تازيون خبرون

Daily Archives: April 16, 2015

شعيب ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ مستقل طور شامل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) سميت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽيءَ ٽيم کان هڪ سال ٻاهر رهندڙ آل رائونڊر شعيب ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ مستقل طور شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سليڪٽرن جو چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ صرف هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ هجڻ ڪري شعيب ملڪ کي بنگلاديش ناهي موڪليو ويو، پر زمبابوي خلاف هوم سيريز ۾ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ موقعو ڏنو ويندو. واضح رهي ته سليڪٽرن طرفان تجربيڪار رانديگرن کي هن ڀيري ٽيم ۾ گھڻو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر انهن جي فارم ۽ فٽنس کي به نظر ۾ رکيو ويندو. ذريعن موجب ٽي 20 ڪپتان شاهد آفريديءَ شعيب ملڪ کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي صلاح پيش ڪئي هئي ۽ کيس ايندڙ سال ڀارت ۾ رٿيل ٽي 20 ورلڊڪپ جو حصو به بڻائڻ بابت به سوچيو ويو آهي. 2009ع ۾ ٽي 20 ورلڊڪپ کٽيندڙ پاڪستان ٽيم جي رانديگر شعيب ملڪ زمبابوي خلاف سيريز جي لاءِ اڳواٽ ئي لاهور جي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ ۾ فٽنس تي محنت ۽ تربيت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. شعيب ملڪ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ لاءِ 32 ٽيسٽ، 215 ون ڊي ۽ 59 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيم جي اڳواڻيءَ جو اعزاز به ماڻي چُڪو آهي.

 

نيوزيلينڊ جو آسٽريليا سان گڏيل طور تي 2026ع يا 2030ع فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ميزبانيءَ تي غور

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جو آسٽريليا سان گڏجي 2026ع يا 2030ع ۾ شيڊول فيفا ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ جي ميزبانيءَ لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ملڪن هلندڙ سال 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي ڪامياب ميزباني ڪئي هئي جنهن کانپوءِ نيوزيلينڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ميزبانيءَ لاءِ غور شرع ڪيو آهي ۽ هو آسٽريليا سان گڏيل طور تي ميزباني حاصل ڪرڻ لاءِ واڪ جمع ڪرائڻ جي حوالي سان منصوبا بندي ڪري رهيو آهي. اڳوڻو نيوزيلينڊ ڪرڪيٽر، مارٽن سنيڊن جي سربراهيءَ ۾ نيوزيلينڊ 2011ع ۾ رگبي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪري چڪو اهي. پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جو ملڪ ميگا ايونٽ جي ميزباني ڪري سگهي ٿو ۽ اسان ان سلسلي ۾ آسٽريليا سان گڏيل طور تي واڪ جمع ڪرائڻ جي باري ۾ سوچي رهيا آهن ۽ جلدئي ان حوالي سان ڳالهين جي شروعات ڪئي ويندي.

 

ڪارنهن الزام هيٺ عورتن تي ٿيندڙ تشدد

 

صالح پٽ جي تعلقي ڳوٺ وريل ڀنڀري ۾ڪارنهن الزام هڻي باهه ۾ اڇلائي ساڙيل عورت صاحب زادي شيخ سکر ۾ والد سودري شيخ سان گڏ مڙس ۽ ڏير جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سودري شيخ صحافين کي ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ سندس نياڻي صاحب زادي کي مڙس سچل شيخ ۽ ڏيرن اربيلو ۽ ممتاز نامعلوم ماڻهن سان ڪوڙو ڪارنهن الزام مڙهي کيس باهه جي مچ ۾ اڇلائي جيئرو ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، نياڻين جي رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا، جن کيس باهه مان ڪڍي ورتو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته متاثر عورت جو 60 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ باوجود جوابدارن ان کي- گم ڪري ڇڏيو هيو ۽ اڻ ڄاتل هنڌ تان علاج ڪرائن پيا، هن ٻڌايو ته 2 سال اڳ سچل سان صاحب زادي جي شادي ڪرائي هئي، پر بنا جواز ظالمن ڪوڙي ڪارنهن الزام هيٺ جيئرو ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته صاحب زادي مٿان ڪارنهن جي الزام مڙهيندڙ شخص جو نالو به نه پيا ٻڌائن، ڪوڙو ڪارنهن الزام مڙهيو ويو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏين پيا، نياڻي جو علاج ۽ سندس جان بچائڻ لاءِ سکر ۾ پناهه ورتي آهي، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ سندس زندگي کي خطروآهي، هن ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪيو وڃي

