تازيون خبرون

Daily Archives: April 29, 2015

وفاقي حڪومت پاران ڪي پي ڪي متاثرين لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه صوبي جي طوفاني برساتن سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ متاثرين جي لاءِ امدادي پئڪيج ۽ نقصان سٽيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف خيبرپختونخواهه صوبي ۾ شديد برساتن سبب فوت ٿي ويلن جي خاندانن لاءِ في ماڻهو 5 لک رپيا ۽ زخمي ماڻهن لاءِ في ماڻهو 50 هزار رپين جي امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جيڪو برطانيا جي سرڪاري دوري تي آهي، هن متاثر ماڻهن لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. هن صوبائي عملدارن ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي تي زور ڀريو آهي ته هو نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ امدادي ڪوششن ۾ اضافو ڪن. وزيراعظم جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي متاثر ماڻهنجي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ مدد ڏيندي. لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته شديد برساتن سبب متاثر ٿيندڙن جي لاءِ خوراڪ جا مناسب قدم کنيا وڃن. واضح رهي ته خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر ۾ آچر ڏينهن شديد طوفان ۽ برسات سبب 45 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 96 زخمي ٿيا هئا.

 

هفتي اندر ڪڻڪ جو باردانو آبادگارن کي ملي ويندي: وڏي وزير جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي تائين ڪڻڪ جو بارداڻو هر آبادگار کي ملي ويندو، آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪڻڪ جو اگهه وڌايو، آبادگارن ۽ هارين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبي جي هر اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڌار يونٽ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ ساليانو هڪ ارب رپيا رکيا ويندا. وڏي وزير چيو ته لکين رپيا خرچ ڪري هيپاٽائيٽس جي مريضن جو ڀارت مان علاج ڪرايو. هن چيو ته گهـُرج نه هوندي به ڪڻڪ جي قيمت ۾ 50 رپيا في مڻ اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ٿئي، جڏهن ته گذريل سال 12 لک ٽن ڪڻڪ محفوظ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته آبادگارن ۽ هارين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪڻڪ جو اگهه وڌايو آهي. قائم علي شاهه چيو ته ڪمند جي آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ اڍائي ارب وڌيڪ ڏنا آهن ، جڏهن ته سهولتون ڏيڻ واري ڳالهه مخالف ڌر کي نه پئي وڻي، جنهن ڪري گوڙ ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي رڳو گوڙ ڪرڻ ايندو آهي، کيس رولز نه سيکاريا وڃن، ڇاڪاڻ ته هــُنن پاڻ رولز ٺاهيا آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن، ايوان ۾ گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي پڻ ڪندا رهيا.

 

قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرن جو سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرز جو سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف  سخت احتجاج ڪيو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته  واپڊا جا سنڌ حڪومت ڏانهن 66 ارب رپيا رهيل آهن، هٿ ٻڌي چوان ٿو ته ادائيگي ڪئي وڃي، جيڪو صوبو رهتون ادا نه ڪندو، ان کي بجلي فراهم نه ڪنداسين.  قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر اياز سومرو سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي احتجاج ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، ڇا لاڙڪاڻو پاڪستان جو حصو ناهي؟. اياز سومري چيو ته سنڌ سان اهڙو رويو نه رکيو وڃي، جيڪو ماڻهو بلز جي ادائيگي ڪن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، نه پاڻي ۽ نه بجلي، هو ڪيڏانهن وڃن.  اياز سومري جي احتجاج تي ايوان ۾ ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته سنڌ حڪومت ڏانهن واپڊا جا 66 ارب رپيا رهيل آهن پر صوبائي سرڪار رڳو 9 ارب رپيا قبولي رهي آهي. خواجه آصف چيو ته هـُو سنڌ حڪومت کي هٿ ٻـَڌي چوي ٿو ته واپڊا جون رهتون ادا ڪيون وڃن، جيڪو صوبو بجلي جون رهتون ادا نه ڪندو، ان کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اومني کي هر مهيني بل ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر واپڊا جون ادائيگيون نٿيون ڪيون وڃن، ڪي اليڪٽرڪ پاران به سئي سدرن گيس کي 50 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن. خواجه آصف چيو ته سنڌ ۾ عام ماڻهو ۽ پرائيويٽ سيڪٽر بجلي بلز جي ادائيگي ناهن ڪندا، جتي ادائيگي نه  ٿيندي، اتي بجلي به نه ڏني ويندي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڏانهن رهتون آهن ته اهي فوري طور ادا ڪرڻ گهرجن. ايوان ۾ ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ تلاوت بعد نعت پڙهڻ لاءِ ترميم پيش ڪئي وئي، حڪومت پاران حمايت بعد معاملو ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. ايوان ۾ پيپلزپارٽي پاران غيرت جي نالي تي قتل  ۽ زوري زِنا واري قانونن ۾ ترميم وارا بل پڻ پيش ڪيا، جنهن کي پڻ اسپيڪر لاڳاپيل ڪميٽيز حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ اپوزيشن عورت ميمبرز کي فنڊ نه ملڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

