تازيون خبرون

Daily Archives: April 17, 2015

فيڊ ڪپ ٽينس روايتي مخالف ڀارت پاڪستان کي 0-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ممبئي(اسپورٽس نيوز) فيڊ ڪپ ايشيا اوشنيا گروپ ٽو ٽينس ٽورنامينٽ ۾ روايتي مخالف ڀارت پاڪستان کي 0-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي. گرين شرٽس جي لڳاتار اها ٻي شڪست آهي. ان کان اڳ پهرين ميچ ۾ ملائيشيا ان کي شڪست ڏني هئي. ڀارت ۾ جاري ايونٽ ۾ گذريل ڏينهن کيڏيل ٻئي ميچ ۾ پاڪستان جو مقابلو ڀارت سان ٿيو. ڀارت جي رانديگرياڻين بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي 0-2 تان ڪاميابي ڏياري. پهرين سنگل مقابلي ۾ ڀارتي پليئر ٽو مبار پاڪستان جي ساره منصور کي شڪست ڏئي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ٻئي سنگل مقابلي ۾ ڀارتي پليئر ريانا پاڪستان جي اوشنا سهيل کي شڪست ڏئي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

 

اڻ لڀ بارداڻو ، آبادگارن ۽ هارين جا مسئلا…!

 

سنڌ ۾ هر سال جيان هيل به ڪڻڪ جو فصل لهندي ئي، بارداڻي جي کوٽِ ڪَرُ کنيو آهي.  ڪڻڪ جا لابارا پوندي ۽ ٿريشر لڳندي ئي مارڪيٽ مان ٻوريون (بارداڻو) اڻ لڀ ٿي ويون آهن يا وري جي ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته اُهي مارڪيٽ مان هٿ وٺي گُم ڪيون ويون آهن. پاڪستان جيئن ته هڪ زرعي سماج آهي ۽ اتي هر قسم جا فصل به ججها ٿين ٿا، پر مارڪيٽ تي واپارين ۽ دلالن جي هڪ هٽي هئڻ ڪري جڏهن فصل لهن ٿا ته انهن جا اگهه ائين ته ڪيرايا وڃن ٿا، جو آبادگار ۽ هاريءَ جي هٿ ۾ فقط ڪاريءَ وارا ڪک اچن ٿا ۽ اُهي قرض ۾ فصل ڏئي هٿين خالي بوڇڻ ڇنڊي گهر پهچن ٿا ۽ وري واپارين کان قرض وٺي نئون فصل پوکڻ جي ڪرت سان لڳي وڃن ٿا. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو سنڌ ۾ بارداڻي جي کوٽ ٿي آهي، پر ويجھر وارن سالن تي نظر ڦيرائڻ سان چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو ته هر سال فصل لهندي ئي بارداڻي جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪئي ويندي آهي.

بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج جو ڪرپشن ڄڻ ته هڪ اَڻَٽُٽُ حصو بڻجي چڪي آهي، جنهن کانسواءِ ڪنهن به ڪم جو ٿيڻ ناممڪن آهي. هئڻ ته ائين کپي ته فصل لهڻ شرط سرڪار کي هيٺين سطح تائين انتظامي آفيسرن جي ذريعي آبادگارن کي بارداڻو يقيني بڻائڻ گهرجي. پر ٿئي ائين ٿو ته بارداڻو ته فصل جي ڪَٿ موجب موجود ڪري آفيسرن کي ڏنو به وڃي ٿو، پر اُهي منصفاڻي ورڇ بدران آبادگارن ۽ هارين کي پنهنجي درن جا چڪر ڪاٽرائي سندن جُتيون گسرائڻ ۾ ئي پنهنجو مانُ ۽ مرتبو وڌندي محسوس ڪن ٿا. نه رڳو ايترو، پر ڪڻڪ جون ٻوريون به آبادگارن کي ”پرچي سسٽم“ تحت ئي ملن ٿيون. يعني جيستائين تڪ جو ڪو چونڊيل نمائندو، ڪو بااثر ماڻهو، ڪو صحافي، حڪمران جماعت جو ڪو عهديدار يا وري علائقي جو ڪو اُٿي ويٺيءَ وارو معزز جيستائين لاڳاپيل آفيسر کي ڪا فون نٿو ڪري، يا ان ڏانهن ڪا سفارشي پرچي نٿو موڪلي، تيستائين ڪنهن کي ٻوريون ملڻ ناممڪن هجي ٿو.پر سفارش کانسواءِ جيڪڏهن ڪو آبادگار يا هاري ٻوريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿئي ٿو ته اُهو خوشنصيب ليکيو وڃي ٿو.