سنڌ ۾ نائين-ڏهين جماعتن جي امتحان ۾ سرعام ٿيندڙ ڪاپيءَ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص تعليمي بورد انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي.ڪالهه به مختلف شهرن ۾ امتحاني مرڪزن اندر غير واسطيدار ماڻهن جي رش  رهي. اميدوارن کي موبائل فون تي پرچو حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وئي. ويجيلنس ڪميٽين توڙي انتظاميا امتحاني مرڪزن جو روايتي معائنو ڪري ”سڀ ٺيڪ آ“ جي رپورٽ ڏئي ڇڏي جڏهن ته پوليس ڪمائيءَ جي چڪر ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پڪڙي ٿاڻن جا لاڪ اپ ڀري ڇڏيا. ڪراچي جي امتحاني مرڪزن تي ڪالهه 165،  حيدرآباد جي امتحاني مرڪزن تي 120، سکر جي امتحاني مرڪزن تي 46، لاڙڪاڻي جي امتحاني مرڪزن تي 134 ۽ ميرپور خاص ڊويزن  جي امتحاني مرڪزن تي 141 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

 

سنڌين-بلوچن جو فطري اتحاد ۽ رياست جو ڪمال ؛عاجز جمالي

انگريزن جي دور ۾ انگريزن ۽ هندن خلاف ڌاڙيل گيري ڪندڙ ميران خان جمالي دادو ضلعي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ ڀرسان ڌاڙا هڻي وري بلوچستان هليو ويندو هو. ميران جمالي جي ٽولي ۾ گهڻو ڪري جمالي قبيلي جا ئي ڌاڙيل هوندا هئا. نانو جان محمد به سندس ٽولي ۾ ڪجهه عرصو رهيو. حاجي محمد جو ڪافي سال اڳ حب ۾ لاڏاڻو ٿي ويو، پر ننڍي هوندي کانئس جيڪي ڳالهيون يا روايتون ٻڌيون اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو حصو آهن. ميران خان ۽ سندس ٽولي جا ڌاڙيل هئا ته ٺپ اڻ پڙهيل، سندن ڪابه سياسي وابستگي ڪانه هئي، پر سنڌ ۾ انگريزن خلاف شديد نفرت هئي، شايد حر تحريڪ جو زمانو هو، ان ڪري بلوچي ڳالهائيندڙ هنن سنڌي ڌاڙيلن به ان تحريڪ جو اثر قبول ڪيو ۽ خود ئي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن به مسلمان کي تنگ نه ڪبو، ڌاڙا هڻبا ته انگريزن يا هندن کي هڻبا، هندن کي هتان ڀڄائبو. شايد ماڻهن جي ذهنن ۾ پاڪستان ٺهڻ جي سوچ موجود هئي. ناني جان محمد چواڻي، دادو جي مختلف علائقن مان ڌاڙا هڻي بلوچستان جي لسٻيلي جي سنڌ سان ملندڙ بارڊر ڪراس ڪري بلوچستان ۾ وڃي رهبو هو. ڇو ته اسان جا وڏڙا پڻ بلوچستان جي ساڳئي علائقي مان ئي سنڌ آيا هئا، جن ۾ اسان جي سڀ کان وڏي ڏاڏي زهري جو مڙهه به بلوچستان جي علائقي ۾ آهي. هنن سندس قبر به ڳولي لڌي هئي، ڏاڏا زهري هڪ بزرگ منش ماڻهو هو، ان ڪري سندس مزار اڄ به ٽنڊو رحيم (دادو ضلعي) کان لوهي (بلوچستان) ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود آهي. ڪجهه سال اڳ نانا جان محمد (مرحوم) جي ننڍي ڀاءُ نانا حاجي حمزه (مرحوم) پنهنجي موبائل فون ۾ ڏاڏا زهري جي مزار جي تصوير به ڪڍي آيو هو.