ادارن وچ ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي: چيف جسٽس ناصر الملڪ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس،جسٽس ناصر المـُلڪ چيو آهي ته ادارن وچ ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي،عدالت ڏسي رهي آهي ته آئيني ترميمن تحت ڪنهن آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ته ناهي ٿي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل بينچ، 18 هين،21 هين آئيني ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف درخواستنجي ٻڌڻي ڪئي. ٻـُڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان جي دليلن تي جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته عدليه جي آزادي ۽ انتظاميه کان علحدگي آئين جو اهم نقطو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي کي جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻايو وڃي ته پوءِ ڇا اوهان کي قبول هوندو ان صورت ۾ اختيارن جي ورڇ متاثر نه ٿيندي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته هـُو آئين ۾ اهڙيون ترميمون ڇو نه ٿا آڻين، جيڪي حالتن موجب هـُجن. جسٽس ناصر المـُلڪ چيو ته ڇا پارلياماني ڪميٽي عدليه جي آزادي ۽ اختيارن جي ورڇ خلاف آهي؟اهو به ٻـُڌايو وڃي ته ججز جي مقرري بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي آئين جي ڪنهن آرٽيڪل خلاف آهي؟ هن چيو ته هر ملڪ ۾ ججز جي مقرري جو طريقيڪار مختلف آهي،ترميم ٿيندي ته ڪيس به عدالت ۾ ايندا. چيف جسٽس ناصرالملڪ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هـُو ڏسي رهيا آهن ته ترميم تحت ڪنهن آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ته ناهي ٿي، اسانجو ٻين ملڪن جي عدالتن کان متاثر ٿيڻ ضروري ناهي. ٻڌڻي دوران بيرسٽر ظفر الله پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ 18 هين ترميم ۾ عبوري حڪم ڏنو،جنهن سبب پارليامينٽ 19هين ترميم منظور ڪئي. ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عبوري حڪومت ۾ پارليامينٽ کي هدايت نه پر تجويز ڏني هئي. بيئريسٽر ظفر الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم سبب ادارن ۾ جنگ ٿي جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ادارن ۾ ڪا به جنگ يا ٽڪراءُ ناهي. سپريم ڪورٽ انکانپوءِ، 18 هين،21 هين آئيني ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ڪنٽومينٽ بورڊ جي مڪاني چونڊن جي نتيجن عمران خان جي الزامن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو؛ خواجه سعد رفيق

لاهور (م.ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ڪنٽينر وارن ان جي تڪ اين اي 125 تي الزام مڙهيو هو ته هن تڪ ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي آهي پر ڪنٽومينٽ بورڊ جي مقامي چونڊن ۾ باشعور عوام مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪري ڇڏيو آهي تاريخ جو سبق آهي ته عوام پاران ڪيل فيصلا مڃيا وڃن پر تحريڪ انصاف پاران عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وڃي ٿي پي ٽي آءِ کي عوام جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي جيڪو ڪم ملڪ به طالبان به نه ڪري سگهيا هئا اهو عمران خان ۽ طاهرالقادري جي الائينس ڪري ڇڏيو اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن لاهور ڪينٽ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو وفاقي وزير چيو ته اين اي 125 جي عوامي ٽربيونل (ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي عمران خان جڊيشل ڪميشن ۾ به الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو هن چيو ته پاڪ چين معاهدن تي ڪجهه ماڻهو بيڪار سياست ڪري رهيا آهن ڪالاباغ ڊيم وانگر پاڪ چين ڪوريڊور کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