بارداڻي جو معاملو ايترو ته اهم ٿي ويو آهي جو سومر ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ به غور هيٺ آيو. نه رڳو غور هيٺ آيو پر سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته بارداڻي جي ورڇ بابت آبادگارن جون شڪايتون ختم ڪيون وڃن ۽ خوراڪ کاتي جا سمورا آفيسر سرڪار طرفان مقرر ڪيل خريداري مرڪزن تي موجود رهن ته جيئن بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿئي. اجلاس ۾ وڏي وزير بارداڻي لاءِ پنجاهه ڪروڙ رپين جي رقم جاري ڪرڻ جو  به حڪم ڏنو. ڏٺو وڃي ته هر سال فصل لهڻ شرط ئي خاص ڪري ڪڻڪ، سارين ۽ ڦُٽين جا فصل لهڻ کان اڳ سرڪاري طور انهن جي امدادي قيمت مقرر ڪئي ويندي آهي. سرڪار هر سال حدف مقرر ڪندي آهي ته ڪهڙو فصل ڪيترو ۽ ڪيتري قيمت ۾ خريد ڪرڻو آهي. پر انهن اعلانن کانپوءِ عملي طور سرزمين تي ڪم ئي اُلٽو هلندو آهي. آبادگارن کان فصل جي خريداريءَ لاءِ جيستائين سرڪاري ڪارندا سندن درن ۽ ديرن تائين پهچن، ان کان اڳ ئي عام واپاري وٽن پهچي کانئن سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري، مهانگي اگهه تي سرڪار کي وڪڻندا آهن. جنهن جو نقصان آبادگار هاريءَ کي ٿيندو آهي ۽ فائدو وري دلال وٺي ويندو آهي.

سو هن ڀيري به سرڪار کي ماضيءَ جي تجربن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جو بارداڻي جي ورڇ بنا ڪنهن ڏيتي ليتيءَ ۽ ڪرپشن جي منصفاڻي نموني ٿئي. نه رڳو ايترو پر جيڪو امدادي اگهه سرڪار مقرر ڪري ٿي، تنهن تي به جيئن جو تيئن عمل لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.  سنڌ جي ستر سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي معاشي حوالي سان زراعت تي ڀاڙي ٿي. سو جيڪڏهن کين پنهنجي فصل جا اگهه چڱا نه ملندا ته انهن جي زندگي، زندگيءَ جو ڪاروهنوار شديد متاثر ٿيندو. جنهن جو سنئون سڌو اثر صوبي جي معيشت تي پوندو. تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي سنڌ اندر زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آبادگار ۽ هاري دوست پاليسي جوڙڻ گهرجن، ان ڏس ۾ آبادگارن ۽ هارين جي نمائندن کان تجويزون وٺي اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان اڳتي آبادگارن کي نه ته سندن فصل جي جائز اگهه جي حاصلات ۾ ڪا ڏکيائي پيش اچي، نه ئي وري کين بارداڻي لاءِ دَرَ در جا چڪر ڪاٽي جُتيون گسائڻيون پون.

