تازيون خبرون

Daily Archives: May 2, 2015

’مون ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو!‘: عدنان رنڌاوا

ڊيل ڪارنيگي ”پنهنجي مدد پاڻ“ واري طرز جي ڪتابن جو مشهور امريڪي ليکڪ هو. انساني نفسيات ۽ انساني روين جي باري ۾ هُن جا ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي سڄي دنيا ۾ انساني روين کي سمجهڻ جي حوالي سان ماڻهن جي رهنمائي ڪندا آهن. هو مختلف واقعن ۽ مثالن جي مدد سان انسان جي سوچڻ واري انداز جي وضاحت ڪري ٿو.

اهڙو ئي هڪ مثال اُن جي هڪ مشهور ڪتاب ۾ موجود آهي. امريڪي پوليس هڪ انتهائي خطرناڪ سيريل ڪلر کي گرفتار ڪيو، جنهن سڄي آمريڪا ۾ دهشت پکيڙي هُئي. هُو ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪري چُڪو هو. گرفتار ٿيڻ کان پوءِ هُن نه ندامت جو اظهار ڪيو نه ئي کيس ڪو پڇتاءُ هو. بلڪه سندس چوڻ هو ته ”مون ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو!“

هوباره بسٽرڊ پکين جو هڪ اهڙو نسل آهي جيڪو تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. پوري دنيا ۾ ناياب ٿيندڙ پکين جي عالمي فهرست ۾ اُهو شامل آهي. اُن پکيءَ جي بدقسمتي اها ٿي جو عرب شهزادن ۽ رئيسن ۾ اهو مشهور آهي ۽ اُن پکيءَ جو گوشت مردن لاءِ انتهائي فائديمند سمجهيو وڃي ٿو. اُن کان به وڏي زيادتي اُن پکيءَ سان اها آهي جو اهو مختلف مُلڪن مان پنهنجي سفر دوران پاڪستان جي علائقن مان به گذرندو آهي، جن ۾ بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا علائقا شامل آهن. سو پاڪستاني حڪومت اُنهن عرب شهزادن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هر سال اُنهن کي اهڙن ناياب پکين جي شڪار جا لائسنس ڏيندي آهي.

هن ڀيري ميڊيا ۾ ان ظلم جي خلاف گهڻو شور اُٿيو. ماڻهو عدالتن ۾ ويا، عدالتن لائسنس ڪينسل ڪيا، اُن جي باوجود عرب شهزادا پاڪستان آيا ۽ اُهي معصوم پکين جو شڪار ڪري هليا ويا. اُن سڄي عمل ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه تي پردو وجهندا رهيا، حالانڪه ميڊيا ۾ اها سڄي حرڪت رپورٽ ٿيندي رهي. اتفاق سان اُهو ادارو جيڪو اُنهن شهزادن کي لائسنس جاري ڪندو آهي، اُها پرڏيهي وزارت آهي ۽ جنهن آفيس مان اهي لائسنس جاري ٿيندا آهن، اُن آفيس سان ڪجهه عرصي جي لاءِ مان پڻ وابسطه رهيو آهيان. عجيب اتفاق اِهو ته جنهن آفيسر جي نالي سان اهي لائسنس جاري ٿيا، اُهو منهنجو واقفڪار آهي.

انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن ڪم سانگي پرڏيهي آفيس وڃڻ ٿيو ته مان اُن واقفڪار وٽ هليو ويس ۽ شڪايت ڪندي اُنهن لائسنس جو ذڪر ڪيو ته هُو چوڻ لڳو ته عدالتون به مون کي گُهرائينديون رهيون، مان اُتي به هڪ ئي سوال پڇندو رهيو آهيان ته ڇا ڊائنوسار به منهنجي لائسنس جاري ڪرڻ سبب ناپيد ٿيا آهن؟ ٻين لفظن ۾ اُن جو مطلب هو ته مون ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو!

