تازيون خبرون

Daily Archives: May 2, 2015

سيڙپڪاري جي نالي تي ڪرپشن ۽ لکين مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) سراج الحق جو چوڻ آهي ته ادارا سيڙپڪاري جي نالي تي مڪاري۽ ڌوکو ٿي رهيو آهي، 3هزار ارب روپين جي ڪرپشن ۽ 7لک مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ٺيڪيداري ۽ بيگاري نظام آهي، مزدورن لاءِ ڪا به قانون سازي ناهي ڪئي وئي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن جي همت وڌائڻ لاءِ لاهور جي ريلوي اسٽيشن پهتو، قولين سان ماني کاڌي، هن جو چوڻ هو ته ادارن جي سيڙپڪاري جي ڪري 7لکن کان وڌيڪ مزدور بيروزگار ٿيا جڏهن ته 3هزار ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وئي، سيڙپڪاري جي نالي تي دوکو ٿي رهيو آهي.هن جو چوڻ هو ته 68 سالن کان ملڪ ۾ هلندڙ نظام خوشحال ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.فائدو ڏيندڙ ادارن کي ٽڪي پئسي ۾ وڪڻيو ويو، اسٽيل مل، پي آئي اي ۽ پي ايس او جي وڪڻڻ جي خلاف آهيون.انهن ادارن کي وڪامڻ نه ڏيندا سين، ڪو به اهڙو قانون  جنهن ۾ مزدورن جي نمائندگي نه هجي اهو قبول ناهي. سراج الحق چيو ته نعرن ۽ واعدن کانپوءِ به اڃان تائين ٻارن جي مزدوري وارو عمل جاري آهي، ٻار اسڪول وڃڻ بدران هوٽلن ۾ ٿانو ڌوئيندي ۽ سائيڪلن جي دڪانن تي پنڪچر لڳائيندي نظر اچن ٿا.

 

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن سان ايڪي اتحاد جي اظهار لاءِ مزدورن جو عالمي ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهايو ويو پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت پنهنجن انهن ساٿين جي ياد ملهائين ٿا جيڪي پهرين مئي 1886 تي شڪاگو ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ماريا ويا هئا. هن ڏينهن جي مناسبت سان لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪانفرنسون ۽ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ پنهنجي حقن جي جدوجهد دوران يمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ ساٿين کي عقيدت ۽ احترام سان خراج تحسين پيش ڪيو ويو پهرين مئي 1886 تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جا مزدور سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن پاران ٿيندڙ استحصال جي خلاف رستن تي نڪتا پر پوليس مظاهرين تي گوليون هلايون جنهن جي نتيجي ۾ سوين مزدور مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا 2 مئي کان 6 مئي تائين شڪاگو ۾ سمورن ڪارخانن۾ هڙتال رهي ۽ مظاهرن ۽ جلوسن جو سلسلو جاري رهيو هڪ مزدور هڪ اڇو ڪپڙو مقتول مزدورن جي رت ۾ رڱي ان مان جهنڊو ٺاهيو تڏهن کان هن وقت تائين ڳاڙهو جهنڊو پورهيتن جو جهنڊو چيو پيو وڃي حڪومت مزدورن جا مطالبا تسليم ڪرڻ بدران 8 مزدور اڳواڻن کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي جنهن سان تحريڪ زور ورتو وزير اڳواڻن جي قربانين جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ مزدورن جي ڪم جو ڪل وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرڻو پيو آهستي آهستي پهرين مئي جو ڏينهن شڪاگو جي مزدور شهيدن جي ياد ۾ هر سال ملهائڻ لڳا ۽ هي ڏينهن بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتي.

