تازيون خبرون

Daily Archives: April 28, 2015

آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي

چنائي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي، ميچ ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي دفاعي چيمپين ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز جو مقابلو چنائي سپر ڪنگز سان ٿيندو، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب 8:30 تي شروع ٿيندي.

 

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ پهرين مئي کان شروع ٿيندي

بارباڊوس (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين مئي کان بارباڊوس ۾ شروع ٿيندي ، ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم انگلينڊ کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ کٽڻ هارائڻ جي فيصلي کانسواءِ ختم ٿي وئي، جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

ڪراچيءَ تي آباديءَ جو دٻاءُ ۽ نئين صوبي جو راڳ : پنهل ساريو

چونڊ نتيجن کان پوءِ اها ڳالھه لڪل ناهي رهي ته متحده قومي موومينٽ مهاجر مفادن لاءِ پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ سان سودي بازي جون سڀ حدون پار ڪرڻ لاءِ تيار آهي هاڻي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته الطاف حسين يا ان جي جماعت جڏهن به سنڌ جي وحدت خلاف زبان درازي ڪن ته پڪ سمجهجي ته ايم ڪيو ايم جا ڏوھ ڏڪي رهيا آهن . جيڪڏهن سنڌ وطن سان بيپناھ محبت ڪندڙ ڪو به قومپرست ۽ وطن دوست ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته الطاف حسين ڌار صوبي جي ڳالهھ حڪمت عملي تحت ڪري رهيو آهي يا وري اهو ته ايم ڪيو ايم سنڌين جو ڀلو ٿي چاهي انهيءَ ڪري سندس اهڙي قسم جي مطالبن تي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت ناهي ته مان سمجهان ٿو اها جماعت ۽ فرد ايم ڪيو ايم جي نيت ۽ انهن جي 60 سالا سياست کان  بيخبر آهن، ايم ڪيو ايم پنهنجي جوهر ۾ هڪ اهڙي مڪمل تنظيم آهي جيڪا پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي ماڻهو مارڻ خوف ۽ دحشت پيدا ڪرڻ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي چونڊي چونڊي قابل ۽ باصلاحيت ماڻهن کي مقتل گاھ تائين پهچائڻ ته هنن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. انهيءَ ڪري سنڌ سان اٿاھ محبت ڪندڙ ۽ سنڌي ماڻهن سان بيپناھ پيار ڪندڙ دوستن ساٿين ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي کپي ته ايم ڪيو ايم جي هر قدم تي عقابي اک رکن ڇاڪاڻ ته  ايم ڪيو ايم جي سوچ ، فڪر ۽ عمل کي نظر انداز ڪري اهو چوڻ ته کين جيءَ ۾ جايون ڏيڻ گهرجن ۽ اسانجا دوست اهو ڀائن ٿا ته هاڻي بس اسانجو قومي فرض آهي ته ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيون يا اهو ته اردو آبادي سان گڏ هلڻو آهي ته پوءِ اسانکي  الطاف حسين جي انهيءَ بيان جو به جائزو وٺڻو پوندو ته هو جڏهن بار بار چوندو رهيو آهي ته اسان سنڌين کي تهذيب سيکاري اسان کان اڳ هتي رهندڙ ماڻهون ڄٽ ۽ جاهل هئا.  يا اسان جائيدادون هندوستان ڇڏي آياسين اسانجي ابن ڏاڏن قربانيون ڏنيون ته پوءِ اسانکي اهو به پوتاميل ڪرڻو پوندو ته 1948 ۾ ڪراچي ۾ سنڌين خلاف هٿيار کڻي هڪ خاص مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي جلا وطن ڪندڙ ڪير هئا؟ سنڌ سميت بنگالين بلوچن سرائڪين پٺاڻن ۽ پنجابين جي ٻولين کي نظر انداز ڪري اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندڙ ڪير هئا؟ 70 جي ڏهاڪي ۾ بار بار ٻولي جا فساد ڪرائيندڙ ڪير هئا؟ جنرل ضياءُ جو ساٿ ڏئي سنڌ جي آزاد روادار ۽ جمهوري جدوجهد جي پٺيءَ ۾ کنجر هڻي ڪونڌر ڪهندڙ ڪير هئا؟ ايم ڪيو ايم ئي سنڌ ۾ مارشلائي دور ۾ به جنرل ضياءُ سان پيچ اڙائي لساني ۽ نسلي سياست جا بنياد رکيا اسانکي اها ڳالهھ به وسارڻ نه کپي ته 1985 کان هن وقت تائين اقتدار ۾ رهندڙ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ترقي ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ دشمن پاليسين تي هلندي ترقي جي مد ۾ ڌوڙ ڏني آهي ته ايم ڪيو ايم به سنڌ جي جهولي ۾ ڇائي جا ڀريل ڇڄ اڇليا آهن.

