تازيون خبرون

Daily Archives: April 15, 2015

اسلام آباد اسپورٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 20 اپريل تي ٿيندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد اسپورٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 20 اپريل تي ٿيندو، جنهن جي صدارت ايسوسيئيشن جو صدر سيد شرافت بخاري ڪندو، اجلاس ۾ ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ فٽبال اڪيڊمي ۽ فٽبال ٽورنامينٽ ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

 

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اليون ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽور ميچ اڄ کيڏي ويندي

فتح الله(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اليون ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽور ميچ (اڄ) اربع تي فتح الله ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دؤري تي آهي جتي هو بنگلاديش خلاف هڪ ٽور ميچ کان علاوه 3 ڏينهن واري عالمي ميچ، هڪ ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شرڪت ڪندي. بنگلاديش ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 17 اپريل تي ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 19 اپريل تي ميرپور ۾، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 22 اپريل تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ميچ 24 اپريل تي انهيءَ هنڌ تي کيڏي ويندي. ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز پهرين ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين کلنا ۾ کيڏي ويندي ۽ آخري ميچ 6 مئي تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي.

 

سنڌ ڪابينا جو اجلاس ۽ اهم فيصلا

 

سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاھه  خوراڪ کاتي کي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ ،واپارين کان ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ ، ناڻي کاتي کي بنا دير خوراڪ کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا بارداڻي جي خريداري لاءِ جاري ڪرڻ ۽ وفاق سان رابطو ڪري سنڌ مان 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ پاسڪو کي پابند ڪرائڻ ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان امن امان بحال رکڻ ۽ ووٽر ن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن  اهڙا حڪم هن ڪالھه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏنا آهن ،  سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي پوليس غلام حيدر جمالي ٻڌايو ته 336 دهشت گرد مقابلن ۾ ماريا ويا آهن  جنهن ۾ 92 دهشت گردم48 ٽارگيٽ ڪلر . 16 ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ،170 ڌاڙيل شامل آهن . جڏهن ته ماريل دهشت گردن ۾ 11 القاعده،74 ٽي ٽي پي ،6 پابند يپيل لشڪر جھنگوي ۽ هڪ سپاھ صحابه جو دهشت گرد شامل آهي ، هن ٻڌايو ته سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 7 هزار 240 ڇاپا هنيا ويا جنهن ۾ 623 مقابلا ٿيا. هن وقت قتل جي وارداتن ۾ گھٽتائي اچي وئي آهي جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جو وارداتون مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 83 غير رجسٽرڊ مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي، لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال ڪرڻ تي 481 ڪيس داخل ڪيا آهن ان مان 192 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نفرت وارو مواد پکيڙڻ جي ڏُوھه ۾ 21 ڪيس داخل ڪيا ويا سڀن کي ان ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ هزار 175 غير قانوني افغانين خلاف 492 ڪيس  داخل ڪيا ويا آهن،ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته ننگر پارڪر ۾ هندو برادري جي ٽن ماڻهن کي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي هفتي اندر گرفتار ڪيو وڃي  وڏي وزير آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته هو صوبي جي سمورن ايس ايس پين کي هدايت ڪري ته اقليتي برادري جي عبادتگاهن جي حفاظت جو بندوبست ڪن، هن چيو ته اقليتي ادان ڀائر آهن اسان امن سان گڏ رهون ٿا،مان انهن کي  صوبي جي خوبصورتي سمجھندوآهيان، تنهن ڪري مان انهن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ چاهيان ٿو ،ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري جلد قائم ڪئي وڃي ، هن وڌيڪ چيو ته گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور  جي سرحد مان ٻين صوبن مان ايندڙ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي، وڏي وزير ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت امن امان کي يقيني بڻايو وڃي،۽ رينجرز سان رابطو ڪيو وڃي، ڪابينا وفاق کان سفارش ڪئي آهي ته  هو پاسڪو کي سنڌ مان 4 لک ٽن ڪڻڪ خريد لاءِ پابند ڪري ، بارداڻي جي ورڇ درست ڪئي وڃي آبادگارن جون شڪايتون ختم ڪيون وڃن ، ڪڻڪ صرف آبادگارن کان خريد ڪئي وڃي رقم به انهن کي فراهم ڪئي وڃي . ڪنهن به واپاري کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي وڃي ، جڏهن ته وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙ واري علائقن ۾ 90 سيڪرو بارداڻو ورهائجي چڪو آهي اتر سنڌ ۾ 32 کان 35 سيڪرو بادراڻو ورهايو ويو آهي . وڌيڪ بارداڻو خريد ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ناڻي کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا خوراڪ کاتي کي فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا،خوراڪ کاتي جي سمورن آفيسرن کي خريداري مرڪزن تي موجود  رهڻ جي هدايت ڪئي آهي  خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن، ٻئي طرف مڪاني ادارن واري وزير شر جيل انعام ميمڻ ڪابينا کي آگاهي ڏني ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صوبي جي سمورين ضلعي ڪائونسل ، ميونسپل ڪارپوريشن،ٽائون ڪميٽيز، يونين ڪائونسلن جو رڪارڊ حدبندين لاءِ فراهم ڪيو ويو آهي ، مڪاني ادارن وارو کاتو اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي.

