تازيون خبرون

Daily Archives: April 16, 2015

عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 ارب رپيا هرجاڻي واري الطاف حسين جي دعويٰ جو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 ارب رپيا هرجاڻي واري الطاف حسين جي دعويٰ جو جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته متحده سربراهه ذاتي رنجش جي بنياد تي سندس خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، جيڪا رد ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هرجاڻي جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار  ڪيو هو ته زهره شاهد ڪيس ۾ مٿس ڪوڙو الزام هڻي ساک کي نقصان رسايو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيلن درخواست جو جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته الطاف حسين ذاتي رنجش جي بنياد تي دعويٰ ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته زهره شاهد تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر هئي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سوچ رکندي هئي، الطاف جي چڙڏياريندڙ تقرير کانپوءِ زهره شاهد کي قتل ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازو رينجرز نائين زيرو تي ڇاپو هڻي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ وڏي مقدار ۾ غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا آهن، جنهن مان سندن لاڳاپن جو ثبوت ملي ٿو. عمران خان جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته زهره شاهد جي قتل بعد هن ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻ پنهنجي را جو اظهار ڪيو، جيڪو سندن آئيني ۽ قانوني حق آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان کي رد ڪيو وڃي.

 

نبيل گبول جي پرويز مشرف سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نبيل گبول ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪري موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نبيل گبول، پرويز مشرف سان ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب نبيل گبول سياسي مستقبل جي حوالي سان پڻ پرويز مشرف سان صلاح مشورا ڪيا. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اڄوڪي  ڏينهن ۾ نبيل گبول دبئي روانو ٿيندو جتي هـُو پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. مشرف جي ويجهو ذريعن موجب نبيل گبول ملاقات دوران حڪومت خلاف ٺهندڙ نئين سياسي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بابت پڻ ڳالهيون ڪيون

 

وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ لٿل ڪڻڪ نقد خريد ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي: تحريڪ انصاف جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وفاقي حڪومت کان سڄي ملڪ ۾ لهندڙ ڪڻڪ نقد رقم تي خريد ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ هارين جي محنت ۽ الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان ڪڻڪ جو شاندار فصل لهي ويو آهي. وفاقي حڪومت وقت وڃائڻ بدران ترت ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان جو چوڻ آهي ته شهرين جي غذا تائين پهچ يقيني بنائڻ حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. پاڪستاني جي معيشت ۾ زراعت بنيادي حيثيت رکي ٿي، جيتوڻيڪ حڪومت ڪڻڪ جي شاندار فصل جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۽ پورهيت هارين کي انهن جي محنت جو ڦل ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ کي سرڪاري طور تي نقد خريد ڪري ۽ فصل جي خريداري سان گڏ ئي رقم ادا ڪري. هن چيو ته نهايت مهانگا زرعي خرچ ۽ بجلي بحران ڪري پاڪستان ۾ پوکي ۽ زراعت مسلسل ڏکيائين جو شڪار آهي جنهن جي ازالي لاءِ حڪومت اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن. هن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سبب وونئڻ ۽ سارين جو فصل مسلسل لاٿ جو شڪار آهي هن چيو ته جيڪڏهن هاري پنهنجن حقن لاءِ اٿن ٿا ته تحريڪ انصاف انهن سان گڏ هوندي.