ايم ڪيو ايم پهريون دفعو صوبي جي گهر ناهي ڪئي پر ايم ڪيو ايم سدائين آدها تمهارا آدها همارا جا دهل وڄائيندي رهي آهي هتي سوال ايم ڪيو ايم جي الڳ صوبي واري مطالبي جو ناهي پر سوال الطاف حسين جي انهيءَ بيان جو آهي جنهن ۾ هو بار بار مهاجرن کي عظيم ڪري پيش ڪري ٿو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي وارثن سان هميشھ اڍنگو رويو رکي ٿو اچو ته پاڻ جائزو وٺون ۽سنڌ ۾ مهاجرن جي بڻ بڻياد تي هڪ نظر وجهون.

ورهاڱي کانپوءِ ترت محمد علي جناح صاحب گورنر جنرل جي حيثيت ۾ پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي جائيداد بابت ٻه آرڊيننس جاري ڪيا، انهن حڪمن تحت پاڪستان جي پنجابي ڪمشنر کي هي اختيار ڏنا ويا ته اهو  هندن پاران ڇڏيل زمين ۽ ڪاروبار تحويل ۾ وٺي. ان جي عارضي ليز جاري ڪري ساڳي وقت مهاجرن کي ان قانون هيٺ خالي ڇڏيل عمارتن تي قبضي جي اجازت ڏني وئي.

1947ع کان 1948ع تائين 70 سيڪڙو زرعي زمين ۽ شهري علائقن جو 85 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون ڌارين حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح گورنر جنرل جي خصوصي اختيارن تحت سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي کان بي دخل ڪيو ويو ۽ انهن کي ٻهراڙين تائين محدود رکيو ويو.

لياقت علي خان پاڪستان جو پهريون وزير اعظم بڻيو، جڏهن ته هن  ٺهندڙ ملڪ جي  يونٽن مان ڪنهن به ماڻهو کي ان جي لائق نه سمجھيو ويو.  بعد ۾ مرزا جواد بيگ 1972ع ۾ ڪراچي ۾ ”ميٽرو پوليٽن حڪومت“ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو. جنرل مشرف ان مطالبي تي 2002ع ۾ عمل ڪرايو. سٽي گورنمينٽ ان جو عڪس  هئي. جواد بيگ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو جنهن تي ٻولي فساد شروع ٿي ويا. بعد ۾ تسنيم صديقي ڪراچي حيدرآباد ۽ لاڙ تي مشتمل صوبي جو نقشو ٺاهيو. 1994ع ۾ ناظم آباد ۾ ميٽنگ ۾ ايم ڪيو ايم جدا صوبي جي قرارداد پاس ڪئي.