نانا جان محمد ٻڌايو هو ته انگريزن ۽ هندن کي ڦرڻ کانپوءِ هو سون ۽ ٻي ملڪيت بلوچستان جي مختلف جبلن ۾ لڪائيندا هئا، سندس چواڻي ڪيتريون ئي ملڪيتون اڃا تائين پوريل آهن. هن هڪ قصو ٻڌايو ته هندن جو سخت مخالف هوندي به ميران خان جو چوڻ هوندو هو ته ڪنهن به عورت کان ڦر ناهي ڪرڻي. هڪ ڌاڙي ۾ وڏو سون ڦريو ويو، پر هڪ هندو عورت ميران خان کي قسم وڌو ته اهو سڄو سون سندس ڌيءَ جو ڏاج آهي ته ميران خان ڦريل سڄي ملڪيت کيس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميران خان لاءِ مشهور آهي ته هن مير جعفر خان جمالي سميت ڪنهن به وڏي ماڻهو جو سڄي حياتي پورو نالو ڪونه ورتو، هو ماڻهن کي اڌ نالي سان پڪاريندو هو. قائداعظم جي ساٿي مير جعفر خان جمالي کي هو جعفو سڏيندو هو. عدالتن ۾ ججن کي اڌ نالي سان پڪاريندو هو، سندس قصا تمام کوڙ آهن، پر سندس حوالو سنڌ ۾ رهندڙ بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌين جو بلوچستان سان تعلق جي حوالي سان مون کي ياد آيو.

تاريخي طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جو سوين سالن جو ويجهو ڳانڍاپو رهيو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ ذاتيون پاڻ کي سنڌ ۾ به بلوچ سڏائينديون آهن، پر انهن جو سنڌ سان سدائين فطرتي ڳانڍاپو رهيو. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ به سوين سال اڳ بلوچستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيا هوندا، اهڙي ريت پنجاب ۾ به بلوچن جي وڏي اڪثريت آهي، پنجاب ۾ رهندڙ بلوچ سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، خود بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به بلوچ سرائيڪي ڳالهائيندا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچي ڳالهائيندا آهن، سنڌ ۾ هنن اڄ تائين بلوچي ثقافت، لباس ۽ ٻولي کي زنده رکيو آهي.

سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ سنڌي آهي، ڇو ته هو سنڌي سماج ۾ ضم ٿي ويو آهي، ان ڪري سنڌ ڌرتي کي هو پنهنجي ماءُ سمجهي ٿو. سنڌ تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو، تاريخي طور بلوچ نسل جا سنڌي اڳيان رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ 20 مزدورن جي قتل، سنڌين ۽ سرائيڪين کي شديد ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هر ڪنهن هن واقعي جي مذمت ڪئي. سنڌي ۽ سرائيڪي تاريخي طو تي بلوچستان جي هر جدوجهد ۾ بلوچ عوام سان گڏ رهيا آهن، پوءِ ڇا ٿيو جو تربت مان سنڌين ۽ بلوچن جا لاش روانا ٿيا. بلوچن جي اتحادين مان هڪ آواز بلند ٿيو ۽ رياستي ايجنسين کي هڪ مضبوط موقعو مليو ته ان آواز کي هو بلوچن خلاف نفرت ۾ تبديل ڪن.