اسلام آباد جو هڪ مشهور ٿاڻيدار آهي. وڏو ڪمائو پُٽ آهي. هر ٿاڻي ۾ اُن جي ڊمانڊ آهي. هر ايس ايڇ او چاهيندو آهي ته هُو سندس ٿاڻي ۾ اچي. الزام آهي ته اسلام آباد ۾ گهڻي ڀاڱي ٿاڻا ٻولائي ڏنا ويندا آهن، تنهن ڪري ايس ايڇ اوز تي وڏو پريشر هوندو آهي ته هنن جيڪا ادائگي ڪئي آهي ٿاڻو وٺڻ لاءِ، اُن جو جلد پورائو ڪري منافعو ڪمايو وڃي، اُن کان پهريان جو ٽرانسفر ٿي وڃي.

انهيءَ پريشر سبب ڪمائو پٽ قسم جي ٿاڻيدارن جي وڏي ڊمانڊ هوندي آهي. هونئن ته ٿاڻي ۾ ڪيترائي ٿاڻيدار هوندا آهن پر ڪمائو پٽ هڪ يا ٻه ئي هوندا آهن. ٿاڻي ۾ جيڪي ڪيس وڏي مال پاڻي وارا هوندا آهن، اُهي ڪيس ان ٿاڻيدار کي ملندا آهن. ڇو ته هو ڪيس مان پئسا ائين ڪڍندو آهي جيئن ڪمند مان رس ڪڍڻ واري مشين جوس ڪڍندي آهي. جيڪي قتل کي خودڪشي ۽ خودڪشي کي قتل، ملزم کي مدعي ۽ مدعي کي ملزم، چورن ۽ ڌاڙيلن کي حاجي نمازي ۽ حاجي نمازين کي چور ۽ ڌاڙيل، سڀ ڪم ان جي کاٻي هٿ جو کيل آهن. انهيءَ سڄي عمل ۾ ايتري رڪوري ڪندو آهي جو ايس ايڇ او ٿڌو ٿي ويندو آهي.

ظاهر آهي اهڙو ڪم جو ماڻهو اعليٰ آفيسرن جي نظرن مان ڪيئن بچي سگهي ٿو. سو اعليٰ آفيسر به خاص ۽ مشڪل ڪيس انهيءَ کي ڏيندا آهن ۽ گڏوگڏ اها به هدايت وٺندا ته ان ڪيس ۾ ڪرڻو ڇا آهي، تنهن ۾ هو ڪڏهن پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي مايوس ناهي ڪندو. وڪالت سبب منهنجي به ان سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي آهي. هن جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن غلط ڪم ناهي ڪيو!

الزام آهي ته نواز شريف ضياءَ الحق جي ڊڪٽيٽرشپ مان نمودار ٿيو ۽ هڪ اهم جرنيل کي پيجارو جي تحفي سان هن جي سياست جي شروعات ٿي. ڪاروباري ۽ سرمائيدار ذهن جو ماڻهو آهي ۽ اهڙن ذهنن ۾ هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته هو انب کائيندا آهن. هنن کي ککڙي سان وڌيڪ غرض ناهي هوندي. سياست ۾ ڪهڙو انب آهي، جنهن جي کائڻ جو الزام ان تي نه هجي. جوڙ توڙ، خريد فروخت، سوديبازي، سازشن، ڪميشن، ٽيڪس چوري ۽ الائي ڪهڙين ڪهڙين ککڙين جا الزام ان تي لڳندا آهن، پر جيڪڏهن ڪو ان کان پڇي ته يقينن هو اهو ئي چوندو ته مون ڪڏهن به ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو!

آصف زرداري به ڪڏهن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو. سري پيليس، سوئيس اڪائونٽس، قيمتي زيورن، گهوڙن کي جام، مني لانڊرنگ، بي پناهه ڪرپشن، الزامن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. الطاف حسين تي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري، مني لانڊرنگ، پنهنجن ساٿين کي مارائڻ جهڙا سنگين الزام آهن پر ان کان جڏهن پڇندؤ ته هو پڻ اهو ئي جواب ڏيندو ”مون ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو.“

عمران خان تي الزام آهي ته هن پنهنجو هر واعدو ٽوڙيو، هر ڳالهه تان ڦري ويو، ڪهڙو يوٽرن آهي جيڪو هن ناهي ورتو، پوري پاڪستان مان لوٽا گڏ ڪيا، اسٽيبلشمينٽ جي سازشن جو حصو ٿيو، مشرف کي بچائڻ جي لاءِ ڌرڻن جو ناٽڪ ڪيو، خود پنهنجي ٺاهيل پارٽين جي آئين کي ڪچليو، وزيرستان فوج اماڻڻ جي مخالفت ڪندو رهيو، جنهن ڪري دهشتگرد ڪارروايون وڌنديون رهيون، پر ان کان ڪو پڇندو ته ان جو جواب اهو ئي هوندو ته….