ورهانڱي کان اڳ هندي ۽ اردو آبادي جو ڪراچي سميت سنڌ ۾حصو 6.3 هئو ، جنهن ڪراچي تي اڄ سڀ دعوا ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ڪراچي جو اسٽيڪ هولڊر سڏائين ٿا اهي هي هيٺيون سٽون پڙهي وٺن ته 1947 ۾  ڪراچي جي مجموعي آبادي ساڍا 4 لک هئي. جنهن موجب  16.2 سيڪڙو سنڌي ماڻهو هئا.جڏهن ته اردو ۽ هندي ڳالهائيندڙ آبادي فقط 6.3 هئي. ان وقت آبادي جو 51 سيڪڙو هندو مذهب سان وابسطه ماڻهن جو هئو. . 42 سيڪڙو مسلمان هئا. ورهاڱي کان پوءِ آبادي جو توازن بگڙڻ لڳو. 1951ع جي آدمشماري موجب ڪراچي جي آبادي ساڍا يارنهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي وئي.  لساني اعتبار کان ڇرڪائيندڙ انگ  اکر حيرت ۾ وجھي ٿا ڇڏين ته 61 سيڪڙو سنڌي آبادي هڪدم گهٽجي فقط 8.6 سيڪڙو وڃي بچي 6.3 سيڪڙو اردو آباديءَ جو انگ ٿوري عرصي ۾ 50 سيڪڙو کي وڃي رسيوجڏهن ته 1948 ۾ ڪيترائي هندي ڳالهائيندڙ ملڪ ڇڏي هليا ويا هئا . 1941ع جي مئي مهيني ۾ ڪراچي شهر اندر آبادي ۾ 161 سيڪڙو رڪارڊ واڌ ٿي. ڪراچي ۾ ڌاري آبادي جو اهو سلسلو اڃان ختم نه ٿيو آهي. 60 جي ڏهاڪي ۾ وري پري پلان جنرل ايوب خان پٺاڻن کي آڻي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو. ان کان پوءِ 1972 کان 1978 تائين اوڀر بنگال جو بنگلاديش ٿيڻ بعد 4 لک آزادي پسند تحريڪ جا مخالف بهاري بنگالي اچي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿيا. افغان جنگ طالبانائيزيشن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جي دور ۾ 30 لک افغاني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، جن جي اڪثريت ڪراچي ۾ آباد آهي. هي افغانستان جي قبائلي علائقن وانا وزيرستان کان علاوه خيبرپختونخواهه مان دير ۽ سوات مان پڻ اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا آهن. هي آباديءَ جو جيڪو ڪراچي تي دٻاءُ آهي اهو صرف اردو آبادي جو نه پر هاڻي بنگالي، بهاري، سيلوني، افغاني، ايراني ۽ برمي توڙي تبتي ۽ چيني به اچي پاڪستان جي هن واحد عالمي شهر ۾ آباد ٿيا آهن سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچيءَ جو معاشي سياسي ۽ ثقافتي حوالي سان ڌاري آبادڪاريءَ جي دٻآءُ سبب توازن بگڙي ويو آهي سوال فقط اڪثريت ۽ اقليت جو ناهي پر هتي قيمتي سوال آهي خيالن، سوچن، فڪر، فلسفي، ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي جو جيڪا ڌاري آبادڪاري آهي انهن جون سوچون ۽ خيال تخريبڪاري وارا آهن انهن جو ڪنهن به نموني سان سنڌ وطن جي مٽيءَ سان جڙاءُ نظر نٿو اچي انهيء ڪري هو سنڌ ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ بدامني ۽ تنزليء جون واٽون اخيتار ڪن ٿا گذريل 30 سال ايم ڪيو ايم لوڪل گورنمنٽ ۽ پارليامنٽ ۾ رهي آهي جڏهن ته 15 سالن تائين سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي هن 30 سالن دوران ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا نسلي ۽ لساني ٽڪراءَ بار بار ٿيندا رهيا ۽ هميشھ انهن جي زميواري ايم ڪيو ايم قبول ڪندي رهي. اهڙا 30 هزار کان وڌيڪ ڪراچي حيدرآباد، ميرپورخاص ٽنڊو آدم ۾ پوليس اسٽيشنس تي ڪيس رجسٽرڊ آهن پر هر ڀيري مارشلائي سربراھ، پيپلز پارٽي ۽ نواز شريف ايم ڪيو ايم کي رليف ڏيندا آيا آهن هن ڀيري آپريشن ۾ به مهاجرازم کي اڀاريو.