 

ملڪا شراوت مسٽر پرفيڪٽ جي “سالي” بڻجن لاءِ بيچين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا ملڪا شراوت مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي ايندڙ فلم دنگل ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي جنهن لاءِ هن آڊيشن به ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق ملڪا شراوت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته هو فلم“ دنگل” جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي. ٻئي پاسي هڪ ڀارتي اخبار جو چوڻ آهي ته ملڪا شراوت فلم دنگل ۾ عامر خان جي سالي جي ڪردار لاءِ آڊيشن به ڏنو ۽ ان دوران هن لڌيانا جي خاص تلفظ ۾ جملا به ادا ڪيا.فلم دنگل جي ڪهاڻي ڀارتي اڳوڻي ريسلر مهاوير سنگهه ۽ ان جي ڌيئرن  جي وچ ۾ رشتي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان نڀائي رهيو آهي جڏهن ته فلم جي عڪس بندي سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.

 

شاهد ڪپور ۽ ميرا راجپوت سان شادي طئي ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي شادي ڊسمبر ۾ نه پر ڏهه جون تي ٿيندي، اداڪار پنهنجي شادي کي يادگار بنائڻ لاءِ يونان جي هڪ جزيري تي منعقد ڪئي وئي آهي، شادي ۾ صرف ويجهن دوستن کي دعوت ڏني ويندي، شاهد ڪپور جي شادي دهلي جي رهاڪو ميڊيڪل جي شاگردياڻي ميرا راجپوت سان ٿيندي، شادي جي شاپنگ جي سلسلي ۾ اڪثر هڪ ٻئي سان گڏ ڏسڻ ۾ آيا.

 

پاڪستان فلم ڪپتان جلد سئنيمائن جي رونق بڻجندي، فلم ۾ عبدالمنان عمران خان، سعيده امتياز جمائمه خان، سونيا خان عمران خان جي ڀيڻ ۽ مهوش ناصر بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪيو آهي

اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاڪستان کي سياسي اسٽيج تي ڇانيل رهي ٿو پر پاڪستان ڪرڪيٽٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي زندگي تي ٺهندڙ پاڪستاني فلم ڪپتان به جلد سئنيمائن ۾ لڳڻ واري آهي. اطلاعن مطابق فلم مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ جلد رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي. فلم ۾ عمران خان جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار عبدالمنان اين اين آءِ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ فلم مڪمل ٿيڻ واري آهي ڇو ته عمران خان ٻيهر شادي ڪئي آهي تنهن ڪري هاڻي فلم ۾ هاڻي اهو پهلو به شامل ڪيو ويندو. عبدالمنان جو چوڻ هو ته هن ڪپتان بنجڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي اها فلم عمران خان جي زندگي تي ٻڌل آهي ته ڪهڙي طرح هن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو ڪينسر اسپتال لاءِ سندس ڪوششون ۽ هاڻي ٻي شادي به ڪري ورتي. فلم ڪپتان ۾ عبدالمنان، عمران خان، سعيده امتياز جمائمه خان، سونيا خان عمران خان جي ڀيڻ ۽ مهوش ناصر بينظِير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيتوڻيڪ فلم جو ٽريلر 2 سال اڳ رليز ڪيو ويو هو جڏهن ته فلم هاڻي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ۾ عمران خان جي زندگي ۾ ٿيندڙ وڏي تبديلي اڃا شامل ٿيڻي آهي.

 