 

آف دي ريڪارڊ؛تصوير سنديلو

2010ع واري مُها ٻوڏ جون ڪيئي ايذائيندڙ، ڇرڪائيندڙ ۽ شرمائيندڙ يادون آهن. ڪشمور کان وٺي دادوءَ تائين جتان جتان ٻوڏ جو پاڻي گذرندو ۽ تباهيون آڻيندو آيو اسان جو به گهڻي ڀاڱي پاڻيءَ پويان ئي سفر جاري رهيو. پهريان غوثپور دڙي سندراڻي ۽ پوءِ دين پور جو شهر جيڪو ٺل تعلقي ۾ هو، سو مڪمل طور تي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ٻيٽ وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. دين پور ۾ ٻيڙيون نه هلڻ ڪري مجبورن اسان پاڻ پاڻيءَ مان دينپور ڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو پر ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد هڪ ٽريڪٽر آيو، جنهن جي اڳيان ٻه ماڻهو لَڪُڻ کڻي روڊ جون حدون ٻڌائيندا پئي هليا ۽ انهن جي پويان ٽريڪٽر هلندو رهيو. چوڌاري پاڻي ئي پاڻي هو، ٽريڪٽر تي اڳوڻو سيڪريٽري شفيق کوسو به  اسان سان گڏ هو، سندس پٽ ڊرائيونگ ڪري رهيو هو، باقي اسان ٽريڪٽر جي پکن تي ويٺل هياسين. ان وقت سڀني موت اکين سان پئي ڏٺو. جڏهن ٽريڪٽر جو ساڄي پاسي وارو ٽائر روڊ کان لهي گپ ۾ گيسا ڏيڻ لڳو، ٻه ڀيرا ڊرائيور بچائڻ لاءِ ڊوهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽريڪٽر جو ٽائر هيٺ هلندوپئي ويو، سج لهي چڪو هو، چوڌاري ڪاري اوندهه ۾ رڳو پاڻي ئي چمڪي رهيو هو. ان وقت اسان سڀني سوچيو ته ٽريڪٽر تان ٽپو ڏجي پر وڏو وهڪرو هجڻ سبب اتي به بچڻ جو امڪان گهٽ ڏسي الله تي رکي ويٺاسين، نيٺ ٽيون ڀيرو ڪوشش کانپوءِ ٽريڪٽر روڊ تي چڙهي پيو ۽ سک جو ساهه کنيوسين، رات جو دين پور جي ڳوٺ ۾ رهياسين، تڏهوڪي ايم پي اي مير حسن کوسي جو بنگلو هو، جيڪو به ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هو. مير حسن جا ڀائر شفيق کوسو ۽ انيس کوسو به گڏ هئا. بنگلي ۾ جنريٽر هليا،  بورچيخاني ۾ رڌ پچاءُ شروع ٿي ويو. بنگلي ۾ پاڻي هجڻ ڪري تمام گهڻي گهٽ ۽ ٻوسٽ هئي، هوا به بند هئي. رات جي ماني تيار ٿي ته شفيق کوسي پهريان پاڻ ماني کڻي اڪيلي سر کائڻ شروع ڪئي ۽ اسان کي چيو ته توهان به پاڻ وٺي وڃي کائو.floods-sindh-AFP11-640x480

