تازيون خبرون

Daily Archives: May 4, 2015

ڪراچي جو امن هر صورت بحال ڪنداسين: پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيوآهي ته الطاف حسين فوج لاءِ جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن اُميد ته هو ٻيهر نه ورجائيندو، عمران خان جي ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان ۾ هر وقت ڇڪتاڻ جي ڪيفيت رهي. ڪراچي آرٽس ڪونسل ۾ اديبن ۽ شاعرن جي ٽين ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پهتي. تقريب ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته الطاف حسين پنهنجي فوج خلاف بيان تي معافي ورتي آهي. اميد ته هو اُن کي ٻيهر نه ورجائيندو، اسان کي باهه تي پاڻي وجهڻو آهي، تيل ناهي هارڻو، عمران خان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ملڪ ۾ افراتفري ڏسڻ چاهي ٿو. انهيءَ موقعي تي ڪراچي آپريشن ۽ ضرب عضب کي به ساراهيو. هن چيو ته وزيراعطم پرعزم آهي ته ٻنهي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

ڪي اين شاهه ويجهو بجلي جي تار مان ڄاڃين جي ڪوچ کي باهه، 10 ڄڻا سڙي فوت

خيرپور (ڊ ر) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو بجلي جي تار مان ڄاڃين جي ڪوچ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، دل ڏاريندڙ حادثي کانپوءِ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، حادثي کانپوءِ فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين ۽ فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال نيا ويا. خيرپور ناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي 11 هزار وولٽيج جي تار ڪوچ مٿان پيل پيتي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪوچ کي باهه وڪوڙي وئي.. باهه لڳڻ سبب ڪوچ ۾ سوار خالده، زاهدان، صحت خاتون، سرفراز، آمنت، زهرا، فرحان ۽ جيئندو سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 40 ان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪنوار ۽ گهوٽ معجزاڻي طور تي بچي ويا آهن… اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، زخمين ۽ فوتين جا لاش دادو، لاڙڪاڻو ۽ ڪي اين شاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. اسپتالن ۾ داخل ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي….. زخمين جو چوڻ هو ته ڪوچ مٿان پيل لوهه جي پيتي سان بجلي جي تار ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي

 

اظهار جي آزادي بنا ڪوبه جمهوري معاشرو اڏي نه ٿو سگهجي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيد قائم علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اظهار جي آزادي بنا ڪو به جمهوري معاشرو اڏي نه ٿو سگهجي. ڇو ته ميڊيا جي آزادي سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي ۽ جمهوريت مضبوط ٿيڻ سان پاڪستان مضبوط ٿيندو آهي. صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي اسان جي ميڊيا پنهنجو پاڻ کي ذميوار ٿنڀ ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي تي ڪامل يقين رکي ٿي ۽ هن هميشه ظلب ۽ جبر جي خلاف آزادي اظهار جي آوازي کي لبيڪ چيو آهي ته تاريخ جي بدترين ڊڪيٽيٽرن آڏو حق جو آواز اٿاريو آهي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ پريس تي پابندين، صحافين تي تشدد ۽ سچ کي گهٽو ڏيڻ جهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ۽ جڏهن صحافين کي سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي سري عام ڪوڙا هنيا پئي ويا. هن چيو ته اها پاڪستان پيپلز پارٽي ئي هئِي جنهن صحافين سان گڏوگڏ اظهار آزادي ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. جيڪو جمهوري جدوجهد جي تاريخ جو سونهري باب آهي.

 

عبدالواحد آريسر لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ڪراچي (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين عبدالواحد آريسر بيماري سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سوڳ ۾ عمرڪوٽ، ڍورو نارو، ڇور ۽ ٻيا علائقا بند ٿي ويا آهن، سنڌي ادبي سنگت طرفان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جو چيئرمين ۽ ناليوارو اديب عبدالواحد آريسر گردن جي بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ 67 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالواحد آريسر کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي/جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس مڙهه ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو آهي، جتي وڏي انگ ۾ مٽ مائٽ ۽ علائقي واسي سندس رهائش گاهه پهچي ويا آهن.. عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي عمرڪوٽ، ڇور، ڍورو نارو ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ سوڳ پکڙجي ويو ۽ سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو. 11 آڪٽوبر 1949 ۾ عمرڪوٽ جي ڳوٺ انڙ آباد ۾ جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. عبدالواحد آريسر کي ننڍي هوندي کان لکڻ جو شوق هوندو هو، 1973 ۾ ”سنڌ جو ڏهيسر دهشتگردن جي حضور ۾“ جي موضوع تي لکيل مضمون تي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ آريسر باقائده سياست ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.. عبدالواحد آريسر قومپرست اڳواڻ سان گڏ ناليوارو اديب پڻ هو، جنهن ڪيترائي ڪتاب لکيا. عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ جيل به ڪاٽيا، پهريون ڀيرو 1976 ۾ جيل ويو، ان کانپوءِ 1979، 1992 ۽ 1999 ۾ به کيس جيلو موڪليو ويو. سنڌي ادبي سنگت طرفان عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته قومپرست اڳواڻن ۽ سياسي سماجي ڌرين به عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي جسقم پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. عبدالواحد آريسر جو ذمار محاذ جي باني جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. عبدالواحد آريسر ڪيترئي عرصي کان بيماريءَ ۾ مبتلا هو. عبدالواحد آريسر جي جنازي نماز انڙ آباد عمرڪوٽ ضلعي ۾ ادا ڪئي ويندي.