نواب نوروز خان ۽ سندس پٽ ۽ ساٿين کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڇو بند ڪيو ويو هو، وڏو ڪارڻ اهو هو ته سنڌ خلاف بلوچن ۾ نفرت جنم وٺي. بلوچستان ۾ آپريشن بنگلاديش ٺهڻ شرط شروع ڪيو ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي اچڻ کانپوءِ ان ۾ تيزي آندي وئي هئي. ڀُٽي دور ۾ ئي نواب نوروز خان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، هُن ڀُٽي تي اعتبار ڪيو هو، پر اسٽبلشمينٽ نواب نوروز خان کي آزاد ڪرڻ بدران سزا ڏني. بلوچن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، تڏهن کان بلوچن سنڌين کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي، پر مير غوث بخش بزنجو جهڙن ترقي پسند سياستدانن تڏهن به چيو هو ته سنڌي بلوچن جو فطري اتحادي آهي، رياستي ادارا اسان کي ويڙهائي رهيا آهن.مون کي تربت ڀرسان ٿيل واقعي وقت مير غوث بخش بزنجي جا اهي لفظ ياد آيا، مون مير غوث بخش بزنجي کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڳوليا، پر ڪو ڪتاب ڪونه مليو، هن موقعي تي سندس ڪتاب ڪافي ڪارآمد ثابت ٿي سگهيو ٿي.مون عبرت جي ڪالمن وسيلي مسلسل بلوچستان جي حالتن تي لکيو آهي. بلوچستان جي لاپتا ماڻهن لاءِ شروع ٿيل لانگ مارچ ويجهي ماضي جو شاندار مثال آهي، جڏهن ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ ’وائيس آف مسنگ بلوچ‘ ڪوئيٽا مان لانگ مارچ شروع ڪري ڪراچي پهتو ته سندس سڀ کان وڏو استقبال ڪراچي ۾ ٿيو. 2 سال اڳ هي لانگ مارچ جڏهن پنجاب لاءِ نڪتو ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ لانگ مارچ جو شاندار استقبال ٿيو. سنڌي قومپرستن ۽ سول سوسائٽي هر هنڌ هنن مٿان گل ڇٽيا. هي لانگ مارچ انهن بلوچ مزاحمت ڪارن جي حامين جو هو، جيڪي بلوچستان ۾ مسلسل وڙهي رهيا آهن.ويجهي ماضي ۾ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت به موجود آهي، سندس ميڊيا ۾ نواب اڪبر جي آزادي لاءِ وڏا آواز بلند ٿيا، سندس شهادت تي سنڌ ۾ وڏو احتجاج ٿيو. بلوچستان جا سمورا سگهارا سياستدان ۽ سردار گهڻو ڪري سنڌ ۾ ئي رهندا آهن، سندن گهر ڪراچي يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن. بلوچ سردارن کي ڪڏهن به اسلام آباد قبول نه ڪيو، ان ڪري ڪراچي هميشه سندن لاءِ محفوظ جڳهه رهي.

هاڻي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کان وٺي اڄ تائين بلوچستان ۾ جيڪو به آپريشن هلي پيو، سنڌ جا سڄاڻ ۽ محب وطن ماڻهو انهيءَ جي مخالفت ئي ڪندا پيا اچن، ان سڀ ڪجهه جي هوندي آخر تربت جهڙو واقعو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ان جو پس منظر بلوچستان جي مزاحمت ڪارن کان اڄ سوال جي تقاضا ڪري ٿو. ڇا پنجاب دشمني ۾ اوهان پنهنجا ٻيا اتحادي به وڃائيندو؟ ڇا پنجاب يا پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ خلاف جنگ ۾ اوهان صرف اڪيلا وڙهڻ چاهيو ٿا؟ ڇا اوهان آس پاس جي سياسي حالتن کان بي خبر رهي صرف بندوق جي زور تي آزادي وٺي سگهو ٿا، جيستائين ان بندوق جي پٺيان ڪا نظرياتي سوچ نه هجي؟

دنيا جي اڄوڪين حالتن ۾ گوريلا جنگ وڙهڻ جا نوان رستا کڙا ٿي سگهن ٿا. اوهان ايترا طاقتور آهيو جو رياست جي فورسز جو سڄي حياتي مقابلو ڪندؤ؟ يا صرف عالمي تناظر ۾ ئي انقلاب اچي سگهي ٿو يا ان ۾ مقامي حالتن جو ڪو عمل دخل هوندو؟ اڄ سرد جنگ جو ته زمانو رهيو ڪونهي، تازو ئي يمن ۾ هلندڙ حوثي باغين جي بغاوت تي نظر وجهو.