ٻوڏ، جيتوڻيڪ مهمان ۽ ميزبان واري فرق کي جتي ڪٿي ميٽي ڇڏيو هو پر بنگلي ۽ ڳوٺ جا مالڪ هجڻ ڪري شفيق وارن کي جيئن روايتي طور مهمانن سان ورتاءُ ڪرڻ کپي ها ائين نه ڪيو. بنگلي جي ٽن ڪمرن کي استعمال لاءِ کوليو ويو هو، جن مان هڪ اسان جي حوالي، هڪ ڪمري ۾ شفيق جو فرزند ۽ ٽئين ڪمري ۾ شفيق ۽ سندس ڀاءُ رهيل هئا. ميزبانن جي ٻنهي ڪمرن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ پئي هليا. باقي اسان جو ڪمرو جيڪو ٻنهي ڪمرن جي وچ ۾ هو، ان ۾ رڳو پکا ڏنا ويا. نانگن ۽ وڇن جي ڀئه کان اسان رات جاڳي گذاري ڇڏي. دين پور وارن کوسن جي بنگلي جي ٽئين ڳالهه اڃا به نه ٿي وسري اُها اِها آهي ته هڪ ڪراڙو چوڪيدار جيڪو بنگلي تي ٽڪيل هو، ان جا ڇت تي پاڻي مان اچي وڃي پير ۽ پنيون ڳري پيون هيون، پر دوا ته ٺهيو جڏهن صبح ويل کوسا ڀائر اسان سان گڏ نڪتا ته بنگلي مان جنريٽر کنيايون، گئس وارن چلهن جا ڪنيڪشن ڪاٽيائون، فريزر ۾ پيل منرل واٽر جون ڀريل بوتلون ته نه ڇڏيائون پر خالي به ڳنڍيون ٻڌي کنيايون. مونکي ان وقت سنڌ جا اهي زميندار ۽ ڪردار ياد اچي ويا، جن جون ذاتيون ۽ ملڪيتون ته الڳ الڳ هونديون آهن پر مهمانن، ملازمن ۽ گهر جي ڀاتين سان ورتاءُ جو انداز ۽ طريقو ساڳيو هوندو آهي. مير حسن کوسو ان وقت ايم پي اي هو، عوام کيس ووٽ ڏئي چونڊيو هو، پر ان علائقي ۾ سندس ووٽر دربدر هئا، جتان به گذرياسين اتي جھور عورتون راشن لاءِ روئينديون ۽ ٻاڏائينديون رهيون پر اسان سان گڏ انيس کوسو کين ”امان سڀ ڪجهه اوهان کي ملي ويندو“ چوندو کين آٿت ڏيندو ٽي وي جي ڪئمرا جي آڏو  پنهنجي عيبن تي ڪک رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر بک، دربدري ۽ مڇرن جا تپايل ٻوڏ متاثر رڙندا ئي رهيا.

 

ڇا يمن تڪرار ڊگھي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي ويندو؟ ؛ارشاد ڪاغذي

پارليامينٽ جي ميمبرن يمن جنگ ۾ سعودي عرب جي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ، غير جانبدار رهي گڏيل قومن ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس کي متحرڪ ڪري امن ڪرائڻ جو سرڪار کي ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. پارليامينٽ ۾ يڪراءِ قرارداد  جي منظور ٿيڻ کان پوءِ عرب ملڪن پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي. متحده عرب امارتن جي پرڏيهي معاملن واري وزير ڊاڪٽر انور محمود گرگاش چيو ته ”پاڪستان ۽ ترڪي جو مبهم ۽ متضاد موقف هڪ يقيني ثبوت پيش ڪري ڇڏيو آهي ته لبيا کان يمن تائين عرب سلامتي جي ذميواري عرب ملڪن کانسواءِ ٻي ڪنهن جي ناهي. يو اَي اِي جي اخبار خليج ٽائمز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر انور محمود گرگاش پاڪستان کي خبردار ڪيو ته پاڪستان کي سعودي عرب پاران يمن مسئلي تي مدد گھرڻ جي حوالي سان مبهم موقف اختيار ڪرڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي نار جي 6 قومي عرب تعاون ڪائونسل سان پنهنجي اسٽريٽجڪ جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪرڻ گھرجي. پاڪستان جي قرارداد نار ملڪن کان وڌيڪ ايران جو ساٿ ڏيڻ جي عڪاسي ۽ علامت آهي. لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ ترڪي لاءِ تهران نار ملڪن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. اسان جي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا اثاثا اڻٽر آهن، تنهن هوندي به ان نازڪ موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪي جي سياسي حمايت لاپتا آهي. وفاقي وزير چوڌري نثار يو اَي اِي جي وزير جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ”سفارتي آدابن جو لحاظ ڪونه ڪيو ويو،  پاڪستاني قوم غيرتمند قوم آهي، اماراتي وزير جو بيان عزت نفس جي توهين برابر آهي.“