 

پاڪستان قطر ۾ افغان حڪومت ۽ طالبانن جي وچ ۾ امن لاءِ ڳالهين جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته قطر ۾ افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن جي ڳالهين تي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اعزاز چوڌري چيو ته ڳالهين جي حمايت انڪري ڪيون ٿا ته ڇو ته علائقي ۾ سلامتي لاءِ افغانستان ۾ امن تمام ضروري آهي.ٻئي پاسي پرڏيهي سيڪريٽري نيپال جي زلزلي جي حوالي سان ٻڌايو ته 25 اپريل تي ايندڙ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ پاڪستان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ترت مدد موڪلي، رليف آپريش۾ اين ڊي ايم ۽ فوج تمام بهترين حصو ورتو، جنهن تي نيپال جي آرمي چيف به ساراهيو. هن جو چوڻ هو ته کاڌي جا30 جهاز موڪليا ويا جڏهن ته 4سي جهاز امدادي سامان کڻي نيپال پهتا، زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت  تي 50 ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ 30 هنڌن تي ٻڌل اسپتال پڻ نيپال موڪليو ويو، رليف آپريشن لاءِ انجنئيرز جون ٽيمون به پهتيون آهن جڏهن ته وڌيڪ 20هزار خيما به موڪليا وڃن پيا.اعزاز چوڌري جو چوڻ هو ته نيپالي ڀائرن جي ڏک کي چڱي ريت سمجهي سگهون ٿا.زلزلي کانپوءِ نيپال جا 35 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن جڏهن ته اڃان به اتي 35 لک ماڻهن کي مدد جي سخت ضرورت آهي.

 

فوج تي تنقيد ڪندڙن جي زبان ڪپي ڇڏينداسين: عابد شير علي

فيصل آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته پرڏيهي شهري ٻاهر ويهي فوج کي للڪاريندي ٿو، فوج تي تنقيد ڪندڙن جي زبان ڪپي ڇڏينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير عابد شير علي جو چوڻ هو ته الطاف حسين جي فوج خلاف تقرير تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پرڏيهي شهري ٻاهر ويهي اسانجي فوج کي للڪاري ٿو، کيس شرم اچڻ گهرجي، اسين فوج تي تنقيد ڪندڙن جي زبان ڪپي ڇڏينداسين. هن چيو ته 100،100 قتل جا وابدار نائين زيرو تان پڪڙيا ويا، ايم ڪيو ايم اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ قاتلن سان هٿ ملايو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم صولت مرزا جي ڦاهي روڪرائڻ لاءِ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو تعلق صولت مرزا سان نه هو ته ٻڌايو وڃي ته ملاقات ڇو ڪئي.

 

عبدالواحد آريسر سنڌين جي حقن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جيئي سن قومي محاذ جي چيئرمين ۽ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي قائم رڪيو. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ ناليواري دانشور ۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيوآهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ صوبي جي غريب ۽ مظلوم سنڌين جي حقن لاءِ عبدالواحد آريسر جي جدوجهد کي ساراهيون ٿو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي قائم رهيو ۽ هو عملي طور تي سنڌ ڌرتي جي مستقبل رهواسين جي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ ڪوشان رهيو.

 

بلوچستان، سنڌ، فاٽا سميت ٻين علائقن ۾ ”را“ انتشار پکيڙي رهي آهي: رابطا ڪميٽي

ڪراچي/لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم رابطا ڪيمٽي ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي خفيه ايجنسي ”را“ بلوچستان، سنڌ ۽ فاٽا سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ انتشار پکيڙي رهي آهي. هندوستان جي خفيه ايجنس پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ايم  ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي موجودهص ورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي مخالفن مختلف موقعن تي اهڙا توهين آميز لفظ استعمال ڪيا آهن، الطاف حسين جي تقرير تي قراداد مذمت جوڳي آهي.

 

ڪراچي ۾ مبينه پوليس مقابلو، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديه اتحاد ٽائون ۾ مبينا مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ جي ترجمان علي رضا چيو آهي ته مارجي ويل جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سواتي گروپ سان آهي.سي ٽي ڊي جوابدارن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي.

 

ذوالفقار مرزا دبئي ۾ جاويد ناگوري جي ڀاءُ جي قاتلن سان وقت گذاري آيو آهي: شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا  جي خلاف عورتون بيهي رهن ته  هن جي زبان بند ٿي ويندي، سنڌين جي اها روايت آهي ته  هو عورتن جي عزت ڪندا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر عورتن جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا جي پٽ ۽ زال کي پارٽي عهدو ڏنو ۽ هومختلف چينلن تي ويهي پارٽي جي خلاف بيان پيا ڏين، ذوالفقار مرزا  ڪريل زبان استعمال ڪئي ته ان جو سڌو سنئون جواب ڏئي سگهون ٿاهنن جو چوڻ هو ته مڇون ۽ ڏاڙهي رکڻ سان ڪو مرد نٿو ٿي وڃي، آصف علي زرداري جو احسان آهي ته هن ذوالفقار مرزا کي بدين جي سيٽ ڏياري، پيپلز پارٽي جي خلاف ڪم ڪرڻ واري سگهه اڄ ذوالفقار مرزا کي استعمال ڪري رهي آهي، ذوالفقار مرزا دبئي ۾ جاويد ناگوري جي ڀاءُ جي قاتلن سان وقت گذاري آيو آهي.