 

ڄامشوري مان جنهن جو گذر ٿي وڃي؛سهڻي پارس

ڄامشوروجيڪو محبت امن ۽ سڪون جي سڃاڻپ هو،جنهن ۾سنڌ جا تما م وڏا نالي وارا اداراجِن ۾مهراڻ يونيورسٽي،لياقت ميڊيڪل هيلٿ ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي،سنڌي ادبي بورڊ،سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ،بيورو آف ڪريڪيولم، پڻ شامل آهن.اُن سان گڏ سنڌالاجي ميوزم،ماروي گرلس هاسٽِل،ايلسا گرلس هاسٽل،بينظير ڀٽو گرلس هاسٽل، آرٽس فيڪلٽِيءَ جا يوڪِلپٽس جا ڊ گها وڻ علامـ آءِ آءِ قاضي ۽ سندس ونيءَ جو مقبروڄامشوري جي سوُنهن هُئا.جِتي گهڻين ئي محبت جي ڪهاڻين جنم ورتو، جتان گهڻن ئي اديبن دانِشورن،سياسي توڙي سماجي  وڏين وڏين شخصيتُن پنهنجي زند گِيُن کي نوان موڙ ڏنا.پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اُنهن ڄامشورومان حاصل ته گهڻو ڪجهه ڪيو پر ڏئي ڪجهه نـ سگهيا.هراُن شخص جنهن ڄامشورومان گهڻو ڪجهه پرايو تِنهن کي رڳو پنهنجي عهدي،پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زندگيءَ سا سروڪار رهيو.۽ اسان جو ڄامشوروهِڪ يتيم ٻار جيان تنها رُلي ويو. .هاڻي اچون ٿاڄامشوري جي حالتن تي، ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن تي ،جيڪي شايد گهٽ ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هوندا. يونيورسٽِي ڪالوني ۾ رهندڙ اُهي ماڻهو جِن جو سنڌ يونورسٽِي سان ڪو به تعلق ناهي پر هو ڪئي سالن کان اِتي رهي رهيا آهن.ڪي پنهنجن چاچن جي ڪري ڪي پنهنجن مامن جي ۽ ڪي وري دوستيءَ ۾.۽ ڪجهه اِهڙا ماڻهو جيڪي سنڌ يونورسٽي ۾ ملازم هوندي به ٻين جي گهرن ۾ ڪئي سالن کان رهن پيا  گهر نه ملڻ جي ڪري جِن کي ڪيترن ئي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو ٿو پوي.اُنهن جي گهرن جون درخواستون يونيورسٽي انتظاميا جي آفيس ۾ رکيل الماريُن ۾ دزجي ويون آهن.پر ڇو ته سنڌ يونيورسٽي  جي واڳ هاڻي ڪِنهن جي هٿ ۾ آهي اِها خبر اڄ تائين نـ پئجي سگهي آهي .سنڌ يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف گروهن جا تضاد ئي ايترا آهن جو ڪو عام ڪالوني رهواسي سوءَ ڀيرا سوچي آخر چُپ ڪري ويهي ٿو رهي.ڇوتـ هر انتظاميا جو ماڻهو کيس اِهو چئي موٽائي ٿو ته ڏسون ٿا واڳ ڪِنهن کي ٿي مِلي تِنهن کان پوءِ اچجو.۽ ڪالوني رهواسي هميشه جيان نا اميدي پنهنجي اکين ۾ کڻي گهر موٽي ٿو.