هڪ فلم ’لارينس آف عربيه‘  جنهن ۾ لارينس جو ڪردار ادا ڪندڙ هڪ زبردست ڊائيلاگ ادا ڪيو ”جيستائين عرب قبيلو ٻي عرب قبيلي سان وڙهي ٿو، تيستائين اهي ننڍڙا، پتڪڙا ۽ هلڪڙا ۽ خصيص ماڻهو آهن، لالچي، ظالم ۽ وحشي آهن.“ اهڙي قسم جي صورتحال يمن ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ هوائي جهاز بم برسائي يمن کي رت ۽ باهه ۾ ساڙي رک ڪيو آهي. ان جي عڪاسي ۽ ثبوت لارينس جي لفظن مان لڳائي سگھجي ٿي. اقوام متحده ۽ يونيسيف پاران هڪ پڌرائي مطابق يمن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 560 ماڻهو جنهن ۾ ڪيئي ٻار به شامل آهن، گھڻو ڪري سعودي اتحادين جي هوائي حملن جي ڪارڻ موت جو بک بنجي ويا آهن. ان کان علاوه 1700 زخمي ۽ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو پنهنجن گھرن کي ڇڏي دربدري جي زندگي گھارڻ تي مجبور ٿيا آهن. ان صورتحال ۾ جتي مسلمانن جو خون مسلمان وهائي رهيا آهن، ان کي ڪهڙو نالو ڏئي سگھجي ٿو. عرب امارتن جي وزير ڊاڪٽر انور محمود جنگ شروع ڪرڻ وقت هڪ ٽيوٽ ۾ لکيو هو ته يو اَي اِي جي جنگ ۾ شموليت ڏکيو فيصلو هو پر حالتن کي ڏسندي سعودي عرب سان ساٿ نباهيو ويو. هن چيو ته ”اهو مشڪل فيصلو هو، پر حوثين جي پيشقدمي ۽ نار جي ملڪن کي ميزائلن جي خطري جي ڪري سعودي جي قيادت ۾ گڏ ٿيا آهيون. خطي ۾ فوجي  تبديلي جو فائدو ايران حاصل ڪندو، جيڪو حوثين جي مدد ڪري رهيو آهي، تنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. يمن ۾ تڪرار ۽ حوثين جي بغاوت عرب حڪومتن جي ڪمزوري جي علامت آهي. عرب تعاون ڪونسل جو خطي جي سالميت کي محفوظ رکڻ لاءِ فيصلا ڪن طوفاني ويڙهه هڪ نئون باب آهي.“ ياد رهي ته عمان سرڪار هن جنگ ۾ اڻ ڌريو رهڻ جو عزم ڪيو آهي. عمان جي پرڏيهي وزير يوسف بن علوي چيو ته ”اهڙي قسم جي بحران جو نبيرو ڳالهين ذريعي ٿي سگھي ٿو“. هن چيو ته عمان گھرو ويڙهه ۾ متاثر يمني باشندن کي انسانيت جي ناتي مدد ڪري رهيو آهي. گلف نيوز مطابق 50 کان وڌيڪ يمني مسقط جي اسپتالن ۾ زير علاج آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي. هي ڳالهيون عمان جي پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب جواد ظريف جي عمان جي دوري کانپوءِ ڪيون آهن.ايراني پرڏيهي وزير مسقط کان ٿيندو اسلام آباد پهتو هو. جتي هن عمان جي سرڪاري عملدارن سان وچ اوڀر جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون. عمان جا ايران سان ويجها ۽ منفرد لاڳاپا هئڻ جي ڪري هو غير جانبدارآهي ۽ نار تعاون ڪونسل سان جنگ ۾ شريڪ ناهي. هو ڪنهن به تڪرار ۾ گھڻو ڪري ايران ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ ثالثي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ياد رهي ته ايران ۽ امريڪا کي ويجهو آڻڻ ۽ معاهدي ڪرائڻ ۾ سلطان قابوس اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

