ۽ تحريرن جي شڪل ۾ پنهنجي مداحن ۽ پوئلڳن جي دلين ۾ هميشه جيئرو رهندو، هن ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته عبدالواحد آريسر جو موت سنڌي قوم لاءِ ڪنهن وڏي حادثي کان گهٽ آهي، هو نه رڳو هڪ سنڌي قومپرست پر هڪ وڏو ليکڪ ۽ نقاد هيو، سندس بيباڪ ڪردار جو رياست آڏو ڏوهه رڳو ايترو سمجهي سگهجي ٿو، ته هن سنڌ ڌرتي سان مرڻ گهڙي تائين عشق ڪيو، جنهن لاءِ فيض احمد فيض لکيوآهي:

 

سنڌ سان محبت ڪندڙ عبدالواحد آريسر : خدابخش جويو

اڄ صبح جو تمام ڏک واري خبر ملي ته سنڌ جو نامور قومپرست سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس مرتئي جي خبر وڄ وانگر منهنجي ذهن تي ڪڙڪي پئي ۽ ڪافي دير تائين سندس چهرو،، سندس دانشمندانه فڪر انگيز ڳالهيون ۽ تقريرون ذهن جي اسڪرين تي فلم جيان گهمي رهيون هيون.

26 اپريل تي راجپوتانا اسپتال ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه سان گڏجي سندس عيادت ڪرڻ ويس ته به سندس حالت انتهائي ڪشمڪش واري هئي، راجپوتانا اسپتال ۾ کيس اسلم خيرپوري ۽ ٻيا قومي ڪارڪن اٽينڊ ڪري رهيا هئا، سندس طبيعت جو اهو عالم هو جو، هُو وڏي ڪرب ۽ تڙپ ۾ گذاري رهيو هو. ڊاڪٽرن چواڻي سندس هڪ گردو مڪمل ختم ٿي چڪو هو ۽  ٻئي گردي به اڌ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، ڦڦڙن ۾  پاڻي ۽ جيرو مڪمل ختم ٿي چڪو هو. ان حالت ۾ جنهن پيڙا مان هو گذري رهيو هو، سا حالت ڏسڻ جي همت هاري ويٺو هئس. سندس ان حالت کي ڏسي، ويٺي، ويٺي سندس متعلق سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو هئس. ايتري تائين جو اسلم خيرپوري مون کي شدت سان سڏ ڪري سوچ ۾ ٻڏل ذهن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ پڇيو ته ڪهڙا حال اٿوَ، ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏي ويا آهيو، تڏهن کيس چيم ته ”آريسر صاحب جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو آهيان.“ کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ ان اميد سان نيو ويو ته جيئن سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي پر اهي سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ اڄ 3 مئي تي سندس ساهه جي تند ڇڄي پئي.

عبدالواحد آريسر ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ غير معروف شخص جادو آريسر جي گهر ۾ 1949ع ۾ اک کولي. انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ جي ڪري پرائمري تعليم کان وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو هو. باوجود ان جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀينڊي جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين، جتان مولوي عربي جو امتحان پاس ڪري، مسجد جو خطيب ٿيو. سندس مطالعي جي شوق کيس مولويءَ مان مهان بڻائي ڇڏيو ۽ هو سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ بڻيو ۽ آخري دم تائين سندس نظرئي فڪر تي هڪ پهاڙ وانگر اڏول ٿي بيٺو رهيو. وقت به وقت رياست جي ڏمر ۽ عتاب جو شڪار رهيو، پنهنجي پٺيءَ تي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي عيوض ڪوڙا به کاڌائين، پر هو سيد ۽ سنڌ کان ڪڏهن به جدا نه ٿيو. سائين جي ايم سيد وٽ سندس وڏو قدر هو، ڇاڪاڻ ته هن مولانا ابوالڪلام آزاد کي روبرو ٻڌو هو ۽ آريسر ان کي بيان ڪندو هو. عبدالواحد آريسر جو مطالعو وسيع هو. هن برصغير ۽ سڄي دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. سندس گفتگو ۾ لرزش ۽ ولولو هو ۽ جڏهن هو اسٽيج تان بيهي سامراج ۽ سندس ڇاڙتن کي للڪاريندو هو ته نوجوان جا جذبا ۽ اڌما وڌي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد سندس چاليهي جي موقعي تي، کيس سائين جي ايم سيد جو سياسي وارث قرار ڏنو ويو. ان کي هو ڪيترو پورو لٿو، ان جو فيصلو تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هن لالچي ماحول ۾ جتي ڪيترائي ماڻهو سيد جي فڪر کان منهن موڙي ويا ۽ وڃي سنڌ دشمن ڪئمپ جو حصو بڻيا ۽ عيش عشرت جون زندگيون گهارڻ لڳا، پر عبدالواحد آريسر شاهه لطيف جي ان شعر مصداق ته ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو“ يا ان چوڻي ته ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان“ تي عمل ڪندي پنهنجي زندگي ته ڪٺن گذاري پر سيد جي نظريي کان تِر جيترو به پري نه ٿيو.

سندس لکڻيون تاريخ ۽ سياست ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون، خاص طور تي سائين جي ايم سيد تي لکيل ”ڇا ته شخص هو“، کٽڻهار کڙيا“، ”ڪنڌي ٽڙن ڪنول ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

هو اڄ اسان وٽ جسماني طور نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون، ڪتاب، ۽ تقريرون هميشه سنڌ جي نوجوانن کي اتساهه ڏينديون رهنديون.