وري اچون ٿا.ڄاشوري ۾  قائم ٿيل سيد پناهـ علي شاهـ(ماڊل اسڪول) جِنهن ۾ ڪئي سالن کان ملازمت ڪندڙ ماسترياڻين کي سينئر هئڻ کانپوءِ به گريڊ نـ ڏنا ويا آهن.جڏهن تـ ڪجهه مهينن ۾ ايندڙ نئيُن ماسترياڻيُن کي سڌو چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي.جِن کي ٺيڪ طرح سان پاڻ کي پڙهڻ نٿو اچي اُنهن جي حوالي ايندڙ نئي نسل کي ڪيو ويو آهي.ڇا اِهو ظلم ناهي.اِن جي جوابداري ڪِنهن تي آهي؟۽ وري وڏي ۾ وڏو ظلم تـ اِهو آهي تـ جيڪي سينيئر ماسترياڻيون آهن تِن کي پنهنجي حق لاءَ ڳالهائڻ جي اجازت بـ ناهي ٻي صورت ۾ سندن نوڪري خطري ۾،يا وري اسڪول انتظاميا جي ٻـ اکائي،اُنهن جا بدلجندڙ رويا.هاڻي اچون ٿا تـ اسان جي ڄامشوري کي اڄ تائين شهر جي نالي سان نٿو سڃاتو وڃي  اُن کي رڳو هِڪ علائقو سڏيو وڃي ٿو.۽ سڃاڻپ آهي.

ڄامشورو ڦاٽڪ ،جيڪو ايترن سالن کان پوءَ بـ اُهڙو ئي آهي جهڙو ڪئي سال پهرين هو.ڪِنهن وقت ۾ هِتي امُن هوندو هو پر هاڻي ڪو تحفظ ناهي رهيو،جنهن ڏانهن هاڻي لڳي ٿو ته ڪجهه نظر ڪئي وئي آهي، ڏينهن ڏٺي جو ڪالونيءَ مان موٽر سائيڪلُن جي ڦُر،گهرن مان ڦُر،۽ رستي ويندڙن کان موبائيلس جي ڦر عام ٿي وئي آهي. حيدرآباد کان پري رهندڙن جي دِلي خواهئش هوندي هُئي تـ پنهنجو گهرڄامشوري جي پُرسُڪوُن علائقي ۾ ٺهرائڻو آهي.ڇو تـ اُتي سموريون وڏيون يونيورسٽيون ويجهيون آهن، پر هاڻي اُنهن جا ڄامشورو ۾ رهندڙ مِٽ مائٽ ئي کين ڄامشوري ۾ رهڻ کان روڪين ٿا.اِهو چئي تـ هاڻِي ڄامشوري جا حالات پهرين جهڙا نـ رهيا آهن.ڇا اِهو الميو نـ آهي؟اُن ڄامشوري جنهن ۾ ماڻهن کي گهرن کي تالا يا در بند ڪرڻ جي سوچ ئي نـ هئي،رات جو سنڌالاجي ميوزم کان وٺي آرٽس فيڪلٽي تائين مرد توڙي عورتون ،يونيورسٽي جا شاگرد  شاگردياڻيون،

واڪ ڪندا هئا بنا ڪِنهن ڊپ ڊاهه جي.۽ هاڻي ڄامشوري جا روڊ رستا رات جو اٺين کان پوءَ مڪليءَ جي قبرستان جو ڏيک ٿا ڏين سنسان ويران خاموش .  اڄ اُن ڄامشوري ۾رات جو تـ ڇا پر ڏينهن جو بـ ماڻهو پنهنجي گهرن کي اندران بند رکن ٿا.۽ شام جو ڇهين وڳي کان پوءَ آرٽس فيڪلٽي جا روڊ رستا،ماري هاسٽل جا روڊ رستا سُنسان نظر ايندا.اِن جو ڇا سبب آهي؟ اِنهن سڀنين ڳالهين جو ذميوار ڪير آهي؟۽ جي جيڪڏهن ڪو آهي تـ اُن تائين پهچڻ ڪيئن ممڪن آهي؟اِهي اُهي سوال آهن جِن جا جواب ڪِنهن کان وٺجن؟

 

ڪراچيءَ جو هڪ تڪ ۽ تبديليءَ جو امڪان ؛عديل مهر

ڪراچيءَ جي انهيءَ تڪ تي طوفان ٿو ڏسجي جنهن تان استعيفيٰ ڏئي نبيل گبول نه فقط قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪئي بلڪه متحده قومي موومينٽ جو هانءُ به خالي ڪري ڇڏيو. نبيل گبول استعيفيٰ وقت چيو هئائين ته منهنجي جماعت مون کي مارائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، ڪلهه ته اهو به چئي ڇڏيائين ته انهيءَ تڪ جي ڪنهن اُميدوار جو قتل ٿي سگهي ٿو، هوءَ اها سيٽ هٿن مان ويندي نٿي سهي سگهي، گهمسان ڪرائي گورنر راڄ لاڳو ڪرائڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي.