سو سنڌ کان هي واقعو هضم ڪرڻ ڏکيو پيو لڳي، جيڪڏهن هن تي ندامت يا پاڻ کي الڳ نه ڪيو ويو ته بلوچ ۽ سنڌي دشمن ايجنسيون هن کي ٻيو رنگ ڏينديون. هن کي سنڌي بلوچ دشمني رنگ به ڏئي سگهن ٿيون. مون کي ته اهو ئي لڳي ٿو ته هي واقعو ڄاڻي ٻجهي ڪرايو ويو هوندو. ڇو ته بلوچستان ۾ ته فورسز جي هڪ سولين فورس به موجود آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڀرتي ڪيل آهن، جيڪي بظاهر عام هٿياربند آهن، هو بظاهر وردي وارا ناهن، پر مزاحمت ڪارن جي حامين کي جتي ڏسن ٿا، قتل ڪري ڇڏين ٿا. اهڙا عنصر هن قسم جا واقعا ڪرائي سگهن ٿا. ميڊيا ۾ بيان به جاري ڪري سگهن ٿا، ان ڪري مزاحمت ڪار تنظيمن جي ترجمانن کي کليل مؤقف سان سامهون اچڻ گهرجي، جيڪڏهن هنن سنڌي ۽ سرائيڪي پورهيتن کي قتل ڪيو ته کين معافي وٺڻ گهرجي يا پاڻ کي چٽو ڪرڻ گهرجي. هونئن به پورهيت کي استحصال قوتون استعمال ڪنديون آهن. اصل نشانو استحصالي قوتون ۽ رياستي ادارا هجڻ گهرجن، جيڪي بلوچستان تي ظلم ڪن ٿا، انهن کان حساب وٺڻ گهرجي.

 

شاديءَ جو دستور ؛شوڪت لوهار

خوشين کان وانجهيل اسان جهڙي قوم لاءِ سڀ کان عظيم مسرت ۽ جيون جي وڏي ۾ وڏو پرتجسس عمل شادي ڪرڻ آهي. اسان وَٽ هونئن ته ادب ۾ ٻين گهڻن ئي موضوعن جي ڀرمار آهي، پر شادي بابت به گهڻي ڀاڱي ادب جو پاسو ڏاڍو ڀاري آهي. شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مصلحت هجي يا شادي کان اڳ ۽ شادي کانپوءِ واري صورتحال کي سامهون رکندي اسان جي ريپبلڪ جا ڪيئي حڪيم، نيم حڪيم جيڪي هونئن روڊن تي طوطن وسيلي فال ڪڍندي فاقاڪشي جي ورنه چڙهي وڃن ها، بلڪل ائين جيئن هاڻ مهانگائي سبب هن پرڳڻي جو عوام بکون ڪاٽڻ تي هري ويو آهي. اصل ۾ هري وڃڻ به هِڪ بهترين پهاڪو آهي، انهيءَ پهاڪي جي مصداق اسان جو مذاج به هاڻ هَر شيءِ تي هري ويو آهي. جهڙوڪ اسان جي ڳوٺ جروار کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ روڊ گذريل ٽن سالن کان اهڙي حالت ۾ آهي جهڙي حالت ۾ ڪنهن فقير جي ڪپڙن تي چتيون لڳل هونديون آهن، روڊ کي اکيڙي ان جي مٿان پٿر ته وڇايا ويا آهن، انهن پٿرن جروار ۽ ڀرپاسي جي رهواسين جي زندگي کي پٺتي ڌڪي پٿر واري دور جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هتان جا چونڊيل نمائندا ماڻهن کي رنگين خواب ڏيکاري ائين گم ٿي ويا جو وري ڪڏهن ظاهر به ڪونه ٿيا، ڳوٺ ۾ بجلي نالي ڪا شيءِ ناهي، پر پوءِ به ماڻهو هري ويا آهن ۽ انهي سڀ ڪجهه کي روڊ جي ٺيڪيدار جي سستي يا تڪ جي ڀوتار جي سُستي نه پر پالڻهار طرفان عطا ٿيل ڪا آزمائش سمجهي ڀوڳين پيا. ان تي ڪوبه احتجاج ۽ واويلا ڪونه ڪيو اٿن ۽ هو ڪرڻ به نٿا چاهين ڇو جو هو اذيتن کي ڀوڳي ڀوڳي هري ويا آهن.