اهڙي نموني اسفند يار ولي، فضل الرحمان، سيد منور حسن کان پڇو، سڀ هڪ زبان ٿي چوندا ”مون ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو.“ جنرل ايوب کان وٺي مشرف تائين، جنرل اسد دراني کان وٺي جنرل ظهير الاسلام تائين ڪنهن به ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو!

مون سميت ڪنهن سقراط ڪالم نگار کان پڇو، ڪنهن عالم فاضل اينڪر کان سوال ڪريو، ڪنهن بيورو ڪريٽ جي راءِ وٺو، اعليٰ عدليه جي جج صاحب کان پڇو، ڪنهن بزنس ٽائيڪون سان ڳالهايو، ڪنهن ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽو کان پڇو، توهان کي شايد ئي ڪو اهڙو شخص ملي جنهن غلط ڪم ڪيو هجي.

ٿي سگهي ٿو ته اسان مان هر ڪو ٺيڪ چئي رهيو هجي، اسان مان هر ڪوئي ان ڳالهه تي يقين رکندو هجي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو پر ڇا ڪوئي ٻئي جي باري ۾ به اهو چئي سگهي ٿو ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو؟ اسان پنهنجي لاءِ جيڪو معيار رکون ٿا، پنهنجي خراب کان خراب ڪم جي لاءِ جيڪي من گهڙت ڪوششون ڪيون ٿا، ڇا اهي ئي معيار ۽ من گهڙت ڪوششون اسان ٻين لاءِ به استعمال ڪري سگهون ٿا؟

جيڪڏهن انساني روين جي سائنس کي سامهون رکون ته اسان لاءِ سڀ کان مشڪل ڪم پنهنجي غلطين جو احساس ڪرڻ ۽ سڀ کان آسان ٻين کي غلط قرار ڏيڻ آهي. ڇا اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کان اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان مان ڪنهن ڪوئي غلط ڪم ناهي ڪيو ته پوءِ اسان جو ملڪ ۽ معاشرو جن حالتن جو شڪار آهي ان جو ذميدار ڪير آهي؟

 

پورهيتن جو عالمي ڏينهن……….