عبدالواحد آريسر ”کٽڻهار کڙيا“ جي منڍ ۾ هن طرح اظهار ڪيو ته ”مون دنيا جا ايترا ڪتاب پڙهيا آهن جو انهن جي شمار جو تصور ئي منهنجي دماغ کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. انهن مان ڪن مونکي آسمان سان پيار جو سبق ڏنو، ڪن چنڊ جي ڇانوري سان، ڪن ستارن جي مرڪ سان ۽ ڪن مزدور جي پگهر سان. مون انهن سڀني شين سان نينهن لڳائي ڏٺو. ليڪن منهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني جيئن جو تيئن رهي. پر جڏهن مون جي. ايم. سيد کي پڙهيو ته هن جي ڪتابن مون کي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ ڪنهن ڌارئين ديس جي مٽيءَ کي متبرڪ سمجهڻ بجاءِ ڪارونجهر جي ڪور ۽ ڪينجهر جي ڪنارن کي چمڻ جو ڏس ڏنو. مون پنهنجي دل ڏانهن ڏٺو ته ان ۾ زندگي جا گل ائين ڦُٽي نڪتا، جيئن منڇر جي سطح تي پٻڻ جا پن ۽ پوءِ جڏهن نياز همايوني جي شاعري پڙهيم تڏهن زندگي جي گلن تي پرهه جي هير گهلڻ لڳي.“

اهو آريسر جيڪو پنهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني مان تڏهن نڪتو هو، جڏهن هن سائين جي ايم سيد کي پڙهيو هو ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو سبق سکيو هئائين ۽ پوءِ اهو ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ پکڙيائين ۽ ان خوشبوءَ سان نوجوانن جي دلين کي منور ڪيو. اهو اڄ اسان سڀني کان وڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو آهي. اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته کيس پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ سندس پونئرن ۽ سندس رهنمائي تي ناز ڪندڙن کي صبر عطا ڪري.

 

قومي ٻولين کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي….

اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سنڌ ڪانفرنس ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مڪاني ٻوليون ”قومي ٻوليون“ بڻائي انهن کي آئيني ۽ انتظامي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٻولين جي باري ۾ جيڪي به رويا آهن، سي سڀ ترڪ ڪري پاڪستان کي هڪ بهترين ملڪ بڻائي سمورين آبادين جي ثقافت جو بچاءَ جون ڪوششون ڪيون وڃن. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهتل اها ڪانفرسن ملڪ جي چئني صوبائي راڄڌانين ۾ ٿيڻي آهي. ان سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس ڪراچي شهر ۾ ٿي آهي. ٻولين جي باري ۾ پاڪستان ۾ هڪ ”فونو رڪارڊ“ تيار ڪري وڄايو وڃي ٿو. ان رڪارڊ ۾ اها رڪارڊنگ هر گهڙي وڄندي رهي ٿي، جنهن ۾ اها ڳالهه دهرائي ويندي آهي ته جي ٻولين جي مامري کي ڇيڙيو ويو ته ملڪ جو اتحاد ۽ ٻڌي پارو پارو ٿي ويندي. پر ان رڪارڊنگ وارن اها ڳالهه ڪڏهن به نه سوچي هئي ته ٻولين ۽ ثقافتن جي بچاءَ نه هجڻ سبب به ملڪن ۾ اتحاد نه رهندا ۽ گهڻين حالتن ۾ ته ايئن ڏٺو ويو آهي ت اهي ملڪ پنهنجي ڌار سڃاڻپ لاءِ علحدگي ۽ ريفرينڊم پاسي به ويندا رهيا آهن. آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جا ٻه ملڪ مثالطور ڏئي سگهجن ٿا جيڪي انگيلنڊ کان ڌار ٿي پنهنجي سڃاڻپ الڳ ڪرڻ ۾ رڌل رهيا. آئرلينڊ ته ڌار ٿي به ويو، اسڪاٽلينڊ ۾ هر ڏهين سال ريفرينڊم وسيلي پنهنجي عوام جي راءِ پڇن ٿا. هيڏو سارو سوويت يونين ڌار ڌار ٿي ويو ۽ ان يونين ۾ موجود ملڪ الڳ ٿي ويا. ڪئناڊا ۾ ڪيوبڪ صوبي ۾ ساڳي صورتحال آهي. بنگلاديش جي بيچيني ۽ انهن جي منطقي انجام تي وڌيڪ ڳالهائڻ ساڳيون ڳالهيون دهرائڻ آهن. پاڪستان جي انتظاميا توڙي سمورين صوبائي انتظاميائن تي اها ڳالهه فرض بڻجي ٿي ته اهي ملڪ ۾ سنڌي سميت اهم ٻولين جي باري ۾ پنهنجي پراڻي رڪارڊ کي ٽوڙي ملڪ ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. ڪيڏو نه بهتر ٿئي، جيانهن ٻويلن جي باري ۾ ” ٻولي ڪميشن“ جوڙي ان ۾ صوبن جون سفارشون حاصل ڪري اهم ۽ اهل ٻولين کي قومي ٻولين جي دائري ۾ آندو وڃي ۽ انهن جي ترقيءَ جي باري ۾ اهي سمورا ڪم ڪيا وڃن جيڪي 67 ورهين کان هڪ خاص روش جي ڪري رڪيل آهن، ٿي نه سگهيا آهن ۽ جيڪي ڪرڻ لازمي آهن.