سيٽ وڃي سا به دشمن نمبر ون کٽي وڃي، وڃائيندڙن لاءِ اهو وڏو صدمو هوندو، ان بجاءِ ٻيو ڇا به ٿي وڃي اها انهن لاءِ ننڍي ڳالهه هوندي. انهيءَ ”ڇا به ٿيڻ“ ۾ اهڙو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو جهڙو ماضيءَ ۾ 12 مئي ۽ 9 اپريل واري شهرت رکي ٿو ۽ جيڪو ڏهاڪن کان آپريشن تائين ڪراچيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي. اڃان به الائي ته ڇا ڇا،  ڇو جو گورنر راڄ لاءِ کين گهڻو ڪجهه گهربل هوندو. جيتري بدامنيءَ جي باوجود گورنر راڄ ناهي لڳو، ان کان ڪجهه سرس ئي سوچيو ويو هوندو. اسان جي ساهه رڳ ڏي خدا خير ڪري!

ڪراچي ڪنهن وڏي امتحان ۾ ٿي ڏسجي! چئلينج ٿيڻ کانپوءِ فقط هڪڙي تڪ تي ايڏي توائي پيدا ٿي آ، جيتري توائي ڪل ڪراچي  رڻ ٻاريندي رهندي آ، هڪ ته خدا خير ڪري ٻيو انتظاميه شل امن کي يقيني بڻائي سگهي، ائين نه ٿئي جو چونڊ واري ڏينهن شام جو هڪ طرف ووٽ ڳڻي رهيا هجن ٻئي طرف لاش ڳڻجي رهيا هجن هڪ غصو آهي جيڪو جهل نٿو ڏي، روز مخالفن جي ڪيمپ تي حملا آهن، مخالف اُميدوار جي گاڏي تي حملو آهي، انهيءَ خوف کان تحريڪ انصاف جلسي جو ماڳ ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هارائڻ جي امڪان تي ايترا جيڪي جڪ ٿا کائن، هارائي ڪري ته هو الائي ڇا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ننڍڙي چونڊ ۾ دهشت جو اهو ماحول آهي ته ايندڙ وقت عام چونڊن جو اڳواٽ اندازو ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اهي واقعي غير جانبدار ماحول ۾ ٿينديون.

جڏهن ٺپو هنن جي هڪ هٿ ۾ هو انتظاميه ۾ به ڀاڱي ڀائيواري هوندي هئي ته کٽڻ سندن يقيني هوندو هو. مارائڻ جو سوال ئي نه هوندو هو پر هاڻي جڏهن انتظاميه کان هو آئوٽ آهن ته هارائڻ ممڪن آهي ووٽر جيترو آزاد هوندو اوترو ان جي ٻين نشانن تي به نظر پوندي، ووٽر جو رڪارڊ به ضبط نه هوندو ته هو پنهنجو بهتر انتخابي نشان ڳولي وٺندو. مفاهمتن متحده کي شينهن ڪري ڇڏيو هو، هن کان حمايت خريد ڪرڻ وارا اگر ٻڪڙي نه ٿين ها ته 15 سالن ۾ ٿيل چونڊن جا نتيجا ٻيا هجن ها، ان ڏيڍ ڏهاڪي اندر سڀ ڪجهه هنن جي سيني ۾ هو، سنڌ جو وڏو شهر هنن کي ڪليم ۾ ڏنو ويو هو، انهيءَ ڪري اليڪشن جا نتيجا به هنن پنهنجا پئي ٺاهيا. هر شيءِ جي حد ٿي وئي بلڪه حد به هو ٽپي ويا، تڏهن ڪراچيءَ جي امن لاءِ سوچيو ويو. امن هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو آهي. اليڪشن جو صحيح نتيجو به امن جو انعام هوندو. انهيءَ ڪري بدامني انهن جي وڏي ضرورت رهي، جن ان جو کٽيو کاڌو آهي، جيئن وڳوڙ ۽ بدامني انتظاميه جي ناڪامي هوندي آ تيئن امن انهن جي ناڪامي آهي. امن پنهنجا نتيجا ڏئي اهو سوچي ئي ڇرڪي ٿا پون. هنن عوام جا ڇرڪ ڪڍي کٽي ۽ کائي ڏٺو آهي، عوام جو سُڪون سندن برداشت کان ٻاهر آهي پر جيڪو هنن جي برداشت کان ٻاهر هجي ضروري ناهي ته قانون جي وس کان به ٻاهر هجي. قانون جي عملداري ڪراچيءَ جو حق آهي، رٽ رهندي ته اها حڪومت جي وجود جي ثابتي ڏيندي. هڪ آمر جي وقت ۽ جمهوريت جي دور ۾ اهو ئي ته هڪڙو فرق هوندو آهي، پهرين دور ۾ عوام ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي، جڏهن ته پنهنجي چونڊيل حڪومت ۾ جيڪو چاهيندو آهي عوام ڪري سگهندو آهي. ڪراچيءَ جي تڪ 246 جي ننڍي چونڊ به عوام جي حقيقي راءِ جو اظهار هوندي.