آءِ سي سي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، بنگلاديش پاڪستان کان مٿي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي هيٺ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي آءِ سي سيءَ پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ بنگلاديس پاڪستان کان مٿي اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ جي خراب ترين نائين پوزيشن تي اچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ايندڙ ڪرڪيٽ چيمپئنز ٽرافي ۾ به پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت شَڪي ٿي وئي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ پاڪستان بنگلاديش کان هيٺئين نمبر تي اچي ويو آهي جنهن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽ جي شوقينن جون دليون پڻ ويهي ويون آهن. آءِ سي سيءَ جي نئين رينڪنگ کان پوءِ 2017ع ۾ ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت تي به سواليه نشان لڳي ويو آهي. ان چيمپئنز ٽرافي ۾ 30 سيپٽمبر 2015ع تائين جون 7 ٽيمون ۽ ميزبان انگلينڊ حصو وٺي سگھندي، پر جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کيڏڻي آهي ته ان کي زمبابوي ۽ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ لازمي طور ڪاميابي ماڻڻي پوندي. آءِ سي سيءَ جي نئين رينڪنگ موجب ورلڊ چيمپئن آسٽريليا پهرين، ڀارت ٻين جڏهن ته نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي پوئتي ڌڪي ٽين، ڏکڻ آفريڪا چوٿين، سريلنڪا پنجين، انگلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، بنگلاديش اٺين، پاڪستان نائين جڏهن ته آئرلينڊ ڏهين پوزيشن تي آهي. واضح رهي ته بنگلاديش جي دوري کان اڳ پاڪستان جي ون ڊي ريننڪنگ ۾ ستين پوزيشن هئي پر بنگال ٽائيگرز هٿان خراب شڪستن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٻه درجا هيٺ ڪري نائين نمبر تي اچي وئي آهي.

 

ميرپورخاص جي اسپيشل ٻارن جي ٽيم ٻي پوزيشن ماڻڻ بعد ميرپورخاص پهتي شاندار استقبال، گلن جي ورکا

ميرپورخاص (اسپورٽس نيوز) حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل آل سنڌ تائي ڪوانڊو چيمپيئن شپ 2015 ۾ شرڪت ڪندڙ ميرپورخاص جي ”اسپيشل“ ٻارن جي ٽيم ٻئي پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد ميرپورخاص پهتي. اسپيشل ٻارنجي ٽيم جي ميرپورخاص پهچڻ تي راندين جي شعبي سان تعلق رکندڙن، عوام ۽ اسپيشل ٻارن جي مٽن مائٽن سندن شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي. اسپيٽل ٻارن جي ٽيم جي رانديگرن ڪمراز 50 ڪلوگرام ۾ گولڊ ميڊل، عائشه 60 ڪي جي ۾ گولڊ، شڪيلا 45 ڪي جي ۾ گولڊ، ڪومل 55 ڪي جي ۾ گولڊ، پريا 48 ڪي جي ۾ سلور، چينا 63 ڪي جي ۾ سلور، اجمل 74 ڪي جي ۾ سلور، حسيد 50 ڪي جي ۾ برائونز، سخاوت 58 ڪي جي ۾ برائونز، عدنان، ثمر، شمسه، ملنگ سامي ۽ يوسف خان برونزي ميڊل حاصل ڪيا. مجموعي طور تي ميرپورخاص جي ميل ۽ في ميل اسپيشل رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ٽورنامينٽ ۾ ٻئي پوزيشن حاصل ڪئي. انهي موقعي تي اسپيشل اسپورٽس ايسوسي ايشن ميرپورخاص جي صدر ۽ انٽرنيشنل ڪوچ سنتوش عرف اڪمل ڪمار اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص جي اسپيشل رانديگرن ۾ وڏي پيماني تي ٽئلينٽ موجود آهي. انهن اسپيشل رانديگرن صوبائي سطح تي پنهنجي شهر ۽ ضلعي جو نالو روشن ڪيو آهي. اسپيشل رانديگرن کي جيڪڏهن سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي وڃي ته رانديگر ملڪي ۽ عالمي سطح تي ضلعي، صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.

 

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي اي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ميچ اڄ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي اي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اڄ ڇنڇر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آهي. ون ڊي سيريز بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ (3 ) چئن ڏينهن وارين ميچون کيڏيون وينديون.