ايران جو سگھارو وفد جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير جواد ظريف ڪري رهيو هو، ان وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير ابراهيم رحيم پوري، ڊي جي اولهه ـ ايشيا امور رسول اسلامي، ميڊيا صلاحڪار ۽ ٻيا شامل هئا. هن وزيراعظم، آرمي چيف، سرتاج عزيز ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي.هن سرتاج عزيز سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”اسان ٻئي ملڪ يمن جي تڪرار جي پُرامن نبيري تي متفق ٿيا آهيون. سعودي عرب حملا بند ڪري ۽ ترت جنگبندي ڪري ته جيئن امن جي عمل ۾ اڳڀرائي ٿي سگھي.“ ان ملاقات جي باري ۾ عرب ميڊيا الحيات هڪ ڇرڪائيندڙ اسٽوري شايع ڪئي آهي، جيڪا پاڪستان ۽ سنڌي اخبارن مَنقُول ڪئي آهي. خبر ڪجهه هن ريت آهي: پاڪستان جي دوري دوران جواد ظريف پاڪستان جي اعليٰ حڪام سان يمن ۾ وسيع البنياد حڪومت ٺاهڻ ۽ سعودي عرب جي اتحاد جي مقابلي ۾ ترڪي سان گڏجي اتحاد ڪرڻ لاءِ چيو پر پاڪستان جي اعليٰ اختيارن ان آپشن ۽ آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. سرتاج عزيز سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ”اسان حوثين جي فوجي مدد نٿا ڪريون پر وسيع حڪومت لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن امن قائم ٿئي.“ الحيات جي خبر ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان باري ۾ وثوق سان ڪجهه چئي نٿو سگھجي، پر ظاهري طرح ايران حوثين جي پاور لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.ايران جي پرڏيهي وزير جي دوري کان پوءِ پارليامنٽ ۾ جيڪا قرارداد پاس ٿي، تنهن سعودي عرب سميت سموري دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي غيرجانبدار رهڻ جي فيصلي تي سعودي عرب ۽ نار جا ملڪ سخت ناراض آهن ۽ ان سلسلي ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان اخبارن جي زينت بنيا آهن. سعودي عرب جي اڃا به ڪوشش آهي ته هو پاڪستان کي راضي ڪري وٺندو ته جيئن پاڪستان جنگ ۾ شامل ٿئي. ان سلسلي ۾ سعودي عرب جو 5 رڪني وفد، مذهبي وزير صالح بن عبدالعزيز جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پهتو آهي. يمن جي معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملي تي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وينديون ۽ خاص ڪري موجوده صورتحال تي تفصيلي مذاڪرات ٿي سگھن ٿا. سعودي عرب جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کان فوجي مدد ورتي وڃي. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ان ڳالهه ۾ عافيت سمجهي ته پارليامينٽ جي ذريعي سعودي عرب جي درخواست جو اڪلاءُ ڪجي ۽ ڌٻاءَ کي ٻي رخ ڏانهن موڙيو وڃي، پارليامينٽ ۾ بحث ٿيو. اوهان جيڪڏهن سياسي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون ۽ پڙهيون هونديون ته هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ڪنهن به اڳواڻ کلي طرح سعودي عرب جي حمايت نه ڪئي. اهي مبهم ۽ اڻ پوريون هيون. مذهبي جماعتن جي مولانا فضل الرحمان توڙي جماعت اسلامي جي سراج الحق به مبهم نموني سان ڳالهه رکي. سرڪار تي اپوزيشن جي سڀني اڳواڻن مبهم انداز، رويو ۽ ڳالهين رکڻ جي تهمت هنئي پر پاڻ به مبهم نموني سان وچور پيش ڪيا. مطلب ته هڪ قسم جو ڏيکاءُ محسوس ٿيو ۽ ان بحث دوران سرڪار جي سنجيدگي نالي ماتر هئي. فوجي اسٽبلشمينٽ ڪنهن به فرقي بندي جي خلاف هئي، تنهن ڪري هن سياسي نموني اڪلاءُ ڪيو. ايران پاران مختلف آپشن پيش ڪرڻ جا افواه پڻ گردش ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏي وٺ جو ذڪر ميڊيا ۾ شايع ٿيو آهي، سعودي عرب جي عربي زبان جي اخبار روزاني الحيات ۾ ايران جي آفر جي رپورٽ پڌري ٿي آهي. پاڪستان کي سعودي عرب هر ڏکي وقت ۾ مدد ڪندو رهيو آهي.