 

مني لانڊرنگ ڪيس، سرفراز مرچنٽ جي ضمانت ختم،لنڊن پوليس اسٽيشن ۾ حاضري

لنڊن (بيورو) مني لانڊرنگ ڪيس جي اهم ڪردار سرفراز مرچنٽ جو ضمانت وارو مدو پورو ٿيڻ تي لنڊن پوليس جي سامهون حاضري ٿي. سرفراز مرچنٽ کان ويسٽ لنڊن پوليس اسٽيشن ۾ پڇا ڳاڇا هلندڙ آهي، گذريل سال لنڊن ۾ گرفتاري کانپوءِ سرفراز مرچنٽ کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.سرفراز مرچنٽ جو ضمانت وارو مدو اڄ پورو ٿيو جنهن تي هن کي لنڊن پوليس جي سامهون حاضري ڏيڻي پئي.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي حاضري کانپوءِ ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

 

ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ جو سبب ڄاڻايل انوشڪا شرما ۽ ورات ڪوهلي دنيا کي منهن ڏئي هڪ ٻئي سان گڏجي پيا

ممبئي (شوبز نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ جو سبب ڄاڻايل انوشڪا شرما ۽ ورات ڪوهلي دنيا کي منهن ڏئي هڪ ٻئي سان گڏيا پيا وتن. ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما پنهجا لاڳاپا لڪايا به هئا. خابرو اداري پاران جاري ڪيل تصوير۾ انوشڪا ۽ ورات ڪوهليءَ کي رايل چيلينجزر بينگلور جي ٽيم واري بس ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، تصوير ۾ انوشڪا ۽ ورات سان گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، تصوير ۾ انوشڪا شرما تمام ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب هو پنهنجا تاثر لڪائڻ لاءِ موبائيل فون جي اسڪرين کي ڏسي رهي آهي. تازو ئي ورات ڪوهليءَ جي ڪپتانيءَ ۾ رايل چيلينجرز بينگلور ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کان ميچ کٽي هئي، جنهن تي انوشڪا پنهنجي دوست ۽ ٽيم لاءِ تمام خوش هئي. هي جوڙو ورلڊڪپ مامري کان پوءِ اڳ جي ڀيٽ هاڻي هڪ ٻئي جي تمام ويجھو اچي چڪو آهي، هو تازو ئي ڪرڪيٽر سُريش رائينا جي شادي اٽينڊ ڪرڻ دهليءَ ويا هئا، پر ڪوهليءَ جي پريڪسٽس جي ڪري ان ۾ شريڪ ٿي نه سگھيا، پر هنن سندن مڱڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ انوشڪا شرما ورات جي گھر وڃي پهتي هئي، جتي هن ورات جي خاندان سان ملاقات ڪئي، ورات ڪوهليءَ آءِ پي ايل سيزن 8 جي اوپننگ تقريب ۾ پڻ انوشڪا شرما جي ڊانس کي انجواءِ ڪيو هو.

 

ريڊيو تي ڪم ڪرڻ تمام ڏُکيو آهي: اداڪاره بهار بيگم

لاهور(شوبز نيوز) فلم اسٽار بهار بيگم چيو آهي ته آئون سمجهان ٿي ته ريڊيو تي ڪم ڪرڻ تمام ڏُکيو آهي. جن فنڪارن ريڊيو تي ڪم ڪيو اهي تمام عظيم ماڻهو هئا ۽ آهن. بهاربيگم ريڊيو پاڪستان لاهور جي پروگرام ”راوي ڪناري“ دوران انٽرويو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي. پروگرام جو پروڊيوسر محمد شفيق مغل، جڏهن ته ميزبان خالي ابراهيم خان ۽ زيبا خان هئا

 

قوي خان، قاضي واجد جي خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت

لاهور(شوبز نيوز) ٽي وي جي ٻن مشهور ليجنڊ اداڪارن قوي خان ۽ قاضي واجد چيو آهي ته اسان ٻنهي جي زندگي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصيتي ٻڌل آهي. ٻنهي فنڪارن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام مارننگ شو ۾ ڪمپئينر صنم بلوچ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڳالهين دوران قاضي واجد قوي خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوي خان نرم دل جو انسان آهي. قاضي واجد کي قوي خان پنهنجو انتهائي پيارو دوست قرار ڏنو. قوي خان ۽ قاضي واجد جي ان شو کي لکين مداحن ڏنو

 