 

پاڪستان جي ڪيوسٽ حمزه اڪبر ايشين سنوڪر جو فائنل کٽي 17 سالن کان پوءِ پاڪستان کي ايشين سنوڪر جو چيمپئن بڻائي ڇڏيو

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪيوسٽحمزه اڪبر ايشين سنوڪر جو فائنل کٽي 17 سالن کان پوءِ پاڪستان کي ايشين سنوڪر جو چيمپئن بڻائي ڇڏيو. ملائيشيا جي گاديءَ واري هنڌ ڪوالالمپور ۾ کيڏيل 31 هين ايشين سنوڪر چيمپئن شپ جي فائنل ۾ حمزه اڪبر جو مقابلو ڀارت جي پنڪج ايڊواڻيءَ سان ٿيو، حمزه سيمي فائنل ۾ ملائيشيا جي محمد رضا کي هارائي فائنل تائي پهتو هو. بيسٽ آف 31 فريمن تي ٻڌل ميچ ۾ حمزه ۽ پنڪج وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو، پر 22 سالا حمزه سخت مقابلي کان پوءِ ڇهن جي مقابلي 7 فريمن سان ڪاميابي ماڻي ايشين سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. ان کان اڳ 1998ع ۾ محمد يوسف ايشين سنوڪر چيمپئن شپ کٽي هئي.

 

سنڌ جو سياسي منظر نامو: ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپريشن: مدد علي سنڌي

سنڌ جو گادي وارو شهر ڪراچي، نه فقط سنڌ، بلڪه ملڪ جو سڀ کان اهم شهر آهي. هن شهر جون حالتون بدامنيءَ جو شڪار رهيون آهن. گهڻي وقت کان وٺي، مصلحتن سبب ڏوهاري زوران زور ٿيا آهن. ڀتا مافيا، اغوا، ڦرن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگس، هن شهر جي امن کي برباد ڪري ڇڏيو، پر رينجرز جو، هن شهر ۾ بدامني ڪندڙن خلاف سخت آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. ان آپريشن جي نتيجي ۾ شهر ڪراچي سُک جو ساهه کنيو هو، پر وري ٻيهر ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس واري سلسلي جو سدباب ضروري آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جو ڪراچيءَ وارو دورو انتهائي اهم هو. هن دوري ۾ جنرل راحيل شريف ڪور هيڊ ڪواٽر ۾ واضح لفظن ۾ چيو ته ڪراچيءَ ۾ قتل جا تازا واقعا سازش آهن. جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلرز ۽ سرپرستن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ تازو ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگس جي پويان مخصوص ادارا آهن، ان ڪري هلندڙ آپريشن کي سندس منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

يقينن ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ڪراچي ۾ شروع ٿيل آپريشن کانپوءِ، شهر ۾ ٺاپر آئي هئي، پر ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري ٽارگيٽ ڪلنگس جا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمان ۽ سماجي ڪارڪن خاتون سبين محمود جي قتل جا واقعا اهم آهن. محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ڄڻ ڪي طاقتون ڪراچيءَ ۾ امن نٿيون چاهين، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگس جي تازين واقعن کي ڏاڍي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو اهو بيان خاص ڪري ڪراچي ۾ اچي جاري ڪرڻ انتهائي اهم آهي ته ڪراچي ۾ تازي ٽارگيٽ ڪلنگس هڪ رٿابندي تحت ڪئي پئي وڃي.

يقينن ڪراچيءَ ۾ مافيائون به تمام گهڻيون آهن، مثال طور ڀتا مافيا، لينڊ مافيا ۽ ٻيون به ڪيتريون مافيائون شهر ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پر هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جو ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي شهر جو امن جو قائم ٿيڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي. انڪري سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجي نئين حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جيئن هن مسئلي جو سدباب ٿي سگهي.