جڏهن به ٽيلبل تي ويهڻ جو وارو آيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وارن جي معاملن کي سلجهائڻ لاءِ مقتدر قوتن کي وچ ۾ آندو ويو ٻنهي جماعتن جو پاڻ ۾ جڙڻ جو مقصد سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڦر لٽ پنجاب ڪري ٿو ان ڦرلٽ کي اڃا وڌائي ۽ بچيل مال هڙپ ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته اسٽبلشمينٽ ۽ پنجاب جنهن وقت به سنڌي قوم کي سوڙهو ڪرڻ ٿئي چاهيو ته انهن ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪيو. تازو جڏهن 246تڪ جون چونڊون ايم ڪيو ايم کٽي ورتيون ته کين جدا صوبي جي گهر ڪندڙ پنهنجو عوام ياد اچي ويو الائي ڇو هو اهو وساري ٿا ويهن ته هنن چونڊن جي ڪاميابي لاءِ ايم ڪيو ايم کي وري مهاجر ازم ڏانهن موٽ کائڻي پئي آهي ۽ اها ستي منجھن اسٽبلشيمنٽ ۽ آپريشن ڪندڙ ادارن زبردست اوتي آهي هينئر ايم ڪيو ايم ان ٻه واٽي تي بيٺي آهي .

 

ڳجهارت بڻيل هڪ قتل: وصعت الله خان

اڃا اهو طئي ناهي ته سبين محمود کي ڪنهن ۽ ڇو ماريو، پر پاڪستان جي اڪثر ٽي وي چينلن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ ٽن اردو اخبارن ايتري تائين احتياطُ ڪيو جوا هو ٻڌايو ته سبين هڪ سيمينار ڪوٺائڻ کانپوءِ قتل ڪئي وئي پر ڪهڙو سيمينار؟ اهو نه ٻڌايو.

پر هڪ کانسواءِ سمورين انگريزي اخبارن ٻڌايو ته سيمينار جو موضوع هو ته ”بلوچستان تي خاموشي ٽوڙيو“ . ٿورو سوچيو، بلوچستان جو نالو جيڪڏهن ڪردستان، ڪشمير، شن جيانگ، چي چينيا يا اوڀر تيمور هجي ها ته اردو ميڊيا خوانن جي جرئت رندانه الائجي ڪهڙين بلندين تي پهتل هجي ها. ڪير نالو وٺي يا نه وٺي پر بلوچستان ڌيان جي ڳولائو بنيادي انساني جبلت جو ٻيو نالو آهي.منهنجو ٻن سالن جو پٽ واسع نه ماءُ جي طرفان بلوچُ آهي ۽ نه ئي پيءُ جي پاسي کان. پر پوءِ اڄ صبح هن منهنجي مٿي تي پنهنجو رانديڪو  وهائي ڪڍيو، ڇو جو مان سندس ڳالهه نه ٻڌي رهيو هوس.

جيتوڻيڪ ڪير به يقين سان نه ٿو چئي ته ان قتل جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، پر ٽي وي چينلن جي ٽاڪ شاپس جي شرڪت ڪندڙن کان هيءَ ڳالهه طريقي طريقي سان چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هن واردات ۾ ذات بغض، خانداني ڪدورتون، ڳجھن پرڏيهي هٿن يا انتهاپسند دهشت گرد تنظيمن جي ملوث هئڻ جو امڪان آهي.

ضروري ناهي ته هن قتل جو تعلق بلوچستان جي موضوع تي سيميناري يا اهو سيمينار ڪرائڻ سان هجي، ڇو جو سبين کي ڪافي عرصي کان طرحين طرحين جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون. تنهنڪري ممڪن آهي ته ڪنهن عيار قاتل کيس قتل ڪرڻ لاءِ اهڙو وقت چونڊيو جو آڱريون ڄاڻي واڻي بلوچستان جي باري ۾ حساس ادارن ڏانهن کڄي پون. تنهن هوندي به فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي طرفان هن افسوسناڪ واقعي جي بروقت مذمت ۽ سبين جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۾ مدد لاءِ انٽيليجنس ادارن جي تعاون کانپوءِ سڀئي افواهه ختم ٿي وڃڻ گهرجن.