“پهرين مئي” پورهيتن جو عالمي ڏينهن . هن دُنيا کي پنهنجي هٿن سان دنيا کي هلائڻ وارن پورهيتن جو عالمي ڏينهن. پاڪستان سميت دنيا جا ڪجهه ملڪ ان ڏينهن تي عام موڪل ڪن ٿا ۽ ڪجهه ان کي غيراهم سمجهن ٿا. آميريڪا ۾ ته ان ڏينهن خلاف مظاهرا پڻ ٿيندا آهن. جڏهن ته سڄي دنيا جا مزدور ان ڏينهن تي لکن جي انگ ۾ گڏجي پنهنجي ساڳي زندگيءَ تي ساڳئي نموني سوچيندا آهن. اهو ڏينهن هونئن ته هر سال ايندو هيو، پر آميريڪي شهر شڪاگو ۾ 1886ع واري سال جي ”پهرين مئي“ ڪجهه ٻي رنگ سان نروار ٿي هئي. اهو آخري ڏاڪو هيو پورهيتن جي ان جدوجهد جو، جنهن ۾ آميريڪا ۾ ظالماڻي سرمائيداراڻي نظام خلاف جدوجهد هلائي ويئي هئي. پورهيتن روزانو محنت جو وقت اٺ ڪلاڪ ڪرڻ ٿئي چاهيو. اهو ان کان اڳ 60 ڪلاڪ هفتو يا 10 ڪلاڪ روزانو هوندو هيو. 1 مئي 1886ع تي تي مظاهرا ڪرائيندڙ اڳواڻن کي مليل ناحق ڦاهين چاليهه ورهيه پوءِ رنگ لاتو، جڏهن آميري هينري فورڊ جي “فورڊ ڪمپني” 1926ع ۾ پورهيتن لاءِ اٺ ڪلاڪ روزانو ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو هيو. اڄ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ مزدور، ٽريڊ يونينون، حق، پورهئو ۽ اجرتون ڪنهن ٻئي جهان جا قصا معلوم ٿين ٿا پر 1 مئي جي جدوجهد کانسواءِ اهي ڳالهيون اڻپوريون آهن. اڄ کان 126 سال اڳ ڇنڇر 1 مئي 1886ع  تي آميريڪا جي لکين پورهيتن پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم، سرمائيدارن جي جاري استحصال خلاف سڄي ملڪ ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ ريليون ۽ جلسا ڪڍيا هيا. هر هنڌ گهمسان هيو. ان موقعي تي مزدور اڳواڻن سميت پهرين صف جا ڪيترائي ٽريڊيونين وارا گرفتار ڪيا ويا. انهن گرفتار ٿيل اٺن ڄڻن ۾ ٽي ڄڻا آگسٽ اسپائس، سيموئل فيلڊن ۽ البرٽ پارسنس مزدور جدوجهد جا اڳواڻ هيا جڏهن ته پنج ڄڻا ايڊولف فشر، جارج اينگل، مائيڪل شواب، لوئيس لنگِ ۽ آسڪر نِيبي هيا. 21 جون 1886ع تي عدالت ۾ ڪيس هليو. اٽارني جنرل ته پهرين ڏينهن چئي ڇڏيو ته “ مون کي خبر آهي ته انهن کي ڪهڙي نموني ڦاهي ڏيڻي آهي” ڪيس هلندي آگسٽ اسپائس جج کي چيو هيو ته “ تنهنجي ڦاهيءَ سان اسان مور نه مرڻا آهيون، اسانجي ڦاهيءَ جي ڦندن مان جيڪا چڻگ اٿندي اها تنهنجي پٺيان، تنهنجي اڳيان ۽ سڄي جڳ ۾ اهڙي آڳ ڀڙڪائيندي ۽ ڪروڙين پورهيتن کي سجاڳ ڪري ڇڏيندي، جنهن کي توهان ٿڌو ڪري نه ٿا سگهو” انهن مان چئن اڳواڻن کي ڦاهيءَ جي سزا ۽ ٽن کي عمرقيد ٻڌائي وئي. جڏهن ته نِيبي کي 15 ورهين جي سزا ڏني وئي. سڄي دنيا ۾ ان فيصلي خلاف آميريڪا خلاف آواز اٿڻ شروع ٿيا. ان دٻاءَ سببان شواب،  فيلڊن ۽ لنگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي پر “لِنگ” جُٺ ۾ وڌيڪ جيئڻ کان رات جو آپگهات ڪري ڇڏيو. 11 نومبر 1887ع تي آگسٽ اسپائس، سيموئل فيلڊن، جارج اينگل ۽ البرٽ پارسنس کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. 26 جون 1893ع تي “الينوائس” رياست جي نئين چونڊيل گورنر الٽگيلڊ ان ڪيس ۾ ججن جي ساڙيلي روئي تي معافي گهرندي باقي ٽن ڄڻن نيِبي، شواب ۽ فيلڊن کي آزاد ڪري ڇڏيو. 1904ع ۾ “انٽرنيشنل سوشلسٽ ڪانگريس” 1 مئي کي دنيا جي مزدورن جي جدوجهد جو عظيم ڏينهن قرار ڏيندي ان کي هر سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان ۾ پورهيتن جي زندگين تي لکڻ لاءِ ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي. اهڙو ڪوبه ظلم ڪونهي جيڪو سڌي يا اڻسڌي نموني اها برداشت نه ٿا ڪن. ڇوته، پورهيتن جي حيثيت ۽ سندن نمائندگي سماجي تبديلين، تبديل ٿيل سياست ۽ پورهيتن جي تنظيم نه هجڻ سبب ڇڙوڇڙ ٿي آهي. اها سماجي کوٽ رڳو پورهيت طبقي کي ناڪاري نموني متاثر نه ٿي ڪري پر سڄي سنسار تي ناڪاري اثر وجهي ٿي.