يقينن سنڌ هڪ اهم صوبو آهي، جنهن جون حالتون، ٻين صوبن کان جداگانه آهن. سڀ کان اول ته 1947 ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي وارو شهر ٺاهڻ جي ڪري ڀارت مان هڪ وڏو تعداد لڏي آيلن جو سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ قائداعظم جي رحلت کانپوءِ حڪومت ڪندڙن ڄاڻي واڻي ڪراچي شهر ۾ آباديءَ جو دٻاءُ وڌائي رکيو ته جيئن ان سان هو پنهنجا سياسي مقصد اڳتي وڌائي سگهن، خدا جو شان آهي ته جنهن صوبي سنڌ پاڪستان لاءِ پهريون 1938 ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ بعد ۾ 1943 ۾ انجي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو، اڄ ان صوبي کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ کي صوبو بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان جو اهو بيان ڏاڍو اهم هو ته ڪراچيءَ تي سنڌ جي آمدني ۽ ترقي جو دارو مدار آهي، انڪري ان شهر کي صوبو نٿو بڻائي سگهجي. بهرحال هي هڪ ڊگهو بحث آهي، جنهن جي ڊيگهه ۾ نٿا وڃڻ چاهيون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جون ڌمڪيون هاڻ روز روز جو معمول ٿي ويو آهي، اسين اها ڳالهه به سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جيڪو سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ماءُ قرار ڏيندو آهي، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر خبر ناهي ته ڪهڙن سياسي مقصدن لاءِ هن قسم جو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن سان هروڀرو اختلافن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو بهرحال سنڌ جهڙي پٺتي پيل صوبي لاءِ هاڃيڪار ٿيندو.

سنڌ ايئن وڏن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، هن صوبي تي آباديءَ جو ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن جو دٻاءُ مسلسل جاري آهي، ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌي رهيا آهن، صوبي جي هڪ وڏي علائقي ٿر ۾ اڃا گرمي آئي آهي ته اتي ڏڪار شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي توجهه سنڌ تي گهٽ آهي، هوڏانهن صوبي کي وفاقي مالياتي ڪميشن مان سندس جائز حصو ملڻ جي اميد دور دور تائين نظر نٿي اچي حالت اها آهي ته تازو مالياتي ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي غير دلچسپين جو ڪارڻ خبر ناهي ڪهڙو هو جو ان ۾ سنڌ جو عيوضي يعني سنڌ جي صوبائي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه ته هڪ اکر به نه ڳالهايو، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته قومي مالياتي ڪميشن جي تعارفي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڀرپور طريقي سان ڪئي وڃي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ اين ايف سي جي اجلاس دوران نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ ملڪ جي صوبن جو حصو وڌائڻ جو امڪان به ختم ٿي ويو.

ڇا انهن اجلاس ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه جي شرڪت ضروري هئي جو جڏهن مٿي ذڪر ڪيل اجلاس ۾ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪري پنهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کي واضح نموني پيش ڪيو ٻيهر ته ٺهيو پر اجلاس پنجاب جي عيوضي خانون ته مورڳو اهو چئي تعجب ۾ آڻي ڇڏيو، ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو ٽيڪس تي وڌيڪ حق آهي، يعني هاڻ جي ايس ٽي وٺڻ تي اعتراض آهي ته ان تحت نظرثاني ڪئي وڃي.

اهي حالتون آهن پياري پاڪستان جي هن اهم صوبي سنڌ جون مٿان مسئلا ٻيا به گهڻا، آبادي جو دٻاءُ به سنڌ تي، صوبي کي ورهائڻ جا مطالبا به سنڌ ۾، سندس گادي واري شهر کي مني پاڪستان ٺاهڻ جي جنون ۾ تباهي آڻڻ جو مسئلو به سنڌ تي ۽ وري مالياتي ڪميشن به هاڻ نئين راڳ، يا ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا هڪ وڏو عذاب آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي حالتن کي سڌارن جي ضرورت آهي، سنڌ جي صوبائي حڪومت يا ٻين ڌرين کي پنهنجي صوبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ عملي ڪوششون وٺڻ گهرجن، اهو سڀ ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، جتي بدامني، ٽارگيٽ ڪلنگس، ڪرپشن ۽ ٻين مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جا انبار هڪ خوفناڪ طوفان جي شڪل ۾ آڏو آهن.