اهو به خطرو آهي ته پاڪستان ۾ ڳري چيني سيڙپڪاري ۽ گوادر کان ڪاشفر ڪاريڊور منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ملڪ دشمن طاقتون وڌيڪ وارُ ڪن، سو هڪٻئي تي خومخواهه آڱريون کڻڻ بجاءِ اتحاد ۽ يڪجھتيءَ جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ بري فوج جي سربراهه جي تازي تنبيهه کي غور سان سمجھڻ گهرجي ته بلوچستان ۾ غير ملڪي مداخلت ۽ ان جي مددگارن کي سختيءَ سان چٿيو ويندو.

ڄاڻي واڻي مونکي واقعي به اندازو ناهي ته سبين محمود جي قتل کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي اها وضاحت بازي پاڻيهي ڄاڻيهي آهي يا ڪنهن مشوري تحت ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ٽاڪ شاپس ۾ ويٺل ڪو ٽيلي افلاطون ڇو چوڻ لاءِ تيار ناهي ته صرف سبين جو قتل ئي نه پر ان قسم جي ٻين هاءِ پروفائيل ڪيسن بشمول بينظير ڀٽو ڪيس، ۽ عامُ شهرين جي عدالت کان مٿانهين جبري گمشدگين ۽ قتل ۾ ملوث مجرمن کي تلاش ڪري ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ اڄ تائين ان سلسلي ۾ جيڪي به تحقيقاتي سفارشون جوڙيون ويون، انهن تي عمل درآمد کي اوليت ڏني وڃي ته جيئن رياستي رٽ تي اعتماد چئني پاسن کان ڏنگيل شهرين تي بحال ٿيڻ شروع ٿئي. ڪير به ڳالهين کي ڦيرائي گهيرائي ڪرڻ جو ماهر ڇو ڪو نه سڌو سنئون چئي ٿو ته واقعن جي فوري رسمي رپورٽ طلب ڪرڻ، گڏيل جاچ ٽيمون يا وري عدالتي ڪميشن ويهاري ان جي سفارشن جي نتيجا ڏيندڙ سفارشن کي تهه خاني ۾ رکڻ واري عادي ورزش کان اڳتي به هاڻي وڌايو وڃي ۽ اسان جي ۽ هن جي ”حرامزادي“ وارو فرق ختم ڪري هر حرامزدگيءَ جو بنا فرق جي پيڇو ڪيو وڃي ته جيئن واقعي يقيني ٿي سگهي ته رياست نالي ڪو محافظ به اسان سان گڏ بيٺل آهي، (اهو سڀ ڪجهه آئون چئي ته رهيون آهيان پر ڪنهن کي، پر هتي ته حالتون بقول اسد الله خان غالب جي ائين آهن ته”ڪون بڙهه رها هوا هئي، گوري ڪي قيد سي ڇوٽا تو ڪالي ڪي قيد مين آگيا“)

هڪ بلوچي لوڪ گيت جا ٻول آهن ته مس ني زندگي ناپ ڪي ويکي. يي بالشت ڀر هي هي. (شاهه محمدي جي ٿورن سان)

 