ڀاشا ڊيم جي اڏاوت تي چار ئي صوبا متفق آهن، اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير تعليم نٿار کهڙو چيو آهي ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ قدرتيوسيلا اڻ ڳڻيا آهن جن مان توانائي جون ضرورتون سولائي سان پوريون ٿي سگهن ٿيون پاڪستان بابت چيو وڃي ٿو ته ان پنهنجا وسيلا ضايع ڪيا آهن ڀاشا ڊيم جي اڏاوت تي چار ئي صوبا متفق آهن پر اڃا تائين ان تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو ٿر ڪول جي نشاندهي 1998 تي ڪئي ويئي هئي پر ان تي عملدرآمد تي سال لڳي ويا هو گذريل ڏينهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ پاڪ انرجي ريويو جي اهتمام هيٺ انرجي ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي قونصل جنرل سوئيزرليند ايمن وائيس ملڪ خدابخش پاڪستان اخبار جو ريزيڊنٽ ايڊيٽر مبشر مير ايڊيٽر پاڪ بينڪر جاويد محمود ايڊيٽر عوامي آواز ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين به خطاب ڪيو هن چيو ونڊ ڪوريڊور سنڌو درياهه ٿرڪول جا ذخيرا گهڻي وقت کان موجود آهن پر اسان ان سمورن قدرتي وسيلن کي ڪتب آڻي اڄ تائين توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪامياب ناهيون ٿا هن چيو ته ان حوالي سان هميشه سول حڪومتن تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن ۽ 1958 ۾ الزام هڻي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان اچي ويو ۽ ان کان پوءِ ته سلسلو شروع ٿي ويو جمهوري حڪومتون ته صرف نالي ماتر اينديونر هيون ۽ مارشل لا جو بس دور ئي رهيو انهيءَ وقت ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو هن چييو ته پرويز مشرف چيو ته 3 سال لڳن يا 22 سال ڀاشا ڊيم ضرور ٺاهينداس پر ايئن نه ٿي سگهيو هن چيو ته ڀارت ونڊ مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي پر سمورن متبادل توانائي جي ذريعن بابت معلومات هئڻ جي باوجود گذريل 9 سالن کان ڪنهن کي ان ڳالهه جو خيال نه آيو هن چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ان سان سنڌ حڪومت تي قرض به چڙهي ويو ۽ يوڪرائين مان گهرايل ناقص ڪڻڪ به سنڌ کي استعمال ڪرڻي پئي نثار کهڙو چيو ته پاڪستان کي 70 سال ٿيڻ وارا آهن پر اڄ تائين اسان ٽيوب ويل کي سولر انرجي سان هلائڻ ۾ ڪامياب ناهيون ٿي سگهيا هن ٻڌايو ته 1991 جي واٽر رڪارڊ تحت درياهه سنڌ ۾ ڪوٽڙِ جي هنڌ کان 1.5 ملين ڪيوبڪ فوٽ پاڻي جو نيڪال ٿيڻ ضروري آهي ڇو ته ايئن نه ڪرڻ سان سمنڊ واپس ايندو جنهن سان زمين گهٽجي ويندي پر ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيٽي بندر ڊيلٽا ۽ ٻين علائقن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي جنهن سان زمين بنجر ٿيندي پئي وڇي ۽ پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سوئيزرلينڊ جي قونصلر جنرل ايمل وائيس چيو ته توانائي جو شعبو سڄي دنيا لاءِ خاص اهميت رکيندڙ آهي هن ٻڌايو ته سوئيزرلينڊ ۾ 90 سيڪڙو بجلي هائڊرو پاور سان تيار ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته ماحول کي آلودگي کان محفوط رکڻ وقت جي خاص ضرورت آهي پاڪستان اخبار جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر مبشر مير چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان نوازيل آهي جيڪي وسيلا ڪتب آڻي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.

 

الطاف حسين عمران خان کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين عمران خان پاران ايم ڪيو ايم تي لڳل الزام بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته بنا ثبوت جي اهڙا الزام مڙهڻ قتل برابر آهي الطاف حسين چيئرمين تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪپتان قوم کان معافي وٺي هن چيو ته عمران خان ثبوت ڏي يا وري پاڻ کي عدالتن آڏو اچڻ لاءِ تيار ڪري الطاف حسين چيو ته ڪپتان الزام مڙهيو ته ايم ڪيو ايم  ننڍين ڳالهين تي ماڻهن جا سر کڻي ٿي جيڪو الزام بي بنياد آهي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ايم ڪيو ايم تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊن ۾ رينجرز جي موجودگي ۾ اٽڪل هڪ لک ووٽ ڪيئن کڻي ڪامياب ٿي الطاف حسين عمران خان کان سوال ڪيو ته هو جلد کان جلد ايم ڪيو ايم جي خلاف پنهنجن الزامن کي عدالت ۾ کڻي وڃي سگهن ٿا.