مون اڃ پنهنجي سينس آف هيومر سان ٻن صحافين جي دل ڏکائي آهي : ارشد وارثي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثيءَ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ بابت صحافين سان ڳالهائيندي ڀوڳن جي حد پار ڪندي صحافين سان ڏند چڪ ڏنا. ان کان پوءِ ارشد وارثيءَ ٽوئيٽ ڪيو ته مون اڃ پنهنجي سينس آف هيومر سان ٻن صحافين جي دل ڏکائي آهي، لڳي ٿو ته مون کي پنهنجي مزاج کي پنهنجي دوستن تائين محدود رکڻو پوندو. ارشد وارثيءَ کان جڏهن سندس فلم ۾ استعمال ٿيندڙ بد زبانيءَ جو سبب پڇيو ويو ته هن پهريان ته هڪ عورت صحافڻ سان گھٽ وڌ ڳالهايو. ارشد چيو ته اسان هماليه ويا هئاسين ۽ ڪجھه ڪلاڪ غور ڪرڻ کان پوءِ طئه ٿيو ته ايئن ڪرڻ گھرجي… هي بيوقوفاڻو سوال آهي، اڳيون سوال؟ ان کان پوءِ هڪ نئين صحافيءَ سوال ڪرڻ وقت فلم کي ”پهلم“ چئي ويٺو، جنهن تي ارشد چيو ته ”هي پهلم ڇا ٿيندو آ ڀائو؟“ جڏهن صحافيءَ پنهنجي غلط لهجي جو سبب وات جا ڦلوڪڻا ٻڌايا ته ارشد چيو ته ”منهنجو به ڳلو خراب آهي ۽ اوهان جو دماغ خراب آهي“. جڏهن ته هن ايندڙ سوال تي ته حد ڪري ڇڏي ۽ عرفان خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان هڪ شئي صاف چئي ڇڏيان ته ”ممبئي مرر“ ۾ منهنجو جيڪو انٽرويو ڇپيو آهي ان ۾ مون اهو ڪڏهن نه چيو هو ته عرفان خان بهتر چوائس آهي يا عرفان کي فلم ۾ هجڻ گھرجي. مون چيو هو ته عرفان خان مختلف قسم جو اداڪار آهي، ان جي جاءِ تي جيڪيءَ فلم کي نئون روپ ڏنو آهي. مون اهو به نه چيو هو ته گٽيليب ان فلم جي هيروئن ناهي. ممبئي مرر جي صحافيءَ جو نالو وٺندي ارشد چيو ته ”آءِ ول رپ يور….“ بالي ووڊ جا ڪئين اداڪار ۽ اداڪارائون ميڊيا سان بدسلوڪي ڪندا آيا آهن. ان ٽرينڊ ۾ ارشد وارثيءَ کان سواءِ جن فنڪارن جا نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ جيا بچن، وڪر مادتيه موٽواڻي، انوارگ ڪشيپ، سلمان خان ۽ انوشڪا شرما وغيره شامل آهن.

 

بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

ميرپور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ (سڀاڻي) جمعي تي شيير بنگال نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دؤري تي آهي جتي هو بنگلاديش خلاف هڪ ٽور ميچ کان علاوه 3 ون ڊي مي، هڪ ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شرڪت ڪندي. بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 17 اپريل تي ميرپور، ٻين ميچ 19 اپريل تي ميرپور، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 22 اپريل تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ڪرڪيٽ ميچ 24 اپريل تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي. ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 28 اپريل کان 2 مئي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 6 مئي کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي

 

آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي

وشاڪاپٽنم(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ (اڄ) خميس تي هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ راجستان رائلز ۽ سن رائزر حيدرآباد جون ٽيمون وشاڪاپٽن م ۾ ميدان ۾ لهنديون. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي، جيڪا پاڪستاني وقت مطابق شام جو 7:30 شروع ٿيندي. 47 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ 60 ميچون کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جي چيئمن جو فيصلو 24 مئي تي ٿيندو