ڪاري سون جي مالڪن جي داد رسي ٿيڻ گهرجي

ٿر واسين جي دانهن ۽ مطالبي تي نظر وجھجي ته اُها حقِ بجانب آهي ۽ ٿر وارا ڪاري سون جي ڍِڳن ۽ ڍيرن جي مٿان ويٺل هجڻ باوجود به زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ايتري قدر جو کاڌي پيتي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ کان به ڄڻ ته محروم آهن. بدقمستي چئجي جو ٿر ۽ اُتي جي زمين ۾ دفن لڳ ڀڳ هڪ سئو پنجهتر ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۽ پاڪستان ۾ آهن ۽ اُهو ئي سبب آهي جو پنجهٺ سالن کان وٺي اُهي استعمال ٿي نه سگهيا آهن. استعمال ته ڇا پر هنن جي  استعمال جي لاءِ گهربل ڪم ڪار به اڃا ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي. اِهي  ذخيرا جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن ها ته هن وقت تائين انهن کي ٺاهي ٺوڪي نه رڳو استعمال ۾ آڻي چڪو هُججي ها، پر انهيءَ کي اهڙي ته ترقي وٺرائي وڃي ها جو اتان جي ديس جا رهواسي ترقيءَ جي ڏس ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪن ها پر اسان وٽ ٿر جا ماڻهو نه رڳو ٿر پر ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ماڻهو ڄڻ ته اڄ به اونداهي دور ۾ رهن ٿا. جتي اڄ به ٻن ويلن جو ڳڀو چئلينج بڻيل هجي، اڄ به عورتون ڪوهين ڏور وڃي کوهن مان گهاگهر کڻي پاڻي  ڀرينديون هجن، جتي ٻار غذائيت جي کوٽ سبب موت جي منهن ۾ هجن، جتي تعليم جو ڪو معيار نظر ئي نه اچي، جتي جا اسڪول اوطاقون ۽ اسپتالون، جانورن جا واڙا بڻيل هجن، اُتي جي ترقي الائي ته بس هٿ هٿ تي رکي ڌڻيءَ در ئي واجھائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نه ٿو اچي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي، تيل، گئس، ڪوئلو، سمنڊ جي ڪمائي، مطلب ته سنڌ ڪمائي ٿي ۽ باقي تڳن ٿا پر جي سنڌ جي رهواسين جي زندگيءَ تي نظر وجھجي ته بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. گهڻو پري ڇو وڃجي تازو ئي مثال وٺجي ته سنڌ ملڪ جي مجموعي گئس جي پيداوار جو ستر سيڪڙو پيدا ڪري ٿي پر موٽ ۾ ان جي نصيب ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ئي آيل آهي. ان کان علاوه سنڌ سرڪار رڙي رڙي وفاق کان مطالبو ڪري رهي آهي ته ايل اين جي مهانگي اگهه تي جيڪا ٻاهران گهرائي وڃي ٿي تنهنجي سنڌ کي ڪا گهرج ناهي ڇو ته سنڌ مان گئس نڪري ٿي ۽ سنڌ جي گئس جي گهرج ان جي پنهنجي ئي پيدا ٿيندڙ گئس مان پوري ڪئي وڃي. جيڪڏهن ايل اين جي گهرائي به وڃي ٿي ته اُها مهانگي اگهه تي ڀلي انهن صوبن کي ڏني وڃي جتي گئس ناهي ۽ جيڪي گئس پيدا نٿا ڪن. سنڌ اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته مهانگي اگهه تي گهرايل اُها ايل اين جي سنڌ جي گئس سستي اگهه تي وٺي ٻين صوبن ۾ استعمال ڪرڻ کانپوءِ سنڌ کي مهانگي اگهه تي وڪڻي ويندي. ملڪ ۾ هاڻي جيئن ته وفاق ۽ صوبن ۾ چونڊيل حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن، آئيني ادارا نه رڳو قائم پر متحرڪ آهن تنهنڪري ان سموري صورتحال ۾ ڪنهن به صوبي سان آئين کان هٽي ڪري، قانون کان هٽي ڪري ڪا زيادتي نه ٿيڻ کپي. ڇو ته آئين آمريتن جي دور ۾ ٽوڙيو ۽ مروڙيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن جمهوري حڪومتن جي دور ۾ آئين کي لتاڙي، غير آئيني قدم کڻي صوبن جي ڳچيءَ ۾ ڪي ڳٽ وڌا وڃن ته اُها دانشمندي نه ٿيندي. سو سنڌ جي گئس جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو، ان ڏانهن ڌاريائپ وارو رويو ترڪ ڪرڻو پوندو، سنڌ پوري ملڪ کي تڳائي ٿي، سنڌ جي آمدني جڏهن وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ جمع ٿئي ٿي ته اُتان ورڇ آباديءَ جي بنياد ٿي وڌ ۾ وڌ فائدو گهڻي آبادي رکندڙ اسٽيڪ هولڊر کي ئي ٿئي ٿو. سو نه رڳو سنڌ پر جنهن به صوبي مان جيڪي به قدرتي وسيلا ۽ معدنيات نڪري ٿي ان جو لاڀُ ان صوبي، ان علائقي ۽ اُتان جي مقامي رهواسين ۽ آباديءَ کي ضررو ٿيڻ کپي.