 

برسات متاثر زخمين جي عيادت لاءِ گذريل ڏينهن نه اچڻ جو سبب ڊاڪٽرن جي صلاح هئي: عمران خان

پشاور (بيورو)  تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته برسات متاثر زخمين جي عيادت لاءِ گذريل ڏينهن سندس نه اچڻ جو سبب ڊاڪٽرن جي اها صلاح هئي، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته وي آءِ پيز جي موومينٽ سان طبي سهولتون متاثر ٿين ٿيون. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو برسات سبب پيش آيل حادثن ۽ سموري تباهه کان با خبر هو ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن ۽ وڏي وزير سان رابطي ۾ هو. هن چيو ته ڊاڪٽر ڪالهه کيس  اسپتال نه اچڻ جو مشورور ڏنو هو، عمران خان موجب ڊاڪٽرن کيس چيو ته سندس اچڻ سان طبي سهولتون متاثر ٿي سگهن ٿيون ۽ مريضن کي ملندڙ توجهه گهٽجي سگهي ٿو، تنهنڪري هو دورو نه ڪري. هن چيو ته اڄ به هو بنا پروٽوڪول جي اوچتو اسپتال پهتو آهي ته جيئن سندس اچڻ جي ڪري مريضن جو اعلاج متاثر نه ٿئي. عمران خان جو چوڻ هو ته ليڊي ريڊنگ اسپتال کي جديد طرز جون سهولتون ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ٽن مهينن ۾ اها اسپتال مثالي بڻجي ويندي.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ،اڳوڻي صوبائي گهر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، آصف زرداري ۽ الطاف حسين کي دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ مان جان جو خطرو آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس گهرواري ۽ هن جي حياتي خطري ۾ آهي،پر عدالتي حڪم باوجود کين سيڪيورٽي ناهي ڏني وئي، جيڪو عمل عدالت جي توهين آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس خانگي سڪيورٽي گارڊ فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي عدالت رمارڪس ڏنا ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير کي خانگي سڪيورٽي نه پر آءِ جي سنڌ کي چئي پوليس جي سڪيورٽي فراهم ڪرائي ويندي. انکانپوءِ عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته الطاف حسين ۽آصف علي زرداري هن جا دشمن آهن، کيس طالبان،لشڪري جهنگوي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ مان جان جو خطرو آهي. هن سواليه انداز ۾ چيو ته کيس سڪيورٽي فراهم نه ڪندڙ سنڌ جا حڪمران ٻڌائن ته ماڊل گرل ايان علي کي چئن سالن کان ڪهڙي بنياد تي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته وسيم اختر ٿاڻا وڪڻي سنڌ جي خدمت ڪئي،جڏهن ته پ پ مان نااميد ٿي هن انصاف لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو آهي. هن الزام مڙهيو ته آءِ جي سنڌ ڪمزور انسان آهي، سندس پٽ حيدرآباد ۾ قبضا ڪري ٿو، جڏهن ته سندس گهرو وزارت جي زماني ۾ آءِ جي غلام حيدر جمالي کيس پيرين پوندو هو. سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي رائو انوار سنڌين ۽ بلوچن تي ظلم ڪري رهيو آهي،اڳوڻي ڊي رينجرز کيس هٽائڻ لاءِ چيو پر آصف زرداري جي حڪم تي کيس نه هٽايو ويو

 

شاديءَ کان پوءِ منهنجي مشهوري ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آهي: مٿيرا

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ منهنجي مشهوري ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آهي، مان دلي سڪون لاءِ ماڻهن جي دل کولي مدد ڪندي آهيان. هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته ماڻهن جي اها سوچ بلڪل غلط آهي ته فنڪارن جي شاديءَ کان سندن ڊمانڊ گھٽ ٿي ويندي آهي، مان شاديءَ کان پوءِ اڃا وڌيڪ خوداعتماد ٿي وئي آهيان، جنهن کي منهنجي ضرورت هوندي اهو پاڻ ئي مون کي ڪاسٽ ڪري وٺندو.