مون ڳالهه پئي ڪئي حڪيم صاحبن جي، سو کوڙ اهڙا حڪيم آهن، جن جو وزن شهرن ۽ ڳوٺن جون ڀتيون کنيون پيون هلن، جن تي قسمين قسمين اشتهار اسان جهڙن ڪمزورن جي توجه جو مرڪز هوندا آهن، اتي ئي وري ڪڏهن ڪنهن جي قسمت خراب هجي ته شادي جي اشتهار تي پڻ نظر پئجي ٿي وڃي. ان کان علاوه اسان وٽ هونئن به خوشين جي انتهائي کوٽ آهي، تنهن ڪري ڳوٺ يا شهر جي ڪنهن امڙ، ناني يا پوڙهي عورت جي دعا به اهڙن ئي لفظن تي مشتمل هوندي آهي ته،

”پٽ شل ڳاڙهو گهوٽ ٿئين!

شل ڪا لال ڪنوار ملئي!

شال ست ڀئيتو ٿئين!“

فقيرن جي پنڻ ۾ به ماڻهو جي نفسيات جي حساب سان صدا هوندي آهي، اهي گداگر ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کان گهٽ ورتاءُ ڪونه ڪندا آهن، بند دروازي تي سدائين اها صدا ٻڌڻ ۾ ايندي ته:

او مائي شل ست پٽيلي ٿئين؟

اندر آواز ايندو ڇو مُئا منهنجي اٺين پٽ ڪو چوري ڪئي آهي؟“ فقير کي پنهنجي صدا تي ندامت جو احساس ٿيندو ۽ اٺين پٽ لاءِ ڪا خاص دعا ڪندو ته اوهان جو اٺون پٽ شل صدائين مصريون ۽ کيرکنڊ کائي….! اهڙي ريت هو پنهنجو مقصد ماڻي وري اڳتي نڪري ويندو.

شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ به بلڪل ائين آهي جيئن ننڍڙو ٻار تنجڻن ۾ ٻڌبو آهي، ان ۾ ذري برابر جو فرق ڪونه آهي، ٻار هوندي اوهين ڪيڏيون به ٽنگون هڻون، هٿرايون هڻو، روئو رڙو پر اوهان تنجڻن جي سُڪ ٻڌل رسي کان ڇڏائي ڪونه ٿا سگهو. ساڳي ريت جيڪڏهن اوهان کي شادي تائين پهچايو به وڃي ته اوهان هاڻ رسمن، رواجن ۾ اهڙا ته سوگها ٿيندا ته جو وري وڃي ڏيهن به ڏس ڏيندا يا وري ڪنڊ ۾ ويهي روئيندا.

اوهان کي دوست يار مٽ مائٽ گهڻو ئي سمجهائيندا ته يار سياڻو ٿي مڙي وڃ، ڏاهو ٿي سڀ ڪجهه ڪر پر شادي نه ڪر، پر اوهان ڪٿي ٿا مڙو.