بيلٽ پيپر فوج جي نگرانيءَ ۾ پهچڻ جو فيصلو ٿيو آهي اگر چونڊ به انهيءَ نگرانيءَ ۾ ٿئي ٿي، فوج پولنگ جي اندر ۽ ٻاهر بيهي ٿي ته اها چئبي آزاد چونڊ. انهيءَ آزاديءَ لاءِ خوف جو ختم ٿيڻ شرط آهي، عوام جو اهو شرط اگر حڪومت پورو ٿي ڪري ته يقينن اها هڪ ابتدا هوندي عوامي راءِ جي اهڙي اظهار جي جنهن لاءِ ڪراچي جو عوام ڏهاڪن کان سڪندو رهيو آهي، هٿرادو ٺپن کان علاوه واقعي به جيڪي ووٽ وجهندا آهن اهي ماڻهو خود خوف ۾ هڪ ٺپو ٿي ويندا آهن، هو جنهن ڳالهه ۾ مجبور هوندا آهن اها مجبوري ختم ٿيڻ به ضروري آهي. هنن کي ووٽ نه ڏيڻ سان جيڪي ويل ۾ پوندا آهن ان ويل مان آجو ٿيڻ به ووٽر جو حق آهي جيئن اتر سنڌ جو عوام ان ڪري وڏيري جي چوڻ ۾ هوندو آهي ته ڏسندو آهي ته تر ۾ وڏيرو ئي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي، هنن کان پري وڃي ئي نٿو سگهجي، ان کان بچائڻ وارو ڪوئي ناهي، پوليس کان وٺي وزيرن تائين سڀ وڏيري جا يار آهن، متبادل ڪونهي، ائين ئي ڪراچي جو عوام ڪنهن تنظيم وٽ قيد آهي ته اهو چاهيندي ۽ نه چاهيندي به آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وٽ ٻي ڪا واهه ۽ واٽ ئي ڪانهي. هو جي هڪ پارٽيءَ کي ڇڏي ته ڪنهن ڏي وڃي، جنهن واهه هئڻ گهرجي اهي ان جماعت جا اتحادي بڻيل! اهو هاڻي وڃي اهڙو ماحول ٺهيو آهي ته شهري جاگيردار جماعت کي ڇڏي ڪنهن ٻي ڪيمپ ۾ وڃي سگهي ٿو، ڪا تحريڪ انصاف به آهي ۽ ڪو عمران خان به آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ قهر کي چئلينج ڪري ٿو، دير ئي سهي پر انڌير ختم ٿيندي نظر اچي ٿو.