زميني حقيقتن ۽ ماضي جي غلطين کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو ۽ ويچار ڪيو ويو ته يمن جي جنگ ۾ ڪڏي پوڻ سان وڌيڪ نقصان رسندو. مثال طور ايران، يمن ۾ حوثي باغين کي هٿيار وغيره ڏئي ٿو ۽ جيڪڏهن پاڪستان هن جي خلاف جنگ وڙهندو ته هتي فرقه بندي ۽ فرقيواريت وڌندي، جنهنڪري اهو ڏڦيڙ پرائي جنگ جي ڪري هاڃيڪار ثابت ٿيندو. فوج جنگ ۾ مصروف آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجا جوان يمن موڪلي ها ته ٻن محاذن تي لاجسٽڪ، انٽيليجنس، ۽ اسٽريٽجڪ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ دشواري ٿيڻ جو احتمال هو.

پاڪستان جي ان فيصلي تي مشهور اسڪالر عارف رفيق جي ڳالهه ٻولهه جو تت پيش ڪريان ٿو ته جيئن هن اسڪالر جي مفيد ڳالهين جي روشني ۾ سموري حالت کان واقف ٿي سگھجي. ”1969ع ۾ پاڪستان جي پائليٽن يمن جي اندر حوثين باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو، سعودي عرب جي حفاظت لاءِ اهو قدم کنيو ويو. 1980ع ۾ پاڪستان، سعودي عرب کي درپيش اندروني خطري جي ڪري 15000 فوجي جوان حفاظت ڪرڻ لاءِ موڪليا. توهان کي خبر هوندي ته 1998ع ۾ جڏهن پاڪستان ايٽم بم جي تجربي ڪرڻ جي ڪري پابندي جو شڪار هو ته سعودي عرب 500000 بيرل پئٽرول مفت ۾ پاڪستان کي ڏنو هو.“ هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي مشهور اسڪالر چيو ته ”جيئن ته اوهان کي معلوم آهي ته يمن جي اندر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي فوج موڪلڻ جي سلسلي ۾ پارليامينٽ زميني حقيقتن کي مدنظر رکي سٺو ۽ اهم فيصلو ڪيو آهي. 9/11 کان پوءِ اٽڪل 80000 ماڻهو دهشتگردي ۾ مارجي ويا آهن، تنهن ڪري يمن جي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري اڃا وڌيڪ حالتون خراب ٿي وڃڻ جو انديشو هو. هتان جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن ۽ هڪ ٻي  جنگ ۾ ٽپي پوڻ سان پرائي پراڪسي وار جي ور چڙهي وڃڻ سان نقصان ٿئي ها. (مشهور اسڪالر، مڊل ايسٽ انسٽيوٽيت جي محقق اين پي آر سان گفتگو ۾ چيو.)

مختلف ٿيوريز گردش ڪري رهيون آهن پر انهن سڀني ڳالهين جي هوندي اهو چوڻ مناسب ٿو لڳي ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو سوچي سمجهي ڪيو آهي. پوءِ کڻي پارليامينٽ جو سهارو ورتو ويو ته جيئن پاڻ تان بار هٽائي ٻين جي ڪلهي تي رکجي. هن فيصلي تي پاڪستان جي عوام خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ ان جو اثر ملڪي صورتحال تي مثبت پوندو.