شادي ڪرائڻ لاءِ اڄ ڪلهه ته بيورو کلي ويا آهن، اڳي اِهو ڪم پوڙهيون مايون سرانجام ڏينديون هيون،

پر ٽيڪنالاجي جي تمام گهڻي ڦهلاءَ سبب شادي لاءِ دستور به تبديل ٿيا آهن. حقيقت ۾ شادي لاءِ مون کي لفظ بيورو ان ڪري به سٺو نٿو لڳي جو ان لفظ سان اسان وٽ ”بيورو آف ڪريڪيولم“ جهڙا عظيم ادارا موجود آهن، هونئن ته ڪم ٻنهي جا ساڳيا آهن، پر مئريج بيورو ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سچائي کان ڪم ورتو ويندو آهي….!

منهنجي هڪڙي دوست کي کُٽي کنئين، وڃي شادي ڪرائڻ وارن جي آفيس پهتاسين، قصو ڪوتاهه ڳالهيون صفا کاهي ۾ ڪرڻ جي ويجهو اچي ويون، بعد ۾ پڇا ڳاڇا کانپوءِ معلوم ٿيو ته ”ڇوڪري جي هِڪ اک پٿر جي هئي!“ راڻي کي به رات جو گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ شادي جي ڳالهه پڪي ٿيڻ سان پريشاني شروع ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته شادي ڪرڻ تي ايترو خرچ اچي ويندو آهي جيترو ڪنهن غريب ملڪ جو ڪو ڊيم ٺاهڻ تي اچي سگهي ٿو.

اوهان جي سڄي عمر جي ڪمائي جيڪا اوهان جيڪڏهن رشوت خوري سان گڏ ڪئي هوندي ته پوءِ خير آهي، پر جيڪڏهن اوهان جي خون پسيني جي ڪمائي هوندي ته پوءِ اوهان کي ڳڻتي ائين وٺي ويندي جيئن وڙ ويڙهي ڪنهن وڻ کي ويڙهجي ويندي آهي.

شادي ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ اڄوڪي دؤر جي حساب سان ڊالر هجن ۽ انهن کي تيل ٿيندي ڏسڻ جو حوصلو به هجڻ گهرجي.

شادي ٿيڻ دوران سڀ کان اهم مسئلو ڪنوار جو ڪنهن اهم بيوٽي پارلر تان برائيڊل ميڪ اپ جي روپ ۾ تيار ٿيڻ آهي. اڄڪلهه ان لاءِ به پڇيو ويندو آهي ته اوهان ڪهڙو ۽ ڪيترو ميڪ اپ ڪرائڻ پسند ڪندا، يعني اوهان جو کيسو ڪيتري اجازت ڏئي ٿو؟ اڳي ڳوٺن ۾ مائي کي مُساڳ، سرنهن جو تيل ۽ سرمو پارائي جان ڇڏائي ويندي هئي، پر هاڻ بلڪل ان جي ابتڙ ٿئي ٿو. ڪنوار کي ائين پينٽ ڪيو وڃي ٿو جيئن ڪنهن بمباري ٿيل شهر جي ٻيهر تعمير ٿيندي هجي!

اوهان ان ڳالهه کي شرط جي دائري ۾ آڻي سگهو ٿا ته اوهان جي ڪنوار برائيڊل ميڪ اپ ۽ شادي جي جوڙي ۾ ملبوس ٿيڻ کانپوءِ هو ماڻهو کان ڦري ڪا ٻي مخلوق بڻجي ويندي! اوهان جون اکيون پٿر جون ٿي وينديون ته هي اِها ئي آهي، جيڪا مائٽن ڏيکاري هئي يا ڪا ٻي مخلوق آهي. نهن هٿ جا، ڀرون ۽ پنبڙيون هٿ جون، ايستائين جو رنگ ۽ وار به هٿ جا!

پر اوهان کي انهن ڳالهين سان ڪهڙو سروڪار اوهان ته چارج ٿيل آهيو ته خبر ته تڏهن پوندي جڏهن اوهان انهي خوابن جي دنيا کان ٻاهر ايندا ۽ اوهان جا سڀ بيضا ڀڄي چڪا هوندا.