تحريڪ انصاف ملڪ ۾ جيتوڻيڪ اها تبديلي اڃا ناهي آڻي سگهي جنهن جي ڳالهه ڪري ٿي پر اها ڳالهه هن اڃا ڇڏي ناهي، پنهنجي مقصد تان هٽي ناهي، جيتري حمايت اوترو اڳتي، پوئتي هوءَ ناهي، مفاد ۾ ڪنهن سان مفاهمت، مطلب ۾ ڪو اتحاد ڪيو نه اٿائين، انهيءَ ڪري ڪراچيءَ ۾ هوءَ هڪ اُميد بڻجي آئي آهي، گذريل چونڊ ۾ ڪراچيءَ ۾ هن کي حوصلو مليو هو. خود انهيءَ تڪ تي ٻئين نمبر تي ووٽ کنيا هئائين، جيترن ووٽ وڌو هو، انهن خوف جي باوجود اها همت ڪئي هئي، اڄ جي آزاد ٿيندا ته ڪيترا نه ووٽ ڪاسٽ ٿيندا، جنهن جي نظر ۾ جهڙي به آهي پر تحريڪ انصاف انهيءَ تڪ تي متحده جو متبادل جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، آدرشن جي نظر سان نه به اچي، انهيءَ اعتبار سان ته جاڏي ڪاڏي اونداهه آهي پر موجوده ماحول ۾ اها ئي هڪ چڻنگ آهي جا چمڪي ٿي. انهيءَ چڻنگ مان عوام اُماڙي ٺاهي هٿ ۾ کڻي سگهي ٿو ۽ انهن انڌيرن سان وڙهي سگهي ٿو، جن ڪراچي جا ڏيئا وسايا آهن. عبوري ئي سهي پر پي ٽي آءِ هڪ آپشن آهي، جن سان به ڀيٽ ڪبي انهيءَ هڪڙي جماعت لاءِ چڱي راءِ بيهي ٿي، جو هن وٽ مفاهمت لاءِ عوام استعمال جي شيءِ ناهي. عمران خان جو ماضي ۽ حال سٺو آهي، هن جي مستقبل کي به برو نٿو چئي سگهجي، هو جڏهن جبر کي چئلينج ڪري ٿو ته مفاهمتن جي مقابلي ۾ هر ڪنهن کي وڻي ٿو.

عمران خان تي اعتبار جي ابتدا ڪراچيءَ کان ٿي سگهي ٿي، اهو تڪ تبديليءَ کي ڪيترو قبول ٿو ڪري، ان جي خبر چونڊ ڏهاڙي پوندي، حيدرآباد جي ڪنور نويد جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ جو عمران اسماعيل جي کٽي ٿو وڃي ته وڏي ڳالهه ٿيندي پر جي هو ٿورن ووٽن تان هارائي ٿو ته به اها گهٽ ڳالهه نه هوندي، اها پوءِ به متحده جي ناڪامي ۽ تحريڪ انصاف جي سوڀ چئبي پي ٽي آءِ جا اڳ جي مقابلي ۾ جيترا ووٽ وڌندا ان جي اوتري ڪاميابي ۽ ايم ڪيو ايم جا جيترا گهٽ ٿيندا اوتري ان جي ناڪامي هوندي. رڳو هٿرادو ووٽ نه پون باقي جيڪو به کٽي، ماڻهن کي چونڊ جي آزادي هجي، بُرو ۽ ڀلو هر ڪو پنهنجو پاڻ ڄاڻي، عزيز آباد واري تڪ جو عوام جي انهيءَ حال ۾ خوش آهي ته سندس قسمت، پر جي هو پنهنجا ٻنڌڻ ڇنڻ گهري ٿو ته ان لاءِ هي ئي موقعو آهي فوج جي موجودگي ۾ داداگيري نه ٿي سگهندي تڏهن ٿا چئون ته راءِ جي اظهار ۾ هر ڪو آزاد هوندو.

جماعت اسلامي به ماضيءَ ۾ انهيءَ سيٽ تي کٽيو آهي، اڄ هوءَ به پنهنجي لاءِ موقعو ڄاڻي ٿي، اگر متحده کان آزاد ٿي ووٽ ورهائجي ويا ڪو جماعت ڏي ويو ڪو پي ٽي آءِ ڏي ته ان جو به ايم ڪيو ايم فائدو وٺي سگهي ٿي.

پر ٻنهي جماعتن جو اتحاد متحده جو نقصان ڪري سگهي ٿو، انهن جو اختلاف انهن کي نقصان ڏئي سگهي ٿو ليڪن سمورين تنظيمن کي سندي نقصان بجاءِ ڪراچي جي عوام جي نقصان جو احساس ڪرڻ گهرجي، جيڪو 15 سالن ۾ ٿيو آهي اهو وري نه ٿيڻ گهرجي. متحده جي مقابلي ۾ ايندڙ ٻنهي جماعتن کي اهو سوچڻ گهرجي ته هو ته هونئن به هار واري حالت ۾ رهندا آهن اگر هاڻي ٻنهي مان هڪ پوئتي ٿيندو ته ان جو ڇا ويندو؟ پر جي ٻئي اڳتي وڌڻ جي چڪر ۾ پوئتي رهجي ويا ته ان سان ڪراچي پوئتي رهجي ويندي، پوئتي پئي ڪراچيءَ ڇا نه وڃايو آهي، اهو سوچي ئي هو پنهنجا نفاق پوئتي رکي هڪ اتفاق کي اڳتي ڪن ته ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو.